سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل

شوڪت حسين شورو

 

مار! ڪيڏو نه کٽو آهي

 

گذارش

پيارا ٻارو:

اسان کي ٽپال ۾ ڏهاڙي اوهان جا الاهي خط ملندا آهن، ۽ سچ پڇو ته اهي خط پڙهي مون کي ايتري خوشي ٿيندي آهي. جو اوهان ان جو ڪاٿو نٿا ڪري سگهو. اوهان جڏهن پنهنجن ڪچن ڦڪن اکرن ۾” گل ڦل“ بابت پنهنجي راءِ لکي موڪليندا آهيو ته دل بهار بهار ٿي ويندي آهي. ٿوري ئي وقت ۾ جيترن ججهن ٻارن ”گل ڦل“ ۾ دلچسپي ورتي آهي سو اميد کان وڌيڪ آهي. اسان جي اها وڌ ۾ وڌ ڪوشش آهي ته جيتريقدر ٿي سگهي گل ڦل کي اوهان جي پسند موجب ٺاهي جوڙي پيش ڪجي. ان ڪري ئي ته توهان جي خطن جو ايڏو انتظار هوندو آهي، ته اوهان جي پسند ۽ ناپسند جي خبر پئي، ۽ اوهان جي راين کي اڳيان رکي نئين پرچي کي وڌيڪ بهتر بنائجي. اوهان کي ٻه وڏيون شڪايتون آهن: هڪ ته رسالي جو ڪور پراڻو آهي ۽ ان کي بدلائجي، ٻيو ته رسالو پوري وقت تي شايع نٿو ٿئي. ڪور جي لاءِ اسان سنڌ جي چترڪارن کي عرض ڪيو آهي، اميد آهي ته نئون ڪور ستت ئي تيار ٿي ويندو. باقي رهي رسالي جي دير سان شايع ٿيڻ جي ڳالهه، ته اوهان جي شڪايت به ايندڙ مهيني کان دور ٿي ويندي.

اميد آهي ته پنهنجي ايندڙ گڏجاڻي جلدي ٿيندي

اوهان جو ڀاءُ،

شوڪت حسين شورو

 

بيت

 

سُر يمن ڪلياڻ

شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي رسالي مان بيت

 

(1)

تون حبيب، تون طبيب، تون درد جي دواء،

جانب منهنجي جيءَ ۾، آزار جا انواع،

صاحب ڏي شفاء، ميان مريضن کي.

(2)

رهي اچجي راتڙي، تن واڍوڙين وٽاءَ،

جن کي سور سرير ۾، گهٽ منجهارا گهاءَ،

لڪائي لوڪاءَ، پاڻهي ٻڌڻ پٽيون.

(3)

سرها ڏٺم سي، جن ساڃاءِ سِراڻ سين،

تيغ تَنيِن جي کي، ڪَٽُ نه لڳي ڪڏهين.

(4)

ڇنِنِ تون مَ ڇِن، پاءِ اُميري اُن سين،

جي هو اوڳڻ ڪنئِي، آسُنهين! تون ڳُڻانئي ڳِن،

پاندُ جهليو تون پِن، هن سُنهاري سنڱ ۾.

(5)

ويٺي جَنين وَٽ، ڏُکندو ڏور ٿئي،

تون تَنين سين ڪَٽ، اوڏا اڏي پَکَڙا.

 صاحبسنگ شهاڻي

چنڊول

 

سنڌ ۾ هن پکيءَ کي ڪٿي هُڙيو، ڪٿي هڙيانڊو، ڪٿي ڍولير ته ڪٿي دٻو ڪري ڪوٺيندا آهن. جمڙاو پٽ ۾ ڪڻڪون انگوريون ته کيڙين ۾ سوين هڙيا نظر ايندا، هونءَ به اروڙين تي، پوٺن پڌرن تي، واٽن رستن تي ٿورا ٿورا ڀيڙا گهمندا چڳندا ڏسبا آهن، هيڪر هڪڙو ٻيلي ساڻ هوم، تنهن کان پڇيم ته هيءُ پکي اڪثر ولر ڪيو گهمن ٿا؟ چيائين هائو سائين: وڳر ڪيو وتن،پرت نه ڇنن پاڻ ۾ پسو پکيئڙن، ماڻهنئان ميٺ گهڻو. (شاهه)

کاڌو چندول جو آهي ڏٿ، پر ائين نه آهي جو پوک کي نقصان پهچائي ئي ڪونه ٿو. ٻاجهر ۽ جوئر جو سنگ چونگاري ٿو. ڪڻڪون به جيسين ڀنجون پيئون کائينديون،  تيسين، ڪنڊڙا ۽ داڻا کوٽيو پيو کائيندو، سَڃي پوک پَٽڻ جو به استاد آهي، پر جي هاريءَ جهار ٿوري ئي هڪلي ته بس. پختي هاريءَ جي پوک ۾ پاڻيءَ مهند ڪو ڇڊو کوٽهڙو ٿو ڪري.

