گذارش
”گل ڦل“ جي پڙهندڙن اخبارن ۾ پڙهيو هوندو ته تازو
محترم محمد ابراهيم جويو، سنڌي ادبي بورڊ کان
رخصتياب ٿي، ڊاريڪٽر آف ايڊيوڪيشن، حيدرآباد ريجن
جي آفيس ۾، پنهنجي نئين عهدي، اسسٽنٽ پبليڪيشن
آفيسر جي چارج ورتي آهي. محترم جويو صاحب سرڪار جي
تعليم کاتي منجهان، سن 1951ع ۾، سنڌي ادبي بورڊ جي
سيڪريٽريءَ جي عهدي تي عاريتاً آيو هو. هو صاحب
پورا ڏهه سال ان عهدي تي رهيو. وچ ۾، جڏهن به بورڊ
۾ سندن رهڻ جو مقرر معياد پورو پئي ٿيو ته بورڊ جي
گذارش تي سرڪار ان ميعاد ۾ توسيع پئي ڪئي. هينئر،
28- فيبروري 1961ع تي، جڏهن بورڊ ۾ سندن ملازمت جو
ميعاد پورو ٿيڻ تي آيو ته هن سرڪار کي اطلاع ڏنو
ته هو پنهنجي کاتي (تعليم کاتي) ۾ واپس وڃڻ گهري
ٿو. چنانچه بورڊ جي اجازت ۽ سرڪار جي حڪم موجب، 1-
مارچ 1961ع تي، سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ جي عهدي
جي چارج ڇڏي، پاڻ پنهنجي مٿي ڄاڻايل نئين عهدي جي
چارج ورتائين.
محترم جويو صاحب، بورڊ جي انتظاميه جو اعليٰ
عملدار ۽ ان جي ڪل مطبوعات- ڪتابن خواهه رسالن- جو
بورڊ طرفان ناشر هو. رسالي ”مهراڻ“ جي نئين دور ۾
پاڻ فقط ٻه سال ان جو ايڊيٽر رهيو، پر ان مختصر
عرصي ۾ هن رسالي کي ادب ۽ صحافت جي ميدان ۾ بيمثال
بلندين تي پهچايو. رسالي ”گل ڦل“ جو رسمي طور
جيتوڻيڪ ايڊيٽر نه هو، پر درحقيقت پاڻ ئي ان جو
روح روان هو. ”گل ڦل“ جي شروعات، ان جي واڌاري ۾
ڪاميابيءَ ۾ سندس ذاتي دلچسپيءَ ۽ رهنمائيءَ کي
وڏو دخل آهي. اڄ جيتوڻيڪ پاڻ ”گل ڦل“ جي اداري ۾
اسان سان شامل نه آهي، پر اسان کي اميد آهي ته هو
صاحب پنهنجي دل جي دلين ۾ ”گل ڦل“ کان ڪڏهن به پاڻ
کي جدا نه سمجهندو، ۽ هميشه پنهنجي نيڪ دعائن سان
ان کي نوازيندو رهندو. اداري ”گل ڦل“ طرفان اسين
کيس اهو يقين ڏياريون ٿا ته ”گل ڦل“ کي ان ڳالهه
تي هميشه فخر ۽ ناز رهندو ته ان جا سدا بهار ”گل“
۽ ”ڦل“، محترم محمد ابراهيم جويي جي مبارڪ هٿن سان
لڳايل ٻوٽي جو ثمر آهن.
