عيد ۾ اڃان هفتو پيو هو ته اسين ٻيئي ڀائر، مان ۽
موٽڻ، بابا سان گڏجي، مال- پڙيءَ تان هڪڙو هلڪو پر
ڀلو وهڙو (گابو) خريد ڪري آياسين. موٽڻ کي گابو
گهمائڻ جي ڪيترن سالن کان سڪ هئي. تنهنڪري همراهه
گابو ڪاهي نڪري ويو. پاڙي ۾ ڦرڻ ته جيئن ماڻهو ڏسن
ته اسان به قربانيءَ جو ڍور آندو آهي. سانجهيءَ
کان پوءِ به جڏهن موٽڻ نه موٽيو ته بابا مونکي کيس
سڏڻ لاءِ موڪليو. گهران نڪتس ته پاڙي ۾ ماڻهن جو
گوڙ لڳو پيو هو. خبر پئي ته موٽڻ کان گابو ڇڏائي
ويو آهي ۽ همراهه گابي جي ڪڍ وتي ٿو گهٽين ۾ ڊوڙون
پائيندو. نيٺ ڪلاڪ- ڏيڍ کانپوءِ، اوندهه ۾، موٽڻ
گابي سوڌو گهر موٽيو ته سڀني کي ساهه پيو.
پر سائين صبح جو ڇا ڏسو ته گابي جي بدران گڏهه ٻڌو
بيٺو آهي! اما ته منهن- مٿو پٽڻ شروع ڪيو، ۽ بابا
لاهي موچڙو ٺڪاءُ ڪيو. موٽوءَ جي ڪياڙيءَ ۾.
ويچارو موٽڻ صفائي پيش ڪندو رهيو ته رات مون گابو
ئي آڻي ٻڌو هو، پر بابا سندس هڪ ته ٻڌي ۽ موچڙن جو
زيپٽ لائي ڏنائينس. سڀئي گابي جي ڳولا ۾ نڪتاسين،
پر گابو هٿ نه آيو. تنهنڪري، منجهند تائين ٿڪجي
موٽي اچي گهر ۾ صبر ڪري ويهي رهياسين. هرڪو ڀاتي
گابي جو سور پي ويو. ۽ نيٺ شام تائين سڄو مانڌاڻ
ٺري ويو. رات ٿي ته بابا کي منٿ ميڙ ڪري، وري راضي
ڪيوسين ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو وڃي هڪڙو سوکو ٻڪر خريد
ڪري آياسين. موٽڻ کي بابا اکيون ڦوٽاري خبردار ڪيو
ته ٻڪر کي ٻاهر هرگز نه وٺي وڃي.
شام جو موٽڻ ڇريءَ سان انبڙيون وڍي کائي رهيو هو
ته ننڍڙي ڀيڻ کيس گابي بدران گڏهه آڻڻ واري ڳالهه
ڪري، چيڙائڻ لڳي. همراهه به چڙي پيو ۽ ڪاتي هڪڙي
پاسي اڇلائي، ڀيڻ کي پڪڙڻ لاءِ جيئن الر ڪري اٿيو
ته ڪاتي سڌي وڃي ٻڪر جي ڪن تي لڳي ۽ ٻڪر جو ڪن
وڍجي پيو، جنهن مان رت ٽمڪڻ لڳو.
اما اٿي، وٺ وٺاڙو ڪري، تيل پٽي ۽ سرمو وجهي، ٻڪر
جي ڪن مان وهندڙ رت کي بند ڪيو. بابا آيو ته فرش
تي رت ڏسي گهٻرائجي ويو ۽ جڏهن خبر مليس ته ٻڪر جو
ڪن موٽڻ جي هٿان ڪپجي پيو آهي ته هڪدم سندس پارو
چڙهي ويو ۽ امالڪ لاهي پادر اچي ورتائين موٽڻ کي.
پوءِ ته هو موچڙي جو ڦهڪو ۽ موٽڻ جون اُڀ ڦاڙ
دانهون! سڄي گهر ۾ ڌمچر مچي ويو. اما وچ ۾ پئي،
چوڻ لڳي ته ”ڪن ڪپيو ته ٺهيو، ڇا ٿيو، جو ايڏو وڏو
ممڻ مچايو اٿو!“ بابا رهڙ ڏيئي امان کي چيو ته
”عقل جي انڌي، ڪن ڪپيل ٻڪر جي قرباني جائز ناهي.
