ديس ديس جون خبرون
پاڪستان جو ڏينهن
23 مارچ تي سموري ملڪ اندر ’پاڪستان جو ڏينهن‘،
وڏي جوش ۽ خروش سان ملهايو ويو. انهيءَ ڏينهن تي
پاڪستان سرڪار عام موڪل جو اعلان ڪيو هو.
’پاڪستان جو ڏينهن‘، 23 مارچ تي انهيءَ ڪري ملهايو
ويندو آهي، جو انهيءَ تاريخ تي اٽڪل اڻويهه ورهيه
اڳ لاهور ۾، مسلم ليگ هندوستان جي مسلمانن لاءِ هڪ
ڌار علائقو (پاڪستان) حاصل ڪرڻ جو ٺهراءُ پاس ڪيو
هو.
’پاڪستان جي ڏينهن‘ جي جشن جي شروعات ڍاڪا ۽
راولپنڊيءَ ۾، ايڪٽيهن توبن جي سلاميءَ سان ڪئي
وئي. سڀني مکيه سرڪاري ۽ گهڻين خانگي جاين تي
پاڪستان جو جهنڊو جهولايو ويو، ۽ انهن کي بجليءَ
سان روشن ڪيو ويو.
’پاڪستان جو ڏينهن‘ ملهائڻ لاءِ سموري ملڪ اندر
پريڊون، نوجوانن جون ريليون، ميلا، ويرائٽي شو، ۽
رانديون ٿيون.
تنهن کان سواءِ، مسجدن ۾ پاڪستان جي خوشحاليءَ،
سلامتيءَ ۽ مضبوطيءَ لاءِ دعائون پڻ گهريون وييون.
اسڪولن ۽ ڪاليجن لاءِ نوان درسي ڪتاب
مرڪزي حڪومت جي مقرر ڪيل ’تعليمي ڪميشن‘، ملڪ جي
تعليمي سرشتي کي سڌارڻ لاءِ جيڪي سفارشون ڪيون
هيون، تن ۾ هڪ اها به سفارش هئي ته اسڪولن ۽
ڪاليجن ۾ پڙهائڻ لاءِ درسي ڪتاب نوان تيار ڪرايا
وڃن. چنانچه، ڪميشن جي سفارشن موجب، حڪومت جي
نگرانيءَ هيٺ اهي نوان ڪتاب تيار ڪرايا ويا آهن، ۽
اميد آهي ته اهي ستت ڇپجي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾
پهچندا.
ترڪي
7500 ورهيه پراڻي تهذيب
آثار قديمہ جي ماهرن جي نظر ۾ ”پٺتي کنيل قدم“،
”اڳتي کنيل قدم“ جي برابر آهي. گذريل هفتي انقره
(ترڪيءَ) مان هڪ اهڙي وڏي ’پٺتي کنيل قدم‘ جو
اطلاع مليو آهي. انقره کان 2 سؤ ميل ڏکڻ- اولهه
ڏي، انا طوليہ جي هڪ ڦٽل شهر هئسيلر جي کنڊرن مان
پٿر جي زماني جي هڪ عظيم تهذيب جا آثار ڳولهي لڌا
ويا آهن. هئسيلر ۾ ست هزار پنج سو ورهيه اڳي،
عورتون سون جا ڳهه پائينديون هيون؛ فنڪار انساني
شڪل جا سوڌ پوڌ بت ٺاهيندا هُئا، ۽ مرد ”اسيڪ“
راند ڪندا هئا. اها راند اڄ به ترڪن جي هڪ دل
گُهري وندر آهي.
هئسيلر شهر هاڻي ڦِٽي ويران ٻنيءَ جهڙو ٿي ويو
آهي: چڱيءَ چوکي کوٽائيءَ ڪرڻ کان پوءِ اُتي اهڙا
اهڃاڻ لڌا ويا آهن، جن مان معلوم ٿو ٿئي ته تنهن
زماني ۾ به گهر سرن مان جڙيل هوندا هئا. ڀتيون ٽي
ٽي فوٽ ٿلهيون آهن؛ منجهن دريون ٻن تاڪن وارا در ۽
ٻه ماڙ تي پهچڻ لاءِ نهايت احتياط سان ٺاهيل
ڏاڪڻيون پڻ هونديون هيون. ڪڻڪ، جوئر، مٽر ۽ ٻيو ان
سانڍڻ جا گدام ۽ جانڊاهيون پڻ لڌيون آهن: انهيءَ
دريافت مان ظاهر ٿئي ٿو ته هئسيلر جا رهاڪو نهايت
ڪاميابيءَ سان پوک ڪري ڄاڻندا هئا، ۽ شايد جانور
پڻ پاليندا هئا.