”گل ڦل“ جي ماه مئي 1959ع جي پرچي ۾، ”سلام ۽
سنيها“ ڪالمن ۾، صفحي 49 تي، ”حنفه حملاڻيءَ“ جو
هڪ مفصل خط ڇپيل آهي، جنهن ۾ نهايت عالمانه انداز
۾ رسالي تي تبصرو ڪيل آهي؛ ۽ ان کي بهتر بنائڻ
لاءِ مفيد صلاحون پڻ ڏنل آهن. وري ساڳئي پرچي ۾
صفحي 17 تي، ”ماءُ جو لڙڪ“ عنوان سان، هڪ اعليٰ
درجي جي ڪهاڻي ڇپيل آهي، ۽ ”سلام ۽ سنيها“ ڪالمن
۾، صفحي 52 تي، ڪهاڻي موڪليندڙ، علي محمد بلوچ جو
خط آهي. خط ۾ علي محمد هڪ هنڌ لکيو آهي:
”... هيءَ آکاڻي مهرباني ڪري ڪنهن ويجهي پرچي ۾
شايع ڪندا؛ ۽ پوءِ، چيڪوف جي هڪ ڪردار ”ڪلداروف“
وانگر، جڏهن منهنجي آکاڻي ۽ نالو ”گل ڦل“ ۾ ايندو
ته پنهنجي پياريءَ ”قمر“ کي فخر سان چوندس، ”رسالو
سوگهو ڪري رک، مٺڙي، ماضيءَ کي ياد ڪرڻ لاءِ پيا
پڙهنداسين!“ اميد ته ”گل ڦل“ ”روسو“ جي ”ايميليءَ“
جهڙا ڪيئي شاگرد پيدا ڪندو- پوءِ سمجهنداسين ته
اوهين پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيا. ان مقصد ۾ ڪامياب
ٿيڻ لاءِ منهنجون دعائون اوهان سان شامل آهن. ”گل
ڦل“ جي ننڍڙن کي سلام.“
اسان مسٽر علي محمد بلوچ کي ”گل ڦل“ واسطي نئين
ڪهاڻي موڪلڻ لاءِ خط لکيو. هن وٽان ڪوبه خط نه
آيو. سندس اڳ موڪليل ڪهاڻي بيحد دل ڀڄائيندڙ هئي،
۽ اهڙوئي پيارو سندس خط هو. اسان مسٽر علي محمد کي
ٻيو خط لکيو، ۽ ان پٺيان ٽيون خط؛ وٽانئس ڪوبه
جواب نه آيو. جاچ ڪرڻ تي حيدرآباد مان دل ڏکائيندڙ
خبر ٻڌڻ ۾ آئي ته ٿورڙا ڏينهن ٿيا جو مسٽر علي
محمد، حيدرآباد جي سول اسپتال ۾، جيري جي بيماريءَ
سبب وفات ڪئي! مسٽر علي محمد بلوچ جي ”پراسرار
شخصيت“ اکين اڳيان اڀري آئي. سندس پياري خط جا
پيارا لفظ ڪنن ۾ وڄڻ لڳا: ”... جڏهن منهنجي آکاڻي
۽ نالو ”گل ڦل“ ۾ ايندو، ته پنهنجي پياريءَ ”قمر“
کي فخر سان چوندس: ”رسالو سوگهو ڪري رک، مٺڙي،
پنهنجي مٺڙي ماضيءَ کي ياد ڪرڻ لاءِ، پيا
پڙهنداسين“!
علي محمد بلوچ اسان کان هميشه هميشه لاءِ موڪلائي
ويو. هو اسان کان موڪلائي ويو، ”گل ڦل“ کان
موڪلائي ويو، ”گل ڦل“ جي ننڍڙن کان موڪلائي ويو، ۽
پنهنجي پياريءَ ”قمر“ کان موڪلائي ويو. هاڻي اسين
سڀ ساڻس وابستگيءَ لاءِ سندس خط ۽ آکاڻي پيا
پڙهنداسين!
مرحوم علي محمد اها آس ظاهر ڪئي هئي ته ”گل ڦل“
رؤسو جي ايميليءَ جهڙا شاگرد پيدا ڪري! اچو ته
گڏجي دعا گهرون ته شل ڌڻي پاڪ سندس اها نيڪ دعا
قبول فرمائي، ۽ سندس روح کي جنت ۾ جايون ڏئي!-
آمين!
سنڌ ۽ هند ۾، ڪي رسالا ۽ اخبارون، ”گل ڦل“ ۾ ڇپيل
ڪجهه ليک پنهنجن صفحن ۾ ورائي ڇپيندا رهن ٿا. اها
اسان لاءِ نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي. ”گل ڦل“ ۾
به ڪي اهڙا ليک ايندا رهن ٿا، جي ٻين رسالن ۽
اخبارن تان ورتل هوندا آهن. اهو صحافي برادريءَ جو
وهنوار آهي. هڪ ڳالهه البت ضروري آهي ته جڏهن به
ڪنهن رسالي يا اخبار تان ڪو ليک کڻجي ته ان جو
حوالو ضرور ڏجي. چنانچه ”گل ڦل“ ۾ اسان ان ڳالهه
جو هميشه خيال رکيو آهي. افسوس آهي جو ڪن اخبارن ۽
رسالن ”گل ڦل“ تان کنيل ليک ته پئي ڇاپيا آهن، پر
انهن جي باري ۾ رسالي جو حوالو نه ڏنو آهي. اسين
اها ڳالهه سندن توجهه تي آڻيون ٿا، اميد ته اسان
جا ڀائر آئيندي ان ڳالهه ڏانهن پورو پورو توجهه
ڏيندا. والسلام.
- غلام رباني
|