سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل ڊسمبر 5/ 1994ع

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل مئي 5/ 1994ع

اڪبر جسڪاڻي

حال احوال

پيارا ٻارو،

”گل ڦل“ جو هي پرچو، جڏهن اوهان جي هٿن ۾ پهچندو، تڏهن اوهين نائينءَ ۽ ڏهينءَ جو امتحان ڏيئي چڪا هوندا. هن ڀيري امتحانن ۾ ڪاپي ڪرڻ تي سختي ڪئي وئي آهي، جيڪا هڪ سٺي ڳالهه آهي. هونئن به ڪاپي ڪري ڊگري وٺڻ ته سولي ڳالهه آهي، پر پوءِ عملي ميدان ۾ جيڪا تڪليف ٿئي ٿي، سا اوهين پاڻ سمجھي سگهو ٿا.

هن ڀيري جن ٻارڙن پڙهيو هوندو، سي ته امتحان هال ۾ بناخوف پنهنجا پرچا ڪندا رهيا هوندا. پر جن ڪاپيءَ تي ڀاڙيو هوندو، تن جي حالت جو اندازو انهن ٻارن کي هوندو، جيڪي امتحان هال ۾ گڏ ويٺا هوندا. ٻارو، اوهين سنڌ جو آئيندو آهيو، سنڌ کي سٺن ڊاڪٽرن، انجنيئرن، زرعي ماهرن ۽ انهن دانشورن جي ضرورت آهي، جيڪي سنڌ جي ترقيءَ ۽ ڀلائيءَ لاءِ سوچي سگهن. سو، ٻارو، اوهين مايوس نه ٿيو. هاڻ به وقت ويو ڪونه آهي. محنت ڪريو، محنت سان ئي منزل ملندي آهي.

اداري طرفان سڀني ٻارڙن کي عيد جون واڌايون هجن.

اوهان جو ادا

اڪبر جسڪاڻي.

ڪلياڻ آڏواڻي

لطيفي لات

 

سارنگ سار لهيج، الله لڳ اڃين جي

پاڻي پوڄ پٽن ۾، ارزان ان ڪريج،

وطن وسائيج، ته سنگهارن سک ٿئي.

 

مٿيون بيت شاهه صاحب جي رسالي مان کنيو ويو آهي. هي بيت ”سر سارنگ“ جي داستان پهرين جو سورهون نمبر بيت آهي.

سمجھاڻي: اي مينهن! ڌڻي جي واسطي تون اڃايلن جي سنڀار لهج، پٽن ۾ جام پاڻي وسائج ۽ ان سستو ڪج. سارو ڏيهه سرسبز ۽ آباد ڪج ته مالدارن لاءِ سک ٿئي. جيئن هو سکيا ستابا ٿين.

معنيٰ: سارنگ= مينهن. سار= سنڀار. پوڄ= جام. ارزان= سستو.

نثار بزمي

ٻارڙا معصومڙا

ٻارڙا ڌرتيءَ جا تارا ٿا لڳن،

ڏاڍا پيارا ٿا لڳن.

 

ٻارڙا، معصومڙا، البيلڙا،

نور جا نرمل نظارا ٿا لڳن...

 

ٻارڙا آهن گلن جا هارڙا،

موج مَن کي ڏيڻ وارا ٿا لڳن...

 

ٻارڙا اَمڙين جا آهن آسرا،

ننڍپڻ ۾ ئي سهارا ٿا لڳن...

 

هونئن ته آهن ظاهري هي پِتِڪڙا،

سُورهَين وانگر سگهارا ٿا لڳن...

 

شل ٿين دودا ۽ دولھ ديس جا،

هاڻي ئي اهڙا اشارا ٿا لڳن...

 

جوڙا جوڙا ٿي پڙهڻ لئه ٿا وڃن،

ڄڻ ته سنڌوءَ جا ڪنارا ٿا لڳن...

بيخود بلوچ

 

گيت

عيد اچي وئي عيد، ادا،

خوشيون ڪريو خوب سدا.

 

هر هڪ گهر ۾ آهه خوشي،

عطر لڳايو، ڦڻي ڏئي،

هر ڪنهن آ تياري ڪئي،

هر ڪنهن آهن طعام رڌا...

 

پايو پيارا پيارا ويس،

رنگ رنگيلا، نيارا ويس،

ڪيڏا وڻندڙ آهن ويس،

پيئو شربت خوب ٿڌا...

 

”بيخود“ جي هڪ ڳالهه ٻڌو،

ٻارو، عيد تي گڏجي گھمُو،

ڪنهن سان ڪاوڙ ڪين ڪجو،

ٺيڪ نه آهن جهيڙا جهٽا...