کيڙ ۽ لاباري جي وقتن کان پوءِ اُن جي پٽ تي پيل نٿو ٿئي ۽ ڇنڊول يا ٻين پکين کي چيڄو ڳولڻو ٿو پوي. چندول جي چيڄي پٺيان ڳولا بعضي اوقات مون کي ڏاڍي مزي جهڙي لڳندي آهي، هڪڙو هڪڙو جي کاڌو ڳولي ته هوند سڄوڏينهن لڳيس ته به پورت نه پويس. هي پاڻ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ولر ڪيوکاڌو ڳوليندا آهن، پوءِ جڏهن منجهائن هڪڙو نه ٻيو وڃيو اهڙو هنڌ ڳولي ڪڍي جنهن ۾ چيڄو ڄام موجود هجي، تڏهن اهو اهڙي سڏن جي چچرو چچرو ڪندو آهي جو ٻيا سندس رفيق اُهي سڏ سهي ڪري وڃي وٽس ڪٺا ٿي کاڌي ۾ شريڪ ٿين.

چنڊول کهرو ۽ ڏاهو پکي ليکجڻ ۾ ايندو آهي. ماڻهو اوڏو ويندس ته ٽپڪي ڏيئي هڪڙي هنڌان اُٿي ٻئي هنڌ ويهندو، جي گز هڻندس ته به بعضي بانولي کائي گز جي هيٺان يا مٿان اڏاري هڪڙي نه ٻئي هنڌ ڀرسان ويهي ويندو. مون ٻهراڙيءَ ۾ ٻڌو آهي ته هڙيو چوي: ”آءٌ جهرڪيءَ کان ڪي سهيرو،ڏاڙهيءَ وارو مون کي ماري ڪونه ۽ وري بي ڏاڙهيءَ کان آءٌ مران ڪونه.“

چنڊول جي مزاج جو ڍنگ منهنجي دل کي ڏاڍو سٺو لڳندو آهي. جنهن مهل ڳل ڦوڪي، چوٽي کڙي ڪري، لات ڪندو سانوڻ ۾ چنڊول جي لات به لاتين جهڙي ٿي ٿئي. چندول کي سنڌ ۾ عابد پکي ڪري ٿا ليکن. رات ڳچ پيئي هوندي ته اٿندو، پوءِ آکيرو ڇڏي اُڏرندو، ۽ ڳائيندو. ساريکو نه اُڏرندو، مٿي اُڏري وري نمندو، هيٺ مٿي لهرا ڏيئي پيو مٺيون ٻوليون ڪندو تان جو پهر سوا ڏينهن جو چڙهندو. جن سندس اها ٻولي سئي آهي، سي چون ٿا ته چنڊول جي ٻولي مٺي ۾ مٺي، وڏي اَسر کان پرهه ڦٽيءَ تائين ٿي ٿئي.ڌنار جي ڍورن سان رات جو پهرندا آهن سي انهيءَ ٻوليءَ جي ساراهه مان ڍاپندئي ڪين آهن. ڪارڪڻڇي به اسر جو دليون دانهيندي آهي. پر ڪارڪڻڇي چنڊول سان دعويٰ نه ڪندي. چنڊول انهيءَ وقت بيحد سريلو ٿي ٿو پوي. جن جن چنڊول کي پرڀات جو ٻڌو آهي تن پنهنجي پنهنجي نوع ۾ شاهدي اِها ڏني آهي ته چنڊول جهڙو سُريلو ٻيو ڪونه. چنڊول جو الحان انهيءَ وقت لاشڪ سرود آميز آهي. انهيءَ الحان جي ڪري فقير شاهه حسينيءَ چنڊول کي انسان جي روح سان مشابهت ڏني آهي:

داتا تنهنجي ٽيڪري ۾ ٻولي ٿو چنڊول!

