شمس الدين سومرو
(ڪهاڻي)
پڇتاءُ
هيءَ اڄ کان اٽڪل پندرهن سال اڳ جي ڳالهه آهي،
منهنجي عمر فقط ٻارهن سال کن هئي ۽ مان ستون سنڌي
۽ ٻيو انگريزي پڙهندو هوس. اسڪول مان اچڻ کان
پوءِ، ماني ٽڪي کائي، ڪڏهن گجرون ۽ پٽاٽا ته ڪڏهن
گرم گرم کيرڻي رڌي اچي پاڙي جي چواٽي تي مسجد جي
ڀر ۾، آنگاس وٽ ويهي وڪڻندو هوس. پاڙي ۾ هر روز
شام جي وقت ٻارن جا هشام لڳا پيا هوندا هئا، جن
مان ڪن وٽ بسڪوٽ ۽ کٽمٺڙا هوندا هئا. ته ڪن وٽ
ڪلفيون هونديون هيون. پر جيئن ته آءٌ گرم گرم تازو
سامان کڻي ايندو هوس، ان ڪري هر وقت مون وٽ ٻارن
جي رش لڳي پيئي هوندي هئي. ٻار راند به پيا ڪندا
هئا ته شيون به پيا کائيندا هئا. انهن ٻارڙن ۾
هڪڙو منهنجي مامي جو پٽ اسحاق هو. هو قد ۾ ڊگهو،
اکيون ڏراٽيل، نڪ ڊگهو، جسم بيڊولو، هلندو هو ته
زمين پئي ڌڏندي هئي، وار سدائين منجهيل هوندا هئس،
عمر ۾ مون جيترو هو. زبان توتلي، سڄو ڏينهن ڦاٽل
پاجامو ۽ گنجي پايو پيو گهمندو هو. ڪنهن ٻار کي ڌڪ
هڻڻ، ڪن جو ڪن پٽڻ ۽ ڪنهن جي مٿي ۾ مٽيءَ جو ٻُڪ
ڀري وجهي ڀڄي وڃڻ سندس مشغلا هوندا هئا، اهوئي
سبب هو جو ڪو به کيس ڪڏهن به پاڻ سان راند نه
ڪرائيندو هو. ۽ نه وري ويجهو اچڻ ڏيندو هو. پوءِ
هو خار ۾ اچي ٻارن جون گوليون کڻي ڀڄي ويندو هو يا
ڪنهن جي اٽي ڏڪر کڻي ڪسيءَ ۾ اڇلائيندو هو. وري
جڏهن ڪو ٻار کيس چيڙائڻ خاطر ڊگهو ڊگهو يا ٻاتو
ٻاتو ڪري چيڙائيندو هو ته بس پوءِ ان کي مارڻ لاءِ
گهر تائين به نه ڇڏيندو هو.
”اڏ آءٌ ٽوٺي ٽونه ٺڊيندس.“
(اڄ آءٌ توکي ڪونه ڇڏيندس) به چوندو ويندو هو ۽ ان
جي پٺيان به ڊوڙندو ويندو هو.
اسحاق جڏهن ڄائو هو ته صفا سُڪو ڪاٺي ٿيو پيو هو.
سنهڙو ۽ ڪارو هجڻ ڪري سڀئي کيس”شيدي شيدي“ چوندا
هئا. اسحاق جيئن وڏو ٿيندو ويو، تيئن رڳو قد وڌندو
ويس، باقي نڪو بت ۾ ڀريو ۽ نه ئي وري زبان سڌريس.
مامي اسڪول ۾ ويهاريس ته ٻه ٽي درجا پڙهي پوي، پر
اتي به سڀ کانئس نفرت ڪندا هئا ۽ سڀڪو پيو
چيڙائيندو هوس.
شيدي ٻٽونگو، دال چٽونگو،
دال ۾ آنا، شيدي ڀري جانا.
هن پڙهڻ به ڇڏي ڏنو، ۽ وتندو هو سڄو ڏينهن پاڙي ۾
رلندو.
