سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل اپريل 1995ع

باب: --

صفحو :4

گُل ڦُل اپريل 1995ع

ايڊيٽر: اڪبر جسڪاڻي

پوءِ جهٽڪو ڏئي ڳوڻ ڪلهي تي رکي وچ ٻيلي ۾، جهنگ جي گهاٽي ڪُهي ڏانهن رواني ٿي، پر سندس گهر ڪجهه پري هو، تنهن ڪري ساهي پٽڻ لاءِ ويهي رهي، ٿڪ جي ڪري کيس ننڊ کڻي وئي. ڌوڌم ڇا ڪيو جو ان ڳوڻ مان ڪنهن طرح سان ڏکيو سکيو ٿي نڪري ۽ ڳوڻ ۾ ٺڪر ڀتر وجهي ڊوڙي وڃي سڌو ڍنڍ تي پهتو ۽ ٻيڙي ڪاهي وچ ڍنڍ تي پهتو ۽ ٻيڙي ڪاهي وچ ڍنڍ مان مڇي مارڻ لڳو.

جڏهن ڏائڻ جلفت ننڊ مان اٿي ته ڏٺائين کڻي ڳوڻ کي مٿو، ڪنجهندي چگهندي، اچي گهر ڀيڙي ٿي، پنهنجي ڌيءُ کي چيائين ته هن مهاڻي ڇوري کي ٽپهريءَ تي پچائجانءِ. اڄ شڪار ڪري آئي آهيان.“

پوءِ ڳوڻ کڻي فرش تي اونڌي ڪيائين ته رڳو ٺڪر ۽ ڀتر نڪتا.

ڏائڻ جلفت ڪاوڙ ۾ ڪاري ٿي وئي. دل ئي دل ۾ چوڻ لڳي، هن ٺڳيءَ جو مان توکي نتيجو ڏيکاريندس.“ هن وڏي دانهن ڪري چيو. پوءِ هوءَ وري ڍنڍ ڏانهن ڊوڙي.

شابي پٽ ڌوڏم، وه، واه! تنهنجا ڪم، آندم تولاءِ ماني، اچي کاءُ تون جاني.“ هن ڏاڍيان رڙ ڪري چيو.

مان توکي چڱيءَ طرح سڃاڻان ٿو ته تون منهنجي ماءُ نه آهين، پر ڏائڻ جلفت آهين، منهنجي ماءُ جو آواز تنهنجي آواز کان سنهڙو آهي.“ ڌوڌم چيو، توڙي ڏائڻ جلفت ڌوڌم کي سڏيندي رهي پر هن کيس ڪن ئي ڪونه ڏنو.

دل ۾ نه ڪر ڏائڻ جلفت سوچيو ته مون کي پنهنجو آواز سنهڙو ڪرڻو پوندو. پوءِ هوءَ لوهر ڏانهن ڊوڙي.

لوهر ڙي لوهر! منهنجيءَ زبان کي ٿورو تکو ۽ آواز سنهڙو ڪري ڏي.“ جلفت ڏائڻ لوهر کي چيو.

ٺيڪ آهي، پنهنجي زبان کي سنداڻ تي رک.“ لوهر چيو، پوءِ جلفت ڏائڻ پنهنجي ڊگهي زبان ڪڍي سنداڻ تي رکي ۽ لوهر وڏاڻ کڻي ڪٿائنس هنيو ته سندس زبان سنهڙي ٿي وئي.

ان کان پوءِ هوءَ وري ڍنڍ ڏانهن ڊوڙندي وئي ۽ ڌوڌم کي سڏڻ لڳي.

شابي پٽ ڌوڌم، وه، واه! تنهنجا ڪم، آندم تولا ماني، اچي کاءُ تون جاني.“

ڌوڌم سڏ ٻڌي، سمجهيو ته اهي سڏ سندس ماءُ جا آهن، سو هوُ يڪدم ٻيڙي ڪناري تي ڪاهي ويو، ڏائڻ جلفت به دير نه ڪئي، جهپي کڻي هنائين ڳوڻ ۾.