عيبدار جانور جي قرباني نه ٿيندي آهي. تنهنڪري اهو
ٻڪر ويو زيان ٿي.“ بابا جڏهن موٽڻ کي ماري ماري
ٿڪو، تڏهن وڃي ڪا ٺاپر ٿي.
ٻئي ڏينهن اهو ٻڪر ڪاسائيءَ کي گهٽ پئسن تي
وڪيوسين ۽ وري وڃي هڪ ٻڪري وٺي آياسون. هاڻي موٽڻ
کي بابا ڇنڀيندي چيو ته ”ڇورا، اڄ جيڪڏهن ڪا حرڪت
ڪئي اٿئي ته ابتي کل لاهيندو سانءِ!“
موٽڻ به ڪنڌ کي ٻه- ٽي وڏا ڌوڻا ڏيئي هائو ڪئي.
منجهند تي چاچا موٽوءَ کي سڏي، پاڻ سان گڏ ٿاڌل
گهوٽڻ تي ويهاريو. جڏهن چاچا گهوٽي گهوٽي ٿڪو ته
ڏنڊو موٽڻ جي حوالي ڪيائين. ٿاڌل گهوٽيندي موٽڻ جي
نظر ٻڪريءَ تي پئي، جنهن جو رسو الائي ڪيئن کلي
ويو هو ۽ چانورن جي دٻي ۾ ٻوٿ وجهيو بيٺي هئي.
موٽڻ ننڍي هوندي ڏاڏيءَ کان ٻڌو هو ته ڪچن چانورن
کائڻ سان ٻڪري آڦرجي مري ويندي آهي، تنهنڪري همراه
ٽپو ڏيئي اٿيو ۽ ڏنڊي سان ٻڪريءَ جي ٻوٿ کي سٽڪو
ڏيئي، دٻي مان ٻاهر ڪڍيائين. ٻڪريءَ کي ڏنڊو اهڙو
ڪو سنڌائتو لڳو جو ٻه ڏند ڀڄي وڃي پٽ تي پيس! سڀني
ڏٺو ته اهو ڪارنامو مسٽر موٽڻ سرانجام ڏنو. سڄي
گهر تي بابا جي ڊپ کان موت جهڙي ماٺ ڇانئجي ويئي.
سڀني کي پڪ هئي ته اڄ وري بابا جي هٿان موٽڻ کي
زبردست ڌمال ملندي.
شام جو بابا گهر آيو ته سڀني کي چپ ڏسي، هڪ هڪ کان
پڇڻ لڳو، پر ٻڌائڻ جي همت ڪنهن کي به نه پئي ٿي.
نيٺ اما ڳالهايو: ”موٽڻ جا پيءُ“، اجايو گهڻي ڪاوڙ
ڪري پنهنجو رت نه ساڙ. ڳالهه رڳو ايتري آهي ته
ٻڪريءَ جا ٻه ڏند موٽڻ جي ڏنڊي سان ڀڄي پيا آهن، ۽
بس سڀ خير آهي. ڪو وڏو نقصان ناهي ٿيو.“ بس سائين،
اهو ٻڌي، بابا جون اکيون باهه وسائڻ لڳيون. اما کي
ڌڪو ڏيئي، مٺيون ڀيڪوڙي، کٽ تان اٿيو ۽ ٻڪريءَ جو
وات پٽي ڏسي ته سچ پچ ٻڪريءَ جا ٻه ڏند ڀڳا پيا
آهن. اما وري کيس ٿڌو ڪرڻ لاءِ ڳالهايو ئي نه، ته
بابا سخت ڪاوڙ وچان کيس چوڻ لڳو ته ”چوين ٿي ته
رڳو ڏند ڀڳا اٿس، ڪو وڏو نقصان ناهي ٿيو... اڙي
نقصان کي ٻيو اڃا ڪي سڱ ٿيندا آهن. توکي خبر ڪانهي
ته ڏند ڀڳل جانور جي قرباني به جائز ناهي؟ هن ڇوري
کي الائي ٿيو ڇاهي! اهڙو ڪارو منهن ڇو ٿيو اٿس جو
جيڪو جانور ٿو آڻيان ان سان خدا واسطي جو وير ٿو
پاڙي. الله ڪا ساڃاهه ڏئيس، مون کان ڇورو زور
آهي.“
بس! ويچارو بابا، ڪوسا- ٿڌا شوڪارا ڀري، مٿي کي هٿ
ڏيئي، ڪاوڙ جو زهر پي، کٽ تي ويهي رهيو ۽ اسين
سڀئي هڪ ٻئي ڏانهن هيسيل اکين سان نهاريندا
رهياسين.
