سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل ڊسمبر 5/ 1994ع

باب: --

صفحو :2

حاجي محمد يعقوب ميمڻ

سياڻو شهزادو

هڪڙي بادشاهه کي ٽي پُٽ هئا. اُنهن مان به ٻه ته صفا بيڪار هئا. هڪڙو نشئي هو. هر قسم جو نشو واپرائيندو هو. ٻيو وري ظالم هو. غريبن، مسڪينن تي ظلم ڪندو هو، ناجائز طريقي سان ميڙيندو هو. غريبن جي داد رسي نه ڪندو هو. کين گهڻو ستائيندو هو. البت ٽيون شهزادو ڏاڍو سياڻو هو. پر هئو سڀني کان ننڍو.

بادشاهه پوڙهو ٿي چڪو هو. هن پنهنجي جاءِ تي ننڍي کي وليعهد ڪرڻ ٿي چاهيو. پر ائين ڪري نه ٿي سگهيو. کيس ڀوؤ هئو ته متان ائين ڪرڻ سان ڀائرن ۾ اختلاف ٿي پوي. منجهن دشمني ۽ عداوت نه ٿي پوي. اُنهيءَ ڪري سوچ ويچار ڪري هڪڙا ٽي ڇيلا گهرايائين.

پٽن کي گڏ ڪري اُنهن مان هر هڪ کي ڇيلو ۽ ڪاتي ڏئي فرمايائين ته ”اُنهن کي ٽيئي وڃي اهڙي جاءِ تي ذبح ڪري اچو. جتي اوهانکي ڪو به نه ڏسي.“ بادشاهه سلامت جي محلات ڀرسان هڪڙو گهاٽو باغ هو، ٽيئي شهزادا ڇيلن کي کڻي اوڏانهن روانا ٿي ويا. سيگهه ۾ پهريان ٻه شهزادا، موالي ۽ لالچي، ڇيلن کي ڪُهي سندن منڊيون کڻي آيا. ڪافي دير کان پوءِ ٽيون شهزادو به آيو. هن کي ڇيلو ڪلهي تي هئو. ان کي ذبح ڪرڻ بجاءِ، واپس موٽائي آيو هو.

بادشاهه پهرين شهزادن کان ڇيلو ڪُهي اچڻ جو سبب پڇيو. کانئن اهو به پڇيائين ته ڪٿي ۽ ڪهڙي جاءِ تي ڇيلا ڪُهي آيا هئا؟ اُنهن چيو ته ”جيئندا قبلا! اوهان فرمايو هو ته اهڙي جاءِ تي ڇيلا ڪُهي اچجو جتي اوهانکي ڪو به نه ڏسي. اسان گهاٽي جهنگ ۾ وڃي اُنهن کي ڪُهي آيا آهيون. اُتي اسان ڪو به بني بشر نه ڏٺو. ٽئين ۽ سڀني کان ننڍي شهزادي کان پڇيائين ته ”تو ڇيلو ڇو نه ڪُٺو؟ ڪهڙي سبب اُن کي واپس کڻي آيو آهين؟“ ان ادب سان عرض ڪيو ته ”عاليجاه! اوهان جو فرمان هئو ته اهڙيءَ جاءِ تي ڇيلن کي ڪُهي اچجو، جتي اوهان کي ڪير به نه ڏسي.“

اُنهيءَ فرمان موجب مان ڇيلي کي جتي به کڻي ٿي ويس، اُتي مونکي ٻين انسانن ۽ حيوانن ته ڪونه ڏٺو پر خدا ته ڏٺو پئي. اُنهيءَ ڪري ڇيلي کي بنا ڪُهڻ جي واپس موٽائي آيو آهيان.“

