بادشاهه کي ڪاوڙ اچي وئي. هن چيو، ”گستاخي نه ڪر!“
پوءِ هو ڪنبندو، ايلس جي پويان اچي بيٺو ۽ ٻليءَ
کي چوڻ لڳو، ”تون ائين مون کي چتائي ڇو ٿو ڏسين؟
ڀڄي وڃ هتان!“ پوءِ هن راڻيءَ کي رڙ ڪري چيو، ”ڏس،
ان ٻليءَ کي هتان ڀڄائي ڇڏ. اها ڏاڍي خطرناڪ ٿي
لڳي.“
راڻيءَ وٽ هر مرض جو هڪ ئي علاج هو. هُن فوراً حڪم
ڏنو: ”اِن ٻليءَ جي ڳچي ڌڙ کان ڌار ڪئي وڃي!“
”ها، ٺيڪ آهي. مان پاڻ جلاد کي سڏيان ٿو.“ بادشاهه
چيو ۽ پوءِ هو اتان ٽري ويو.
ايلس ٻيهر راند ۾ حصو وٺڻ لڳي. هن ڏٺو ته هُن جو
ڪُئو هڪ ٻئي ڪُئي سان وڙهي رهيو هو. اُن وقت انهن
ٻنهي کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ ڏاڍو سولو هو. پر ٻليءَ کان
سواءِ اهو ڪيئن ٿئي؟ ايلس جي فلئمنگو جهرڪي ميدان
جي ٻئي طرف اُڏري وئي هئي. جڏهن ايلس انهيءَ کي
پڪڙي آئي ته اُهي ٻئي ڪُئا غائب ٿي چُڪا هئا. ايلس
ڏاڍي زور سان
جهرڪيءَ کي ڪَڇ ۾ دٻائي ڇڏيو ته جيئن اُها ٻيهر
اُڏري نه وڃي.
هاڻي ايلس سوچيو ته ٿوري دير اڃا به ٻليءَ سان
ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي. پر جڏهن هوءَ اُتي پهتي ته
هن کي اهو ڏسي وڏي حيرت ٿي ته اُتي ڏاڍي ڀيڙ هئي.
بادشاهه، راڻيءَ ۽ جلاد ۾ ڪنهن ڳالهه تي ڏاڍو بحث
ٿي رهيو هو. سڀ هڪ ئي وقت ڳالهائي رهيا هئا. ٻيا
ماڻهو وائڙن وانگر خاموش بيٺا هئا.
انهن ٽنهي ڄڻن ايلس کي دانهن ڏني ۽ جهيڙو ختم
ڪرائن لاءِ چيو. ٽيئي هڪ ئي وقت پنهنجي پنهنجي
ڳالهه ٻڌائڻ لڳا. ايلس سمجهي نه سگهي ته ڪير ڇا
پيو چئي. ڏاڍيءَ مشڪل سان هن جلاد جي ڳالهه ٻڌي.
هن جو چوڻ هو ته جيستائين ڪنهن جو جسم نظر نٿو اچي
تيستائين هن جي ڳچي ڌڙ کان ڌار نٿي ڪري سگهجي.
ٻليءَ جو ڌڙ ته ڏسڻ ۾ ئي نٿو اچي، پوءِ هُو ان جي
ڳچي ڪيئن ڪپي. اڄ تائين هن ڪڏهن اهڙو ڪم ڪونه ڪيو
هو.
بادشاهه جو چوڻ هو ته ”جلاد بيڪار بڪواس ڪري رهيو
آهي. اڙي، جنهن شيءِ جو مٿو نظر اچي ٿو، ان جو مٿو
ڪپي سگهجي ٿو!“
راڻيءَ جو چوڻ هو ته ”جيڪڏهن ان مسئلي کي فوراً حل
نٿو ڪيو وڃي ته هوءَ سڀني ماڻهن جون ڳچيون ڪپڻ جو
حڪم ڏيندي!“ هُن جي اِها ڳالهه ٻڌي سڀ ماڻهو
گهٻرائي رهيا هئا.
ايلس جي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڪهڙو فيصلو ڪري.
