سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل ڊسمبر 12/ 1996ع

باب: --

صفحو :3

سائين شيخ ثناءَ الله هٿان ڪلاس ستين جي پوزيشن هولڊرن سنڌو بيگ ۽ سلمه نارائي (پهريون) کي، سائين روشن علي پنهور هٿان ڪوثر پروين ٻرڙو ۽ شازيا شيخ (ٻيو) ۽ مونا خان، ۽ مهتاب نارائي (ٽيون) کي انعام ڏياريا ويا.

سنڌو بيگ، مونا خان، سلمان نارائيءَ کي سائين روشن علي پنهور خاص انعام ڏنا. صبا سعيد، شائسته شيخ ۽ نسيم اعواڻ کي سائين عبدالرشيد ڀٽيءَ انعام ڏنا. راکي ماري، آصف جتوئيءَ ۽ منصور سومري، سائين پروفيسر لعل جسڪاڻيءَ هٿان انعام ورتا. سائين حبدار علي جتوئيءَ هٿان اياز جتوئيءَ، سڳنڌ ناريجي شهزور ناريجي ۽ شاهجهان ناريجي انعام وصول ڪيا.

پرنسپال شيخ ثناءُ الله اسڪول جي انتظام، اڏاوتن ۽ ترقيءَ تي روشني وجهندي، شاگردن پاران سڀني پروگرامن ۾ دلچسپي وٺڻ تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ۽ استادن پاران پروگرامن کي محنت سان مرتب ڪرڻ تي سندن ٿورو مڃيو.

فاروق احمد ۽ شبينا انائونسريءَ جا فرض ادا ڪيا. استاد قمر سومري موسيقي مرتب ڪئي. استادن مان رقيه بلوچ، فهميده ميمڻ، ڪزبانو ناريجو، فرزانه بروهي، حليمه ميمڻ ۽ غلام شبير پاڻ موکيو.

رات جي ساڍي يارهين وڳي، مونا، شائسته، بشيران، ڪوثر پروين، نسيم، سيما ۽ ٻين، هو جمالو پيش ڪري، هن شاندار تقريب جي پڄاڻي ڪئي.

ليکڪ: ليوس ڪيرول                          [ٻالڪ ناول]

مترجم: سليم سهتو

خوابن جو سير

[باب اٺون]

باغ ۾ گهڙندي ئي کيس هڪ وڏو گلاب جو ٻوٽو نظر آيو. جنهن تي اڇي گلاب جا گل ٽڙيل هئا. ٻوٽي وٽ ٽي ننڍا ننڍا مالهي بيٺا هئا. انهن جي هٿن ۾ برش هئا، جن سان هو هرهڪ گل کي گلابي رنگ هڻي رهيا هئا. ايلس کي اهو ڏسي ڏاڍي حيرت ٿي، هوءَ ويجهو وڃي گلاب جي گلن کي رنگ لڳائڻ وارو ڪم ڏسڻ لڳي.

ايتري ۾ هن هڪ مالهيءَ کي اهو چوندي ٻڌو ته ”ڏس، پنجو، مون تي رنگ نه ڪيراءِ.“

پنجو منحوس آواز ۾ چوڻ لڳو: ”مان ڇا ڪريان، ان ۾ منهنجو ڪو ڏوهه ناهي ڪوڏوءَ منهنجي ٺونٺ لوڏي ڇڏي هئي.“

تنهن تي ڪوڏوءَ ڳچي مٿي ڪري چيو: بلڪل ٺيڪ آهي، پنجا! هميشہ ٻين جو ڏوهه ٻڌائڻ گهرجي. اها ڳالهه ياد ڪري ڇڏ.

”ڏس، تون نه ڳالهاءِ! ڪالهه ئي بيگم صاحبا چيو پئي ته تنهنجي ڳچي ڪپڻ گهرجي.“

”ڇالاءِ؟“ پهرئين مالهيءَ پڇيو.

