پير
صاحب
جن سنڌ
جي
تاريخ جي
جيڪا
کوجنا
ڪئي
۽
ان تي
جيڪا
تحقيق ڪئي اها،
ڪيترن
ادارن جيتري
آهي،
حقيقت ۾ پير
صاحب
پنهنجي ذات
۾
اداري جي
مثل
هئا، پاڻ
ڏينهن
رات
نور نچوئي
سنڌ
جي تاريخ
ٺاهيائون.
کين
سنڌ
جي تاريخ
سان
عشق هو،
پان
تاريخ تي
پڙهيل صدين
جا
تَهه لاهي،
ا
کي
صاف شفاف
ڪري
سنڌي
عوام آڏو
پيش
ڪيائون.
سنڌ
جي
تاريخ تي
جيڪو
به ڪم
ڪيائون، ان
۾
وطن
دوستي ۽ قوميت
جو
رنگ چڙهيل
هو،
۽
اهوئي سبب
هو
جو سندن
تاريخ نويسيءَ
کي
نئين
نسل تمام
گهڻو
پسند ڪيو.
نئين
نسل
کي
تاريخ سان
دلچسپي وٺرائڻ
لاءِ
جيڪي
ڪوششون
ڪيون اهي
مثالي آهن.
پاڻ
نوجوانن کي هدايت
ڪندي
فرمايائون ته:
”مان اهو
چوندس ته
توهان کي پنهنجو
پاڻ
کي
مضبوط ڪرڻ ۽
ٺاهڻ ڏي
ڌيان ڏيڻ گهرجي،
ٻيو
ته
وسيع مطالعو
ڪرڻ
گهرجي، مختلف
زبانون سکو
۽
وقت
ضايع نه
ڪيو
۽
تعليم جا
جيڪي
ڏهه
پندرهن سال
آهن.
انهن
تي
توهان جي
باقي
زندگي جو
دارو
مدار آهي،
روز
رات جو
پنهنجي سڄي
ڏينهن
جي
ڪارڪردگيءَ
جو جائزو
وٺو
ته اڄ
ڪهڙو
ڪم
اسان
ڪيو،
جيڪو ملڪ
۽
پنهنجي ذات
لاءِ
ضروري آهي،
وقت
جي قدر
ڪرڻ
جي
بيحد ضرورت
آهي.
خاص
طور
تي سنڌين
جو
هڪ هڪ
منٽ
نهايت قيمتي
آهي.
پير
حُسام الدين
راشدي جن
نهايت شفيق،
مهربان ۽ محنتي
ماڻهو هئا،
کين
ٻارن
سان
ڏاڍو
پيار هو.
توڙي
جو الله
سائينءَ کين
ڪابه اولاد
نه
ڏني
هئي.
پاڻ
آخرين گهڙين
تائين سنڌ
جي
تاريخ تي
ڪم
ڪندا
رهيا.
کين
فوٽو گرافيءَ
سان
به بي
حد
دلچسپي هئي
۽
سنڌ
جي چپي
چپي
جون تصويرون
ڪڍيائون،
جيڪي
سنڌ جي
تاريخ کي سمجهڻ
۾
پڻ
اهم مدد
گار
ثابت
ٿينديون.
آخر
زندگي جون
69
بهارون ماڻي،
پهرين اپريل
1982ع
تي وڃي
پنهنجي خالق
حقيقي سان
مليا.
سندن
مزار
دنيا جي
عظيم
قبرستان
”مڪليءَ“
تي
آهي.
ارشاد علي
اوٺو
قائد
عوام شهيد
ذوالفقار
دنيا
جو
مڃيل سائنسدان،
ايشيا جو
مثالي اڳواڻ،
۽
پاڪستان جي
عوام
جو محبوب
قائد، شهيد
ذوالفقار علي
ڀٽو 5
جنوري
1928ع
تي لاڙڪاڻو
۾
ڄائو.
سندس
والد سر
شاهنواز ڀٽو پڻ
مشهور سياسي
ليڊر
ٿي
گذريو آهي.
سر
شاهنواز ڀٽي جو
اڪثر
وقت سنڌ
کان
ٻاهر،
قومي
۽
وطني ڪمن جي
سلسلي ۾ گذريو.
