سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل ڊسمبر 12/ 1996ع

باب: --

صفحو :5

عطا محمد ڀنڀرو

ڏاها ڀائر

هڪ غريب شخص کي ٽي پٽ هئا. هو سدائين کين پيو سمجهائيندو هو ته ٻچا اسان وٽ نه ڪو چوپايو مال آهي، نه سون چاندي، ڪجهه به ڪونهي تنهنڪري اوهين هڪ ٻئي قسم جو خزانو ڪٺو ڪريو، اوهين گهڻو سوچيو، فڪر ڪريو ۽ گهڻو ڪجهه پرايو. اوهين تيز ۽ تکو دماغ ڌاريو. سون جي بدران تيز فهميءَ جي دولت حاصل ڪريو. اوهين اهڙي دولت هٿ ڪري نقصان ۾ نه ويندؤ، ۽ ڪڏهن به ٻين کي پؤڻا نه پوندؤ.“

نصيحتون ڪندي، نيٺ هڪ ڏينهن ويچارو ٻڍڙو مري ويو. ٽيئي ڀائر صلاح مشوري لاءِ هڪ هنڌ ويٺا. گهڻن ئي معاملن تي ڳالهايائون. پوءِ چيائون. ”هتي ڪم ڪرڻ ۽ ترقي ڪرڻ لاءِ ڪجهه به ڪونهي. اچو ته دنيا گهمي ڏسون. جا ڪاٿي ضرورت پئي ته پگهار تي نوڪري ڪنداسون، يا پورهيو مليو ته پورهيو ڪنداسون، بک ڪونه مرنداسون پرواهه ناهي، ڪاٿي به هجئون.“

اها صلاح ڪري تيار ٿي، روانا ٿيا. هلندا ويا، هلندا ويا، بيابان جهاڳيائون، اُتانهن جبلن جا لَڪُ لنگهيا، ۽ ائين سفر ڪندي، کين پورا چاليهه ڏينهن گذري ويا. جيڪو سمر ساڻ هون، سو کُٽي وين. پنڌ ڪري ڪري، پيرن ۾ لڦون پئجي ويون هين، پر رستو اڃا اَکُٽ هو. هو ٿورو آرام لاءِ ترسيا ٿي وري رکيائون ٿي گوڏن تي زور. نيٺ کين وڻراهه نظر آئي. پوءِ مُنارا ۽ وڏيون جڳهيون ڏسڻ ۾ آيون. ويجهو وڃي ڏٺائون ته اهو وڏو شهر هو. ٽئي ڀائر ڏاڍا خوش ٿيا ۽ تِکو تِکو هلڻ لڳا.

”اسين چنڊائي پوئتي ڇڏي آيا آهيون، ۽ چڱائي اسان جي اڳيان آهي.“ هنن هڪٻئي کي چيو.

جڏهن شهر جي ويجهو پهتا ته سندن وڏو ڀاءُ بيهي رهيو ۽ هيٺ ڌرتيءَ تي نهاري چوڻ لڳو. ”هتان ڪو وڏو اٺ گذريو آهي.“

ٿورو اڳتي هليا ته وچئين ڀاءُ هيٺ نهاري چيو: ”اٺ هڪ اک کان ڪاڻو آهي.“

ٿورو پنڌ اڳتي هليا ته ننڍي ڀاءُ چيو: ”هڪ عورت ۽ هڪڙو ننڍڙو ٻار اٺ تي آهي.“

”اهو صحيح آهي.“ ٻنهي وڏن ڀائرن چيو.

ٿوري وقت کان پوءِ هڪ گهوڙيسوار کين پٺيان اچي مليو.

وڏي ڀاءُ ان گهوڙي سوار ڏانهن تڪي چيو: ”گهوڙي سوار، تو ڪا شيءِ وڃائي آهي ڇا؟“

گهوڙيسوار گهوڙي جون واڳون ڇڪي گهوڙي کي بيهاريو: ”هائو مان وڃايل شي کي ڳولي رهيو آهيان.“

”ڇا، اهو اٺ ته ناهي. جيڪو تو وڃايو آهي؟“ وڏي ڀاءُ کانئس پڇيو.

”هائو“

”هڪ وڏو اٺ؟“

”جيءُ“

”۽ کاٻيءَ اک کان ڪاڻو؟“ وچين ڀاءُ چيو.

”هائو، هائو، اهو ئي آهي.“

”ان اٺ تي عورت ۽ ان سان ننڍڙو ٻار آهي، ۽ عورت پيٽ سان آهي؟“

گهوڙيسوار ٽنهي ڀائرن ڏانهن شڪ جي نگاهه سان ڏٺو ۽ چيائين:

اوهين ئي آهيو، جن وٽ منهنجو اٺ آهي! ٻڌايو ته منهنجو اٺ ڪاٿي آهي؟“

”ڀائو اسان ته تنهنجو اٺ ڏٺو ئي ڪونهي.“ هنن وراڻيو.

”پوءِ اوهين ان بابت سڀڪجهه ڪيئن ٿا ڄاڻو؟“ گهوڙيسوار کانئن پڇيو.

