سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 8

باب: --

صفحو :3

ترجمو: نظير احمد شورو

(آرمينيئن لوڪ ڪهاڻي)

 

 

 

 

ڏنگي زال

 

 

گهڻو وقت اڳي هڪڙي هنڌ ڪي زال مڙس رهندا هئا، اهي ويچارا ڏاڍا غريب هئا. اهو غريب ماڻهو ٻين جي درن تي وڃي پورهيو ڪندو هو، ڳئون ڏهندو هو، ڪاٺيون ۽ سڪل ڇيڻا وڪڻي ڪجهه پئسا ڪمائي مڙيئي پيو گذران ڪندو هو. هو ڏاڍو محنتي ماڻهو هو پر هن جا ڀاڳ ڦٽل هئا، جو سندس زال ڏاڍي ڏنگي، ۽ جهيڙيڪار هئي.

اها روز پنهنجي مڙس سان ان ڳالهه تي تڪرار ڪندي هئي ته”وڃ مون کي هي آڻي ڏي، هو آڻِي ڏي! مون کي اهو ريشمي ڪپڙو نه گهرجي، ٻيو ڪو وٺي اچ!“

ويچارو غريب مڙس اچي ڦاٿو ته ڇا ڪجي. هن زال کي گهڻوئي سمجهايو، ”ڏس زال، ڪجهه ته خيال ڪر، پاڻ ڪيترا نه غريب آهيون، مشڪل سان پيٽ لاءِ ٽڪر ٿا آڻيون، آءٌ اهو ڪٿان پورو ڪندس. ماڻهوءَ کي سوڙ آهر پير ڊگهيرڻ گهرجن.“

پر زال پنهنجون ڏنگايون نه ڇڏيون. نيٺ ويچاري غريب ماڻهوءَ نراس ٿي فيصلو ڪيو ته هو گهر ڇڏي ڪيڏانهن منهن واهه ڪري هليو ويندو. جيئن هن ڏنگيءَ زال مان جان ڇٽي پوي. هڪڙي ڏينهن هو مانيءَ جو ٽڪر ۽ ڪجهه مُستي پاڻ سان کڻِي گهر ڇڏي نڪتو. خدا ٿو ڄاڻي ته ڪيترو وقت ائين هلندو رهيو، نيٺ هڪ سُڃي جاءِ تي پهتو، اتي هن هڪ وڏو پٿر ڏٺو، پٿر هٽائي ڏٺائين ته اتي اٿاهه، بي انت کڏو هو ۽ ان مان عجيب غريب روڄ راڙي جا آواز ٻڌي هن کي اچي ڊپ ورايو،  جلدي کڏو وري بند ڪري ڇڏيائين.

”مون کي ان جي ئي گهرج هئي.“

هن فيصلو ڪري ورتو. ان کان چڱي جاءِ جي آءٌ آس نٿي رکي سگهيس. آءٌ هاڻي گهر موٽي ويندس ۽ پنهنجي زال کي هتي وٺي ايندس ۽ ان کان پوءِ ان کي کڏي ۾ اندر ڌڪي، ان مان جان آجي ڪندس.“

گهر پهچي هن پنهنجي زال کي چيو ته، ”ٻڌ زال، آءٌ اڄ جڏهن ڪاٺيون ڪرڻ ويس ته اتي مون هڪڙو شاهي پٿر ڏٺو، اهو هٽائي ڏٺم ته ان هيٺان کڏو هو. اهو سڄو پئسن، سون، هيرن، جواهرن ۽ ڪيترن قيمتي پٿرن سان ڀريو پيو هو. هر ڪا شئي چمڪي ۽ ٻري پئي، اهو ڏسي منهنجي دل خوشيءَ مان ٻهڪي اٿي.“

”تو اندر لهي وڃي ڏٺو يا نه؟“

”آءٌ سچ ٿو چوان، توکي ويساهه نه اچي ته هل مون سان، توکي هلي ڏيکاريان.“

”چڱو ٺيڪ آهي.“ هن جي زال هلڻ لاءِ تيار ٿي.