ان
ڏس ۾ پاڻ
دهلي، بمبئي
۽
جهونا
ڳڙهه رياست
۾
اهم
خدمتون سرانجام
ڏنائين.
جناب
ذوالفقار علي
جي
تعليم ۽ تربيت
تي
خاص
ڌيان ڏنو ويو.
پاڻ
بمبئيءَ جي
سٺن
اسڪولن ۾ تعليم
ورتائين.
ان
کان پوءِ
آمريڪا ۽ انگلينڊ
جي
وڏن تعليمي
ادارن ۾ داخل
ٿيو،
جتان
قانون، سياست
۽
بين
الاقوامي لاڳاپن
جهڙن
مکيه مضمونن
۾
امتيازي حيثيت
سان
وڏيون
ڊگريون حاصل
ڪيائين.
ڀٽو صاحب
1953ع
۾
اعلى تعليم
حاصل
ڪري
وطن واپس
آيو،
ان کان ٻه سال
اڳ،
هن جي
شادي
محترمه نصرت
ڀٽو
سان
ٿي
چڪي هئي.
ڀٽي صاحب
پاڪستان پهچي
عوامي ۽ سياسي
زندگي شروع
ڪري
ڏني.
ابتدا
۾
پاڻ
ون يونٽ
جي
خلاف هڪ
محاذ
۾
سرگرم ٿيو.
ان
عنوان
تي ئين
پمفليٽ به
لکيائين.
هن
جي
هوشياري ۽ سياسي
مسئلن تي
مهارت
ڏسي، کيس
1957ع
۾ اقوام
متحده
ويندڙ
پاڪساني وفد
۾
شامل
ڪيو
ويو.
ورندڙ
سال
يعني
1958ع
۾ هن
کي
ساڳئي اداري
۾
ويندڙ هڪ
وفد
جو اڳوڻ
ڪري
موڪليو ويو،
جتي
هن وڏي
ڪاميابي
حاصل
ڪئي.
سال1958ع
۾
جناب ذوالفقار
علي
ڀٽي
جي سياسي
حياتيءَ جي
ڀرپور
دور
جي شروعات
ٿي.
ان
وقت هن
کي
مرڪزي وزارت
۾
وزير
مقرر ڪيو ويو.
مختلف وزارتون
ڪاميابيءَ
سان
ماڻي هن
وڏو
نالو
ڪڍيو.
اڳتي
هلي
کيس
وزير خارجه
مقرر
ڪيو
ويو.
هن
جي
درجي تي
رهندي پاڻ
پاڪستان جي
وڏي
خدمت
ڪيائين.
هوشياري،
ڏاهپ،
انگريزي
ٻولي تي
مهارت
سبب،
ڀٽي
صاحب جو
سڄي
دنيا ۾ گهڻو
ناماچار پيدا
ٿيو.
1965ع
۾
هندستان ۽ پاڪستان
وچ
۾
لڙائي لڳي،
1966ع
۾
صدر
ايوب خان
تاشقند ۾ هندستان
سان
هڪ
ٺاهه تي
صحيح
ڪئي.
ڀٽي
صاحب ان
ٺاهه
سان
اختلاف ڪيو.
اڳتي
هلي
پڻ وزارت
جي
عهدي تان
استيعفا ڏئي
ڇڏيائين.
ان
ان
پوءِ جناب
ذوالفقار علي
ڀٽي
جي
طوفاني، انقلابي
۽
عوامي سياسي
جي
شروعات ٿي، پاڻ
پاڪستان پيپلز
پارٽي
ٺاهڻ جو
اعلان
ڪيائين.
هن
پارٽي
جي صدر
ايوب
خان زبردست
مخالفت ڪئي.
ليڪن
ڀٽي
صاحب
سندن پواهه
نه
ڪئي.
آخرڪار
کيس
سندس
مکيه دوستن
سميت
جيل موڪليو
ويو.
ان
هوندي
به پارٽي
عوام
۾
۾
مقبول
ٿيندي وئي.
هن
پارٽيءَ جي
سياست جو
مکيه
مقصد عوامي
خدمت
۽
عوامي سياست
ڪرڻ
هو.