”اسين اکين ۽ عقل جو صحيح استعمال ڄاڻون ٿا. ڏسون ٿا ۽ سوچيون ٿا.“ ڀائرن چيو،“ جلدي ڪر، هُن طرف وڃ، توکي پنهنجو اٺ ملي ويندو.“

”مان ان طرف ڪونه ويندس. منهنجو اٺ اوهان وٽ آهي. جلدي مون کي واپس ڪريو.“

”ڀائو، يقين ڪر، اسان تنهنجو اٺ ڏٺو ئي ڪونهي. ”هنن کيس پڪ ڏياريندي چيو.“

پر گهوڙيسوار سندن هڪ ڳالهه به ڪانه مڃي. هن پنهنجي تلوار ڪڍي کين اولاري چيو ته ”هلو، ٿيو منهنجي اڳ ۾!“ اهڙي ريت، کين ملڪ جي بادشاهه وٽ وٺي آيو.

ٽنهي ڀائرن کي پهريدارن جي حوالي ڪري، پاڻ سڌو بادشاهه ڏانهن هليو ويو ۽ کيس عرض ڪندي چيائين ته ”جئندا قبلا، مان پنهنجو وڳ جبل ڏانهن ڪاهيو پئي ويس. منهنجي زال ۽ ننڍڙو پٽ اٺ تي منهنجي ڪڍ پئي آيا. منهنجو اٺ هڪ اک کان ڪاڻو آهي. اهي مون کان پٺتي رهجي ويا. رستو ڀلجي ڪيڏانهن وڃائجي ويا آهن. انهن جو دير ڪئي ته مان گهوڙي تي لانگ ورائي سندن ڳولا لاءِ نڪتس. مون کي رستي ۾ ٽي ماڻهو مليا، جيڪي پيرين پنڌ سفر ڪري رهيا هئا. مون کي شڪ آهي ته انهن ماڻهن منهنجو اٺ چورايو آهي ۽ منهنجيءَ زال ۽ منهنجي پٽ کي قتل ڪيو اٿن.“

”اهو تون ڪيئن ٿو چئين؟“ بادشاهه کانئس سوال ڪيو.

”سائين، هنن ماڻهن پنهنجو پاڻ ئي مون کي ٻڌايو ته اُٺ وڏو هو، هڪ اک کان ڪاڻو هو، ۽ مٿس ٻار سان هڪ عورت هئي، ۽ اها اميد سان هئي.“

اهو ٻڌي، بادشاهه ڪجهه وقت سوچ ۾ ٻڏي ويو.

”جيڪڏهن واقعي ائين آهي ته هنن تنهنجي ٻڌائڻ کانسواءِ اٺ جا سڀ پار پتا پورا ٻڌايا، ته سمجهه ۾ اچي ٿو ته اهي ئي چور آهن. کين وٺي آءُ.“

اٺ جو مالڪ ٻاهر ويو ۽ گهڙيءَ کان پوءِ ٽنهي ڀائرن کي وٺي اندر آيو.

”جواب ڏيو، جلدي جواب ڏيو ته هن غريب جو اٺ ڪيڏانهن ڪيو؟“ بادشاهه  کين دڙٻاٽيندي چيو.

”سائين، اسين چور نه آهيون، نڪو اسان اٺ ڏٺو آهي.“ ڀائرن چيو. اوهان اٺ جي مالڪ کي سنوان سڌا پار ٻڌايا آهن، جڏهن ته مالڪ ان متعلق ڪجهه ٻڌايو به ڪونه هو. اوهين هينئر چئو ٿا ته اوهان اٺ ڏٺوئي ڪونهي. ايڏو ڪوڙ، ٺڳي!

جلدي اٺ آڻي ڏيو. جيڪڏهن اوهان اٺ ڏٺوئي ڪونه،ته پوءِ اٺ جا پار پتا ڪيئن ٻڌايو؟“

”سائين اها تعجب جي ڳالهه ناهي، اسان جي ٻالجتيءَ کان وٺي عادت رهي آهي ته اسين هر شي چڱيءَ طرح جاچي ڏسندا آهيون. اسان پنهنجي حياتي غور ۽ ويچار ڪرڻ ۾ گذاري آهي. اهوئي سبب آهي جو اسين ڏسڻ کان سواءِ سڄي ڳالهه سمجهي وياسون.“

اهو ٻڌي بادشاهه کليو ۽ چيائين: ”ڇا، اهو ممڪن آهي ته ڏسڻ کان سواءِ ڪنهن متعلق ٻڌائي سگهجي؟“

”ها، سائين، اهو ناممڪن ناهي.“

”اسين اوهان کي پرکي ڏسنداسون ته واقعي اوهين سچ چئو ٿا.“

پوءِ بادشاهه وزير کي سڏائي، کيس ڪن ۾ ڪجهه چيو. وزير هڪدم محلات ڇڏي ٻاهر هليو ويو، پر جهٽ پٽ هڪ وڏي صندوق نوڪرن هٿ گاڏيءَ تي کڻائي. دربار ۾ پهتو.

پوءِ وزير اها صندوق دروازي وٽ رکرائي، جتان بادشاهه چڱيءَ پر ڏسي سگهي. پوءِ پاڻ هڪ پاسي ٿي بيٺو. ٽيئي ڀائر پري کان صندوق کي چڱيءَ طرح جاچي ڏسي رهيا هئا. اهو به انهن ڌيان سان ڏٺو ته صندوق ڪهڙي طرف کان ۽ ڪهڙي طريقي سان آندي وئي ۽ ڪهڙي نموني سان هيٺ رکي وئي.

”چورئو، اچو، مون کي ٻڌايو ته هن صندوق ۾ ڇاهي؟“ بادشاهه چيو. ”اسين اڳ ۾ ئي عرض ڪري چڪا آهيون ته اسين چور نه آهيون.“ وڏي ڀاءُ چيو. پر اسين ٻڌائي سگهنداسون ته انهيءَ صندوق ۾ ڇا آهي. جيڪڏهن اوهان جو حڪم آهي ته ٻڌو: انهيءَ صندوق ۾ هڪڙي ڪا گول شي آهي.“

”هڪ ڏاڙهون آهي.“ وچئين ڀاءُ چيو.