اهو ٻڌي بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيو. بادشاهيءَ جو تاج اُن جي مٿي تي رکي فرمايو ته ”تون سڀني کان سياڻو آهين. تخت ۽ تاج جي لائق به تون آهين. تنهن ڪري هيءَ بادشاهي تنهنجي حوالي ڪريان ٿو. اهو فيصلو ٻڌي سڀئي خوش ٿيا، خوشيءَ سان ننڍي بلڪ سياڻي عقلمند شهزادي کي پنهنجو بادشاهه تسليم ڪيائون. هن آکاڻي مان هڪ پاسي اِهو نتيجو نڪري ٿو ته خداوند ڪريم هر جاءِ ۽ هر هنڌ حاضر ناظر آهي ته ٻئي پاسي شهزادي جي عقل ۽ فهم جو به امتحان ٿي ويو ته ڪير منجهائنس ذهين، هوشيار ۽ نيڪ هو، ڪير بادشاهيءَ جي تخت ۽ تاج جي لائق هو. هن طريقي سان بادشاهه سلامت جي دلي تمنا به پوري ٿي ۽ ٻين شهزادن کي ننڍي شهزادي تي ريس، عداوت ۽ دشمني ڪانه پيدا ٿي.

آڪاش منگي

خدمت ۾ عظمت

چنڊ جي ڪيڏي عظمت آهي،

ننڍڙو وڏڙو ان کي چاهي.

سڀ کان ان سان الفت آهي.

 

رات سڄي هو جاڳي جاڳي،

ساري جڳ کي ڏئي چانڊوڪي،

ڪيڏي پياري نعمت آهي.

 

ٿڌڙي وڻندڙ چانڊوڪي آهي،

فرحت ڏيندڙ چانڊوڪي آهي.

مالڪ جي ساري رحمت آهي.

 

ڪاري گوري کي چانڊوڪي،

چنڊ ڏئي ٿو مُرڪي مُرڪي،

خوب سندس هي خدمت آهي.

 

جو به ڪري ٿو خلق جي خدمت،

خالق جي آ ان سان محبت،

هيءَ ته عظيم عبادت آهي.

چنڊ سمورو جڳ چمڪايو،

سبق اِهو ”آڪاش“ پرايو،

خدمت ۾ ئي عظمت آهي.

 

الطاف شيخ

هرڻ

سانگ ڪنچل جون گهمتاريون

”سانگ ڪِنچل“ هڪ ننڍڙي هرڻ جو قسم آهي، جيڪو ملائيشيا جي جهنگلن ۾ رهي ٿو. هي جانور جيتوڻيڪ قد ۾ ننڍو، فٽ کن مس ٿئي ٿو، پر عقل ۾ تمام اڪابر، بهادر ۽ چالاڪ آهي. پاڻ کان وڏن جانورن کي کن پل ۾ بيوقوف بنايو ڇڏي.

هڪ ڏينهن سانگ ڪنچل درياهه جي ٻئي پار سنهن، ڪَچڙن پنن وارو گاهه ڏٺو.

”اڄ مونکي انهن ڪَچڙن پنن واري گاهه جو مزو ماڻڻ کپي.“ هن دل ئي دل ۾ سوچيو، پر درياهه ڪيئن پار ڪجي؟“

درياهه جي ڪناري تي پهچي، ٻئي ڀر وڃڻ جي ڪا واهه ڳولڻ لاءِ هن هيڏانهن هوڏانهن واجهايو. ايتري ۾ هن جي نظر مانگر مڇن جي سردار تي پيئي، جيڪو ان وقت اس ۾ پٺي سيڪي رهيو هو.

”مانگر مڇ“، هن رڙ ڪري چيو، ”توکي خبر آهي ته اسان هرڻن جو ڪٽنب اوهان مانگر مڇن کان تمام گهڻو وڏو آهي؟“

”ڪنچل، ڇا پيو بڪين“، مانگر مڇ ڪاوڙ مان جواب ڏنو، ”اسانجي خاندان ۾ پنجاسي ته فقط وڏا مانگر مڇ آهن. ان کان علاوه ڪيترائي ننڍا ننڍا پڻ، ۽ اوهانجو سڄو ڪٽنب ڏهن هرڻن جو به ناهي.“

”آءٌ جيسين سڀني کي نه ڳڻيان نه، تيسين ڪيئن اعتبار ڪريان؟“ سانگ ڪنچل چيو، ”تون هيئن ڇو نٿو ڪرين جو کين قطار ۾ بيهار، جيئن آءٌ کين ڳڻي وٺان.“

”ائين به صحيح آهي.“ مانگر مڇ مڃيو.