ٻئي ڏينهن اها ٻڪري به بابا وڃي گهٽ ملهه تي
ڪاسائيءَ کي وڪڻي آيو. هاڻي ته عيد به اچي مٿان
بيٺي هئي، جنهنڪري جانورن جا اگهه به چوٽ چڙهي
ويا، ۽ بابا وٽ ايتري رقم به ڪونه بچي هئي جو وري
ڪو نئون ٻڪر وٺي سگهي. تنهنڪري اسان هن عيد تي به
اڳي وانگر مائٽن ۽ پاڙي وارن پاران موڪليل گوشت
کائي عيد ڪئي ۽ پنهنجي گهر ۾ جانور جي قربانيءَ جي
حسرت سڀني جي اندر ۾ اڌوري ئي رهي. پر رب پاڪ ڄاڻي
ٿو ته اسان ڪيڏي قرباني ڪئي.
اظهر سولنگي
لغڙ اڏائڻ
]نقصانڪار
راند[
پيارا ٻارو، توهان کي خبر آهي ته راند صحت لاءِ
ڪيتري قدر ضروري آهي. راند روند سان ٻارن جو دماغ
کُلي ٿو. بدن کي چستي ملي ٿي ۽ جسم صحتمند ۽
تندرست رهي ٿو. انڪري تعليم کان پوءِ راند جو اونو
هر ٻار کي هوندو آهي. پر پيارا ٻارو اڄ مان توهان
کي اهڙيءَ راند متعلق ٻڌائيندس، جيڪا خطرناڪ ۽
زندگيءَ لاءِ نقصانڪار آهي.
پيارا ٻارو! اوهان ڪيتريون ئي رانديون ڏٺيون ۽
ٻڌيون آهن ۽ اوهان پاڻ به رانديون کيڏندا آهيو، جن
۾ ڪرڪيٽ، هاڪي، والي بال، ڪٻٽي، ٻلهاڙو، اٽي ڏڪر ۽
ٻيون کوڙ ساريون رانديون آهن. مگر انهن راندين کي
اڄ ان نقصانڪار راند بابت معلومات ڏيندس راند جي
ڪري ڪيترائي ٻار زخمي، معزور ۽ فوت ٿي چڪا آهن.
اها راند آهي لغڙ اڏائڻ.
پيارا ٻارو! اوهان ڏٺو هوندو ته ڪيترائي ٻار هيءَ
راند کيڏندا آهن. ٻارن کان علاوه وڏا ماڻهو به هي
راند کيڏندا آهن. پر ننڍڙا ٻار هن راند سان سخت
نقصان حاصل ڪري رهيا آهن. هڪ طرف ٻارن جي جيڪا
خرچي ملي ٿي ان مان هو پيسا بچائي لغڙ خريد ڪن ٿا
۽ ٻئي طرف لغڙ کڻي مٿي ڪوٺن جي ڇتين تي چڙهي ٻار
راند ڪندا آهن. ۽ لغڙ کي اڏائيندا آهن ۽ شرطون رکي
لغڙ ڪاٽا ڪندا آهن.
پيارا ٻارو! ٻار لغڙ اڏائيندي اهڙي محَوَ ٿي وڃن
ٿا، جو هو لغڙ اڏائيندي، پٺتي هٽندي ڇت تان اوچتو
ڪري پون ٿا. ان ڪري ڪيترائي ٻار زخمي ٿين ٿا. ڪن
جا عضوا چڪنا چور ٿي پون ٿا ۽ هو هميشه لاءِ معزور
ٿي وڃن ٿا ته ٻئي طرف ڪافي معصوم ڇوڪرا پنهنجي
قيمتي جانين کا پڻ هٿ ڌوئي ويهن ٿا.
پيارا ٻارو! ڪيترائي اهڙا مثال اسان جي سامهون
آهن، جو ٻارڙا راند ڪندي پنهنجي زندگيءَ تان هٿ
ڌوئي پون ٿا ۽ پنهنجي مائٽن کي غم جا انبار ڏئي
وڃن ٿا.