ٿوري دير سوچڻ کان پوءِ هن چيو، ”هيءَ ٻلي نواب جي
زال جي آهي. بهتر ٿيندو، جيڪڏهن اوهين انهيءَ کان
پڇو.“
”هوءَ ته قيد خاني ۾ بند آهي.“ راڻيءَ چيو، پوءِ
هن جلاد کي حڪ ڏنو، ”وڃ، هن کي فوراً منهنجي اڳيان
پيش ڪر.“
جلاد تيزي سان ڊوڙندو اُتان ڀڄي نڪتو.
هن جي ويندي ئي، ٻليءَ جو چهرو غائب ٿيڻ لڳو، ۽
جيستائين جلاد نواب جي زال کي وٺي موٽيو، تيستائين
ٻلي مڪمل طرح غائب ٿي چُڪي هئي.
[هلندڙ]
دين محمد ”انجم“ قاضي
نصيحت
وڌي وک کي اڳتي وڌائي هلو،
شمع علم جي سڀ جلائي هلو.
رکي علم سان جنهن به آهي محبت،
ملي ان کي منزل، ڪئي جنهن به محنت.
پڙهي پيار سان پنهنجي عزت وڌايو،
وطن، قوم جو شان عظمت وڌايو.
ڪجي ڪين ڪنهن ساڻ ڀُلجي بُرائي،
بُرن سان به، ٻارو، ڪجي ڀل چڱائي.
سدا سچ کي سيني رکو سڀ سنڀالي،
ڪريو هيءَ حياتي سچائيءَ حوالي.
ڪري راهه روشن نهاري هلو،
ڏکيو آهي رستو، سنڀاري هلو.
ڪجي علم تان جان پنهنجي فدا،
مناسب نه تنهن کان ٿيڻ آ جدا.
اجايو نه ويهي وڃايو ڪڏهن،
ڪجو وقت جو، ٻارو، هردم قدر.
هي ”انجم“ جي ٻالڪ نصيحت ٻڌو،
ڪريو پيار ڪم سان ۽ محنت ڪريو.
ترجمو: مسز مختيار ڏوگر
لالچي ڪاٺير
رستم نالي هڪ غريب هوندو هو. ان جو گذران ڪاٺين تي
هوندو هو. هو روز جهنگ مان ڪاٺيون ڪري شهر وڪڻڻ
ويندو هو. هڪڙي ڏينهن جڏهن هو ڪاٺيون ڪرڻ لاءِ
جهنگ ڏانهن روانو ٿيو ته رستي ۾ هڪ بڙ جو پراڻو وڻ
نظر آيس. هن دل ۾ سوچيو ته ڇو نه بڙ مان ئي ڪاٺيون
وڍي وڃي وڪڻان اڳتي ڇو وڃان. اِهو سوچي، جيئن ئي
ڪهاڙي بڙ جي وڻ ۾ هنيائين ته اندران هڪ گداڙي نڪري
آئي ۽ کيس چيائين ته ”ادا، منهنجا ٻچا اڃا ننڍا
آهن، سردي جي موسم آهي، مان هنن کي ڪيڏانهن
ڪيڏانهن روليان، سو تون ڀلائي ڪر، هي سيارو مون کي
پنهنجن ٻچن سان هتي رهڻ ڏي، ايندڙ سياري ۾ توکي
موڪل آهي.“ ڪاٺير چيس ته ”مان پاڻ غريب آهيان.
ڪاٺين تي گذران پيو ڪريان.“ گداڙيءَ چيس ته ”مان
تنهنجي هڪ مدد ڪريان ٿي. اڳتي کٽن تنهنجا ڀاڳ. هن
جهنگ کان ٽي ميل پري، هڪ تلاءُ آهي. صبح جو سوير
اتي حُسنا پري پنهنجين ستن سهلين سان گڏ سير ۽
تفريح ڪرڻ ايندي آهي. تون صبح جو سوير اتي وڃي
لڪجانءِ. حُسنا پري، ۽ سهيليون سير ڪري، پوءِ ان
تلاءُ تي اچي هٿ منهن ڌوئينديون آهن. هو پنهنجا
ڪپڙا ۽ رومال اتي باغ ۾ رکنديون آهن. تون وڃي انهن
جو اِهو سامان هٿ ڪجانءِ. جڏهن هو تو کان سامان
گهرن ته تون راڻيءَ حُسنا پريءَ کي چئجان ته مون
سان شادي ڪر، ته پوءِ توکي سامان موٽائي ڏيان.