”مانگر مڇ جي سڏ تي هڪدم سندس مٽ مائٽ، دوست احباب اچي گڏ ٿيا.

”مانگر مڇ“، سانگ ڪنچل چيو، ”تون سردار آهين، سو پنهنجي قبيلي جي مانگر مڇن کي چئه ته درياهه جي هن ڪناري کان وٺي ٻئي تائين سڌي قطار ڪري بيهن ته جيئن آءٌ کين جلدي ڳڻي وٺان.“

مانگر مڇن جي اڳواڻ حڪم ڏنو ۽ سڀ مانگر مڇ درياهه جي اورئين ڪپ کان پرئين تائين سڌي قطار ٺاهي بيٺا. ان بعد سانگ ڪنچل هڪ هڪ مانگر مڇ جي پٺيءَ تي ٽپ ڏيندو، ”ساتو، دوئا، تيگا، امپت... (هڪ، ٻه، ٽي، چار...) ڳڻيندو، وڃي ٻيءَ ڀر کان نڪتو. ”ها ها ها!“ هن ٻيءَ ڀر تي بيهي ٽهڪ ڏنو، ”بيوقوف مانگر مڇ مون ته اوهان کي چريو ٺاهيو، مون ته فقط درياهه پار ڪرڻ ٿي چاهيو!“

مانگر مڇن جي سردار ڪاوڙ مان پنهنجو پڇ ڇنڊيو ۽ سانگ ڪنچل کي ان چرچي جي جوڳي سزا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو.

ڪجھ ڏينهن بعد، سانگ ڪنچل ڏٺو ته مانگر مڇن جو اڳواڻ ڪکن پنن ۽ وڻن جي سڪل شاخن سان نديءَ جي ڪناري تي هڪ لڪل گهر ٺاهي رهيو آهي.

سانگ ڪنچل سمجھي ويو ته مانگر مڇ لِڪڻ لاءِ جاءِ ٺاهي رهيو آهي ته جيئن ئي پاڻي پيئڻ لاءَ درياهه جي ڪناري تي اچي ته مٿس حملو ڪري.

سانگ ڪنچل، ان ڪري، اتان ڀڄي جهنگل ڏانهن هليو ويو، جتي هن جي هڪ چيتي سان ملاقات ٿي.

”چيتا“، سانگ ڪنچل چيو، ”جيڪڏهن توکي کائڻ لاءِ ٿلهو متارو مرون کپي ته منهنجي پٺيان پٺيان اچ.“

”ٿلهو متارو مرون!“ چيتو چپ چٽڻ لڳو.“ اهڙي مزمانيءَ جي ڳولا ۾ ته آءٌ ڪيترن ئي ڏينهن کان آهيان. جهٽ پٽ مون کي اوڏانهن وٺي هل.“

سانگ ڪنچل چيتي کي گھمائيندو گهمائيندو، درياهه جي ڪپ تي ان هنڌ وٺي آيو، جتي مانگر مڇ گهر ٺاهي سانگ ڪنچل جي انتظار ۾ لڪل هو.

”شش!“ سانگ ڪنچل ڀڻڪيو، اهو ٿلهو متارو مرون ان گهر ۾ ستل اٿئي. ان کان اڳ جو هو ننڊ مان اٿي پئي، تون جهٽ پٽ کائي وڃينس!“

ٿورو وڌيڪ اڳيان ٿي، چيتي زور سان ٽپ ڏنو. مانگر مڇ جو ٺهيل ڪمزور گهر ڇيتون ڇيتون ٿي ويو، ۽ چيتي مانگر مڇ جي پٺيءَ تي اچي ڦهڪو ڪيو.