هئسيلر جا رهاڪو ڪاريگر به سٺا هئا. سندس اوزار
پٿر جون ڇيڻيون ۽ هرڻ جي سڱن مان ٺهيل پٿر جي ڪات
جيان ڏاٽا هئا. سندن جنگ جا هٿيار کانڀاڻيون ۽
لڍيون هيون، لٺين جا مٿا نيري سنگمرمر جا هوندا
هئا.
هئسيلر جي عورتن جا زيور سپ ۽ ڳاڙهي مٽيءَ مان
ٺهيل هار ۽ ڪنگڻ هئا؛ ۽ اهي ئي گويا سندن هٿيار
هئا.
کوٽائي ڪرڻ وارن کوٽائيءَ جي پوين ڏينهن ۾ هڪ اهڙي
شيءِ به لڌي آهي، جنهن کي هن مهم جي ’انقلابي‘
کوجنا چئي سگهجي ٿو. اها کوجنا ”مامتا جي ديويءَ“
جا چاليهه پتلا آهن، پر هر پتلي جي بيهڪ ٻئي کان
نرالي آهي. ڪنهن نموني ۾ هوءَ ننڍي نينگر، ۽ ڪنهن
۾ هوءَ بالغ عورت ڏيکاريل آهي. ڪو نمونو وري اهڙو
اٿس ڄڻ هوءَ ليٽيل هجي، ۽ ڪنهن ۾ هوءَ هنج ۾ ٻار
کي سمهارڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي؛ ۽ ڪنهن ۾ هوءَ
چيتي جي کل جي تخت تي ويٺل آهي. ڪنهن پتلي ۾ هن جي
بت تي لٽا آهن ۽ ڪنهن ۾ ڪونه اٿس.
هئسيلر جي اها کوجنا، تاريخ جي شروعات کان اڳ واري
زماني ۾ دلچسپي رکڻ وارن لاءِ اهم آهي. هئسيلر شهر
جي تهذيب ميسيپوٽيما جي تهذيب کان گهٽ ۾ گهٽ ٽي
هزار ورهيه پراڻي آهي. عام طور تي سمجهيو ويندو
آهي ته تهذيب جي شروعات ميسيپوٽيما ۾ ٿي هئي؛ پر
هينئر، هئسيلر جي کوجنائن مان ثابت ٿو ٿئي ته
تهذيب جو بنياد پهريون پهريون اناطوليہ جي ڪاريگرن
۽ ڪڙمين وڌو هو.
(موڪليندڙ: خواجا سليم. ”ٽائيم“
آمريڪي هفتيوار رسالي تان ورتل.)
برطانيا
وسيع ڪائنات جي گهراين ۾
تازو، پروفيسر رائيل، هڪ برطانوي سائنسدان،
”ڪائنات جي پيدائش“ بابت هڪ نئين نظريي جي پڌرائي
ڪئي آهي،- (ڏسو ماهنامو ”گل ڦل“، جنوري ۽ فيبروري
1961ع، ”ديس ديس جون خبرون“، صفحو 90)- جنهن ۾
ٻڌايو ويو آهي ته اسان جي ڪائنات اڄ کان اٺ ارب
سال اڳ ڪيئن پيدا ٿي هئي.
پروفيسر رائيل جي کوجنا علم هيئت جي هڪ پراڻي
مسئلي تي وڌيڪ روشني وڌي آهي. هيئت دان. انهيءَ
ڳالهه تي متفق آهن ته ڪائنات تارن جي عظيم جهڳٽن-
”خود- روشن دونهين جي ٿالهين“- جي ٺهيل آهي، جيڪي
هڪٻئي کان پري ڀڄندا ٿا وڃن. پر سندن انهيءَ ڳالهه
تي اتفاق راءِ ڪونهي ته ائين ڇو ٿي رهيو آهي يا،
ته ان ”ڀاڄ“ جي شروعات ڇو ٿي هئي. هڪ جواب ”ارتقا
ڪندڙ ڪائنات“ يا ”زبردست ڌماڪي“ وارو نظريو آهي.