پيارا ٻارو! آئون اوهان کي تاڪيد ڪندس ته اوهان
لغڙ اڏائڻ بلڪل بند ڪري ڇڏيو ۽ جيڪڏهن ڪو ٻار لغڙ
اڏائي ته ان کي به منع ڪيو ۽ ان کي سمجهايو ته لغڙ
اڏائڻ ڪني ۽ نقصانڪار راند آهي. جيڪا نه کيڏڻ
گهرجي. اهڙي طرح پيارا ٻارو اوهان پنهنجي ساٿين جي
زندگي بچائي سگهو ٿا. مون کي اميد آهي ته پيارا
ٻارو آئنده هن گندي راند کان ضرور پاسو ڪندا. هن
سلسلي ۾ والدين کي گهرجي ته پنهنجي ٻارڙن کي نصيحت
ڪن ته هو لغڙ اڏائڻ بند ڪن. ان کان علاوه استاد به
ٻارڙن جي صحيح رهنمائي ڪري سگهن ٿا ۽ استاد جون
هدايتون بااثر ٿي سگهن ٿيون. ضرورت ان امر جي آهي
ته اسان سڀنيءَ کي هن عادت کان ٻارن کي نجات ڏيارڻ
لاءِ عملي جدوجهد ڪرڻ گهرجي. جيئن ابهم ٻارڙا
پنهنجون قيمتي جانيون بچائي سگهن.
ليکڪ: ليوس ڪيرول آخري
قسط
سنڌيڪار: سليم سهتو باب
ٻارهون
خوابن جو سير
”حاضر آهيان.“ ايلس جواب ڏنو. جواب ڏيندي هوءَ
اُٿي بيٺي، پر اهو وسري ويس ته مقدمي دوران هوءَ
گهڻي ڊگهي ٿي وئي هئي. جيئن ئي هوءَ اُٿي بيٺي، هن
جي ڌڪي سان جيوري ميمبر هڪٻئي جي مٿان اچي ڪريا.
عدالت ۾ ڀَڄ ڀَڄان مچي وئي.
”اوه! مونکي ڏاڍو افسوس آهي، مان معافي ٿي گهران“،
ايلس پريشان ٿيندي چيو.
”مقدمو نٿو هلي سگهي، جيستائين سڀ جيوريءَ جا
ميمبر ٻيهر پنهنجين جاين تي ويهي نٿا وڃن. ان وقت
تائين عدالت برخاست ٿي ڪجي.“ اهو چوندي، بادشاهه
ايلس کي ڪاوڙيل نظرن سان ڏٺو.
ايلس مُڙي، جيوريءَ جي ميمبرن ڏانهن ڏٺو. ڪرڙي سڀ
کان هيٺ دٻيل هئي، ۽ ان جو پُڇ حرڪت ڪري رهيو هو.
ايلس کي ان تي ڏاڍو قياس آيو. هن ان کي کڻي سندس
جاءِ تي ويهاريو.
ٿوريءَ دير ۾ ٻيا جيوريءَ جا ميمبر ڪرندا، ٿاٻڙندا
پنهنجين جاين تي ويٺا. اُهي سڀ ڏاڍا گهٻرايل هئا.
انهن جون سليٽون غائب هيون. سليٽون ڳولي انهن کي
ڏنيون ويون. انهن ڪنڌ جهڪائي انهيءَ واقعي کي لکڻ
شروع ڪيو. رڳو ڪرڙيءَ ڪجھ نه پئي لکيو. هوءَ ايترو
گهٻرايل هئي جو وات پٽي ۽ اکيون ڦاڙي، ڇت ڏانهن
ڏسندي رهي.
”ان معاملي جي باري ۾ تون ڇا ڄاڻين ٿي؟“ بادشاهه،
ايلس کان سوال ڪيو.
”ڪجھ نه.“ ايلس چيو.
”بلڪل ڪجھ نه؟“
”جي، بلڪل ڪجھ نه.“
”اها خاص ڳالهه آهي.“ بادشاهه جيوريءَ جي ميمبرن
ڏانهن ڏسندي چيو. اهي پنهنجيءَ پنهنجيءَ سليٽ تي
ڪجھ لکي رهيا هئا ته اڇي سهي چيو: ”نه، خاص ڳالهه
نه آهي. بادشاهه سلامت جو اِهوئي مطلب آهي.“ ۽ هن
خاموشيءَ سان اشارن ۾ بادشاهه کي ڇڙٻي ڇڏيو.