اهو ته چئي نٿو سگھجي ته هڪٻئي کي ڏسڻ سان ڪنهن کي گهڻو تعجب لڳو- چيتي کي يا مانگر مڇ کي. ڪجھ سيڪنڊن لاءِ ٻئي هڪٻئي کي گهوريندا رهيا ۽ پوءِ ٻئي ڄڻا هڪٻئي کي ٻکين پئجي ويا. ڪڏهن مانگر مڇ هيٺان ته چيتو مٿان، ۽ ڪڏهن چيتو هيٺان ته مانگر مڇ مٿان. اهڙيءَ طرح، هنن جي لڙائي آڌيءَ رات تائين هلندي رهي، تان جو ٻئي ڄڻا ڍيري ٿي ڪري پيا.

اوهين پاڻ سوچي سگهو ٿا ته ان ڳالهه تي چيتي کي ڪيتري ڪاوڙ لڳي هوندي ته هو هڪ سانگ ڪنچل جهڙي ننڍي جانور هٿان بيوقوف بڻجي ويو. هن سانگ ڪنچل کي سيکت ڏيڻ جو پڪو پهه ڪيو.

ٻئي ڏينهن سانگ ڪنچل هڪ وڻ هيٺان نرم ۽ مٺو گاهه چٻاڙيندي نظر آيو. ڄڻ ڪا ڳالهه ئي نه ٿي هجي. هو بيحد خوش هو ته هن چيتي کي بيوقوف بڻايو، ۽ اهو سوچي هو مرڪندو رهيو.

اوچتو هڪ وڏي گجگوڙ ٿي، جنهن جي آواز تي سڄو وايو منڊل ڌڏي ويو. هيڏيءَ وڏيءَ رڙ کان سانگ ڪنچل به ڏڪي ويو.

اها رڙ ٻئي ڪنهن جي نه هئي، پر چيتي جي هئي: ”ها ها ..... اڄ تون مون کا ڀڄي ڪيڏانهن وڃي سگهندين!“

پر سانگ ڪنچل هن کان گهڻو چالاڪ هو. هن هڪدم وڏو ڇال ڏيئي، ۽ چيتي جي چنبي کان پاڻ بچائي ورتو. پٺيان چيتو ڪاوڙ مان وڻن جون ٽاريون ۽ ٻوڙا ڀڄيندو رهيو.

ساهه بچائڻ جي ڊوڙ ۾ سانگ ڪنچل هڪ اونهيءَ کڏ ۾ وڃي ڪريو، جنهن مٿان سڪل پن ۽ ٽاريون هجڻ ڪري، ڊوڙڻ، مهل سندس نظر ئي نه پيئي. خوشقسمتيءَ سان هن کي ڪا رهنڊ، رانڀوٽو نه رسيو. هاڻ هو چيتي کان ته پاڻ بچائي آيو، پر هن کڏ مان پاڻ کي ڪيئن ٻاهر ڪڍي؟

هن ٻاهر نڪرڻ لاءِ کڏ جي اونهيءَ ڀت تي چڙهڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي، پر اها ايتري لسي ۽ اوچي هئي جو ٻاهر نڪري نه سگهيو. آخر ٿڪجي پٽ تي ويهي، مٿي نيري آسمان ڏانهن ڏسڻ لڳو. نهاريندي نهاريندي، هن کي اوچتو هڪ جهنگلي ڪتو نظر آيو، جيڪو پڻ غور ۽ عجب مان هن کي مٿان ڏسي رهيو هو.

”هيلو!“ جهنگلي ڪتي رڙ ڪري ڪنچل کي کيڪاريو، ”تون اهو هيٺ ڪرين ڇا پيو؟“

”ڇا آسمان ڪِرڻ جي افسوسناڪ خبر اڃا تو نه ٻڌي آهي؟“ سانگ ڪنچل ڊيڄاريندي چيس، ”سڄي جهنگل ۾ هيءَ ئي هڪ حفاظت واري جڳهه آهي.“

جهنگلي ڪتي ڊپ وچان آسمان ڏانهن ڏٺو. پوءِ هن سانگ ڪنچل کي التجا ڪئي: ”مهرباني ڪري مون کي به پاڻ وٽ جڳهه ڏي.“

”چڱو“، سانگ ڪنچل وراڻيو، ”جيئن ته تون هڪڙو ڄڻو آهين، سو تو اڪيلي لاءِ آءٌ ايتري جاءِ ٺاهي سگهان ٿو. هليو اچ، يار.“ جهنگلي ڪتي مٿان ٽپ ڏنو ۽ هيٺ کڏ ۾ ڪري آسمان ڪِرڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو.