اهو نظريو ٻڌائي ٿو ته ڪجهه ڪروڙ ورهيه اڳي ڪائنات
جو سمورو ”مادو“ هڪ سوڙهيءَ ٿورڙيءَ ايراضيءَ ۾ گڏ
ٿيو پيو هو، پوءِ هڪ وڏو ڌماڪو ٿيو، جنهن ڪائناتي
مادي کي وکيڙي ڇڏيو. ان ڪائناتي مادي مان ’خود-
روشن دونهين جون ٿالهيون‘ ٺهيون ۽ خلا ۾ ترڻ
لڳيون.
ٻيو جواب ”مدامي حالت“ وارو نظريو آهي. انهيءَ
نظريي موجب مادو هئڊروجن ائٽمن جي صورت ۾ هميشه
پيدا ٿيندو ٿو رهي. هوريان هوريان هڪ نئون پيدا
ٿيل مادو گڏ ٿي خود- روشن دونهين جي ٿالهين جي
صورت اختيار ڪري ٿو، ۽ اهي ٿالهيون ڇڄي ڌار ٿي وڃن
ٿيون. جيئن اهي ٿالهيون جهونيون ٿين ٿيون ۽ هڪٻئي
کان ڇڄن ٿيون ته سندن وچ وارين وٿين ۾ نيون خود-
روشن دونهين جون ٿالهيون وجود ۾ اچن ٿيون. هن
ڪائنات جو نه ته ڪو مرڪز آهي، ۽ نه ٻاهرين حد
(Boundry).
نه ان کي ڪا شروعات هئي، ۽ نه ئي وري ڪو خاتمو
ٿيندس.
مشاهدي ۽ جاچ چڪاس وسيلي ڪائنات جي اصليت معلوم
ڪرڻ جون اوائلي ڪوششون ڪامياب ڪونه ويون. وڏيون
وڏيون عام رواجي سائنسي دوربينيون به ڪائنات ۾ رڳو
ٻه ارب ”روشنيءَ جي سالن“ جيترو مفاصلو طي ڪري ٿي
سگهيون. پر هاڻي نيون ايجاد ٿيل ريڊيائي دوربينيون
گهڻو پري تائين احوال معلوم ڪري سگهن ٿيون.
(ريڊيائي لهرن جي رفتار به اوتروئي آهي، جيتري
روشنيءَ جي لهرن جي.) خود- روشن دونهين جي ٿالهين
جا جوڙا جڏهن پاڻ ۾ ٽڪربا آهن، ته اُهي تمام گهڻي
تعداد ۾ ريڊيائي لهرون ٻاهر موڪليندا آهن. اهي
ريڊيائي لهرون ريڊيائي دوربينين وسيلي نهايت چٽيءَ
طرح جاچي سگهجن ٿيون، پر عام رواجي سائنسي
دوربينين سان انهن جو پتو نٿو پوي.
جڏهن ڏهه سال اڳ مٿين حقيقت معلوم ڪئي ويئي، ته
مارٽن رائيل ان مان اِهو نتيجو ڪڍيو ته هڪٻئي سان
ٽڪرجندڙ خود- روشن دونهين جي ٿالهين کي ريڊيائي
دوربينين وسيلي ڏسي سگهبو، پوءِ اُهي کڻي اربين
روشنيءَ جا سال پري ڇونه هجن! سو، هنن وڌيڪ وڏيون
طاقتور ريڊيائي دوربينيون ٺاهڻ شروع ڪيون. هن جي
تازي ريڊيائي دوربيني تارُنِ جو منجهيل سرشتو آهي،
جيڪو پنجن ايڪڙن جي ايراضيءَ تي ڦهليل آهي. ان
دوربينيءَ وسيلي اهي هڪٻئي سان ٽڪرجندڙ ’خود- روشن
دونهين جون ٿالهيون‘ به جاچي سگهجن ٿيون، جيڪي اَٺ
ارب روشنيءَ جا سال پري آهن.
گذريل هفتي سائنسدان مارٽن رائيل، ائسٽراناميڪل
سوسائٽيءَ اڳيان پنهنجي کوجنا جا تفصيل پيش ڪيا.