”ان سان تنهنجو ڪو مطلب نه آهي. سمجهي وئين. ڀينڊا؟“ ڪوڏوءَ چيو.

اُهي اهڙيءَ طرح پاڻ ۾ جهيڙو جهٽو ڪري رهيا هئا، جو ايلس ڊڄندي پڇيو؛ ”ادا، ڀلائي ڪري مون کي اهو ٻڌايو ته اوهين گلاب جي گلن کي رنگ ڇو هڻي رهيا آهيو؟“

پنجوءَ ۽ ڪوڏوءَ ڪجهه ڪونه ڪُڇيو ۽ ڀينڊي ڏانهن ڏسڻ لڳا. ڀينڊو دٻيل آواز ۾ چوڻ لڳو: ”ڳالهه اِها آهي ته هتي ڳاڙهي گلاب جا ٻوٽا هئڻ گهرجن ها. اسان غلطيءَ سان هتي اڇي گلاب جا ٻوٽا پوکي ڇڏيا آهن. هاڻي جيڪڏهن سانئڻ کي خبر پئجي وئي ته هوءَ اسان سڀني جون ڳچيون ڪپرائي ڇڏيندي. تنهنڪري هن جي اچڻ کان اڳ، اسين گُلن کي رنگ ڏيڻ چاهيون ٿا.“

اِهي ڳالهيون ٿي رهيون هيون ته پنجوءَ رڙ ڪئي: ”سانئڻ اچي وئي.“

ٽيئي مالهي مُنهن ڀر زمين تي ليٽي پيا. ايلس کي قدمن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ۽ هوءَ بيچينيءَ سان سانئڻ جو اوسيئڙو ڪرڻ لڳي.

اڳيان اڳيان ڏهه سپاهي هلي رهيا هئا. انهن جون شڪليون به مالهين وانگر تاش راند جي پتن جهڙيون هيون. انهن جي پويان ڏهه درٻاري هئا. انهن جي ڪپڙن تي تاش جي پتن جا نشان ٺهيل هئا. انهن جي پويان شاهي گهراڻي جا ٻار اچي رهيا هئا، جيڪي ڳڻپ ۾ ٻٽيهه هئا. سندن ڪپڙن تي تاش جي پتي پان جا نشان هئا. ٻارن جي پويان جيڪي ماڻهو اچي رهيا هئا، انهن ۾ گهڻو ڪري وڏا رئيس ۽ انهن جون زالون هيون. انهن ماڻهن جي وچ ۾ ايلس ڏٺو ته اُهو اڇو سهو به هو. هو ڏاڍو گهٻرايل هو ۽ تڪڙو تڪڙو ماڻهن سان ڳالهائي رهيو هو. هن ايلس کي ڪونه ڏٺو. تنهن کان پوءِ بادشاهه جا ٻه سپاهي اچي رهيا هئا، جيڪي هڪ خوبصورت ريشمي وهاڻي تي بادشاهه جو ڇَٽُ کڻيو اچي رهيا هئا. سڄي جلوس جي پويان پان جو بادشاهه ۽ سندس راڻيءَ جون سواريون هيون. جڏهن جلوس ايلس جي ڀرسان گذريو ته سڀ ماڻهو بيهي رهيا ۽ اُن ڏانهن ڏسڻ لڳا.

راڻيءَ ڪاوڙ مان پڇيو: ”هيءَ ڪير آهي؟“

پان جي غلام، کِلي، ڪنڌ نمائي چيو، ”ڇَسي!“

راڻيءَ پنهنجو مٿو لوڏي چيو ”ڇوڪري تنهنجو نالو ڇا آهي؟“

راڻي صاحبا منهنجو نالو ايلس آهي.“ ايلس ڏاڍي ادب سان چيو. پوءِ پنهنجي دل ۾ سوچيائين، هنن ماڻهن کان ڊڄڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. آخر اِهي سڀ آهن ته تاش جا پَتائي. مون کي انهن کان ڊڄڻ جي ڪا به ضرورت ڪانهي.“