جڏهن هوءَ توسان شادي جو واعدو ڪري، تڏهن سامان
انهن کي موٽائي ڏجانءِ“ ڪاٺير اِها ڳالهه ٻڌي ڏاڍو
خوش ٿيو. صبح جو سوير جهنگ کان ٽي ميل پري وڃي ڏسي
ته سچ پچ هڪ سهڻو تلاءُ آهي. ان تلاءَ جي ويجهو
ايترا ته پيارا ۽ سهڻا سهڻا گل هئا، جو هن اڳي
ڪڏهن به ڪونه ڏٺا هئا. اتي هڪ سهڻو باغ هو. ان باغ
۾ طرحين طرحين قسمن جا گل ۽ هر قسم جي ميون جا وڻ
پڻ هئا. هن اتي وڃي اتان جو صاف شفاف پاڻي پيتو ۽
وڻ مان ميوو ڇني، کائي، تازو توانو ٿيو. جلديءَ ۾
ان تلاءُ مان غسل به ڪيو. اهو ڏسي پاڻ ئي حيران ٿي
ويو ته تلاءُ ۾ وهنجڻ بعد هو ڏاڍو سهڻو نوجوان
بنجي ويو ۽ جڏهن ٻاهر آيو ته پاڻ کي عمدا ڪپڙا پيل
ڏٺائين، پوءِ هو لڪي ويهي رهيو. ڪجهه وقت کانپوءِ
ڏٺائين ته هڪ ڏاڍي پياري سهڻي صورت واري پري،
پنهنجين ستين سهيلين سان گڏ پيئي اچي. ڏاڍي ناز
نخري سان گهمندي ڦرندي، ان تلاءُ وٽ آئي. پنهنجو
رومال ۽ ڪجهه سامان ڇٻر تي رکي، پاڻ تلاءُ ڏانهن
ويئي. سڀني سهيلين به ائين ڪيو، رستم ڪاٺير لڪي
لڪي حسنا پريءَ ۽ سندس سهيلين جو سڀ سامان کڻي
ورتو. جڏهن پريون هٿ منهن ڌوئي واپس آيون ته سامان
ڪونه هو. پريون حيران ٿي ويون. ڏٺائون ته هڪ شخص
وٽ سندن سامان آهي. جڏهن ان کان گهريائون ته هن
کيس شرط ٻڌايو ته ”اوهان جي راڻي مون سان شادي
ڪندي ته مان اوهان جو سامان موٽائي ڏيندس.“ مجبور
ٿي، حسنا پري شاديءَ لاءِ راضي ٿي. شاديءَ بعد
حسنا پري هن کي هڪ عاليشان محلات ۾ وٺي ويئي. اُهو
محلات شهر کان پرڀرو هو. رستم ڪاٺير هاڻي محلات ۾
رهڻ لڳو. پريءَ هن کي اٿڻ ويهڻ جا طريقا سيکاريا
رستم هاڻي غريب ڪاٺير مان رستم امير بنجي ويو. هن
کي ٻٽاڪ هڻڻ جي عادت هوندي هئي. پري هن کي ڪافي
ڪجهه سمجهائيندي هئي ته ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهائجي ۽
نه وري ڪو ڪوڙو سوڙو ٻٽاڪ هڻجي. پر رستم جي ته
اِها عادت هئي. هو ڪاٺير مان امير ٿيو هو، سو ڪپڙن
۾ نه پيو ماپي. هر ڪنهن سان، ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه
تي، ماڻهن جي وچ ۾ ويهي، پنهنجيءَ سورهيائيءَ جا
واقعا پيو ٻڌائيندو هو. حسنا پري رستم کي منع ڪئي
هئي ته بادشاهه سلامت وٽ نه ويندو ڪري. هن کي هن
جي عادتن جي خبر هئي، ان ڪري پريشان هئي ته متان
وڃي بادشاهه وٽ ڪا ڪوڙي سوڙي ڳالهه ڪري پاڻ کي
ڦاسائي وجهي. پر رستم منع ڪرڻ بعد به بادشاهه
سلامت جي درٻار ۾ ويندو هو. هرڪو هن نئين واقف شخص
کان سندس باري ۾ پڇندو هو. هن پاڻ کي درٻار ۾ هڪ
ملڪ جو خاص وزير ۽ سپهه سالار ٻڌائڻ شروع ڪيو. هاڻ
هرڪو هن کان سندس بهادريءَ جي قصن بابت پڇندو هو.