ڪجھ دير کان پوءِ هن سانگ ڪنچل کي آهستي چيو: ”ڪيڏي دير ٿي ويئي آهي، پر آسمان ته اڃا ڪرڻ جو نالو به نٿو وٺي.“

”ها، واقعي، آسمان ڏاڍي دير ڪئي آهي“، ڪنچل وراڻيو، ”آءٌ ڀلا مٿي وڃي معلوم ڪري ٿو اچان ته ڪهڙي ڳالهه ٿي آهي. اچ، مونکي ڍڍبلي ڏي ته مٿي چڙهان.“

جهنگلي ڪتي سانگ ڪنچل کي پنهنجي ڪلهن تي کنيو، جتان هو ٽپ ڏيئي کڏ کان ٻاهر نڪري آيو ۽ پوءِ پنهنجي راهه وٺي روانو ٿي ويو. پويان هن غريب جهنگلي ڪتي جو ذرو به نه سوچيائين.

جهنگلي ڪتو انتظار ئي ڪندو رهيو. پوءِ سمجھي ويو ته سانگ ڪنچل هن سان هڪ ذليل چرچو ڪيو آهي، ۽ پوءِ مدد لاءِ ڪا دير ڀوؤنڪندو رهيو. خوشقسمتيءَ سان هن جو هڪ ڀاءُ اتان لنگهي رهيو هو، جنهن پنهنجي جهنگلي ڀاءُ جي ڀونڪار سڃاڻي کيس ان کڏ مان ٻاهر ڪڍي ورتو.

هڪ شام جو سانگ ڪنچل ٻيلي ۾ هيڏانهن هوڏانهن گهمي رهيو هو. اوچتو هن جي ڪنن تي وڻ جي ٽارين ٽُٽڻ جو آواز پيو. هن هڪدم پٺيان مڙي ڏٺو. ڪو گهڻو پري به نه، اهو ساڳيو چيتو صاحب سندس پٺيان اچي رهيو هو.

سانگ ڪنچل وٺي زور سان ڊوڙ پاتي. پر چيتو به سندن پٺيان پٺيان لڳو آيو.

ڪجھ گهڙين کانپوءِ، سانگ ڪنچل ٿڪجي ساڻو ٿي پيو. ”مون کي هن چيتي مان جان بچائڻ جو سوچڻ کپي.“ هن دل ئي دل ۾ چيو.

ايتري ۾ هن جي نظر سامهون وڻ تي هڪ ڏينڀن جي ماناري تي پيئي. ماناري کي ڏسي، سانگ ڪنچل کي چيتي بيوقوف بنائڻ جي اٽڪل دماغ ۾ آئي.

هو هڪدم ڊوڙڻ بند ڪري، ان وڻ جي هيٺان ويهي رهيو.

ايتري ۾ چيتو صاحب به مٿان اچي پهتو.

”هيلو، سانگ ڪنچل!“ چيتي چيو، ”تون هتي ويهي ڇو رهيو آهين؟“

”هتي منهنجي ڊيوٽي لڳل آهي. آءٌ راجا سليمان جي فوج جي سار سنڀال لهي رهيو آهيان“، ڪنچل ڏينڀن جي ماناري ڏي اشارو ڪندي وراڻيو، ”هن ماناري کي ڌڪ هڻڻ جي ڪنهن کي به اجازت ناهي.“

”هل ڙي هل!“ چيتي رڙ ڪندي چيو، ”وڏو آيو آهي مونکي منع ڪرڻ وارو. آءٌ ٿو ان کي ڌڪ هڻان، ڏسان، ته تون مون کي ڇا ٿو ڪرين!“

”سائين چيتا! مهرباني ڪري متان انهن جو نالو ورتو اٿئي.“ سانگ ڪنچل مڪاريءَ سان کيس عرض ڪيو، ”جيڪڏهن تون ائين ڪندين ته راجا سليمان مون کي مارائي ڇڏيندو.“

”راجا سليمان کي پڇي ڪير ٿو؟“ چيتي چيو، ”آءٌ اهو ڪندس، جيڪو مون کي وڻندو.