مانوارا، ڊئريڪٽر

سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو

سنڌي ادبي بورڊ جي ماهوار ٻارن جي رسالي ”گل ڦل“ جا فيبروريءَ ۽ مارچ 94ع وارا پرچا ڏسي، اسان خوش ٿيا آهيون.

اِها اسان جي بدنصيبي آهي جو، پاڪستاني هوندي به، اسين هڪٻئي جي ٻولين کان واقف ڪونه آهيون، خاص ڪري توهين ۽ اسين هڪٻئي جون ٻوليون ڪونه ٿا ڄاڻون. ان سلسلي ۾ آءٌ ذاتي طور تي محروم آهيان.

1963ع ۾ جڏهن آءٌ ايئرفورس آفيسرس ميس ڪراچيءَ ۾ رهندو هوس، تڏهن اوڀر پاڪستان سان لاڳاپيل آفيسرن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندي، آءٌ هميشه ان ڳالهه تي زور ڏيندو هوس ته اسان مان هر ڪنهن کي سڀيئي علائقائي ٻوليون سکڻ گهرجن ـــ پشتونن کي سنڌي، پنجابي، بلوچي ۽ ٻيون ٻوليون سکڻ کپن، ۽ ٻين کي به پشتون ٻولي سکڻ کپي. پاڪستان جي سڀني يونيورسٽين ۾ استاد- شاگرد رابطي جا مرڪز کولڻ کپن ته جيئن اسين سڀ هڪٻئي جي ويجهو اچي سگهون.

چيئرمن، پشتو ڊپارٽمينٽ،

پشاور يونيورسٽي.

ملهار سنڌي

گيت

عيد

ڏينهن خوشيءَ جو آيو، ٻارو!

مرڪي عيد ملهايو، ٻارو!

 

ڄاڻ ته سورج ڏيئو ٻاريو،

ساجهر جاڳي رب کي ساريو،

مٺڙو ان جو نانءُ پڪاريو

ڪريو لايو سجايو، ٻارو!...

 

وهنجي اُجرا ڪپڙا پائي

ڪپڙن کي خوشبؤ لڳائي،

هٿڙو ڀائن ساڻ ملائي،

سِڪ جو ساٿ وڌايو، ٻارو!...

 

بابي سان گڏ سڀئي گڏجي،

ننڍڙا وڏڙا رلمل رلجي،

عيد نماز به خوش ٿي پڙهبي:

خوب اِهو سرمايو، ٻارو!...

 

سنگتي ساٿي دوست سڏائي،

سڪ سان سينا يار ملائي،

عيد مبارڪ، عيد ملهائي،

خوش ٿي ڀاڪر پايو، ٻارو!...

 

بازار ڏي اڄ گڏجي هلبو،

سڀني سان خوش ٿي ملبو،

شهر سڄو اڄ گڏجي گهمبو

سنگتي سڀ سڏايو، ٻارو!...

 

ٻار شهر ڏي گهمڻ ويندا،

ڦرڻين چوڏيلن تي چڙهندا،

وه وا گلڙا سڀ کي وڻندا

تن تي رب جو سايو، ٻارو!...

 

کوڙ مٺايون کائينداسين،

گهر ڀي آڻينداسين،

گهر گهر عيد ورهائينداسين

رٺلن کي پرچايو، ٻارو!...

 

سنڌ سدائين وسندي رهندي،

جُڳ جُڳ جڳ ۾ جيئندي رهندي،

وک وک اڳتي وڌندي رهندي:

مالڪ کي ٻاڏايو ٻارو!...

 

سنڌ امن جي نگري آهي،

سڀني کان سا سڀري آهي،

جبر وارن سان جبري آهي

سڀ کي هي سمجهايو، ٻارو!...

 

نغمو جو ”ملهار“ لکيو آ،

چاهه منجهان هن جو به چيو آ،

تنهن کي گڏجي ڳايو، ٻارو!...

مهر خادم

منهنجي ناني پياري

 

ناني منهنجي پياري،

ڳاڙهي مٿي واري،

ناس ڏئي نڪ ۾،

پوتي ڪندي ڪاري.

 

اوڙي پاڙي جي پو،

ڳالهه ڪندي ساري.

 

عينڪ پائي هاڻي،

ڏسي ٿي چوڌاري.

 

ٽوٽڪن جي جنهن وٽ،

ڀريل آهي کاري.

 

پَرين جون آکاڻيون،

ڪري رات ساري.

 

کٽ تي سارو ڏينهن،

پيئي آهي ويچاري.