سائيان تنهنجي درگاهه ۾ ٻولي ٿو چنڊول!

روضو هي تنهنجو آهي عجب بنيو،

جتي وسي ٿو نِت نت نور.

ورڊز ورٿ جيڪو انگلنڊ جو اوڻهينءَ صديءَ جو ناليرو شاعر ٿي گذريو آهي، تنهن پنهنجي شعر ۾ چيو آهي ته چنڊول ماديءَ ۽ ٻچن جي پيار ڪري ئي ڳائي ٿو. انگريزي چنڊول آکيري مٿان عرشين اُڏري نهايت مٺو ڳائيندو آهي، پر اک ۽ ڪن ته به آکيري ڏي هوندا اٿس. ورڊز ورٿ انهيءَ ڪري چنڊول کي ڏاڍو ساراهيو آهي. چوي ٿو ته چنڊل پورن سياڻو، ڪامل دانا:

سائين سنڀاليندي گهر نه وساري ۽ نه گهر سنڀاليندي سائين.

انگريزي چنڊول سنڌي چنڊول کان تمام گهڻو اُچو ٿو ڏسجي. ورڊز ورٿ چوي ٿو ته ڇا بهار ڇا خزان، ڇا اونهارو ڇا سيارو، سڄو ورهيه سندس گانو پيو ٻڌجي، ۽ وري ڳائي به مٿي زور ٻهڪندڙ روشنائي جي نويڪلائيءَ ۾ ۽ نه بلبل جيان هيٺ وڻن جي اونداهه ۽ اُجهندي ۾. مٿي نه ايترو وڃي جو نظري نه سگهجيس. شيلي، جنهن جهڙو شاعر جهان ۾ ڪو ڇڊو ٿيو آهي، تنهن ته انگريزي چنڊول جي مهما اهڙي ڳائي جو ڳائيندي سندس پنهنجو گانو بينظير ٿي پيو آهي. شيلي چوي ٿو ته جڏهن چنڊول ڳائي ٿو تڏهن ڌرتيءَ جي ٽڪري تي ڄڻڪ گاني جي ورکا ٿي ٿئي. انڊلٺ مان رنگارنگ سهڻيون چمڪيدار مينهن جون بوندون پونديون آهن. چنڊول جي لاتين کي تن جهڙو کڻي چئجي. وڻ ۾ ٽانڊاڻو ٿيندو آهي جو پاڻ نظر ڪين اچي پر منجهانس باهه جهڙا چمڪاٽ پيا نڪرندا آهن. انهيءَ جهڙو به چنڊول کي کڻي چئجي. يار ته مشابهت ڏجيس انهيءَ گلابي گل سان جو هوائن سڄو ٽيڙي ڇڏيو هجي ۽ جنهن جي خوشبوءِ سان آسپاس هوا ساري ڀرپور ٿي پيئي هجي. پر نه گاهه تي پوندڙ بهاري ورکا جو آواز، نه منهن کليل گل، نه ڪا ٻي شئي، شيلي چوي ته اهڙِي سٺي آهي جهڙي چنڊول جي لات، شيلي سڪندو رهيو ته اهڙي لات سندس ٿئي. انگريزي ڇا نظم ڇا  نثر ۾ جيتري مهما چنڊول جي ڳاتل آهي تيتري ڪنهن به ٻي پکيءَ جي نه ڳاتل آهي. سنڌي شاعر يا سگهڙ چنڊول جو ذڪر ڪو ٿورو ڪيو آهي. مون کي چنڊول کي جاچي ڏسڻ ڏاڍو مزو ڏنو آهي(1908ع)

 

(ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج مسيلنيءَ مان چونڊ ليکن جي ڪتاب” ويچار“ 1944ع تان ورتل)

 

 

(1)  انواع_قسم. (2) واڍوڙيا_وڍيل، ڦٽيل. سرير_بدن. گَهٽُ_اندر، دل . گهاءَ _زخم، لوڪاءَ_ ماڻهو، (3) ساڃاءِ _ واقفيت، سراڻ_ جنهن تي ترارن کي تيز ڪجي. تيغ_ترار، (4) اُميري_ڳنڍ، اوڳڻ _بدي، اسُنهين_اڻڄاڻ. (5)ڪَٽِ_گذار

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com