تون مون کي وڌيڪ بيوقوف بنائي نه سگهندين.“

ڏائڻ جلفت ڏاڍو خوش ٿيندي، ڌوڌم کي چيو، رستي ۾ ترسڻ ۽ ننڊ ڪرڻ کانسواءِ اچي گهر پهتي، هن، کيس ڳوڻ مان ٻاهر ڪڍندي ئي ڌي کي چيو ته: ”اچي هان، هيءُ ٺڳ ڀاڄوڪڙ، هينئر ئي چلهه کي گرم ڪر ۽ ٽپهري لاءِ پچائي تيار ڪرينس.

اهي اکر چئي هوءَ ٻاهر هلي وئي ۽سندس ڌيءَ وڏي چلهه ۾ باهه ٻاري ڌوڌم کي چيو تههاڻي ڪوڏر تي ويهه ته توکي چلهه ۾ اڇلايان.

ڌوڌم ڪوڏر تي ويٺ، پر هن پنهنجو ڄنگهون مٿي هوا ۾ اڀيون ڪري ڇڏيون.

جيڪڏهن تون پنهنجو ٽنگون ائين ڪندي ته مان توکي هن وڏيءَ چلهه ۾ اڇلائي نه سگهنديس.“ ڏائڻ جي ڌيءُ کيس چيو.

ڌوڌم پنهنجون ٺنگهون وري ڪوڏر هيٺ لڙڪائي ڇڏيون.

ائين به نه.“ ڏائڻ جي ڌيءُ رڙ ڪندي چيو.

باقي ڪيئن.“ ڌوڌم ڏائڻ جي ڌيءُ کي چيو تهڏيکار!“

هيئن سمهي پؤ ڏائڻ جي ڌيءَ  پنهنجو پاڻ سڌي ڪوڏر تي سمهي پئي، ڌوڌم ڇا ڪيو جو هڪدم ڪوڏر کڻي چلهه ڏانهن لامارو ڏنائينس، پوءِ چلهه جو در جو به بند ڪري، ڏائڻ وارو ڪنڍو ڏئي ڇڏيائين ته متان جلفت جي ڏيءَ چلهه مان ٻاهر نه نڪري اچي.

پوءِ هن ٻاهر نڪرڻ لاءِ ڊوڙ ڀري ڏٺائين ته ڏائڻ جلفت گهر اچي رهي هئي. ڌوڌم ڇا ڪيو، جو ڪرڙ جو گهاٽو وڻ ڀرسان بيٺو هو جهٽ پٽ نوريئڙي وانگر ان تي چڙهي ويو.

جلفت ڏائڻ، پنهنجي گهر آئي ته کيس گوشت پچڻ جي بوءِ آئي. هن چلهي هن چلهي مان سيخ ڪڍي، ٻاهر ڪئي ۽ کائي رَڄَ کڻي ڪيائين باقي هڏا، سو کڻي اڱڻ ۾ اڇلايائين، پوءِ انهن جي مٿان ڦرڻ لڳي ۽ خوشيءَ مان گيت ڳائڻ لڳي.

آءُ چٿيندس تنهنجا هڏا،

آءُ ڪُٽيندس تنهنجا هڏا

سوٽين ساڻ سٽي سي ڌوڌم

واِت ڦڪيندس تنهنجا هڏا.

ڌوڌم جا ٿي لڪو ويٺو هو،

اتان سڏ ڪري چيائينس،

ڪر تون جهٽ ڪُٽي وٺ ڏائڻ

سوٽن ساڻ سٽي وٺ ڏائڻ

پنهنجي ڌيءُ تو پاڻ آ کاڌي،

پنهنجو پان پِٽي وٺ ڏائڻ

پاڻ گهُٽو ڏئي مارج پاڻُ

پنهنجو ڪنڌ ڪٽي وٺ ڏائڻ.

ڏائڻ جلفت سندس اواز ٻڌي ڪاوڙ ۾ ڪاري ٿي ويئي. ۽ وٺي ڪرڙ جي وڻ ڏانهن ڊوڙي، ڪاوڙ مان ان وڻ کي اچي پنهنجن تکن ڏندن سان ڪُترڻ شروع ڪيائين.

سندس ڏند ڀڄي پيا، پر وڻ کي ڪٽي ڪتي ڪانه سگهي، پوءِ وٺي لوهر ڏانهن ڀڳيلوهر ڙي لوهر! مون کي هڪدم ڪهاڙي جوڙي ڏي، نه ته مان تنهنجا سڀ ٻچا کائي چڪائي ڇڏينديس.“ ڏائڻ چيس.