خاوند بخش ڀٽي

پهرين مئي

]شڪاگو جي شهيدن جي ياد ۾[

پيارا ٻارو! پهرين مئي، مزدورن جو عالمي ڏهاڙو آهي. هر سال مئي مهيني جي پهرين تاريخ پورهيت طبقي سان تعلق رکندڙ پوري دنيا جا محنت ڪش پنهنجن شهيد پورهيتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ پورهيتن جو عالمي ڏهاڙو ملهائيندا آهن. اڄ به هر سال جيان سڄي دنيا جا مزدور پهرين مئي جي حوالي سان انهن شهيد مزدورن کي عقيدت جا گل نڇاور ڪرڻ لاءِ هر شهر ۾ ميڙاڪو ڪندا، جنهن ۾ انهن شهيدن جي زندگي ۽ قربانين تي روشني وجهندا. جن اڄ کان هڪ سئو اٺ سال اڳ 1886ع ۾ سامراج طرفان ٿيندڙ ظلم، ستم، جبر ۽ استحصال کي ختم ڪرڻ کان علاوه پنهنجن حقن جي حصول لاءِ جدوجهد ڪري تاريخ  کي پنهنجي رت سان رنگين بڻائي پاڻ کي امر ۽ اجيت بڻائي ڇڏيو. پورهيت طبقو جيڪو سماجي ۽ معاشي ارتقاءَ لاءِ ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو. تنهن کي ته ناس ڪرڻ خاطر سامراج پنهنجي ناپاڪ عدائم سان ظلم جي چڪي ۾ پيسي رهيو هو جيئن رستي تي پيل ڪپڙي جو ٽڪڙو ٿڳڙي ماڻهن جي پيرن هيٺان لتاڙجي نانگ جيان ڪر کڻندي آهي، تيئن يورپ جا مزدور سرمائيدارن جي خوني ۽ ظالم پيرن هيٺان لتاڙجي ڪنڌ مٿي کڻي سرمائيدارن سان سڌو سنئون ٽڪراءَ ۾ اچي ويا ۽ پنهنجي مٿان ٿيندڙ ظلمن جي خلاف آواز اٿاريو ان سان گڏ پنهنجي مٿان ٿيندڙ استحصال کي ختم ڪرڻ ۽ پنهنجي ڪيل محنت جو صحيح اجرت جو مطالبو ڪيو، پر سرمائيدارن انهن جي مطالبن کي رد ڪري ڇڏيو جنهن لاءِ مزدورن 28، اپريل 1886ع تي چارٽر آف ڊيمانڊ پيش ڪيو، جنهن ۾ مزدورن هيٺيان مطالبا پيش ڪيا: 1. اٺن ڪلاڪن کان وڌيڪ ڊيوٽي نه ڏيڻ، 2. هفتي ۾ هڪ ڏينهن موڪل، 3. ٻارن کي مفت تعليم جي سهولت مهيا ڪرڻ، 4. ڪارخانن ۾ ٺهندڙ شيون ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن کي مفت ملڻ لاءِ گهر، 5. ڪارخانن ۾ ٿڌي پاڻي جي سهولت مهيا ڪرڻ، 6. معاوضو محنت مطابق هجي، 7. اتفاقي حادثي لاءِ فرسٽ ايڊ جي سهولت هجي وغيره وغيره. ان جي باوجود به سرمائيدارن انهن مطالبن کي ڪابه حيثيت ڪانه ڏني ۽ ساڳيو استحصال جاري رکيو، نيٺ مزدورن پهرين مئي 1886ع تي پنهنجي مطالبن مڃرائڻ خاطر يورپ جي مزدورن کي احتجاج جو سڏ ڏنو ۽ هڙتال جي اپيل ڪئي، ان اپيل تي مختلف شهرن، لاس اينجلز، سينيٽ لوئي، باٽي مور، واشنگٽن، نيويارڪ، بلي والڪي، هوسٽن، فلاڊيلفيا ۽ شڪاگو ۾ مزدورن جلوس ڪڍيا ۽ هڙتال ڪئي صرف شڪاگو شهر ۾ اسي هزار مزدورن هڙتال ڪئي هئي. مارڪيٽ مان هڪ وڏو جلوس ڪڍيو جنهن جي قيادت البرٽ پارسز ۽ سندس زال لوس ۽ آگسٽ اسنز ڪري رهيا هئا، انهيءَ جلوس کي جڏهن مزدورن جي اڳواڻ سموئل فيلڊن آخري خطاب ڪرڻ لاءِ آيو ته هڪ پوليس آفيسر ڪيپٽن جون، پوليس فورس سان اچي جلوس