اهوئي سبب
آهي
جو ڀٽي صاحب
جي
جلسن ۾ لکين
ماڻهو شريڪ
ٿيندا
هئا.
نيٺ
صدر ايوب
مجبور ٿي صدارت
جو
عهدو ڇڏي ويو.
هن
جي جاءِ
تي
يحى خان
ملڪ
جو سربراهه
بنيو.
1970ع
۾ ون
يونٽ
کي
ٽوڙيو
ويو.
ان
سال
۾
اليڪشن ٿي گذري،
پاڪستان پيپلز
پارٽي اولهه
پاڪستان ۾ وڏي
ڪاميابي
حاصل
ڪئي.
جڏهن
ته
اوڀر پاڪستان
۾
عوامي ليگ
کي
وڏي
اڪثريت ملي.
1971ع
جي آخر
ڌاري
هندستان ۽ پاڪستان
۾
وري
جنگ لڳي،
اوڀر
پاڪستان تبديل
ٿي،
بنگلاديش بنجي
ويو.
اولهه
پاڪستان جي
جاءِ
تي هڪ
نئون
پاڪستان ظاهر
ٿيو،
ان
ڀيانڪ
صورتحال ۾ ڀٽي صاحب
کي
سڏي
ملڪ جو
سربراهه بنايو
ويو.
جناب
ذوالفقار علي
ڀٽو
پنج
سال ملڪ
جو
اڳواڻ رهيو.
پهريان پاڻ
صدر
رهيو، پوءِ
1973ع
جو آئين
ٺهيو
ته
جناب ڀٽو وزيراعظم
پاڪستان بنجي
ويو.
ڀٽي صاحب
نهايت ڪٺن حالتن
۾
ملڪ
جون واڳون
ورتيون هيون.
ليڪ
بي
پناهه صلاحيتن
۽
عوامي طاقت
جو
آڌار تي
تمام
جلد ملڪ
۾
انقلابي سڌارا
آندائين.
نوي
هزار
ڦاٿل
فوجي هندستان
جي
قيد مان
آزاد
ڪرايائين.
شملا
ٺاهه
ڪري
هندستان سان
لاڳاپا بحال
ڪيائين.
ملڪ
اندر مختلف
محاذ
تي سڌارا
آڻي،
پنهنجي عوام
جي
حالتن م
سڌارو آندائين.
سندس سياست
جو
هي وڏو
ڪرشمو
آهي،
ته عوام
کي
ڳالهائڻ
جي
سگهه ۽ سمجهه
ملي.
پاڻ
جاگيرداري، وڏيرا
شاهي، رشوت
خوري
خلاف وڏو
ڪم
ڪيائين.
ان
ريت پهريون
ڀيرو
پاڪستاني عوام
جو
وقار بحال
ٿيو،
ڀٽي
صاحب
خارجه پاليسيءَ
کي
ڪامياب
رنگ
ڏنو
۽
پاڪستان جو
ٻاهرين
ملڪن
۾
گهڻو وقار
وڌي
ويو.
ارمان
آهي
ته پاڪستان
جي
هن مڃيل
رهنما کي1977ع
۾ ضياءَ
الحق
مارشل لا
هڻي
ڀٽي
صاحب جي
حڪومت کي
ختم
ڪيو.
مختلف
ڪيس
هلائي آخرڪار
هڪ
ڪوڙي
قتل جي
ڪيس
۾ 4
اپريل1979ع
تي هن
کي
ڦاسي
ڏني
وئي.
ڀٽو
صاحب شهيد
جو
رتبو حاصل
ڪري
تاريخ ۾ امر
ٿي
ويو.
سندس
مزار
لاڙڪاڻي ضلعي
ڳڙهي
خدا
بخش ۾ موجود
آهي
.جتي
اڄ به
عوام
هزارن جي
تعداد ۾ اتي
4
اپريل تي
ويندو آهي،
ڀٽي
صاحب
جي
ڌيءَ بينظير
ڀٽو
صاحبه، هينئر
ملڪ
جي وزيراعطم
آهي.