بادشاهه فوراً چيو: ”ها، ها، منهنجو مطلب هو غير
اهم ۽ معمولي ڳالهه.“ پوءِ بادشاهه هلڪي آواز ۾
رٽڻ لڳو: ”خاص معمولي، خاص معمولي....“
ان جو نتيجو اهو نڪتو جو جيوريءَ جي ڪن ميمبرن
”خاص“ لکيو ۽ ڪن ”غير اهم.“ ايلس ڏاڍيءَ سولائيءَ
سان انهن ماڻهن جون سليٽون ڏسي رهي هئي. هن
پنهنجيءَ دل ۾ چيو، اونهه، ان سان ڇا ٿو ٿئي!“
بادشاهه به پنهنجيءَ ڪاپيءَ ۾ ڪجھ لکڻ لڳو هو.
امالڪ هن چيو: ”خاموش!“ پوءِ هن ڪاپي کنئي ۽ پڙهڻ
شروع ڪيو: ”قلم 42- ايس هيٺ، اُهي سڀ ماڻهو جيڪي
هڪ ميل کان وڌيڪ ڊگها آهن، عدالت مان ٻاهر نڪري
وڃن.“
سڀ ماڻهو ايلس ڏانهن ڏسڻ لڳا. هن چيو، ”مان هڪ ميل
ڊگهي نه آهيان!“
”نه، تون آهين!“ بادشاهه چيو.
”ها، ها، تون ذري گهٽ ٻه ميل ڊگهي آهين!“ راڻيءَ
چيو.
”خير جو ڪجهه به ٿئي، مان هتان نه ويندس. ۽ ٻيو ته
اهو هميشه جو قانون نه آهي، ان کي اوهان هاڻي هاڻي
بڻايو آهي.“
”نه، اِهو هن ڪتاب جو سڀ کان پهريون قانون آهي“
بادشاهه چيو. جيڪڏهن ايئن آهي ته پوءِ ان کي نمبر
هڪ هئڻ گهرجي. ايلس چيو.
بادشاهه کي ان ڳالهه جو ڪوبه جواب سمجهه ۾ نه آيو.
هُن جو مُنهن لهي ويو. هن ڪتاب بند ڪري ڇڏيو. پوءِ
هُن ڏڪندڙ آواز ۾ جيوريءَ جي ميمبرن کي چيو:
”توهين پنهنجي راءِ ڏيو.“
”نه، نه، ڀوتار! اڃا ثبوت پيش ٿيڻا آهن.“ اڇي سهي
ٽپ ڏيندي چيو.
”هاڻي هاڻي هي ڪاغذ هٿ لڳو آهي.“
”ان ۾ ڇا لکيل آهي؟“ راڻيءَ پڇيو.
اڇي سهي چيو، ”مون اڃان اِهو کوليو نه آهي، پر خبر
پوي ٿي ته هي خط آهي، جيڪو ڪنهن قيديءَ کي لکيو
آهي.“
”ها، اهو پڪ قيديءَ کي لکيو ويو هوندو.“ بادشاهه
ڇاتي تاڻي ويهندي چيو.
”اِهو ڪنهن جي نالي آهي؟“ هڪ جيوري ميمبر پڇيو
”اصل ۾ اهو ڪنهن جي نالي به ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته
ان تي ڪنهن جو نالو لکيل ڪونهي.“ اڇي سهي چيو.
پوءِ ڪاغذ کولي، ڪجهه دير تائين پڙهڻ کان پوءِ هن
چيو: ”خير، هي خط نه آهي، ان ۾ هڪ نظم لکيل آهي.“
”ڇا، اهو نظم قيديءَ جو لکيل آهي.“ ٻئي جيوري
ميمبر پڇيو.
”نه- ۽ اها سڀ کان وڌيڪ عجيب ڳالهه آهي.“
جيوريءَ جي ميمبرن جي سمجهه ۾ ڪجهه نه آيو. اُهي
حيرت سان هڪٻئي جو منهن ڏسڻ لڳا.
”هن ضرور ڪنهن ٻئي جي نظم جو نقل ڪيو هوندو“
بادشاهه چيو.
اها ڳالهه ٻڌي، ججن جا منهن خوشيءَ وچان ٻهڪڻ لڳا.