ٻئي ڏينهن صبح جو سوير ٻئي زال مڙس هڪڙو ڊگهو رسو ۽ٻه ٽي ٽڪر مانيءَ جا کڻي روانا ٿيا. هو هلندا رهيا. هلندي هلندي نيٺ اچي ان پٿر وٽ پهتا، مڙس پٿر رسڪائي پري ڪيو.

”زال منهنجي ڳالهه ٻڌ! آءٌ رسو پنهنجي چوڌاري ٻڌي هيٺ کڏي ۾ لهي، خزانو کڻِي ٻاهر ٿو اچان.“

”ائين وري ڪيئن ٿيندو!“

هن جي زال چيو. ”اهو ڪم آءٌ پاڻيهي ڪنديس، نه ته تون سڄو خزانو ڦٻائي ويندين. منهنجي لاءِ ڪجهه به نه ڇڏيندين.“

اِهوئي ته سندس مڙس گهريو ٿي. هن رسي زال جي چوڌاريءَ ٻڌي کيس کڏي ۾ هيٺ لاٿو. جيئن ئي هوءُ تري تي پهتي ته هن رسو ڪٽي، پٿر سرڪائي ساڳيءَ جاءِ تي رکي ڇڏيو.

”شل دوزخ ۾ وڃين،“هن چيو. ”نيٺ مون پنهنجي ڏنگي زال مان جان ڇڏائي. جيڪي ٿيندو ان کي ڏٺو ويندو.پوءِ ڀلي کڻي ٻئي جهان ۾ مون کي پگهريل ڏامر ۾ ڪاڙهيو وڃي يا دوزخ جي باهه ۾ ساڙيو وڃي.“

۽ هو پنهنجي گهر هليو ويو. هڪڙو ڏينهن گذريو. ٻيو گذريو ۽ ٽِيون به گذريو. اهڙي ريت سڄو هفتو گذري ويو. هن پنهنجو پاڻ کي چيو، آءٌ وڃي ڏسان ته منهنجي زال تي ڇا وهيو واپريو، جيئري به آهي يا مري ويئي!“

هڪڙو ڀيرو وري هو کڏي ڏانهن  ويو ۽ پٿر سان ڪن لڳائي ڪجهه ٻڌڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. توهان ڀانيو ٿا ته هن ڇا ٻڌو؟ پٿر جي هيٺان هن روڄ راڙو ۽ دانهون ڪيڪون ٻڌيون. اهڙيون دانهون ٻڌي هو ڊڄِي ويو. هن مشڪل سان جڏهن پٿر کي ڇُهيو ته کيس ٻڌڻ ۾ آيو. او چڱا ماڻهو! ڀلائي ڪري ٿورو پٿر هٽائي اسان کي ٻاهر ڪڍ. مهرباني ڪر هن خوفناڪ عورت کان اسان جي جند ڇڏائي. اسين توسان وعدو ٿا ڪريون هڪڙي ڏينهن توکي ان جو اجورو ضرور ڏينداسين.“

هن وحم کائي پٿر هٽايو. ترت ئي هڪ ٻي جي پويان سڀئي جن ٽپا ڏيئي ٻاهر نڪري هن شخص جي چوڌاري ڦري بيٺا. ويچارو غريب ماڻهو اچي ڊنو. هن جي زبان تارونءَ سان چنبڙي پئي. جنن جو سردار هن جي ويجهو اچي چوڻ لڳو”ڊپ نه ڪر،هن خوفناڪ عورت مان اسان جي جند ڇڏائي، تو اسان لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو آهي. اسان جي خواهش آهي ته توکي ان مهربانيءَ جو اجورو ڏيون. هاڻي خبرداريءَ سان ٻڌ، آءٌ وڃان ٿو بادشاهه جي محلات ۾، اتي بادشاهه جي ڌيءَ جي بت ۾ گهڙي ويندس. ڪا به دوا اتي اثر نه ڪندي. جيئن ئي تون ان بابت ٻڌين هڪدم بادشاهه ڏانهن هليو وڃجانءِ. چئج، ”بادشاهه سلامت! شل توهان جي سر جي ڇانو سدائين رعيت تي هجي. آءٌ توهان جي ڌيءَ جو علاج ڪرڻ آيو آهيان! ان کان پوءِ بيمار جي ڪمري ۾ وڃج، جيئن آءٌ توکي ڏسندس ٽپو ڏيئي شهزاديءَ جي بت مان ٻاهر نڪري ويندس.اها بلڪل چاق چڱي ڀلي ٿي پوندي.“