کي منتشر ڪرڻ جو حڪم ڏنو، پر مزدورن جلوس کي منتشر ڪرڻ واري حڪم کي رد ڪري ڇڏيو پر انتظاميا کي اها ڳالهه نه وڻي انهن پنهنجو حڪم پوليس تي صادر ڪيو ته ڪنهن به صورت ۾ جلوس کي منتشر ڪيو وڃي، اهڙي حڪم تي پوليس هڪدم جلوس جي مٿان گولين جا وسڪارا ڪري ڏنا، ان کان علاوه دستي بم به اڇلايا جنهن سبب هزارين مزدور شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. ان وقت هڪ مزدور اڇو ڪپڙو کڻي پورهيت جي رت سان رڱي ڳاڙهو بڻائي ڇڏيو، انهيءَ کان پوءِ اهو ڳاڙهو ڪپڙو مزدورن لاءِ جهنڊي جو روپ اختيار ڪري ويو. جنهن کان بعد مزدورن جي تقريباً سڀني رهنمائن البرٽ پارسنز، اگسٽ اسپائز، ايڊولف فسٽر، جارج اينجل، آسرڪريني، مچل شواپ سوئي فيلڊن، لوئس ڪنگ ۽ ٻين کي به گرفتار ڪري ورتو، انهن تي ڪيس هلائڻ کان پوءِ چئن ليڊرن البرٽ، آگسٽ، ايڊولف ۽ اينجل کي شڪاگو جيل ۾ ڦاهي تي لٽڪايو ويو، سڀ کان پهريون ايڊولف فشر کي ڦاهي تي چاڙهيو ۽ هن ڦاهي تي چڙهڻ کان اڳ ۾ چيو ته اسين تمام گهڻا خوش قسمت آهيون جو هڪ سٺي ڪم لاءِ پنهنجون زندگيون قربان ڪري رهيا آهيون. مزدور اڳواڻن ۾ سڀ کان وڌيڪ پوڙهو ليڊر آگسٽ اسپائز هو، جنهن جي عمر 60 سالن کان مٿي هئي، جنهن ڦاهي جي رسن کي ڇهندي چيو ته ”غريب ۽ مظلوم انسانن جي آواز کي بلند ٿيڻ ڏيو ورنه انهن جون تلوارون بلند ٿينديون.“ جارج اينجل ڦاهي تي لٽڪڻ کان ڪجھ وقت اڳ ۾ چيو ته سامراجي ڇاڙتئو اوهان اسان پورهيتن کي ڦاهي تي چاڙهي سگهو ٿا پر اسان جي سچ تي ٻڌل پورهيت جدوجهد اوهان جي موت جو سڏ آهي“، البرٽ پارسنز کي جڏهن ڦاهي تي لٽڪايو ويو ته ان چيو ته ”توهان اسان جي بلند آواز کي ڪجھ وقت لاءِ خاموش ته ڪري سگهو ٿا پر ياد رکو ته هڪ ڏينهن اهڙو به ايندو جڏهن خاموشي اسان جي آواز کان وڌيڪ تيز هوندي“، انهن ليڊرن جي ڦاسي کان علاوه ٽن ليڊرن آسڪوپيني، مچل سئواب ۽ سموئي فيلڊن جي موت جي سزا کي تبديل ڪري عمر قيد جي سزا ڏني وئي جيڪي بعد ۾ آزاد ٿي ويا. جڏهن ته هڪ مزدور رهنما لوئس ڪنگ جيل جي ڪال ڪوٺڙي ۾ خودڪشي ڪري، پنهنجو انت آندو، اهڙي طرح مزدور اڳواڻ ۽ ڪارڪنن جي خون رنگ لاتو ۽ پنهنجا حق حاصل ڪيا، ان کان علاوه سامراج ۽ سرمائيداريت کي ذلت ۽ رسوائي جو منهن ڏسڻو پيو، جنهن لاءِ هر سال جي پهرين مئي تي شڪاگو جي شهيدن جي ياد ۾ پوري دنيا جا مزدور عالمي ڏهاڙو ملهائيندا آهن. انهيءَ ڏينهن تي شهيد مزدورن کي خراج عقيدت پيش ڪبو آهي. اچو ته اڄ اسين به عهد ڪريون ته اسين به مزدورن جي ظلم کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجون صلاحيتون استعمال ڪريون ۽ انهيءَ سرمائيدارانه نظام کي ٽوڙيون جنهن نظام ۾ مزدورن سان ڏاڍ ۽ ناحق ٿئي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com