ڀائپي
آفريڪا
۽
ايشيا، دنيا
جي
سڀني ملڪن
۽
ماڻهن کي سبق
ڏئي
رهيا
آهن، ته
معيار جو
انتخاب ڪيو وڃي
۽
لوڀ
کان
ڀڄي
جان
ڇڏائي، برداست
جو
مادو
ڌارجي ۽ نفرت
کان
پاسو
ڪيو
وڃي، دشمنيءَ
کي
ڌوڙ
۾
لٽجي
۽
ڀائپيءَ
کي
ڀاڪر
پائجي.
(24
اپريل1964ع تي
ٻي
ائفرو ايشيائي
ڪانفرنس
جي موقعي
تي منعقد
ڪيل
پريس
ڪانفرنس.)
علي محمد
”درد“ سولنگي
لولي
گيت
لولي، لولي،
لولي،
ٻچڙا-
ماءُ تنهنجي
آ،
گولي
ٻچڙا-
گار نه
ڏجانءِ،
ڪوڙ
نه
هڻجانءِ،
حق جو
هوڪو
ڏيندو
رهجانءِ،
سچ جي
پڪڙجانءِ چولي
ٻچڙا،
ماءُ تنهنجي
آ
گولي
ٻچڙا،
لکندين پڙهندين
منزل
رسندين،
ڏينهن
ڏکيو
ڪو
ڪين
ڪي
ڏسندين،
رب
ڪندئي شل
سولي
ٻچڙا،
ماءُ تنهنجي
آ
گولي
ٻچڙا.
شال جيئن
تون
جيئي
ڌرتي،
منڇر،
ڪينجهر سنڌو
سرتي،
جيئي سنڌي
ٻولي
ٻچڙا،
ماءُ تنهنجي
آ
گولي
ٻچڙا.
رشيد ”ارشد“
پنهنجي
ديس جا
ٻار
منهنجي ديس
جا
ٻار،
گلشن ۾ هٻڪار!
آيو، فصل-
بهار،
منهنجي ديس
جا
ٻار!
ڀائرن
جا
دلدار
ڀيڻن جا
منٺار!
ماءُ پيءُ
تان
ٻلهار
منهنجي ديس
جا
ٻار!
خوش رُو
۽
خوش
خُو
گلڙن
جي
خوش بُو!
صورت صورت
پيار!
منهنجي
ديس
جا ٻار!
علم و
هنر
جو چاهه،
ڪيڏو
ٿن
اُتساهه!
ڪندا
ٻيڙو
پار،
منهنجي ديس
جا
ٻار!
بڇڙائي کان دُور
نيڪيءَ
ڀريل نُور!
سڀنيءَ جا
غم
خوار!
منهنجي
ديس
جا ٻار!
ديس جا
پروانا!
علم
جا
ديوانا!
جهل اڳيان
ديوار، منهنجي
ديس
جا ٻار!
ايڪو، نظم،
يقين
سيکاري ٿو دين!
جذبن سان
ٽمٽار!
پنهنجي ديس
جا
ٻار!
”ارشد“
ڏيئا
ٻار!
جشن
ملهائي يار!
پيار سراسر
پيار!
منهنجي
ديس
جا ٻار.
منهنجي ديس
جا
ٻار!
الطاف شيخ
آءٌ
مرڻ چاهيان
ٿو؟
”هيڏانهن!
او
ڇوڪر!
تون
هن
شهر ۾ رهين
ٿو“
اجنبيءَ پڇيو.
”هائو، ۽ تون
ڪير
آهين
۽
ڇا
ٿو
چاهين”
ڇوڪر
پڇيو.
”منهنجو نالو
ڪارلو
آهي،
آئون بارسلونا
لاسپين کان آيو
آهيان.“
اجنبي
وراڻيو.
”بار سلونا-؟
اهو
ته تمام
پري
آهي.
تمام
پري.“
”ها.
بلڪل
صحيح
ٿو
چوين.
آئون
هڪ
همراهه جي
ڳولا
۾
هتي
آيو آهيان.
هو جهور
پوڙهو آهي.
ڪارلو
چيو.
”هن ڳوٺ ۾ ته
ڪيترائي
پوڙها ماڻهو
آهن.“
ڇوڪر
چيو.
”هي پوڙهو
سڀني
کان
وڌيڪ پوڙهو
آهي.