لوهر ويچارو ڊڄي ويو، هن هڪدم ڪهاڙي جوڙي ڏنس، هو ڊوڙندي وڻ وٽ آئي ۽ اچي ان کي وڍڻ لڳي.

ڌوڌم کيس چيو: ”تون وڻ کي نه پر پٿر کي وڍ.“

مان پٿر کي نه پر وڻ کي وڍينديس، ڏائڻ چيو. وري ڌوڌم چيو:

وڻ نه وڍ، پر پٿر وڍ.“

ڌوڌم جو ائين چوڻ ته ڪهاڙي، ڄڻڪ وري پٿر ۾ لڳي، ۽ مُڙي مُڏي ٿي وئي.

ڏائڻ ڪاوڙ مان وٺي رڙ ڪئي ۽ وٺي ڀڳي، لوهر ڏانهن ٺپائڻ.

ڌوڌم ڏٺو ته ڪرڙ جو وڻ اوڏانهن جهڪندو ٿو وڃي، جاڏهون ڏائڻ ان کي ڪپيو هو. ڏائڻ ذري گهٽ ان کي پوري جو پورو ڪٽي ورتو هو، هن کي جلدي جلدي جان بچائڻ لاءِ ڀڄي وڃڻو هو.

ان وقت هنجن جو ولر مٿان اڏاڻو ٿي ويو. سو هنجن کي سڏي چيائين:

هنجڙا پيارا پيارا سهڻا

آهيو ڪيڏا ڪي من مهڻا

لوڙ کنڀن جي اڄ آ مون کي

جلدي اچ تون هنجڙا مون ڏي

هڪڙو هڪڙو کنڀ اڇلايو

حلفت ڏائڻ کان بچايو

ماءُ ۽ پيءُ وٽ جڏهين رسندس

دُهرا دان اوهان کي ڏيندس.

هنجن جي ولر، هن ڏانهن هڪ هڪ کنڀ اڇلايو، پوءِ هر ولر جيڪو به اتان لنگهيو ٿي ته هڪ هڪ هنجو هڪرو هڪڙو کنڀ هن ڏانهن اڇلايو ٿي.

پوءِ ڌوڌم پاڻ کي هنجن وارا پَرَ ٻڌا ۽ وٺي هنجن جي ولر سان اڏاڻو.

جلفت ڏائڻ لوهر کان ڪهاڙي ٺپائي اچي ڪاوڙ مان وڻ ڪپڻ لڳي، جو ڇوڏا پئي اڏاڻا، ڪپيندي، رهي ڪپيندي رهي، هوءَ ڪاوڙ کان هوش ۾ نه هئي، وڻ جي هيٺان، هن ڏانهن وڻ ڌو ڪري وڃي مٿانئس ڪريو، ڏائڻ وڻ هيٺان دٻجي مري ويئي.

ڌو ڌوم هنجن سان اڏامي وڃي، پنهنجي گهر پهو، پيءُ ماءُ جو کيس ڏٺو ته ڏاڍا خوش ٿيا، ۽ ننڍڙي ٻار وانگر کيس کيڏائڻ ۽ ڪڏائڻ لڳا.

هنجن کي ڌوڌم جي ماءُ ۽ پيءُ جَوَ ڏنا ۽کين هار پارايا. هنج خوشي مان اڏامي هليا ويا، هي به ڏاڍا خوش ٿيا.

فرمان چانڊيو

 

طرف

 

چار طرف هِن اولهه اوڀر،

ان کان سواءِ، پڻ ڏکڻ اُتر،

اوڀر کان ٿو، اُڀري سُجِ،

کَنيون وڃي ٿو، هاري ٻج.

ٻار ٿيا، اسڪول تيار،

سڀڪو پنهنجي ويو ڪم ڪار،

اولهه ڏانهن ٿو سج لهي،

جيوت سارو سُمهي پئي.

نماز پڙهون ڪري مُنهن اولهه،

ڪعبو شريف جو آهي اولهه.

مينهن اُتر جو تيز وسي،

سائي سڄي هي ڌرتي ٿئي،

جڏهن ڏکڻ جي هوا لڳي،

مڇرن کي ٿي، ڀڄائي ڪڍي،

طرفن جي آ سونهن سوائي،

جيڪا اَڄ ”فرمان“ ٻڌائي.