هُن ٻڌايو ته مون آسمان جا ڪيترائي پٽا وڏيءَ
خبرداريءَ سان جاچڻ کان پوءِ، هيءُ نتيجو ڪڍيو آهي
ته هڪٻئي سان ٽڪرجندڙ ’خود- روشن دونهين جون
ٿالهيون‘، جيئن جيئن زمين کان پري ٿينديون وينديون
آهن، تيئن تيئن خلا ۾ ڳاهٽ ٿينديون وينديون آهن-
جيڪي، اَٺَ ارب روشنيءَ جا سال پري آهن، سي زمين
جي ڀر وارين ٿالهين کان يارهن ڀيرا وڌيڪ ٿلهيون
نظر اچن ٿيون. رائيل جو خيال آهي ته جيڪڏهن پاڻ ۾
ٽڪرجندڙ ’خود- روشن دونهين جي ٿالهين‘ جا جوڙا
انهيءَ مفاصلي تي هڪٻئي جي وڌيڪ ويجهو ڏسڻ ۾ اچن
ٿا ته پوءِ پاڻ ۾ نه ٽڪرجندڙ خود- روشن دونهين جون
ٿالهيون جيڪي اربين ڀيرا وڌيڪ آهن، اهي پڻ هڪٻئي
جي ويجهو هونديون.
اِها ڳالهه ڪائنات بابت ’مدامي حالت‘ واري نظريي
جي خلاف هئي. ڇو ته هن نظريي جو خيال آهي ته بي
انت ڪائنات جي سڀني حصن ۾ ’خود- روشن دونهين جي
ٿالهين‘ جو تعداد هڪجيترو آهي. اها ڳالهه ڪائنات
بابت ’وڏي ڌماڪي‘ واري نظريي جي فائدي ۾ هئي.
روشني، ’مفاصلي‘ جو هڪ روشنيءَ جو سال پورو ڪرڻ
لاءِ، ’وقت‘ جو هڪ سال وٺندي آهي. سو اهي ’خود-
روشن دونهين جون ٿالهيون‘ جيڪي زمين کان اَٺَ ارب
روشنيءَ جا سال پري آهن، سي اڄ اسان کي ان حالت ۾
ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، جنهن ۾ اهي اَٺَ ارب ورهيه اڳي
هيون. رائيل جو چوڻ آهي ته اها ڳالهه قدرتي آهي ته
اُهي اسان کي پاڻ ۾ ڳاهٽ ٿيل ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. اَٺَ
ارب ورهيه اڳي اهي اصلوڪي ڌماڪي جي گهڻو ويجهو
هيون.
-
موڪليندڙ: خواجا سليم.
(آمريڪي هفتيوار رسالي ”ٽائيم“ تان ورتل)
ڀلا ٻڌايو ته...
[نوٽ: گذريل پرچي ۾ ڇپيل سوالن جا جواب جن پڙهندڙن
موڪليا آهن، تن ۾ شاهه مردان شاهه (سکر) جا سڀ
جواب صحيح آهن، ۽ الهه بخش (سڪرنڊ) جا ٽي جواب
صحيح آهن. سڀني سوالن جا صحيح جواب هيٺ ڏجن ٿا:
اڳين سوالن جا جواب
1.
قائداعظم محمد علي جناح، پاڪستان جو باني، سنڌ ۾
ڄائو هو. هن شروعاتي تعليم ڪراچيءَ جي ”سنڌ مدرسي“
۾ ورتي.
2.
روس جي انقلاب جو اڳواڻ ”لينن“ هو.
3.
ڪميونسٽ چين جو وزيراعظم چوُ. اينِ. لائِي آهي.
4.
آمريڪا جي نئين حڪمران پارٽيءَ جو نالو
”ڊيموڪريٽڪ“ آهي، ۽ ان جي نشاني ”گڏهه“ آهي.
5.
شعر مرزا قليچ بيگ جا آهن.
نوان سوال
موڪليندڙ: چندن گرناڻي
1.
دنيا ۾ سڀ کان گهڻي آدمشماري ڪهڙي ملڪ جي آهي؟
موڪليندڙ: (پنهنجو نالو نه لکيو آهي)
2.
عراق جي انقلاب جو اڳواڻ ڪير آهي؟
3.
اقوام متحده (گڏيل قومن) جو بنياد ڪهڙي سال پيو؟
4.
نئين آدمشماريءَ موجب پاڪستان جي آدمشماري ڪيتري
آهي؟
پرولي ته ڀڃ
موڪليندڙ: جان محمد
1.
چار ڀتيون، چار ڪامون، نائين ڇپري، جيڪو نه ڀڃندو،
ان جي ڳالهه ئي ڪچڙي.
2.
ڄمي ته سِڱَ، جواني ته ٺوڙهو، پيري ته سِڱَ.
موڪليندڙ: عبدالعزيز
3.
گهر گهر ۾ ٻه ڀائر.
موڪليندڙ: پير محمد قريشي
4.
مُٺ جيڏو مڙس، ٺونٺ جيڏي ڏاڙِهي.
5.
چوٿائو چم جو، منهن لوهه جو.
(وڌيڪ پڙهو)
|