”۽ هي ڪير ماڻهو آهن؟“ راڻيءَ انهن ٽنهي مالهين ڏانهن اشارو ڪندي پڇيو، جيڪي گلاب جي ٻوٽي هيٺيان مُنهن لڪائي سُتل هئا. انهن سڀني جو ويس هڪ جهڙو هو، انهيءَ ڪري راڻي اهو سمجهي نه پئي سگهي ته اهي مالهي آهن يا سپاهي، درٻارين مان آهن يا هن جا پنهنجا ئي ماڻهو آهن. هن ٻيهر پڇيو ”اِهي ڪير آهن؟“

”مون کي ناهي خبر. اهو منهنجو ڪم نه آهي؟“ ايلس همت ڪري جواب ڏنو.

”اهو ٻڌي راڻيءَ جو مُنهن ڪاوڙ مان ڳاڙهو ٿي ويو. پهريائين ته هن ڪجهه دير اکيون ڦاڙي ايلس کي ڏٺو ۽ پوءِ حڪم ڏنو ته ”وٺي وڃو هن ڇوڪريءَ کي، هن جي ڳچي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيو!“

”اها سڀ بڪواس آهي.“ ايلس ٿورو ڏاڍيان ۽ ڪاوڙ ۾ چيو. ان تي راڻي چپ ٿي وئي. بادشاهه، راڻيءَ جو هٿ ٿڦڪندي چيو، ”ٿورو سوچ ته سهي، منهنجي راڻي! هيءَ ته هڪ رواجي ڇوڪري آهي.“

ان تي راڻيءَ پنهنجي ٻانهي کي حڪم ڏنو. ”انهن ماڻهن کي اونڌو لٽڪائي ڇڏيو.“

ٻانهيءَ پنهنجي هڪ پير سان انهن ٽنهي پتن کي اُبتو ڪري ڇڏيو.

راڻيءَ پنهنجي سنهي پر تکي آواز ۾ رڙ ڪئي. ”اٿي بيهو:“

اُهي ٽيئي مالهي  فوراً اُٿي بيٺا ۽ بادشاهه، راڻيءَ ۽ شاهي گهراڻي جي ٻارن ۽ وڏن کي جهڪي سلام ڪرڻ لڳا.

”بند ڪريو اهو سڀ!“ راڻيءَ رڙ ڪري چيو، ”مون کي توهان جي انهن ڳالهين جي ڪري ڦيري ٿي اچي.“

هوءَ گلاب جي ان وڏي ٻوٽي وٽ وئي ۽ مالهين کان پڇيائين: ”اوهين هتي ڇا پيا ڪريو؟“ پوءِ ٿوري دير سوچي چوڻ لڳي:“ اڇا، مان سمجهي وئيس. هنن ماڻهن جون ڳچيون فوراً ڪپي ڇڏيو!“ تنهن کان پوءِ راڻي اڳيان وڌي وئي، ۽ رڳو ٽي سپاهي، مالهين جون ڳچيون ڪپڻ لاءِ پوئتي رهجي ويا.

مالهي ڊوڙندا، سر بچائي، ايلس وٽ پهتا، ايلس انهن کي هڪ وڏيءَ ڪونڊيءَ ۾ رکي ڇڏيو. اُهي ٽيئي سپاهي ٿوريءَ دير تائين انهن کي هيڏانهن هوڏانهن ڳوليندا رهيا. پوءِ خاموشيءَ سان پوئتي موٽي ويا.