ڏوهاري گهٻرائجي چوڻ لڳو: ”نه، ڀوتار، مون اهو نه
لکيو آهي ۽ انهن وٽ ڪا ثابتي به ڪانهي ته مون اِهو
لکيو آهي. ان جي هيٺان ڪنهن جي صحيح به نه آهي.“
بادشاهه هوشيار ٿيندي چيو: ”هان ڪا صحيح نه آهي؟
اِها ته ويتر خراب ڳالهه آهي. تو صحيح ڇو نه ڪئي؟
تو ضرور ڪا شرارت ڪرڻ پئي چاهي، نه ته هڪ ايماندار
ماڻهوءَ وانگر تون صحيح ضرور ڪرين هان.“
بادشاهه جي ان دليل تي عدالت ۾ تاڙيون وڄڻ لڳيون.
انهن جي خيال ۾ بادشاهه وڏي عقلمنديءَ جي ڳالهه
ڪئي هئي.
راڻيءَ چيو: ”ان مان هن جو ڏوهه ثابت ٿئي ٿو.
انهيءَ لاءِ فوراً هن جي ڳچي...“
ايلس، راڻيءَ جي ڳالهه وچ مان ڪٽيندي چيو: ”نه، ان
مان ڪجهه به ثابت نٿو ٿئي، ۽ اوهان کي ڪهڙي خبر ته
ان ۾ لکيل ڇا آهي؟“
”ان کي پڙهيو وڃي.“ بادشاهه حڪم ڏنو.
اڇي سهي پنهنجي عينڪ مُنهن تي رکي ۽ پڇيو! ”ڀوتار،
ڪٿان کان پڙهڻ شروع ڪريان؟“
بادشاهه تمام سنجيدگيءَ سان چيو: ”شروع کان پڙهه ۽
ان وقت تائين پڙهندو وڃ، جيستائين تون آخر تائين
نه پهچي وڃين. پوءِ بيهي رهجانءِ.“
عدالت ۾ خاموشي ڇانئجي ويئي. اڇي سهي پڙهڻ شروع
ڪيو:
”تو منهنجي چغلي کاڌي، وڃي ڪئي شڪايت. مونکي ترڻ
نٿو اچي، ڪريان ٿو مان ڪفايت. هتي ته سڀ سڃا ٿي
ويا. هن به ته چيو هوندو.
جيڪڏهن اُهو معاملو اڳيان وڌيو ته تنهنجو ڇا
ٿيندو؟ مون هن کي هڪ ڏني هئي، هن کڻي ورتيون ٻئي،
هاڻي ته ڳالهه پڌري ٿي پئي، اسين ڦاسنداسين ٻئي.
ڀلو چاهين ٿو ته راز نه ٻڌائجانءِ. هاڻي چپ
رهجانءِ ڪجھ نه ٻڌائجانءِ!؟“
”اِهو وڏو اهم ثبوت آهي، ان کان وڌيڪ پڪي ڳالهه
ٻئي ڇا ٿيندي؟“
بادشاهه خوشيءَ وچان پنهنجا ٻئي هٿ مهٽيندي چيو،
”چڱو، هاڻي جيوريءَ جا ميمبر پنهنجي راءِ ڏين.“
ايلس، بادشاهه جي ڳالهه ڪٽيندي چيو:
”هون! ماڻهو مان جيڪڏهن ڪو ان نظم جو مطلب ٻڌائي
ته مان ان کي پنجاهه پيسا انعام ڏيئي سگهان ٿي.
اِهو سڄو نظم بڪواس آهي. ان جو ڪوبه مطلب نٿو
نڪري.“
جيوريءَ جي ميمبرن پنهنجيون پينسلون سنڀاليون ۽
سليٽن تي لکيو: ”هن ڇوڪريءَ جو چوڻ آهي ته اِهو
نظم بڪواس آهي، ان جي ڪابه معنيٰ نه آهي.“ پر انهن
مان ڪنهن به نظم جي معنيٰ ٻڌائڻ جي ڪوشش نه ڪئي.
بادشاهه چيو: ”جيڪڏهن ان جي ڪابه معنيٰ نه آهي، ته
پوءِ اڃا به سٺو آهي. سڄو مسئلو سلجهي ويو. هاڻي
اسان کي ان جي معنيٰ ڪڍڻ لاءِ مٿو هڻڻو نه پوندو.“
اهو چئي هن اڇي سهي جي هَٿ مان اهو ڪاغذ ورتو ۽ ان
کي پنهنجي گوڏن تي رکي پڙهڻ شروع ڪيو. |