ماڻهو
ٻڌائين
ٿا
ته
هي هرگز
نٿو
مري، هو
مري
نٿو سگهي...“
”اها
ڳالهه
ڪر،
هاڻ هن
کي
مون
سڃاتو.
هو
هن ٽڪر جي
چوٽيءَ تي
رهي
ٿو.
سامهون هڪ
ننڍڙو گهر
ڏسين
پيو؟
هائو....
اهوئي،
ڏس
هڪ
مائي ان
گهر
۾
گهڙي رهي
آهي.“
”اها
ڪير
آهي؟“
ڪارلو
پڇيو.
”اها هن
ڳوٺ
۾
ئي
رهي ٿي.
هوءَ
ان
پوڙهي لاءِ
روزانو ماني
کڻي
ويندي آهي،
هو
تمام گهڻو
پوڙهو ۽ بيمار
آهي
هن جي
ڪابه
زال،
ٻار
يا دوست
نه
آهن.
اهي
سڀ
ڪڏهوڪو
مري ويا.
سڀ
جا
سڀ هن
جو
ڪير
نه رهيو
آهي.“
ڳوٺ
جي
ڇوڪر
ٻڌايو.
”مون
کي
هن وٽ
ضرور
وڃن کپي.“
ڪارلو
چيو.
”نه، بهتر
آهي
ته هن
وٽ
نه وڃ،
اجنبي!“
ڇوڪر
چيو.
ڪارلو
پٺيان مڙي
ڇوڪر
کي
ڏٺو.
”ڇو
ڀلا-؟“
نه
هن
کي
اسان جي
ٻولي
سمجهه ۾ اچي
ٿي.
هو
اسان
کي
هر وقت
ڪجهه
ٻڌائڻ
جي
ڪوشش
ڪري
ٿو،
پر اسان
کي
سندس
اکر سمجهه
۾
نٿو
اچي.
هو
اها
ساڳئي
ڳالهه ذري
ذري
ورجائيندو رهي
ٿو.
”مون کي هن
سان
ضرور ملڻ
کپي.“
نوجوان
ڇوڪرا،
ڪارلو
پڪي
ارادي سان
چيو،
ڪارلو،
ان
ٽڪريءَ ڏي روانو
ٿي
ويو.
جتي
هن
پوڙهي ماڻهوءَ
جو
گهر هو.
گهر
وٽ پهچڻ
تي
هن ڏٺو ته
ان
جو اڳيون
در
کليل
هو.
سو
هي اندر
گهڙي
ويو.
اندر
گهڙڻ
سان سامهون
کيس
هڪ
ماڻهو نظر
آيو.
هي
بيحد
پوڙهو،
ڏيرو ۽ بيمار
نظر
اچي رهيو
هو.
”آئون توسان
ڳالهائڻ
چاهيان ٿو.“
ڪارلو
چيس ”آئون
اندر اچي
سگهان ٿو؟“
پوڙهي
ماڻهوءَ
ڪجهه
ڳالهايو، پر
اهي
لفظ اسپيني
زبان
جا نه
هئا،
جيڪا بارسلونا
۾
ڳالهائي
وڃي
ٿي،
اهي هڪ
تمام
قديمي زبان
جا
لفظ هئا.
ڪارلو هن
جي
سامهون ٿي بيٺو
۽
پوءِ
هن ساڳي
پراڻي
ٻوليءَ ۾ هيلو
چئي
کيڪار
ڪيس.
اهو
ٻڌي
پوڙهي ماڻهوءَ
جي
اکين مان
خوشيءَ وچان
ڳوڙها
ڳڙي
آيا.
”تون منهنجي
زبان
ڳالهائي
سگهين ٿو!
تون
منهنجي
ڳالهه سمجهي
سگهين ٿو!“
پوڙهي
پڇيو.
”هائو،“
ڪارلوس وراڻيس،
”آئون
توکي سمجهي
سگهان ٿو، ڇو جو
تعليم دوران
آئون
جهونين زبانن
جو
شاگرد هوس،
پر
مون کي اهو
ته
ٻڌاءِ
توکي اها
زبان
ڪيئن
اچي ٿي، اها
زبان
ته ايڏي
پراڻي آهي،
جو
اڄ
ڪلهه ان
کي
ڪير
به
نٿو
ڳالهائي.“
”ان لاءِ توکي
منهنجي
ڪهاڻي
ٻڌڻي
پوندي.“
پوڙهي
ماڻهوءَ جهيڻي
آواز
۾
چيو.