”ها ـــ پر آهي ڪَچو.“ ننڍي ڀاءُ لاڳو ڏنو.

بادشاهه اهو ٻڌي، صندوق ويجهو آڻڻ جو حڪم ڪيو. نوڪرن دير ڪانه ڪئي. وري حڪم ڪيائين ته ”صندوق کولي وڃي!“ ۽ صندوق کولي وئي. هن اندر جهاتي پائي ڏٺو ته سندس حيرت جي حد نه رهي. ڇا ڏسي ته واقعي ڪَچو ڏاڙهون منجهس پيو هو! پوءِ بادشاهه پنهنجن هٿن سان ڪَچو ڏاڙهون ڪڍي سڄيءَ دربار کي ڏيکاريو. پوءِ اٺ جي مالڪ ڏانهن منهن ڪري چيائين: ”هنن ماڻهن ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته هي چور نه آهن، ۽ اٺ وڃي ڪنهن ٻئي پاسي ڳول. اهي واقعي هوشيار آهن.“

جيڪي ماڻهو درٻار ۾ حاضر هئا، ٽنهي ڀائرن جي هوشياري ڏسي دنگ رهجي ويا. پر بادشاهه کي سڀني کان وڌيڪ اچرج هو. سندن کائڻ لاءِ هر طرح جا طعام آندا ويا، ۽ کين هر طرح سان خوش ڪيو ويو.

اوهين بي ڏوهي آهيو. جيڏانهن چاهيو، تيڏانهن وڃي سگهو ٿا. پر ان کان پهريائين مون کي ٻڌايو ته اوهان اهو ڪيئن معلوم ڪيو ته ماڻهوءَ اٺ وڃايو آهي ۽ ڪيئن اوهان اٺ جا پورا پار پتا ڏنا؟“ بادشاهه کانئن پڇيو.

وڏي ڀاءُ چيو: رستو ڊاٻ ۽ ڊس وارو هو. اٺ جا داڦوڙا وڏا ٺهيل هئا. سمجهيم ته اٺ ڪنواٽ ناهي. جڏهن مون ماڻهو ڏٺو، جيڪو اسان جي پٺيان گهوڙي تي چڙهيو پئي آيو ۽ هيڏانهن هوڏانهن چوطرف ڏسي رهيو هو، سو معلوم ڪري ورتم ته همراهه ڪا شي وڃائي آهي.“

”واه واه!“ بادشاهه چيو، ”پر اوهان مان ڪنهن ٻڌايو ته اٺ ڪاڻو هو؟“

وچيون ڀاءُ اٿي بيٺو ۽ چيائين ته ”سائين، اهو مون ٻڌايو.“

”تو ڪيئن معلوم ڪيو ته اٺ کاٻيءَ اک کان ڪاڻو آهي؟ انڌائپ رستي تي ڪو نشان ته ناهي ڇڏيندي.“

”سائين اها ڳالهه هن ريت معلوم ٿي ته جنهن رستي سان اٺ لنگهيو هو، ڏٺم ته ان جي ساڄي طرف وارا وڻ پٽيل ۽ کاڌل هئا ۽ کاٻي پاسي وارا صحيح سلامت هئا.“

”واه، واه!“ بادشاهه چيو،“ اوهان مان ڪنهن چيو ته اٺ تي عورت ۽ هڪ ٻار هو ۽ عورت اميد سان هئي؟“

”سائين، مان ٻڌايو“ ننڍي ڀاءُ چيو.“

”سائين مون اهو هنڌ ڏٺو، جتي اٺ ويٺو هو. اتي مون کي عورتاڻي جُتيءَ جا نشان لڳا. سمجهيم ته عورت آهي. ڀرسان وري ننڍڙي ٻار جا پير به لڳل هئا، سو سمجهيم ته ٻار به ساڻ اٿس. عورت جڏهن ويهي ۽ اُٿي هئي ته تريون کوڙي اُٿي هئي ۽ اتي ترين کوڙڻ جا به نشان هئا، سو مان سمجهي ويس ته عورت سان ٻار ته گڏ آهي، پر پيرين ڀاري به آهي.“

”اهو ته صحيح، پر اوهان کي ڀلا اهو ڪيئن معلوم ٿيو ته صندوق ۾ ڏاڙهون آهي، ۽ اهو ڪَچو آهي؟ اهو مان سمجهي ڪونه ٿو سگهان.“ بادشاهه پڇيو.

اهو نوڪرن جي کڻڻ مان ظاهر هو ته اها صندوق بار واري ڪانه هئي، پر هلڪي هئي. جڏهن انهن صندوق کي فرش تي رکيو ته مون گول شي جي ڦرڻ جو آواز ٻڌو، جيڪو صندوق جي هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين معلوم ٿيو، تنهن مان صحيح اندازو لڳايم ته ڪا گول شي آهي.“ وچئين ڀاءُ چيو.