رستم هر ڪنهن کي ڪانه ڪا ڳالهه ٻڌائي ڇڏيندو هو.
اهڙي طرح، ڪافي عرصو گذري ويو. هڪ رات جو اتي هڪ
ديو آيو ۽ ماڻهو کائڻ لاءِ کڻي ويو. اهڙي طرح اهو
ديو چوٿين پنجين ڏينهن هڪ ماڻهو کائڻ لاءِ کڻي
ويندو هو. بادشاهه سلامت ڏاڍو پريشان ٿيو ته ڇا
ڪريان. خاص وزير عرض ڪيس ته ”بادشاهه سلامت اوهان
جي درٻار ۾ هڪ رستم نالي پهلوان روز ايندو آهي ۽
پنهنجيءَ پهلوانيءَ جا قصا ٻڌائيندو آهي: ڇو نه ان
کي آزمايو وڃي،“ ٻئي ڏينهن تي جيئن رستم درٻار ۾
آيو ته بادشاهه سلامت چيس ته ”رستم پهلوان تون همٿ
وارو ماڻهو آهين ۽ ان سان گڏ پهلوان به آهين، سو
هاڻي تو کي هن خطرناڪ ديو کي ختم ڪرڻو آهي.“ اِهو
ٻڌي، رستم ڪاٺير جون وايون بتال ٿي ويون. حيران ۽
پريشان ٿي ويو. تڪڙ ۾ ديو مارڻ جو واعدو ڪري،
درٻار مان گهر آيو. گهر اچي اونڌي منجي ڪري ويهي
رهيو. حسنا پري سمجهي ويئي ته ڪا ڳالهه آهي پڇڻ تي
رستم ساري حقيقت ڪيس.
حسنا پريءَ ڪجهه دير سوچيو ۽ پوءِ چيائين. ته
”انهيءَ ئي ڳالهه جي مان توکي منع ڪندي رهي آهيان
پر تون ڪڏهن به نه مڃيو آهي. هاڻي هيئن ڪر جو آئون
توکي چٺي لکي ڏيان ٿي، سا وڃي ان ديو کي ڏي. اهو
ديو نه توکي ماريندو ۽ نه وري ڪڏهن هيڏانهن ايندو.