راڻيءَ ڇڙٻيندي انهن کان پڇيو، ”ڇا انهن جون ڳچيون ڌڙن کان ڌار ڪيون ويون؟“

سپاهين به ساڳيءَ طرح رڙ ڪري جواب ڏنو، ”جي، راڻي صاحبا انهن جون ڳچيون...“

راڻيءَ چيو، ”ٺيڪ آهي.“

پوءِ راڻيءَ ايلس کان پڇيو، ”ڇا، تون راند کيڏي سگهين ٿي؟“ سڀ ماڻهو ايلس ڏانهن نهارڻ لڳا. هن وڏي واڪ جواب ڏنو ”جي، ها.“

راڻيءَ دڙڪي واري انداز ۾ زور سان چيو، ”ته پوءِ اچ.“

ايلس انهن سان گڏجي هلڻ لڳي، اڇو سَهو ساڻس گڏوگڏ هلي رهيو هو. هُن چيو، ”اڄ جو ڏينهن ڏاڍو وڻندڙ آهي.“

”ها ڏاڍو وڻندو آهي، پر سانئڻ ڪٿي آهي؟“ ايلس پڇيو.

”هُش هشت!“ سهي گهٻرائجي دٻيل آواز ۾ چيو. پوءِ هيڏانهن هُوڏانهن نظر ڦيرائي هُن ايلس جي ڪَن ۾ چيو، ”هن جو نالو نه وٺ هن کي ڦاسي جي سزا ڏني وئي آهي.“

”ڇو؟“

”ڇو، توکي خبر نه آهي؟ هُن راڻي صاحبا جا ڪَنَ ڇڪيا هئا!“ سهي چيو. اهو ٻڌي ايلس پنهنجي کل روڪي نه سگهي.

سهي هن کي منع ڪندي چيو، ”چپ ڪر! جيڪڏهن راڻيءَ ٻڌي ورتو ته...“

سڀ ماڻهو پنهنجيءَ پنهنجيءَ جاءِ تي بيهي رهن. ”راڻيءَ ڪڙاڪيدار آواز ۾ چيو.“

سڀ ماڻهو، ٿڙندا ٿاٻڙندا، ڪنهن نه ڪنهن طرح پنهنجيءَ پنهنجيءَ جاءِ تي بيهي رهيا. پوءِ راند شروع ٿي. ايلس اڄ ڏينهن تائين اهڙي راند ڪانه ڏٺي هئي. بال ۽ بيٽ سڀ زنده جانورن جا ٺاهيا ويا هئا. ايتريقدر جو بال جي نڪرڻ لاءِ زمين تي جيڪي ننڍا ننڍا دروازا ٺاهيا ويندا آهن، انهن لاءِ سپاهين کان ڪم ورتو ويو هو. اُهي زمين تي هٿ پير ٽيڪي بيٺا هئا. ”فلئمِنگو“ نالي جي ڳاڙهي جهرڪي جنهن جي ڳچيءَ تي ڊگهي چُهنب هئي تنهنجون ٽنگون ڊگهيون هيون، جيڪي بئٽ جو ڪم ڏيئي رهيون هيون.

ايلس کي ان راند ۾ ڏاڍي ڏکيائي ٿي رهي هئي. هن جهرڪيءَ کي پنهنجيءَ ڪڇ ۾ دٻائي ڇڏيو ۽ ان جي ڳچيءَ کان هڪ جهنگلي ڪُئي کي ڌڪَ هڻڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جو استعمال هڪ بال جي طور تي ٿي رهيو هو. جهرڪي ڳچي گهمائي ايلس ڏانهن ڏسڻ لڳي. جڏهن ڪنهن نه ڪنهن طرح ايلس هن جي ڳچي هيٺ ڪئي ته ڪئو پنهنجو پاڻ قلابازيون کائيندو، اڳيان وڌي ويو، تنهن کان سواءِ جيڪي سپاهي زمين تي دروازا بڻيا بيٺا هئا، اهي به وجهه ڏسي، هڪ جاءِ کان اُٿي ڪنهن ٻيءَ جاءِ تي هٿ پير ٽيڪي بيهي ٿي رهيا. ٿوريءَ ئي دير ۾ ايلس ڄاڻي ورتو ته اِها راند ڏاڍي ڏُکي آهي.