اسان جي پاڙي ۾ جمعي جو ڏينهن جهڙو عيد جو ڏينهن
هوندو هو، هڪ ته سڀني ٻارن جي مائٽن کي ڪمن تان
موڪل هوندي هئي ۽ سڀڪو پنهنجن ٻارن کي وهنجاري
سهنجاري نوان ڪپڙا پارائيندو هو ۽ وڌيڪ خرچي ڏيندو
هو. ٻيو ته ٻارن کي اسڪول مان موڪل به جلدي ملندي
هئي. ٽيون ته جمعي جي نماز تي حافظ خميسي موحوم جو
خطبو ٻڌڻ وٽان هوندو هو. سڀڪو ٻار صاف ڪپڙن، ۽
وڌيڪ خرچيءَ جي خوشيءَ ۾ مسجد ۾ ماٺ ڪيو ويٺو
هوندو هو. نماز ختم ٿيندي هئي ته سڀ ننڍا توڙي وڏا
مسجد مان پهرين وات کي چهرو ڪرڻ لاءِ ڪو ڪچالن جي
چاٽ وٺي پيو کائيندو هو، ته ڪو گجرن ۽ پٽاٽن جي
چاٽ ۾ وري ڦودني جي چٽڻي هوندي هئي ته پوءِ همراهه
گهر تائين چپ چٽيندا ويندا هئا. اهو ميلو شام
تائين لڳل هوندو هو.
مون کي چٽيءَ طرح ياد آهي ته هڪڙي جمعي تي اسڪول
ختم ٿيڻ کان پوءِ استاد مون کي مارڪيٽ مان گهر جو
سامان وٺي اچڻ لاءِ چيو. ان وقت نماز جو وقت به ٿي
رهيو هو ۽ هوڏانهن منهنجا ڪچالو ۽ پٽاٽا به گهر
تيار رکيا هئا، رڳو پهچڻ جي دير هئي. استاد صاحب
جو ادب ۽ احترام ڪندي، جواب ڪونه ڏنم ۽ نماز پڙهڻ
جي اجازت وٺي سڌو مسجد شريف ۾ حاضر ٿيس. نماز
پڙهي، مارڪيٽ وڃي،استاد صاحب جي گهر جو سامان
آندم. پوءِ استاد صاحب کان موڪلائي، گهر اچي، ماني
به ڪانه کاڌم ۽ ننڍڙو ڪاٺ جو ٺهيل کمچو کڻي آيس
واڍن جي پڙ ۾، جتي ٻارن جا هشام لڳا پيا هئا. پر
گهڻا ٻار پنهنجون خرچيون اڳي ئي ختم ڪري چڪا هئا ۽
راند ۾ مشغول هئا. باقي جن ٻارن وٽ ڪجهه پئسا خرچڻ
لاءِ هئا. سي ڊوڙندا مون وٽ آيا. جيسين انهن ٻارن
کي چاٽ ٺاهي ڏيان، تيسين منهنجو ننڍڙو ڀاءُ روئندو
مون آيو ۽ اچي چيائين ته” اسحاق منهنجون گوليون به
کڻي ويو آهي ۽ چماٽ به هنئي اٿس.“ آءٌ اڳيئي چڙيو
۽ بيزار ٿيو ويٺو هوس ۽ ان کان اڳ به ٻه ٽي دفعا
منهنجو ڀاءُ اسحاق جي دانهن ڏئي چڪو هو، سو ڀاءُ
جو روئڻ ٻڌي، مان تپي باهه ٿي ويس. ۽ منهنجي هٿ
مان اوچتو پليٽ به ڪري پئي ۽ پٽ تان کڻندي ئي سر
جو اڌڙ، قمر کي چيم ته” ڪٿي آهي اسحاق جو ٻچو، هي
مامي جو پٽ ٿيو آهي، پڦيءَ جي پٽ کي ٿو ماري، اڄ
مان سندس مٿو ڦاڙيندس“. کمچي ۽ سامان کي اتي ڇڏي