”آئون پنهنجي
وقت
جو وڏو
امير
ماڻهو هوس،
مون
کي
پنهنجي زندگيءَ
سان
۽
دولت سان
پيار
هو.
هڪ
ڏينهن منهنجي
گهر
۾
هڪ ماڻهو
آيو.
’ٻاهر
مينهن پيو
پوي،‘
هن
چيو، ’۽
آئون سڄو
پسي
ويو آهيان.
ٿڌ
ڪري
ڏڪي
رهيو آهيان،
آئون
اندر اچي
سگهان ٿو؟‘
’هائو‘،
مون
وراڻيو مانس
۽
ماڻهو اندر
گهڙي
آيو.“
اندر
اچي
گهر جي
هر
هڪ خوبصورت
شيءِ
کي
هن غور
سان
جانچيو.“
’تون
شاهوڪار ماڻهو
آهين،“
هن
چيو،”
تو
وٽ
دنيا جي
هر
شيءِ آهي.“
”نه.
نه!
مون
هن
کي
چيو.“
”تون
غلط آهين.
هر
شيءِ نه
اٿم.“
”ڇا
ڀلا
تو وٽ
ناهي-؟
هن پڇيو.
”مون کي وڏي
ڄمار
کپي.
آئون
هميشه لاءِ
جيئڻ
گهران ٿو.
آئون
مرڻ
نٿو چاهيان.“
’آئون
توکي
وڏي
ڄمار ڏئي سگهان
ٿو،
پر
ڇا
توکي پڪ
آهي،
ته حياتي
ملڻ
تي تون
خوش
رهي سگهندين.
ڇا
توکي واقعي
ڊگهي
حياتي کپي.“
’ها،
مون کي بلڪل
کپي،“
مون
هن کي جواب
ڏنو.
’آئون هن
ڪتاب
تي
ڪجهه
لفظ لکان
ٿو،
هر
شيءِ فنا
ٿيڻي
آهي،
پر تون
تيستائين جيئرو
هوندين جيسين
هيءَ
منهنجي لکڻي
۽
ڪتاب
سلامت هوندو.
ان کان اڳ
تون
مري نه
سگهندين، هاڻ
هي
ڪتاب
ڪٿي
پري سوگهو
ڪري
رک.
اهو
تنهنجي زندگي
آهي.‘
آئون
نوجوان هوس
۽
مون
ان وقت
سدائين جيئڻ
چاهيو ٿي.
سو
ان
ڪتاب کي پري
حفاظت سان
رکيم.
۽ پوءِ
آئون
جيئرو رهيس...
سالن
جا سال...
۽
سال
۽
هينئر تنهنجي
سامهون آهيان
اڃان
جيئرو جاڳندو،
منهنجا سڀ
مٽ
مائٽ ۽ دوست
يار
مري چڪا
آهن،
آئون ايڏو
ته
پوڙهو ٿي چڪو
آهيان، جو
هاڻ
نه ته
هلي
سگهان ٿو ۽ نه
ڪرسيءَ
تان
اٿي سگهان
ٿو،
آئون
هاڻ مرڻ
چاهيان ٿو، پر
مري
به نٿو
سگهان، آئون
ڳالهائڻ
چاهيان ٿو، پر
جهوني جڳ
جي
ماڻهو مان
اڄ
ڪوبه
جيئرو ناهي،
جيڪو
منهنجي زبان
سمجهي،
ڪوبه مونسان
ڳالهه
ٻولهه
نٿو
ڪري
سگهي، اڄ
تو
اچي
ڳالهايو آهي،
ڪوبه
ماڻهو منهنجي
مدد
نٿو ڪري سگهي،
آئون
مرڻ چاهيان
ٿو.
مهرباني ڪري منهنجي
مدد
ڪر!“
”پر
ڪهڙي طرح؟“
ڪارلو
چيو. |