”ترس، ترس، مسٽر چيتا“، سانگ ڪنچل عرض ڪيو. ”مهرباني ڪري ٿورو ڀلا ترس، جيئن آءٌ پري ٿي بيهان. ڇو ته راجا سليمان جي ڪاوڙ کان مون کي ڊپ ٿو لڳي.“

مسٽر چيتي اوستائين انتظار ڪيو، جيستائين سانگ ڪنچل ڪجھ پري ٿي ويو. پوءِ هن ڏينڀن جي ماناري کي زور سان پنهنجو چنبو هنيو.

چنبو لڳڻ سان، ڏينڀن جو مانارو ڀور ڀور ٿي ويو، ۽ منجهانئس سوين ڏمريل ڏينڀو نڪري آيا. سڀني گڏجي ڏنگن سان چيتي تي ايڏو ته حملو ڪيو جو هو رڙيون ڪري جهنگل ڏانهن ڀڄي ويو.

بعد ۾ چيتي صاحب محسوس ڪري ورتو ته سانگ ڪنچل هن کي هڪ دفعو وري بيوقوف بڻايو آهي، ۽ ٻئي دفعي سانگ ڪنچل سان ملاقات ٿيڻ تي هن کيس ان ڏوهه جي عبرتناڪ سزا ڏيڻ جو سوچيو

فهمينه گل

سونهن تي ناز نه ڪجي

 

ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪ غريب ۽ رحمدل ڇوڪرو رهندو هو، جنهن جو نالو ڪرمو هو. هن جي هڪ ڀيڻ به هئي، جيڪا هن کا چار سال وڏي هئي. ان جو نالو لالي هو. هوءَ تمام خوبصورت هئي. هن کي پنهنجيءَ خوبصورتيءَ تي تمام گهڻو ناز ۽ تڪبر هو. هوءَ سمجھندي هئي ته سڄي دنيا ۾ مون کا سهڻي ڇوڪري ڪير به نه آهي. جڏهن هن جو ڀاءُ ڪرمو هن کي سمجھائيندو هو ته ”ڀيڻ، پنهنجيءَ خوبصورتيءَ تي ايڏو غرور نه ڪر، نه ته پڇتائيندئين“ ته هوءَ چوندي هيس ته ”آءٌ مرضيءَ جي مالڪ آهيان. تون ڪير آهين مونکي سمجهائڻ وارو!“ ويچارو ڪرمو ماٺ ڪري هليو ويندو هو.

لاليءَ ڪڏهن به آئينو نه ڏٺو هو. هوءَ رڳو دل ئي دل ۾ پئي سمجھندي هئي ته هوءَ بيحد سهڻي آهي. پر هڪ ڀيري هوءَ کوهه تان پاڻي ڀرڻ ويئي ته هن جي نظر اوچتو پاڻيءَ ۾ پوندي سندس عڪس تي پيئي، هوءَ حيران ٿي وئي. کانئس رڙ نڪري وئي ته ”آ ايڏي خوبصورت آهيان.“ جڏهن کان هن پنهنجي شڪل ڏٺي هئي، تڏهن کان هن ۾ هٺ ۽ غرور پيدا ٿي ويو هو ۽ روزانو پنهنجي شڪل پاڻيءَ ۾ ڏسڻ لاءِ کوهه تي ضرور ويندي هئي. هڪ دفعي هوءَ کوهه تي پاڻي ڀري رهي هئي ته ڪنهن ٻڍڙي مائي اچي چيس ته ”اما، پاڻيءَ ڍڪڙو ته پيارجان.“ لالي چيس ته ”آءٌ اهڙن بدصورت ماڻهن جي منهن نه لڳندي آهيان!“ ايتري ۾ اها مائي ايڏي ته خوبصورت ٿي وئي جو لاليءَ جو وات ڦاٽي ويو. پوءِ ان خوبصورت مائيءَ لاليءَ کي چيو ته ”تون جڏهن به کلندئين ته تنهنجي وات مان ڏيڏر نڪرندا ۽ تون ايڏي ته بدصورت ٿي ويندئين جو توکي پاڻ کان نفرت پئي ٿيندي.“ ائين چئي مائي غائب ٿي ويئي. ان ڏينهن کان وٺي لالي هاڻي جڏهن به کلندي هئي ته سندس وات مان ڏيڏر ٽان- ٽان ڪندا نڪرندا هئا، ۽ هوءَ ايڏي ته بدصورت ٿي ويئي جو کيس پاڻ کان سخت بُڇان اچڻ لڳي. هاڻي ماڻهو ان کي ”ڏيڏري“ سڏڻ لڳا.