ڊوڙندو ويس احساق ڏانهن، جيڪو مسجد جي سامهون
واريءَ جاءِ جي ڏاڪڻ ۾ لڪو ويٺو هو، مون هڪل ڪري
سندس مٿي ۾ سر جو اڌڙ وهائي ڪڍيو. هن جي مٿي مان
رت جو ڦوهارو جاري ٿي ويو، پر اسحاق به همت نه
هاري ۽ اتي مون سان ٻکين پئجي ويو. سندس ڊگها،
سنهڙا ۽ ڪاٺين جهڙا هٿ منهنجي ڳچيءَ تائين پهچي
ويا ۽ هن زور سان گهوگهو ڏيڻ شروع ڪيو. مون کي ان
وقت احساس ٿيو ته اسحاق ڪمزور نه آهي پر مون کان
به طاقتور آهي، مون پنهنجي جان بچائڻ لاءِ هن کي
ايڏو ته زور سان ڌڪو ڏنو جو هو پري وڃي ڪريو ۽ مون
ڀڄي جان بچائڻ لاءِ سوچيو ته هن وري اچي حملو ڪيو
۽ مون کي پيٽ ۾ ڌڪ ۽ ٺونشا هنيا. آءٌ ۽ اسحاق ٻئي
رت ۾ لال ٿي وياسين. ٻارن ۾ ڪهرام ٿي ويو. ”خون ٿي
ويو“، ”خون ٿي ويو“ جون رڙيون ٿيڻ لڳيون. اوڏي مهل
اتفاق سان پاڙي ۾ ڪو وڏو به موجود ڪونه هو. نٺر ۽
هوڏيءَ اسحاق مان ته جان ڇڏائڻ به مشڪل ٿي پئي.
اوچتو منهنجي نظر کمچي تي پيل چاڪون تي وڃي پئي ۽
مون اسحاق کي ڊيڄارڻ لاءِ اهو وڃي کنيو، پر هو ڪٿي
ٿي مڙيو. سندس مٿي مان وهندڙ گرم گرم رت کيس وڌيڪ
ٿي گرم ڪيو. جيئن ئي مون چاڪون اسحاق ڏانهن
وڌايو، هن منهنجي ٻارنهن موڙي چاڪون ڦري، اهڙو زور
سان ڌڪو ڏنو جو آءٌ مسجد جي دروازي جي ڪنڊ ۾ وڃي
ڪريس ۽ منهنجا حوصله خطا ٿي ويا ۽ ڌڪ لڳڻ سبب اٿڻ
جي همت نه پئي ٿي. هو ائين چئي مون تي حملو ڪرڻ
آيو ته
” اڏ مان ٽوٺي جيئرو نه ٺڊيندس“
(اڄ مان توکي جيئرو ڪونه ڇڏيندس).
ايتري ۾ چاچو رنگ مرحوم اتي اچي نڪتو. هن اسحاق
کان چاڪون ڦريو ۽ ٻه ٽي چماٽون مون کي هڻي ڪڍيائين
۽ ٻه ٽي ڌڪ هن کي هڻي، پنهنجن گهرن ڏانهن روانو
ڪيائين. آءٌ رت ۾ لال جڏهن گهر پهتس، ته دانهون
شروع ٿي ويون ۽ هوڏانهن اسحاق گهر پهتو ته اتي
ڪهرام مچي ويو.
چوٿين ڏينهن جڏهن مان وري کمچو کڻي اچي پاڙي ۾
ويٺس ته اهوئي ساڳيو اسحاق، جيڪو گهڻي رت وهڻ ڪري
صفا سُڪي ڪاٺي ٿي ويو هو، رنگ سائو ٿي ويو هوس،
اکيون وڌيڪ ڏرا ڏيئي ويون هئس، مٿي تي پٽي ٻڌل هئس
۽ منهن مان وير وٺڻ جي باهه ڀڙڪي رهي هئس. اچي
منهنجي پاسي ۾ بيٺو. ڪو به ٻار ساڻس ڪونه ڳالهائي
رهيو هو، ڇا ڪاڻ جو سڀ ٻار کانئس نفرت ڪندا هئا.