ايترو چئي جنن جو سردار اتان گم ٿي ويو ۽ غريب ماڻهو موٽي پنهنجي ڳوٺ آيو. ٿوري وقت ۾ سڄي ڳوٺ ۾ ڳالهه هلي ويئي ته بادشاهه جي ڌيءَ چري ٿي آهي. ۽ کيس نير جي چاليهه ورن سان ٻڌي محلات جي ڪوٺيءَ ۾ ڪلف ڏيئي ڇڏيو اَٿن. سڄي دنيا جا حڪيم طبيب محلات ۾ گهرايا ويا پر ڪجهه به نه ٿيو. اهي ان جو علاج نه ڪري سگهيا. جڏهن غريب ماڻهو بادشاهه وٽ محلات ۾ ويو.

”توکي ڇا کپي؟“بادشاهه هن کان پڇيو.

”آءٌ حڪيم آهيان ۽ توهان جي ڌيءَ جو علاج ڪرڻ آيو آهيان.“

”جيڪڏهن تو هن جو علاج ڪيو“، بادشاهه چيو، ”ته جيڪي گهرندين سو ملندءِ.“

هن کي شهزاديءَ وٽ وٺي ويا، هن ڏٺو ته سچ پچ شهزادي رُڪ جي نير جي چاليهه ورَن سان ٻڌي پئي هئي. شهزاديءَ وٽ پهچي چپن چپن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪرڻ لڳو. جيئن ڪو دعا گهرندو هجي. ۽ ڪاغذ جي ٽڪري تي سمجهه ۾ نه ايندڙ نشانيون وجهڻ لڳو. جن جيئن ئي هن کي ڏٺو. ٽپو ڏيئي سڌو هن وٽ آيو، ”هاڻي آءٌ وڃان ٿو هندستان ۽ اتي ان بادشاهه جي ڌيءَ جي بدن ۾ گهڙي ويندس.“ پر آءٌ توکي چتائي ٿو ڇڏيان ته اتي ڪڏهن به نه اچج، نه ته آءٌ ان جي بدن مان نڪري تنهنجي بت ۾ گهڙي ويندس.“

”تون ڇا ٿو سمجهين. آءٌ ڪو سودائي آهيان ڇا؟ منهنجي اتي ڀلا ڪا ڇيڙ ڪا نبيري!“

جن ته گم ٿي ويو ۽ غريب ماڻهو شهزادي کي نيرن مان کولي بادشاهه وٽ وٺي آيو. شهزادي بلڪل چڱي ڀلي ٿي پئي. جيئن نيئن ڄائي هجي.

”چئو!“ بادشاهه غريب ماڻهوءَ کي چيو”توکي ڇا گهرجي؟“

”بادشاهه سلامت! شل سدائين توهان جي سر جي ڇانو هجي. توهان جيڪي ڏيندا سو آءٌ خوشيءَ سان قبول ڪندس.“

”آءٌ توکي شهزاديءَ جو سڱ ٿو ڏيان. تون ئي اهو هڪڙو ماڻهو آهين جنهن هن جي حياتي بچائي. نه ته پڪ ئي پڪ اها مري وڃي ها.!“

ان غريب ماڻهوءَ جي شادي شهزاديءَ سان ٿي ۽ ڏاڍو سکيو وقت گذارڻ لڳو.

هوڏانهن جن هندستان پهچي اتي بادشاهه جي ڌيءَ جي بت ۾ گهڙي ويو. هندستان جي بادشاهه هر قسم جي ڊاڪٽرن کي گهرايو پر انهن مان هڪڙو به شهزاديءَ جو علاج نه ڪري سگهيو. نيٺ بادشاهه کي ڪنهن ٻڌايو ته فلاڻي ملڪ جي بادشاهه جو ناٺي ڏاهو حڪيم آهي، رڳو اهو ئي شهزاديءَ جي حياتي بچائي سگهي ٿو. بادشاهه ڏانهن پيغام روانو ڪيو ته پنهنجي ناٺيءَ کي اسان ڏانهن موڪل ۽ ڌمڪي پڻ ڏياري موڪليائينس ته جيڪڏهن تو پنهنجو ناٺي نه موڪليو ته اسين وڏو لشڪر وٺي اچي توهان سان لڙائي ڪنداسين.