پيارا ٻارو اوهان کي خبر پئي ته سونهن تي ڪڏهن به تڪبر نه ڪجي، ڇو جو خوبصورتي ۽ بدصورتي ته خدا تعاليٰ جي ڏنل آهي.

عبدالحميد ”عبد“ سومرو

پڇتاءُ

صمد ۽ آصف پاڻ ۾ ڪلاس فيلو ۽ دوست هئا. هنن جو گهر به هڪٻئي جي ويجهو هو، تنهنڪري اسڪول اچڻ وڃڻ به گڏ ٿيندو هون.

صمد جو پيءُ پوليس ۾ (S.H.O) هو. ۽ آصف جو پيءُ هڪ غريب مزدور هو. صمد پڙهڻ ۾ جڏو هو ۽ آصف لکڻ پڙهڻ ۾ هوشيار شاگرد هو.

آصف پيءُ جي مزدور هئڻ ڪري سادگي اختيار ڪندو هو. ۽ صمد پنهنجي پيءُ (S.H.O) جي ڪري هر روز وڳو بدلائيندو هو ۽ آصف کي لکڻ پڙهڻ ۾ هوشيار ڏسي دوستي ڇڏي ٽوڪون ڪرڻ لڳو. ڪڏهن چوندو هوس ته ڪپڙا ڏس پراڻا پاتا اٿئين ۽ ويٺو وري اڳين بينچ تي آ ۽ ڪڏهن چوندو هوس ته ڪتاب ڏسوس صفا ڦاٽل ۽ وڏائي ته ڏسوس.

آصف غريب هن جون ٽوڪون سهندو رهيو ۽ هن کي وري به سمجھائيندو هو ته تون هڪ عزت واري جو فرزند (پٽ) آهين لِک ۽ پڙهه. پر هن جي سنگت خراب ڇوڪرن سان هئي جيڪي رڳو چوريون ڪندا هئا، هي انهي ۾ خوش هو. جڏهن امتحان آيا ته آصف لکڻ پڙهڻ جي ڪري پوري ڊويزن ۾ پهريون نمبر آيو ۽ صمد نه پڙهڻ جي ڪري سڀني پرچن ۾ فيل ٿيو، جڏهن صمد گهر ويو ته هن جي پيءُ خوشي مان هن کان پڇيو ته ڏي خبر پٽ ڇا پوزيشن کنئي اٿئي. هن پنهنجي پيءُ سان به ڪوڙ ڳالهايو ۽ چيائين: بابا منهنجو A گريڊ آيو آهي. هن مٺايون ورهايون. صبح تي هن جو پيءُ جيئن آفيس ويو ته هن ڏي ٽيليفون آيو. اهو ٽيليفون هيڊماستر جو هو. هُن هِن کي ٻڌايو ته توهان جو پٽ عبدالصمد ناپاس ٿيو آهي. جيئن ئي هُن اِهو ٻڌو ته سڌو گهر ويو ۽ پٽ صمد کي مار ڏنائين ۽ گهر مان ڪڍي ڇڏيائينس. هي گهر کان نڪرڻ کان پوءِ سڌو دوستن ڏانهن ويو ۽ تڏهن دروازي تي پهتو ته ڇا ٻڌائين ته هِن جا دوست هن جي باري ۾ ڳالهيون ڪري رهيا هئا ۽ هي غور سان ٻڌڻ لڳو.