اهو ديو منهنجو ڀاءُ آهي.“ ائين چئي رستم کي حسنا
پريءَ خط لکي ڏنو رستم خط رات جو ديو وٽ کڻي ويو،
۽ ڊڄي اهو خط ديو کي ڏنو ته متان مون کي کائي نه
وڃي. ديو خطر پڙهي، هن کي چيو ته ”مان آئندي
هيڏانهن ڪڏهن به نه ايندس. تون دلجاءِ ڪر.“ ديو
جلديءَ ۾ اڏاڻو ته ان جو رومال ڪري پيو. رستم اهو
رومال کڻي بادشاهه وٽ آيو ۽ ان کي ٻڌايائينس ته
”منهنجيءَ پهلوانيءَ کان ديو متاثر ٿي ملڪ ئي ڇڏي
ڀڄي ويو. هي رومال مون ان کان کسيو آهي.“ رومال
ڏاڍو سهڻو ڀريل هو. بادشاهه اهو جڏهن پنهنجي محلات
۾ کڻي ويو ته سندس ٻئي راڻيون وڙهڻ لڳيون. هر هڪ
اِهو پئي چوي ته رومال مان کڻنديس. ٻئي ڏينهن
بادشاهه رستم پهلوان کي گهرايو ۽ ان کي چيو ته هن
رومال جهڙو ٻيو به رومال گهرجي. اهو بادشاهه جو
حڪم ٻڌي، رستم وري مايوس ٿي گهر ۾ اونڌي منجي ڪري
ويهي رهيو. حسنا پريءَ پڇيس، جنهن تي رستم سارو
قصو ڪري ٻڌايس. پري خاموش ٿي ويئي ٻيو چارو نه
ڏسندي، رستم کي هڪ خط لکي مائٽن جي ملڪ موڪليائين
ته جيئن هن کي اِهو ٻيو رومال ملي. رستم جڏهن
پريءَ جي ملڪ پهتو ۽ پريءَ جي مائٽن سان مليو ته
هنن هن کي ڏاڍي عزت ڏني ڪيتريون ئي سوغاتون ۽
رومال جو هڪ ٿانِ ڏنائونس. عطر عنبير، بهترين ڪپڙا
۽ سامان ڏيئي، شينهن تي چاڙهي نانگ لڪڻ ڪري
ڏنائونس. ڀلا رستم ڪڏهن ڪنهن خچر تي ئي ڪونه چڙهيو
هو، تنهن جو شينهن جي سواري ڪئي سو پاڻ کي آسماني
مخلوق سمجهڻ لڳو. شينهن رستم کي بادشاهه سلامت جي
درٻار تائين کڻي آيو ۽ ان بعد واپس جهنگ ڏانهن
موٽي ويو. بادشاهه سلامت، وزيرن، اميرن، شهزادن،
جڏهن هن کي ائين ايندو ڏٺو ته سڀ وائڙا ٿي ويا.
انهن کي سمجهه ۾ ڪابه ڳالهه نه پئي آئي سڀ حيران
ٿي ويا. بادشاهه هن جي بهادريءَ کان ڏاڍو خوش ٿيو.
هن کي اڌ ملڪ جو ۽ وڏيءَ ڌيءَ جو سڱ ڏنائين. هاڻي
رستم پهلوان شادي ڪري، بادشاهه جي ڌيءَ سان رهڻ
لڳو. حسنا پري ڏانهن وڃڻ ڇڏي ڏنائين. حسنا پريءَ
هن ڏانهن ڏاڍا ماڻهوءَ موڪليا ته گهر اچي، پر رستم
چيو ته مان انِ کي سڃاڻائي ڪونه هڪ دفعو حسنا پري
دريءَ مان ٻاهر ڏسي رهي هئي ته پري کان رستم
پهلوان کي ڏٺائين جو وڏي شان ۽ دٻدٻيءَ سان گهمي
رهيو هو. راڻيءَ سڏ ڪري چيس ته ”رستم، مون ٻڌو آهي
ته تو شادي ڪئي آهي.“ رستم لاپرواهيءَ سان چيس،
”ها، مان هن ملڪ جو اڳتي هلي بادشاهه ٿيندس.
منهنجو توسان ڪوبه رشتو ناهي. تون جتان جي آهين،
اوڏانهن هلي وڃ. آئيندي منهنجو نالو نه کڻجان، نه
ته سٺو نه ٿيندو.“ حسنا پري خاموش ٿي ويئي، ۽ وري
الجتا ڪرڻ لڳيس ته ”ڀلا روز مون ڏي نٿو اچي سگهين
ته هفتي ـــ ڏيڍ ۾ هڪ دفعو ايندو ڪر.“ رستم چيس،
”هل هل، تو جهڙيو مون ڪيتريون ئي حسنائون ڏٺيون
آهن.!“ اهو ٻڌي، حسنا پريءَ کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، ۽
چيائينس ته ”تون هڪ ناشڪرو ۽ لالچي شخص آهين. توکي
اِن جي سزا ڏيڻ گهرجي.“ پوءِ ڇا ڪيائين جو وٺندي
ئي کنبڙاٽيءَ کان، اٿي اڏاڻي ۽ اک ڇنڀ ۾ اچي ان بڙ
جي وڻ وٽ اڇلايائينس ۽ پاڻ غائب ٿي ويئي. رستم
پهلوان جان ڏسي ته ڪاريءَ وارا ڪک. ان بڙ جي وڻ وٽ
بيٺو آهي. اتي هن وارو ڪهاڙو ۽ رسو پڻ پيو آهي.