”جيئن ته صندوق باغ جي طرف کان کڄي اندر آئي،“ وڏي ڀاءُ چيو، ”ته سمجهيم ته اها گول شي پڪ ڏاڙهون هوندو، ڇو ته اوهان جي محلات جي چوڌاري ڏاڙهن جا باغ آهن.“

”واه، واه!“ بادشاهه خوش ٿيندي چيو. بادشاهه پوءِ ننڍي ڀاءُ ڏانهن منهن ڪري چيو:

 ”تو ڪيئن معلوم ڪيو ته ڏاڙهون ڪَچو آهي؟“

”سائين، اڄڪلهه اها موسم آهي، جو جتي ڪٿي ڏاڙهون ڪَچا آهن. اهو اوهين پاڻ ئي ڏسي سگهو ٿا.“

بادشاهه ٻاهر نهاري ڏٺو ته واقعي سندس باغ جي ڏاڙهن جا وڻ ساون ڏاڙهن سان سٽيا پيا هئا.

بادشاهه ٽنهي ڀائرن جي عقل ۽ دانائيءَ کان ڏاڍو متاثر ٿيو.

”اوهين دنيا ئي دولت ۾ کڻي غريب آهيون، پر ڏاهپ ۾ بيحد شاهوڪار آهيون.“ بادشاهه چيو، ۽ پوءِ ٽنهي ڀائرن کي پنهنجيءَ درٻار ۾ وزير ڪري رکيائين. بيشڪ، عقل ۽ دانائي، هر ڪنهن دولت کان وڌيڪ آهي.

الطاف حسين سميجو

من جهوريندڙ ماضي

اڄ گلابيءَ جي هوٽل ٻاهران توقع کان وڌيڪ رش هئي، هر ڪنهن جي واتان صرف اها وائي ٿي نڪتي. ”اڄ نئين فلم آهي! اڄ نئين فلم آهي!“ هوٽل جي گيٽ ڪيپر گلاموءَ جون نظرو مسلسل بيٺل ماڻهن جي ميڙاڪي ۾ انهن معصومن جي ڳولا ۾ هيون، جيڪي اسڪول وڃڻ بدران فلم ڏسڻ لاءِ آيا هئا يا اچي رهيا هئا. بيٺل ماڻهن جي ميڙ ۾ هن کي ٿورڙو پريان ڪجهه شاگردن جو ٽولڙو نظر آيو، جيڪو شايد فلم جي سٺي ۽ خراب هئڻ تي اڳڪٿي ۽ بحث ڪري رهيو هو.

هن دل ۾ سوچيو، جيسين گيٽ کولڻ جو حڪم ملي، تيسين ڪوشش ڪري ته شاگرد اجايو وقت وڃائڻ بجاءِ اسڪول ڏانهن واپس موٽي وڃن.“ هن پنهنجي ارادي کي پورو ڪرڻ لاءِ قدم اڳتي وڌايو ۽ اچي شاگردن جي ڀرسان بيهي رهيو.

”آئون اوهان کي ڪجهه ڏينهن کان هتي ڏسندو رهيو آهيان. ڇا، اسڪولن کان موڪلون آهن؟“ گلاموءَ ڳالهائڻ جي شروعات ڪندي پڇيو.

”نه“ ڪنهن شاگرد مختصر جواب ڏنو ۽ پوءِ سڀيئي کيس گهورڻ لڳا.

”ته پوءِ اوهين پنهنجو قيمتي وقت هتي، هن گندي ماحول ۾، ڇو ٿا وڃايو؟ ڇا، اوهان کي خبر نه آهي، ته وقت ڪيترو قيمتي آهي، جنهن جو ڪوبه مُلهه ناهي؟“ هن کين سمجهائيندي ٻڌايو.

”گلامو! اسان جي مرضي، اسين اسڪول وڃون يا هتي اچون، تنهن ۾ تنهنجو ڇا؟“ هڪ شاگرد ڪاوڙ مان ڳالهايو.

”۽ هونئن به اوهان کي خوش ٿيڻ کپي ته ٻه ــــ چار، گراهڪ وڌي رهيا آهن.“ هڪ ٻئي شاگرد ڳالهائي ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو.

اهو ٻڌي، گلامو هڪ زهر جو ڍُڪ ڀري ڳيت ڏني ۽ هلڪي مرڪ مرڪي ڳالهائڻ لڳو: ”خوشي ضرور ٿئي ها، اوهان جي جاءِ تي ڪو ٻيو اڻپڙهيل يا اهو ماڻهو هجي ها، جنهن لاءِ وقت قيمتي نه هجي ها.“ گلاموءَ هڪ ٿڌو ساهه کنيو ۽ وري ڳالهائڻ شروع ڪيو: ”آئون ڄاڻان ٿو ته اوهان مان ٻه امير هوندا ته ٻه غريب. سچ پڇو ته اوهان کي ڏسي مونکي پنهنجي من جهوريندڙ ماضي ياد اچي ويندو آهي. دل ايذاءَ ۽ پيڙاءَ سبب سڏڪي پوندي آهي.“ سندس اکيون آليون ٿي چڪيون هيون.

”من جهوريندڙ ماضي!“ سڀني گڏجي دانهن ڪئي.

”لڳي ٿو، اهو ڪنهن فلم جو نالو آهي؟“ هڪ شاگرد طنز ڪندي چيو.

”ڇا ٿيو هو، چاچا گلامو؟ پنهنجي ماضيءَ متعلق ڪجهه اسان کي به ٻڌاءِ.“

هڪ شاگرد سندس اکيون آليون ڏسي، قرب منجهان پڇيو.

گلاموءَ ٻيهر ٿڌو ساهه کنيو ۽ ڳالهائڻ شروع ڪيو.