 

حليم ساهڙ

 

نظم

 

علم سان ٻارو انسان جو شانُ،

هتي ۽ هُتي- هر هنڌ مانُ،

علم بڻائي ٻارو- انسان،

علم بنا ٻارو- انسان،

علم ته آهي وڏي- ڳالهه،

علم سان وڌي ٿي ٻارو سمجهه،

پرکي ٿو انسان قدرت جي نعمت،

علم ۾ ايڏي ٻارو، عظمت،

علم جي لاٽ سان، ٻارو،

روشن ٿئي ٿو هر، چارو.

علم سيکاري اخلاق ۽ ادب،

۽ وطن پنهنجي سان ٻارو محبت،

هي ڏسو جهاز ۽ ريلون،

ڪيئن آهن ٿيون- ايجادون.

هي ته ٻارو آهي، علم جو ڪمال،

ريڊيو ۽ ٽي وي آهن- مثال.

حليم هاڻي پڙهون پاڻ- علم،

هر هنڌ اها لاٽ ڪريون عام- جام.

 

عطا محمد ڀنڀرو

 

مينهن

 

گوڙ گجي ٿي، کِنوڻ کجي ٿي

واءُ لڳي ٿي، ٻير لڏي ٿي

ٻير ڇڻن ٿا، ٽم ٽم ڪن ٿا

اوتر اپٽيو، اوڀر وکڙيو

ڪاريون چوٽيون، هيڏي موٽيون

گوڙ گگن ۾، واءُ وڻن ۾

پلر پٽن ۾، گاهه گسن ۾

ٻار نچن ٿا، ٽپن ڪڏن ٿا

ڦيريون لان، ڊوڙون پائن

ڪپڙا ويڙهن، ڀينڃها ميڙن

ڇيڻا گڏ ڪن، چوڏس وڙڪن

گڏ هلن ٿا، واڪا ڪن ٿا

ڀت تي لوٽي، مينهن اچ موٽي،

ڀت تي نوڙي، مينهن اچ ڊوڙي

اکريءَ ۾ ڪڪڙو، مينهن اچ تڪڙو

واءُ سڻائي، سنڌ سهائي

ڀيڄ ڀٽائي، ملڪ مٺائي

اُجري اَڇڙي، ڪپهه جهڙي

مينهن جي سري، اٻ به نڪتي

ڦڙ ڦڙ ٽم ٽم، رم جهم ڇم ڇم

مينهن موڪون، لايون اوڪون.

گهارون گهر گهر، پاڻيءَ ڇاڇر

آڳر آڳر، منڇر ڪينجهر

ٿر ٿر اٺڙ، مارو مٺڙا،

سکيا ساوا، ڍَٽ پَٽ ڍاوا،

سانوڻ سارنگ، مصريءَ مارَنگ

منهنجي ڌرتي، توکي پرتي.

 

وفا منظور علي چوهاڻ

 

روشن تارا

 

هر اک جا هي روشن تارا

ٻالڪ سارا آهن پيارا،

مونجهه مٽائن، دل جي ٻالڪ

دل تان پڻ لاهن مونجهارا

بلڪل ڳالهه سچي آ ساٿي

ٻالڪ ٿي خوشين جا کارا

ٻول جڏهن ٻولن ٿا ٻاتا

دل کي واهه وڻن ٿا سارا

بالڪ خوب وجهن ٿا موهي

سهڻين اکڙين ڇپڙن وارا

ڪوڙ نه هر گز ڳالهائن ٿا

دل جا آهن صاف سچارا

گلشن ۾ جيئنوفا  گلڙا

ٻالڪ تيئن سونهن سونهارا.

اسد الله منگي

 

بينجمن فرينڪلن

 

بديءَ جي ابتدا مزيدار، پر انجام ڪَوڙو آهي.“ پيارا ٻارو! توهان اهو مشهور قول ته ضرور ٻڌو هوندو، اهو قولبينجمن فرينڪلن جو آهي. اهوئي بينجمن فرينڪلن، جنهن فيلڊلفيا ۾ اهم سماجي ۽ ڀلائيءَ وارا ڪم ڪيا. هي 17 جنوري 1706ع تي بوسٽن ۾ پيدا ٿيو. پاڻ اڄ تائين فيلڊ لفيا جو پهريون شهري سمجهيو وڃي ٿو، ڇو ته هن تمام گهڻا ڀلائيءَ وارا ڪم ڪيا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com