ڏاڍو پشيمان ٿيو. ٻيو چارو نه ڏسي، ڪهاڙي کڻي، بڙ
جي وڻ ۾ هنيائين ته گدڙ نڪري آيو. گداڙيءَ چيس ته
”ادا. هينئر منهنجا ٻچا وڏا ٿيا آهن. تون ڀلي بڙ
جي وڻ مان ڪاٺيون ڪر.“ اهڙيءَ طرح، ڪاٺير لالچ ۾
اچي پنهنجو سڀڪجهه وڃائي ويهي رهيو ۽ ساڳيوئي
ڪاٺير بنجي ويو.
عاشق حسين سومرو
غريب جي عيد
”بابا، هن عيد تي ته مون کي بوٽ وٺي ڏيندين نه؟“
شاهن پنهنجي پيءُ کي چيو.
”پُٽ الله ڪندو ته ڪم مِلي ويندو ۽ تنهنجي لاءِ
بوٽ وٺي ايندس.“
”جمن ۽ نظيران جي شاديءَ کي هونئن ته چڱو عرصو ٿي
ويو هو، پر ڪجهه ئي سال اڳ هنن کي شاهن ڄائو هو.
ان کان پوءِ هنن کي ڪو اولاد ڪونه ٿيو هو، ان ڪري
شاهن ٻنهي زال مڙسن کي ڏاڍو پيارو هو.
شاهن هينئر سمجهه ڀريو ٿيو هو ۽ اسڪول ۾ پڙهڻ
ويندو هو. ٻين ٻارن کي قيمتي ڪپڙا ۽ اُچا بوٽ ڏسي،
هو به پيءُ کي چوندو هو ته ”بابا مون کي به اسڪولي
ٻارن جهڙا ڪپڙا ۽ بوٽ وٺي ڏي.“ پوءِ جمن ويچارو
غريب مزدور ماڻهو، سو ڪٿان ٿو پنهنجي شاهن جا اِهي
انگل پورا ڪري هو رڳو آسرا ڏيئي شاهن کي پيو خوش
رکندو هو ته ”ابا، ڪم ملي ته پوءِ توکي کوڙ ڪپڙا ۽
بوٽ وٺي ڏيندس.“
هن ڀيري جڏهن شاهن کيس بوٽ لاءِ چيو ته هن کي
احساس ٿيو ته ڇوڪر اسڪول به پيرين اگهاڙو ٿو وڃي،
ان ڪري کيس بوٽ وٺي ڏجي. عيد ۾ به باقي ٿورا ڏينهن
هئا، ان ڪري هو ٻه ٽي ڏينهن لڳاتار ڪم لاءِ ويو،
پر کيس ڪم ڪونه ملي سگهيو ۽ نااميد ٿي گهر اچي
ويهي رهيو.
سندس گهر واريءَ نظيران جو کيس ائين مايوس ڏٺو، سا
کيس چوڻ لڳي ته ”ائين افسوس ڪرڻ سان ڪجهه به حاصل
نه ٿيندو. پاڻ کي هڪڙو ئي پٽ شاهن آهي، سو ان جون
خوشيون اسان کي وڌيڪ عزيز آهن. هاڻي تون ڳڻتي نه
ڪر ۽ اهو پاڻ وارو ٻانگو کڻي وڃي وڪڻ ۽ انهن پئسن
مان شاهن لاءِ بوٽ به وٺي اچ ۽ ڪجهه سيڌو سامان به
آڻج.“
جمن چوڻ لڳو، اهو ٻانگو ئي ته آهي پاڻ وٽ، ڇا اهو
به وڪڻان.“
”هاها جمن اسان کي اهو وڪڻڻو پوندو. نظيران چيو.