”آئون جڏهن ٻارهن سالن جو هئس ته ان وقت مون کي پنجين پاس ڪرڻ کانپوءِ ڇهين ڪلاس ۾ داخلا وٺرائي ڏني ويئي، آئون روزانو اسڪول باقاعدي ۽ پابنديءَسان ويندو هوس، اوهان کي اهو به ٻڌائيندو هلان ته مان پنهجي ماءُ پيءُ جو اڪيلو ۽ دادلو پٽ هئس، ان ڪري مون کي تمام گهڻو پيار ۽ قرب ملندو هو، جنهن جي نتيجي ۾ پڙهڻ ۾ دلچسپي و‎ٺندو هوس. پوءِ، هڪ ڏينهن اسيمبليءَ جو گهنڊ اڃا ڪونه وڳو هو ته ڪجهه هم ڪلاسي اچي منهنجي ڀرسان ويٺا ۽ فلم تي وڃڻ جي دعوت ڏنائون، مان مسلسل انڪار ڪندو رهيس، پر انهن مان هڪ چيو، ”يار، اڄ جيڪڏهن اسڪول نه وياسين ته ڇا ٿي پوندو ۽ هونئن به هڪ ڏينهن ۾ ڪو خاص فرق ته ڪونه پوندو ـــ وري سڀاڻي اسڪول اچي حاضر ٿينداسين.“ هن جي انهيءَ جملي تي ٿورو غور ڪيم، انڪار هائوڪار ۾ بدلجي ويو ۽ ساڻن گڏ هلڻ لڳس. پوءِ، انهيءَ هڪ ڏينهن کان پوءِ، اسان جو اهو هڪ ڏينهن ڪڏهن به نه کُٽو ۽ فلم ڏسڻ اسان جو معمول بنجي ويو. منهنجي اعمالن ۽ افعالن جي سُڌ منهنجي مائٽن کي پئي ته اهي مون تي سخت ناراض ٿيا ۽ مون کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ ۽ تنبيهه ڪرڻ لڳا. پر مون تي سندن دڙڪن جو ڪوبه اثر نه پوندو هو، ڇاڪاڻ ته اهو گهڙيءَ کن جو کيل محسوس ٿيندو هو. جيئن پوءِ تيئن مون ۾ خود غرضي پيدا ٿيندي ويئي ۽ مان روزانو گهر کان دير تائين رات جو ٻآهر رهڻ لڳس ۽ اسڪول بدران فلم ڏسڻ منهنجو روز جو ڪم ٿي ويو. هميشہ مون تي جڏهن به بابا ڪاوڙبو هو ته امڙ سندس دڙڪن کان بچائي وٺندي هئي، ۽ ڪيترائي ڀيرا سمجهائيندي به رهندي هئي، پر منهنجا ساڳيا لاٽون ساڳيا چُگهه. منهنجي انهيءَ عمل جو ردِ عمل اهو نڪتو جو امان بيمار ۽ بابا پريشان رهڻ لڳو.... آئون هڪ ڏينهن اڃا ستو پيو هوس جو بابا اُٿاريو ۽ چيو، ”آئون ٻنيءَ تي وڃي رهيو آهيان، تون ماڻهين کي ڊاڪٽر ڏانهن وٺي وڃ.“ ڇاڪاڻ ته ان ڏينهن امان جي طبيعت تمام خراب هئي. مون سندس ڳالهه ٻڌي اڻٻڌي ڪري ڇڏي، ۽ تيار ٿي، اسڪول وڃڻ جو بهانو ٺاهي اچي سئنيما تي پهتس ۽ فلم ڏسندو رهيس ـــ تان جو شام ٿي ويئي. جنهن وقت گهر پهتس، ان وقت منهنجي دنيا اُجڙي چڪي هئي.“ گلامو سڏڪڻ لڳو.

کن کانپوءِ گلاموءَ وري ڳالهائڻ شروع ڪيو ”مطلب اهو ته هن دنيا ۾ اولاد لاءِ ماءُ ئي اها هستي هوندي آهي، جيڪا پنهنجي اولاد جي هر ڏک توڙي سک ۾ برابر جي شريڪ هوندي آهي. سا مون کي هن ڪِن جهڙي جهان ۾ ڇڏي اهڙيءَ راهه جي پانڌياڻي ٿي ويئي هئي، جتان اڄ تائين ڪوبه واپس نه وريو آهي ۽ نه ورندو.

منهنجي مٿي تان شفقت جو هڪ هٿ کڄي چڪو هو ته ٻيو هٿ ٻنيءَ ٻاري جي ڪمن ۾ رُڌل رهيو. نتيجي ۾، آئون ويتر ڇڙ واڳ ٿي ويس. اهڙيءَ طرح، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ منهنجو اسڪول سيٺ گلابيءَ وارو هوٽل بنجي چڪو هو، ڇاڪاڻ ته سيٺ منهنجي مٿي تي هٿ ڦيريو ۽ هوٽل ۾ ئي ڪم تي لڳائي ڇڏيائين، جنهن کي منهنجي پيءُ به پسند ڪيو ۽ مون کي به مفت فلمن ڏسڻ جو موقعو ملي ويو. ائين ئي مان بُرن جي صحبت ۾ اچي، پنهنجي روشن مستقبل کي آڱر کان جهلي، تاريڪيءَ ۽ هڪ اُٻاٺ اوندهه طرف وٺي آيس، جتي روشنيءَ جو ڪوبه ڪرڻو نظر ڪونه پئي آيو. مون کي وقت جي وڃائڻ جو احساس ان وقت ٿيو، جڏهن پنهنجي ڪجهه همڪلاسين کي وڏين وڏين ڊگرين ۽ نوڪرين ۾ ڏ‎ٺم ۽ مان اتي جو اتي گيٽ ڪيپر ئي رهجي ويس. هن وقت منهنجي روئڻ ڪرڻ مان ڪجهه به نه ورندو، ڇاڪاڻ ته وقت منهنجي هٿن مان نڪري ڪوهين ڏور ٿي ويو آهي، هن وقت ڪجهه به نٿو ٿي سگهي. ڪجهه به نه ان لاءِ منهنجو اوهان کي عرض ايلاز هي آهي ته بُرن جي صحبت کان بچو ۽ وقت جو قدر ڪريو. ڇاڪاڻ ته ايندڙ وقت ۽ روشن مستقبل اوهان جو منتظر آهي.“