مون کي آنو ڏيندي چيائين ته
” آني دا ٽچالو ڏي“.
(آني جا ڪچالو ڏي) هن جو ٻاتو ڳالهائڻ مون کي کل
اچڻ بدران الئجي ڇو منهنجي اکين ۾ بي اختيار ڳوڙها
تري آيا ۽ مون يڪدم صندليءَ تان اٿي اسحاق کي ڀاڪر
پائيندي چيو ته ”تون به ته منهنجو ڀاءُ آهين نه؟
جهڙو قمر منهنجو ڀاءُ آهي! مون کي معاف ڪر، آءٌ به
تنهنجو ڀاءُ آهيان.“ اوڏي مهل مون کي محسوس ٿيو ته
اهو ڌڪ اسحاق کي نه پر منهنجي ڀاءُ کي لڳو آهي.
اسحاق مون کي نفرت سان پري ڪندي چيو ته ”هل هل مان
ٽنجو ڀاءُ ٽونه آهيان.
تون مون تي شر هنئي آهي. مون تي تچالو ڏي. ۽ هو بي
فڪر ٿي، ڪنهن جي به پرواهه نه ڪندي آرام سان ڪچالو
کائڻ لڳو.
ٻارن جا ليک
اڪبر
ساگر سنڌي شڪار پور
سهڻا ٻار
هي گلڙن جهڙا سهڻا ٻار،
روشن مستقبل جا معمار.
ظاهر ٿيا مکڙيون موڙي،
راند ڪندي ڊڪندي ڊوڙي.
جن جو اندر شيشي جان،
مان اڇو اجرو صاف چوان.
جي سڪ ۽ صاف سچائي ڄاڻن،
سي ڪم نه ڪوڙ ڪچائي آڻن.
جن جون ننڍيون ننڍيون دلڙيون،
ماکيءَ کان وڌ آهن مٺڙيون.
وڌي جڏهن سي وڏا ٿيندا،
سرڙو پنهنجي ديس تي ڏيندا.
جن ۾ آس وطن جي آهي،
سي دشمن پويان پوندا ڪاهي.
پوءِ نه رهندو ويري ڪو،
آڱر کڻندو ديس ڏانهن جو.
سي دشمن ماري مات ڪندا،
پنهنجي مٺڙي ديس سندا.
الطاف
حسين جوکيو، پڊعيدن
بگ بين
بِگ بِين، لنڊن جي هڪ مشهور گهڙيال جو نالو آهي ۽
ان جي ڪلاڪن وڄڻ جو آواز اڄڪلهه ريڊيو جي وسيلي،
دنيا جي هر ڪنڊ ۾ ٻڌو وڃي ٿو. اهو گهڙيال هڪ وڏي
ٽاور ۾ لڳل آهي، ۽ ان گهڙيال جي تور ساڍا تيرهن ٽن
آهي. جڏهن اهو گهڙيال ٺهيو هو ته ان جي نالي رکڻ
لاءِ برطانوي پارليامينٽ ۾ سوال اٿاريو ويو.
آخرڪار ان تي سر بنجامن هال جو نالو تجويز ڪيو
ويو.
گهڙيال جا چار ڊائل آهن ۽ هر ڊائل جي گولائي
ٽيويهه فوٽ آهي. هر هڪ انگ ٻه فوٽ وڏو آهي. ۽ منٽن
جي وچ ۾ خالي جڳهه جي ايراضي هڪ چورس فوٽ آهي.
ڪانٽا ٽامي جا آهن ۽ منٽ ڪانٽو چوڏنهن فوٽ ڊگهو
آهي، ان کي چار ماڻهو هٽائي سگهندا آهن.
