سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 3 ۽ 4

ايڊيٽوريل

صفحو :2

...بهار آيو!

 (1)

پيالو بهار جو پِي، وڻ ٽڻ لُڏن لَمن ٿا،

هڪٻئي کي ڪيئن خوشيءَ سان، سي چاهه مان چُمن ٿا!

ٺَڪ- ٺَڪ وڄن ٿيون تاڙيون، آئِي پَوَنِ پَنَ تي،

وَڻَ، ڏارَ جي ڏَڪڻَ سان، ڇيڄون ته ڪئن هڻن ٿا!

(2)

جهَلڪا اچن سُڌير مٺيءَ هِيرَ جا هِتي،

ايندي لهي وڃن دک دلگير جا هتي،

سرهاڻ ۽ سڳنڌ سان آهي چمن ڀريو،

گويا لقاءَ ويا لڳي ڪشمير جا هتي.

(3)

ڏکن جا ڏينهن ويا گذري، ڀڄي ٿيا ڏور ڏولاوا

سرءُ ويئي بهار آيو، سُڪا وڻ ٿيا وري ساوا.

(4)

ڦلواڙ ڦوهه مان ڦَري، ڦُولنِ جي ڌوم ڌام،

ڇا لامَ لامَ تي ٽِڙيا، گُلَ لالَ عام جام،

گينڊو، گلاب، ديد کي ڏئي اشرفيون انعام،

شبنم وَسائي شوق سان، موتين مُٺيون مدام.

(5)

قدرت ڇا غاليچو وڇايو ڌرتيءَ تي گلڪاريءَ جو،

ڦاڳ ڦُٽو، منهن مکڙين کوليا، ڀاڳ وريو ڦلواڙيءَ جو،

بلبل چهه-چهه لائي ٿي، ۽ ڪوئل تالَ وٺائي ٿي،

ڊيل خوشيءَ جا کيل ڪري، ڇا مور کي ناچُ نچائي ٿِي.

- ڪَوي ڪشنچند ”بيوس“

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com