”گلامو، او گلامو!“ سيٺ گلابيءَ جي سڏن گلاموءَ جي ماضي جي يادن کي ٻنجو ڏيئي، حال ۾ گهلي آندو ۽ گلاموءَ جون سوچون وِکرجي ويون.

”دروازو کول ۽ گَهنٽي وڄاءِ ته هرڪو وڃي اندر ويهي.“سيٺ حاڪماڻي انداز ۾ چيس. گلاموءَ انهيءَ وعدي سان ڇوڪرن کان موڪلايو ته هو ڪڏهن به فلم تي نه ويندا ۽ روزانو اسڪول پابنديءَ سان ويندا.

گلاموءَ جي ڳالهين جي ڇوڪرن تي تمام گهرو اثر پيو ۽ کين وقت جي قيمتي هئڻ جو احساس پڻ ٿيو.

”واقعي يار، وقت اسان جي  هٿن ۾ آهي، جي وقت اڄ اسان جي هٿن مان نڪري ويو ته وري ڪڏهن به نه ملندو، ۽ سواءِ پڇتاءَ جي ڪجهه به ڪين ورندو. ان ڪري اسان کي وقت کي قابو ڪرڻو آهي ۽ دل لڳائي پڙهڻو آهي ته جيئن اسان مان ڪو ٻيو گلامو جنم نه وٺي.“

سڀئي دوست پاڻ ۾ وعدي جو هٿ ملائي، اُٿي هلڻ لڳا هاڻي سندن قدم هوٽل بجاءِ اسڪول طرف هئا.

ولي محمد طاهرزادو

باب اٺون

سنڌ جون رانديون

ڇوڪرين جون رانديون

رانديون جهڙيون ڇوڪرن ڪاڻ ضروري آهي، تهڙيون ڇوڪرين لاءِ ڪي رانديون ڇوڪريون ۽ ڇوڪر گڏ به ڪُڏندا  آهن، پر ڪي خاص نينگرين واسطي هونديون آهن.

1. چيچ مڪڙو راند: هن راند کي ”چُونگ بلي“ راند به چون سڀ ڇوڪريون بعضي ننڍڙا نينگر به گڏجي ڪُنڙو ڪري گولائي ۾ ويهندا. سڀني جا گوڏا اُڀا ۽ انهن جي ڍڪڻين مٿان کليل هٿ رکيل هوندا.

هڪڙو ٻار، جنهن کي آگ ڏيڻي هوندي سو پرڀرو منهن ڦيرائي وڃي ويهندو. هڪ اڳواڻ ٻار، ڪا پٿري، ڪڪڙي، ٿڌڙو يا چيچڪو ڪوبه داڻو هٿ ۾ کڻي هرڪو ٻار جي گوڏي جي ڍڪڻين سان ڇهندو يا سڃيندو چوندو پيو.

؟چيچ مڪڙو ڪنهن کي ڏيان؟ يا چُونگ بلي ڪنهن کي ڏيان؟ ويٺل ٻار سڀ گڏجي پيا چوندا. ”جيئي ڀاءُ! مون کي ڏي.“

پوءِ ائين چوندي لَڪَ ڇِپَ ۾ اهو داڻو ڪنهن نه ڪنهن جي هٿ ۾ ٿَمائي ڇڏيندو. پوءِ سڏ ڪري چوندو: ”آءُ ڙي ڪانَو تنهنجي مُنيءَ تي موچڙو ڇنان!“ اهو آواز سڻي، آگ ڏيندڙ ٻار مٿان اچي بيهندو. هر هڪ ٻار کي چتائي ڏسندو تڪيندو. انهن جي چُر پر ۽ بيهڪ مان معلوم ڪندو. پوءِ هڪڙي ڄڻي جي ڪُلهي تي هٿ رکي چوندو ته ”هن وٽ آهي.“ جي ان وٽان ملي ته اهو هلي وڃي آگ ڏيندو، ۽ جي نه ملي ته پوءِ اڳواڻ چوندو: هڪڙي وٽي کير ڀري ٻي به ڏيندو الله!“ اهڙيون ست ٽڪيون يا لنڊ جنهن تي چڙهيا تنهن جون اکيون ٻڌندا. اهو پوءِ کاپائڻ لڳندو.

2. ٽپڻ ڪڏڻ: ڇوڪريون گڏ ٿي ٽپنديون ڪڏنديون به آهن ۽ هي ٻول به چونديون آهن:

پئسو لڌم پٽ تان ـــ پئسي جو ورتم گاهه

گاهه ڏنم گانءَ کي ـــ گانءِ ڏنو کير

کير ڏنم امڙ کي ـــ امڙ ڏنو لولو

لولو ڏنم ڪانوَ کي ـــ ڪانوَ ڏنو کنڀ

کنڀ ڏنم راجا کي ـــ راجا ڏنو گهوڙو

گهوڙو بگي چڙهي گهم ـــ گهوڙو بگي چڙهي

گهم چندن ڦٽاڪو ـــ جيئي منهنجو چاچو

چاچو لٿو دڳ تي ـــ چاچي جي پڳ تي.