صحيح وقت ٺاهڻ لاءِ هڪ خاص طريقو قطب آندو ويندو
آهي. ان جي پينڊيولم ۾ هڪ ٿالهي لڳل آهي. جڏهن
گهڙيال ڍور هلندو آهي. ته ان ٿالهيءَ ۾ هڪ پينيءَ
يا اڌ پينيءَ جو سڪو رکيو ويندو آهي ته جيئن ان جي
وزن سان ان جي چرپر وڌي. پوءِ جڏهن اهو گهڙيال
پوري وقت تي هلڻ شروع ڪندو آهي ته اهو سڪو کڻي
وٺندا آهن.
هو ڊائل جي هيٺان لاطيني ٻوليءَ ۾ هڪ تحرير نقش
ٿيل آهي جنهن جي معنيٰ آهي” خدا ملڪه وڪٽوريه کي
سلامت رکي.“ جيستائين پارليامينٽ جو اجلاس ٿيندو
رهندو آهي. ته ٽاور ۾ روشني رهندي آهي.
ان گهڙيال جو نقشو لنڊن جي هڪ گهڙيساز تيار ڪيو
هو. ان جو نالو اي. جي، ڊانٽ هو. هو صاحب پنهنجي
ڪم پوري ڪرڻ کان اڳ سال 1853ع ۾ وفات ڪري ويو.
گهڙيال 1854ع ۾ تيار ٿيو ۽ اهو ٽاور، جنهن ۾ اهو
گهڙيال لڳائڻو هو سو پنج سال دير سان ٺهي راس ٿيو.
جڏهن ان گهڙيال کي لڳائڻ جو سوال پيدا ٿيو، ته
گهڻيون تڪليفون سامهون آيون. جيئن ته گهڙيال جو
وزن منڍ ۾ سورهن ٽن هو، تنهنڪري ان ۾ ڏار پئجي
ويا. پوءِ ان جو وزن گهٽائي ساڍا تيرهن ٽن ڪيو
ويو. ٻي تڪليف هيءَ هئي ته اهڙو ڳرو گهڙيال ايتري
بلنديءَ تائين ڪيئن پهچايو وڃي! جيئن تيئن ڪري
اهو گهڙيال لڳايو ويو ته وري ان جا ڪانٽا لڳايا
ويا. انهن سڀني تڪليفن بعد 31 مئي 1859ع کان هن
پنهنجو ڪم شروع ڪيو ۽ هن وقت تائين پنهنجو ڪم
سرانجام ڏيندو رهيو آهي. 54 سالن تائين ان جي
چاٻيءَ جو بندوبست اهو رهيو ته ٻه ڄڻا لڳاتار پنج
ڪلاڪ روزانو ڪم ڪرڻ سان ٽن ڏينهن ۾ چاٻي ڏئي پوري
ڪندا هئا، جيڪا هڪ مهينو هلندي هئي. پوءِ وري هفتي
۾ ٽي دفعا چاٻي لڳو وٺڻ لڳو ۽ هر دفي چاليهه منٽ
خرچ ٿيندا هئا.
هن گهڙيال جي مشين ڪڏهن به خراب ڪانه ٿي آهي ۽ نه
وري ڪڏهن بيٺو آهي. البت هڪ دفعي ڪُئن اندر وڃي
گهر ٺاهيا، جنهن ڪري ان کي بند ٿيڻو پيو. ٻئي دفعي
هڪ پينٽر پنهنجي ڏاڪڻ وساري آيو ۽ ٽيئن دفعي وري
هڪ ڪاريگر پنهنجو هٿوڙو اندر ڇڏي آيو، انهن سبب
ڪري گهڙيال ڪجهه وقت لاءِ بند رهيو. سنه 1941ع ۾
هوائي حملي سبب پڻ گهڙيال رڪجي رڪجي هلندو رهيو.
هاڻي ته هن گهڙيال جي ڪارڪردگي ۾ ڪافي تبديليون
آنديون ويون آهن.
|