قاصد بادشاهه جو پيغام کڻي سفر تي اُسهيو. هلندو هلندو نيٺ ان بادشاهه جي شهر ۾ پهتو. محلات ۾ پهچي هن بادشاهه کي جهڪي سلام ڪيو ۽ چيو”شل وڏي حياتي ماڻيو، بادشاهه سلامت! هندستان جي بادشاهه جي ڌيءَ چري ٿي پئي آهي ته توهان جو ناٺي ڏاهو حڪيم آهي ۽ اهو ان جو علاج ڪري سگهي ٿو“

بادشاهه جو غريب ناٺي اچي ٻن باهين جي وچ ۾ ڦاٿو. جيڪڏهن نٿي ويو ته لڙائي ٿي لڳي. جي ويو ٿي ته جن ٿي هن جي بدن ۾ گهڙيو. ڪري ته نيٺ ڇا ڪري! گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ هن هندستان وڃڻ جو فيصلو ڪيو. خيال ڪيائين، ”جيڪي ٿيندو سو ڀلي ٿئي.“

سفر جو بندوبست ڪري هو هندستان جي قاصد سان گڏجي هندستان روانو ٿيو. اهي هلندا رهيا. هڪڙو ڏينهن، ٻيو ڏينهن. ٽيون ڏينهن سڄو هفتو. نيٺ اچي هندستان پهتا.

حڪيم کي محلات ۾ بادشاهه وٽ وٺي آيا.

”تون اهو ساڳيو حڪيم آهين؟“

بادشاهه پڇيو.

”ها، رحمدل بادشاهه! آءٌ ئي اهو ساڳيو آهيان.“

”تون منهنجيءَ ڌي جو علاج ڪندين؟“

”آءٌ ڪوشش ڪندس.“

هن کي شهزاديءَ جي ڪمري ۾ آندو ويو، جتي شهزادي لوهي ٽيهر سان ٻڌي پئي هئي. جن هن کي ڏسي تپي باهه ٿي ويو. رڙ ڪري چيائين،”ڇا مون توکي هتي اچڻ کان جهليو نه هو، توکي جرئت ڪيئن ٿي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي؟“

”هش دوست!“غريب ماڻهو چيو، ”آءٌ بادشاهه جي ڌيءَ جي ڪري ڪونه آيو آهيان. آءٌ رڳو توکي اهو ٻڌائڻ آيو آهيان. ته اها خوفناڪ عورت کڏي مان نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي توکي جتي ڪٿي ڳوليندي وتي. ان کي ڪنهن ٻڌايو آهي ته تون هندستان ۾ آهين. هاڻي هوءَ هيڏانهن پئي اچي. توکي اچي سيکت ڏيندي، ان ڪري ڀڄي جان بچاءِ.“

”امان“ جُن مٿو جهلي رڙ ڪري چيو، ” جي ائين آهي ته آءٌ هن جي اچڻ کان اڳ ۾ ئي هتان نڪري ٻئي ڪنهن ملڪ ڀڄي ٿو وڃان.“

ائين چئي جن ٽپو ڏيئي شهزاديءَ جي بدن مان ٻاهر نڪري ڀڄي ويو. شهزادي هڪدم چڱي ڀلي ٿي ويئي. جيئن ڪا نيئن ڄائي هجي. غريب ماڻهو هن کي نيرن مان کولي بادشاهه وٽ وٺي آيو.

بادشاهه اهو ڏسي ايترو ته خوش ٿيو جو وس پڄيس ته هن کي سڄي دنيا اجوري ۾ ڏيئي ڇڏي. هن غريب ماڻهوءَ کي ججهو سون ۽ ناڻو ڏيئي، پنهنجي ملڪ روانو ڪيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com