3. لڪ لڪوٽيءَ راند: هيءَ راند به جدا ڇوڪريون گڏجي به ڪن هڪ ٻار اوڪڙو ٿي ويهندو. ٻيا  ٻار مٺيون بند ڪري ان جي مٿي تي رکي بيهندا. پوءِ هڪ اڳواڻ ٻار، چوٽيءَ واري مٿئين ٻار جي مُڪ جي منهن ۾ اڱر ڦيرائي پڇندو. ڪِينگر ڪي لوٽي، پاڻيءَ ڀري ڦوٽي،

ڦوٽا ڦڪيندس، لوئگ لٽيندس، عطر ڇٽيندس.

هيٺيون ڀڄي ڪي مٿيون؟ اُڀاکڙو ويٺل ٻار، جي چوندو ”مٿيون“ ته ٻار مٺيون چوندو ڪڍي ٻاهر ٿي وڃي بيهندو، ۽ جي چوندو ”هيٺيون“ ته هيٺيون ٻار مٺيون ڪڍي ٻاهر ٿيندو. تان جو باقي وڃي هڪ ٻار رهندو، جو اُٿي آگ ڏيندو. هڪڙو وڏو گول ليڪو ڪڍندا. اهو ٿيو پڙُ، آگ ڏيندڙ پڙ ۾ اکيون پوري بيهندو. ٻار وڃي لڪندا ۽ آواز پيا ڏيندا: ”اڃا متان، اڃا متان“ پوءِ سڀ لڪي ڇپي ويندا. هڪ هوشيار ٻار چوندو ”هاڻ هليو آءُ، اچي ڳول“. پوءِ هو پڙ مان نڪري ڪنهن پاسي ڏانهن ويندو، ته ٻين پاسن جا ٻار، جي آگ ڏيندڙ کي اک لايو بيٺا هوندا. ڇانڊا ۽ ڇُوها هوندا سي ڊوڙي پڙ ۾ اچي چوندا: ”ڌوُ ڌُوپڙ گهاتا!“ جي ڪنهن کي هٿ لڳو (پر پِڙَ جي ليڪي کان ٻاهر) ته اُهو کاتو ۽ پوءِ اهوئي آگ ڏيندو.

4. اُس ۽ ڇانوَ: هيءَ راند به ڇوڪريون جدا به ڪن، ته ڇوڪرن سان گڏجي به کيڏن ڏينهن جو شام جي مهل هوندي ته اُس ۽ ڇانو راند ۾ ٻيئي ڪم آڻين. پر رات جو وري چانڊوڪي ۽ اونداهيءَ کي اُس ڇانوَ چون. هڪ ٻار آگ ڏيندو. ٻيا ٻار اونداهيءَ ۾ بيهندا. جيڪو اُس ۾ آيو ته ان کي ڊوڙي ڌڪ هڻي کاپائيندو. جيڪو کاتو سو وري آگ ڏيندو.

5. ٿلهه ۽ پٽ راند: ٻار گڏجي پاڻ ۾ ٺهراءُ ڪري ٿَلها مقرر ڪندا. چوندا ته فلاڻا ٿلها ڪار آهن. پوءِ هڪڙو ٻار آگ ڏيندو. جيڪو ٿلهي کان هيٺ پٽ تي هوندو، تنهن کي ڊوڙي هٿ لائيندو. پر جي ڪنهن ٻار کي کاپائڻ خاطر ٿلهي کي ويجهو آگ ڏيندڙ بيهندو، ته هو ڀڄندڙ چوندس ته ”اُٺ جيڏي جاءِ ڏي“ پوءِ هو هٽي پرڀرو ٿي بيهندو. جيڪو کاتو سو وري آگ ڏيندو.

6. تيف تيف راند: سڀ ٻار بيهندا. آگ وارو پري بيهندو ۽ جي ڪنهن بيٺل ٻار کي هٿ لڳائڻ وارو هوندو ۽ اهو تيف چئي ويهي رهيو ته ڇٽو پر تيف نه چيائين ائين ويهي رهيو ته کاتو. جيڪو کاتو سو آگ ڏيندو.

7. ست ماڻهو کاپائڻ راند: هڪ ڇوڪري، ٻيءَ کي چوندي هُو ڏس پريان ڪير پيو اچي؟“ جي هن ڏٺو ته چوندس ”هُش ٻلي ست ماڻهو هلندي کاپائي ڏي“ (ڪي چون بيٺڙ ۽ ڪي چون ويٺڙ). پوءِ ٻي ڇوڪري واٽهڙن ۽ ويندڙن کي پئي کاپائيندي، جيستائين وڃي ست پورا ٿين.

8. نوڙي ٽپڻ راند: ڇوڪري پنهنجي قد کان ڪجهه سوائي ٻيڻي نوڙي کڻي، ٻنهي هٿن ۾ جهلي، ان جو ٻوڪڙ ڦيرائيندي، پنهنجي پيرن هيٺان ٽپڪي ڏئي اُڪاريندي هلندي پئي ويندي.