ڪيئن دوستو منصوبو ڪامياب ويو نه. هن جو پيءُ پنهنجو پاڻ کي معتبر سمجهندو هو. اسان کي ٿاڻي ۾ بند ڪري مارون ڏيندو هو. اسان جي هڪ ئي مار ڪافي اٿس. هن جي پٽ صمد کي فيل ڪرايوسين ۽ هن کي چوري ڪرڻ سيکاريسون ۽ مزي جي ڳالهه آهي ته هن جي پيءُ (صمد جي پيءُ) اطلاع آهي ته ڪجھ ماڻهو اوهان جي علائقي ۾ ڌاڙو هڻڻ اچي رهيا آهن ٽائيم رات جو نو ٻڌايو آهي تنهنڪري هوشيار رهجو. جڏهن (S.H.O) صمد کي ڏسندو ته مزو اچي ويندو. صمد موٽي پيءُ وٽ آيو پنهنجي پيءُ کان معافي ورتائين ۽ پنهنجي ساٿين جي باري ۾ سڀ ڪجھ ٻڌائي ڇڏيائين. پوءِ هي گهر آيو ۽ پڪو پهه ڪيائين ته هاڻي پڙهندس. ٻئي ڏينهن جڏهن هي اسڪول وڃي رهيو هو ته هِن کي، هِن جو دوست آصف مليو، هِن هُن کان معافي ورتي ۽ پوءِ صمد اسڪول ۾ ۽ آصف ڪاليج ويو ۽ دوستي اڃا تائين قائم آهي.

عبدالمالڪ ميمڻ

قربانيءَ جي حسرت

جڏهن به قربانيءَ واري عيد ويجهي ايندي آهي ته اما سدائي بابا سان وڏو جهيڙو ڪندي آهي، ۽ اسين سڀئي ڀائر- ڀينر به هن جنگ ۾ اما جي ڀَر کڻندا آهيون. جهيڙي جو سبب هوندو آهي قربانيءَ لاءِ ڳئون خريد ڪرڻ. اما ۽ اسين سڀ گڏجي ڳئون خريد ڪرڻ لاءِ بابا تي زور رکندا آهيون ته جيئن عيد ڏينهن اسين به ٻين سکين ستابن ماڻهن وانگر گوشت ورهايون ۽ ڍؤ ڪري کائون. پر بابا هر سال ڪوڙن آسرن ۽ دلاسن تي اسان جي ڳالهه ٽاري ڇڏيندو آهي. هن سال اما به مهينو اڳ ئي بابا کي ڌمڪي ڏيئي ڇڏي ته جيڪڏهن هن عيد تي قربانيءَ جي ڳئون نه آئي ته پوءِ عيد ڏينهن ڪو به ٻار نوان ڪپڙا نه پهريندو. جڏهن اسان به اما سان ها ۾ ها ملائي ته بابا ماٺ ٿي ويو ۽ گهڙي کن سوچڻ کان پوءِ پڪو واعدو ڪيائين ته قربانيءَ لاءِ ڳئون نه پر ٻڪر يا ٻڪري وٺي ايندو. پر اسين ان تي راضي نه ٿياسين. اما چوڻ لڳي ته ”قيامت ڏينهن هرڪو ماڻهو پنهنجي قربانيءَ جي جانور تي چڙهي، ترار کان تيز ۽ وار کان سنهي پلصراط تان ٽپندو. ٻڪريءَ تي هڪڙو ماڻهو مس چڙهي سگهندو، اسين هيڏا ڀاتي آهيون، تنهنڪري اسان کي ضرور ڳئون قربان ڪرڻ گهرجي“، اسان جي گهڻي ضد ۽ بحث کان پوءِ، آخر بابا ڳئون آڻڻ تي راضي ٿيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com