ٻئي ڏينهن جمن ٻانگو وڪڻڻ لاءِ شهر ڏانهن روانو
ٿيو. اڃا هو ڪڪڙن واريءَ پِڙيءَ تائين به نه پهتو
هو ته پري کان جمعدار ميوي خان تي نظر پيس. ميوو
خان ڳوٺاڻن ماڻهن کي ڦرڻ ۾ وڏي مهارت رکندو هو.
خود جمن کان به هڪ ڀيري کيسي مان مزدوريءَ جا
سمورا پئسا ڪڍي ويو هو. چي، ”تون بشني آهين، ماڻهن
جا پئسا ڪڍيا اٿئي.“ سو هينئر جو جمن ان کي ڏٺو ته
سندس ساهه ئي سُڪي ويو. ڊپ وچان هو رستو بدلائڻ
لڳو، پر جمعدار جي به ڪا هن تي نظر پئجي ويئي.
تنهن پري کان هڪل ڪري چيس ته، اڙي اتي بيهجانءِ،
اهو ڪڪڙ مون کي چوريءَ جو ٿو لڳي.“ پوءِ جمعدار
وٽس پهچي ويو ۽ کيس ٻانهن کان وٺي چوڻ لڳو ته ”هي
ڪڪڙ ڪٿان آندو اٿئي؟“
”سائين، مون کي پنهنجو آهي، گهريلو آهي، وڪڻڻ آيو
آهيان ته ٻارن لاءِ عيد جو سامان وٺان.“ جمن چيو.
پر مون کي ته هي چوريءَ جو ٿو لڳي. توکي ٿاڻي تي
هلڻو پوندو!“
”جمعدار صاحب، قسم آهي ته هي...“
اڙي، بس بس، قسم نه کڻ، جيڪي چوڻو اٿئي، هلي ٿاڻي
تي چئه.“
ڳپل پنڌ تائين جمعدار کيس گهليندو ويو. هڪ هنڌ
خالي گهٽي ڏسي، کيس چوڻ لڳو، ”ٿاڻي تي هلندين ته
توکي جيل ۾ وڌو ويندو ۽ عيد به جيل ۾ ئي ڪندين ان
ڪري ڪڪڙ جي پچر ڇڏ ۽ وڃي پنهنجي ٻچن سان عيد ڪر.“
ائين چئي، جمعدار هن جي ٻانهن مان هٿ ڪڍيو ۽ جمن
کي مايوسيءَ واري حالت ۾ ڇڏي ڪڪڙ کنيو هليو ويو.
جڏهن جمن لَٿل منهن سان خالي هٿين گهر پهتو ته
ننڍڙو شاهن ڊڪندو کيس اچي چنبڙيو ۽ چوڻ لڳو، بابا
منهنجي لاءِ بوٽ آندا اَٿئي سڀاڻي عيد آهي.“
جمن جي اکين منجهان لڙڪ ڳڙي پيا. هن پنهنجي مشاهن
کي ڇاتيءَ سان لاتو ۽ چوڻ لڳو ته ”پٽ اسان غريبن
جي ڪهڙي عيد آهي، عيد ته ابا، وڏن ماڻهن جي هوندي
آهي.“
ننڍڙي شاهن جي سمجهه ۾ اها ڳالهه ڪانه آئي ته
غريبن جي عيد ڇو ڪونه ٿيندي آهي. جڏهن ته غريب به
وڏن ماڻهن جهڙا ئي ٿيندا آهن. هو پيءُ کي چوڻ لڳو
ته ”بابا پوءِ پاڻ به وڏا ماڻهو ٿيون نه، ته جيئن
اسان جي به عيد ٿئي.“
جمن سوچڻ لڳو ته ننڍڙي شاهن ڪهڙي نه وڏي ڳالهه چئي
آهي ته اسان به وڏا ماڻهو ٿيون، ها ها، منهنجو
شاهن هڪ ڏينهن ضرور وڏو ماڻهو ٿيندو. مان هن کي
پڙهائي، کيس وڏو ماڻهو بڻائيندس. |