9. ٻن ٻارن جو نوڙي تان هڪ کي ٽپائڻ: ڊگهي نوڙيءَ جي هڪڙي پوڇڙ کان هڪ ۽ ٻئي پوڇڙ کان ٻي ڇوڪري جهلي نوڙيءَ جي هڪڙي پوڇڙ کان هڪ ۽ بئي پوڇڙ کان ٻي ڇوڪري جهلي نوڙيءَ کي مٿان کان هيٺ پيون ڦيرائينديون. ڦيرو جڏهن هيٺ تر ۾ يعني پٽ تان گسڪندو مٿي ڇڙهندو ته ٽپندڙ ڇوڪري بُل ڏيئي وچ تي بيهي ٽپڪيون ڏيندي جي نوڙيءَ ۾ آٿڙي ته وري ٻي ايندي، تنهن کان پوءِ ٽي ايندي. اڃا ڪي ٻيون خواهشمند هونديون ته انهن کي به  ٽپرائينديون بعضي ٻه ٻه گڏجي، جوڙي ٿي بيٺيون ٽپنديون آهن.

10. چيڪلي پائڻ: ٻه ڇوڪريون هڪٻئي جا آڏا هٿ ڪنئنچي وانگر بلائتا پڪڙي، پير پيرن کي ويجها جهلي، بدن کي پوئتي هٽائي ڇڪي بيهي ڦِرنديون ۽ چونديون.

چيڪلي پايان، پيرڙو گسايان.

11. منڊم ناچ ڪرڻ: ٻه ڇوڪريون آمهون سامهون ٿي بيهنديون.

هڪڙي چوندي: ڀوري ڙي ڀوري؟

ٻي چوندي: جيءُ ڙي ڀوري.

پهرين: ڇا ٿي رڌين؟

ٻي: دال چوکا.

پهرين: ذرو ته ڏجانءِ؟

ٻي: نوڪر اچي.

پهرين: ڪيڏانهن ويو؟

ٻي: ويو بازار.

پهرين: ڇا جي لاءِ؟

ٻي: ڀاڄي وٺڻ.

پهرين: ڪڏهن ايندو؟

ٻي: چِرڪو ايندو.

پهرين: بک لڳي اٿم.

ٻي: چوکا چاڙهيا اٿم.

پهرين: ڪڏهن ڏيندينءَ؟

ٻي: کائي ڇڏيم.

اهو سوال جواب ڪري، ڊوڙي ٺِپڪي ڏيئي، هڪٻئي جي هٿن جون تريون هٿن سان هڻي، پوئتي وک هٽنديون ۽ اڳتي وک اينديون ان سان گڏ چَڪر ۾ به پيون ڦرنديون ۽ هيئن پيون چونديون (هٿ ڪڏهن چيلهه تي ڪڏهن سلام، ڪڏهن پاڻ تاڙي وڄائينديون) ”منهنجي اڇي منڊم، منهنجي ڪاري منڊم، جنهن جا گاگڙا گرم!

12. ڪوسا مامرا چکائڻ: سڀئي ٻار ڪُنڙو ڪري گولائي ۾ پٽ تي هٿ اونڌا رکي ويهندا، جيئن تريون پٽ ڏانهن ۽ هٿن جي پُٺ مٿي ٿئي، هڪ اڳواڻ ٻار، آڱر وات ۾ وجهي ”هو هو“ جو آواز ڪري، ٻاهر ڪڍي، هر هڪ ٻار جي هٿ مٿان نمبر وار رکندو به ويندو، ۽ هي ٻول چوندو به ويندو.

ارچڪ، مرچڪ، ڌاڻا، ڌرچڪ،

لوها، لاٽون، چٺر گهاٽون،

اٻو، ڇٻو، چور، چاڪي

ڀنڀو، تارو ڪرڙ، مرڙ،

آگ، پٽولڻ، نانگڻ، جوڳڻ،

کارا، کٽا، ٻٽا، ڇٽا.

جنهن ٻار جي پٺيءَ تي ”ڇُٽا“ لفظ آيو ته اهو هٿ اُٿلائي وري سڌو ڪري رکندو، اهڙيءَ ريت سڀني ٻارن جا هٿ سبتا ٿيا ته ان بعد جنهن تي به ”ڇٽا“ لفظ ايندو، سو ڪَنڙي مان نڪري ٻاهر ٿيندو. تان جو باقي هڪ ڄڻو بچندو ان کي سامهون ويهاري اڳواڻ ٻار پڇندو (اهو ٻار پنهنجون مٺيون بند ڪري ويهندو):

اڳواڻ: رات ڏِيو ڇو ٻاريو هووَ؟

ويٺل: ماما آيو هو.

اڳواڻ: مامهين ڇا آندو؟

ويٺل: صندوق.

اڳواڻ: صندوق ۾ ڇا هو؟

ويٺل: بندوق.

اڳواڻ: بندوق ۾ ڇا هو؟

ويٺل: ٿالهي وَٽو.

اڳواڻ: ٿالهي وٽي ۾ ڇا هو؟

ويٺل: تيل ميٽ.

اڳواڻ: تيل ميٽ ۾ ڇا هو؟

ويٺل: ڦڻي ڦڻوٽو.

اڳواڻ: ڦڻي ڦڻوٽي ۾ ڇا هو؟

ويٺل: جُونءَ.

اڳواڻ: جُنءَ ۾ ڇا هو؟

ويٺل: ليک.

اڳواڻ: ليک ماري تيڪ.

مون کي ڪوسا، مومرا چکاءِ، انهي تي ويٺل ٻار بند ٿيل مٺيون سندس ڳلن تي رکندو. جي ڪوسيون هونديون ته ڇٽو. نه ته چوندس مومرا ڪوسا ڪينهن ۽ وري سوال جواب پڇندس. [هلندڙ]

ذهين شاگرد جو انٽرويو

انٽرويو وٺندڙ: غلام محمد مير جت

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com