ان راند ۾ ڪنهن به قسم جا اُصول ڪونه هئا. سڀ ماڻهو پنهنجيءَ پنهنجيءَ مرضيءَ مطابق کيڏي رهيا هئا. ڪوبه ڪنهن جي لاءِ نه پئي بيٺو. سڀ پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان وڙهي پئي پيا ۽ هڪ ئي دفعي سان گهڻا ماڻهو ڪُئي کي ڌڪ هڻڻ لاءِ تيار ٿي پئي ويا. کيڏندي کيڏندي راڻيءَ کي ٿوريءَ ئي دير ۾ ايتري ڪاوڙ آئي جو هوءَ هر ڪنهن کي ڦاهيءَ جي سزا ٻڌائڻ لڳي.

ايلس ڪجهه گهٻرائڻ لڳي. راند ۾ اڃا تائين راڻيءَ سان هن جو جهيڙو نه ٿيو هو. پر هن ڄاتو ٿي ته ڪنهن به وقت هوءَ ناراض ٿي سگهي ٿي. پوءِ هن جو ڇا ٿيندو؟ هن جي به ڳچي ڌڙ کان ڌار ڪئي ويندي!

هوءَ اُتان ڀڄڻ جي راهه تلاش ڪرڻ لڳي. پر کيس خبر هئي ته هتان ماڻهن جي نظرن کان بچي ڀڄڻ ممڪن ڪونه هو. امالڪ هوا ۾ هن کي ڪنهن جي صورت سامهون ايندي نظر آئي. هوءَ غور سان ڏسڻ لڳي. ٿوريءَ دير ۾ هن کي ٻليءَ جو چهرو ڏسڻ ۾ آيو. اِهو ڏسي کيس آٿت ملي ٻليءَ پڇيو، ”ٻڌاءِ، ڪهڙا حال آهن؟“

جواب ڏيڻ کان اڳ، ايلس عجيب ڪشمڪش ۾ پئجي ويئي. هن کي رڳو ٻليءَ جو مُنهن ۽ اکيون ئي نظر اچي رهيون هيون. ڪن نظر نه پئي آيا. هن سوچيو ته هيءَ ٻڌندي ڪيئن؟ پر جڏهن هُن ٻليءَ کي کلندي ڏٺو ته جواب ڏنائين: ”خبر نه آهي ته هي ماڻهو ڪيئن ٿا کيڏن. سڀ ماڻهو بي ايماني ٿا ڪن ۽ پاڻ ۾ ايترو ٿا وڙهن جو ڪو ڪنهن جي ڳالهه ئي نٿو ٻڌي هنن وٽ راند جو ڪو اُصول ۽ قاعدو نه آهي.“

”توکي راڻي وڻي؟“ ٻليءَ آهستي پڇيو:

”بلڪل نه. هوءَ ته مورڳو...“ امالڪ هن ڏٺو ته راڻي هن جي ويجهو اچي بيٺي ۽ هن جون ڳالهيون ٻڌڻ لڳي. ايلس ڳالهه بدلائي چيو: ”هوءَ ڏاڍي سُٺو ٿي کيڏي. هن راند ۾ هوءَ ضرور کٽندي. راڻيءَ جهڙي سُٺي رانديگرياڻي مون اڄ ڏينهن تائين ڪانه ڏٺي آهي.“

راڻي اِهو ٻڌي کِلي ۽ اڳيان وڌي وئي.

”تُون ڪنهن سان پئي ڳالهائين؟“ بادشاهه هن ڏانهن ايندي پڇيو. هوءَ وڏيءَ حيرت سان هوا ۾ ٻليءَ جي مٿي ڏانهن ڏسي رهي هئي.

”هيءَ منهنجي ساهيڙي آهي. هيءَ چي شائر جي ٻلي آهي. بادشاهه جي سامهون مان هن کي حاضر ڪرڻ چاهيان ٿي.“

”پر مان ته هن کي ڏسڻ به پسند نٿي ڪريان. بهرحال جيڪڏهن هيءَ چاهي ته مون کي سلام ڪري سگهي ٿي.“

”مان ڪانه ڪنديس“ ٻليءَ چيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com