جيتوڻيڪ ٻار جي بھترين پرورش، والدين جي گڏيل
ذميواري ھوندي آھي. پر ٻار جي مڪمل شخصيت ٺاهڻ ۾
آس پاس جي ماحول يعني ڀيڻون، ڀائر، مٽن مائٽن ۽
دوستن جو به ھٿ ھوندو آھي. ان کانسواءِ ٻار جي
ذھني نشونما ۾ نه رڳو والدين، پر اسڪول ۽ اُستاد
به پنھنجو ڪردار ادا ڪن ٿا. اسان جي موجوده تعليمي
نظام مطابق، ٻار ھڪ درجي کان ٻي درجي تائين پھچڻ
جو سفر ته ڪري ٿو. پر سِکڻ جي سگھه ۾ واڌ ويجھه جو
عمل گھٽ رھي ٿو. مثال طور ٻار کي خبر آھي، ته
منھنجو مائٽ، منھنجون مارڪون وڌيڪ اچڻ تي خوش
ٿيندا آھن، ته ٻار پھرين اچي پنھنجون مارڪون
ٻڌائيندو ۽ چوندو ته فلاڻي جي پٽ کان منھنجون
مارڪون وڌيڪ آيا آھن، پر جيڪڏهن اسين ٻار کان اھو
سوال ڪنداسين، ته نصاب مان، ھن کي ڇا سمجھه ۾ آيو
يا ڪيترو ۽ ڇا سکڻ لاءِ مليو اٿس، ته شايد ئي ٻار
ان جو ڪو خاطر خواهه جواب ڏئي سگھي، ڇو ته اسان جو
رٽا سسٽم ٻار کي سٺا نمبر کڻائي پاس ته ڪرائي
سگھي ٿو، پر سندس تخليقي صلاحيتن کي اجاگر ناھي
ڪري سگھندو ۽ رڳو پاس ٿيڻ ئي ته تعليم جو بنيادي
مقصد
ناھي ھوندو.
ساڳي ريت ھڪ ٻار، جيڪو ننڍپڻ کان وٺي، پڙھائي ۾
ڪمزور ھجي. اسان ان تي ڪڏھن به غور نه ڪيو آھي ته
ڇا اھو شروع کان وٺي ايئن رھيو ھوندو ؟!! بلڪل
نه.... ڇو ته اسان پاڻ ٻار کي، اھا ڳالهه ذھن نشين
ڪرائي تسليم ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندا آھيون، ته هو
واقعي پڙھڻ ۾ ڪمزور آھي ۽ ايئن ئي رھندو. اھا
ڳالهه ٻار جي معصوم ذھن تي گھرو اثر وجھي ٿي ۽
پوءِ اھڙو ٻار اڳتي اچڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ بند ڪري
ڇڏيندو آھي ۽ احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو. پر
اتي اسين کيس اھو ڇو نٿا سمجھايون، ته نمبر گھٽ
اچڻ جو مطلب آھي ته اڃا توکي محنت ڪرڻ جي ضرورت
آھي، اھا ناڪامي ڪونھي.جڏھن مائٽ پنھجي ٻار کي ٻين
ٻارن سان ڀيٽ ڪرڻ شروع ڪندو آھي، ته اھو ٻار
مايوسي جو شڪار جلدي ٿيندو آھي ۽ پنھنجون تخليقي
صلاحيتون ضايع ڪري ڇڏيندو آھي. پر، جيڪڏهن انھيءَ
ٻار کي اسان ھمت افزائي ڪري اڳتي وٺي اچون، ته
يقينن اھو ٻار اڳتي به ايندو ۽ مختلف سرگرمين ۾
دلچسپي وٺي، نمايان ڪارڪردگي ڏيکاري، ھڪ منفرد
شخصيت ٿي اُڀري ايندو.
ھن وقت سماج کي فقط ڊگري يافته نه بلڪ تربيت يافته
فردن جي اشد ضرورت آھي، اھو تڏهن ئي ممڪن آھي،
جڏھن ٻار کي گھربل ماحول ملندو. ھڪ ٻار، پنھنجي آس
پاس جي ماحول مان سڀ سکي پوءِ اسڪول ويندو آھي.
ياد رھي ته اسڪول فقط سُٺي تعليم ئي ڏئي سگھندا.
سُٺي تربيت کين گھر مان ئي ملي سگھي ٿي. ان مان
ثابت ٿيو ته اسين ٻار کي فقط بھتر ماحول ڏينداسين،
تڏھن ئي سکندو ڇو ته ٻار صرف اسان جا عمل ڏسي ٿو ۽
پوءِ نقل ڪري ٿو.صرف نصيحت ڪرڻ مان ٻار باغي ٿي
ويندو آھي، سواءِ چند اھڙن موقعن جي جڏھن هو پاڻ
ٻڌڻ چاھي، زبردستي ٻار کي اسين سمجھائي نٿا
سگهون.خاص ڪري ان وقت، جڏھن بار بار اسين ساڳي
ڳالهه ورجائيندا وڃون. اسان جي ٻارن کي نصابي ڪتاب
۽ سرگرمين کانسواءِ غير نصابي سرگرميون ۽ بھترين
پرورش، مستقل مزاجي، سُٺي ذھني
نشونما ۽ ھُنري سکيا جي پڻ ضرورت آھي.
اچو ته گڏجي ڪوشش ڪيون ته اسان جا ٻار امن ۽
سلامتي جا آداب سکي، سماج لاءِ بھترين فرد ثابت
ٿين. ٻار اسان جو قيمتي سرمايو آھن ۽ اسان جي
ايندڙ نسلن جو دارومدار انھن تي آھي، جن کي سنوارڻ
جي ذميواري والدين لاءِ وڏي ذميواري پڻ آھي، جيئن
قيمتي گاڏي يا جھاز ھلائڻ لاءِ پائليٽ جو تربيت
يافته ھئڻ ضروري آھي. ايئن ئي ٻارن جي بھترين
پرورش لاءِ والدين جو تربيت يافته هئڻ ضروري آھي،
ياد رکو ته ڪامل والدين جو وجود ناممڪن آھي. ڪوشش
ڪرڻ وارا ئي بھترين والدين ثابت ٿيندا آھن، اوھان
جي اصلاح لاءِ ڪجھه تجويزون ھيٺ ڏجن ٿيون.
*
گھر جي ماحول کي خوشگوار رکو، ٻارن لاءِ مثالي
والدين بڻجي پئو، ٻار اوھان جي نصيحتن کي سمجھڻ
بجاءِ، اوھان جي اعمالن مان جلدي سکن ٿا.
*
ٻارن جي تعليمي ميدان ۾ ڪاميابي لاءِ مدد ڪيو.
روزاني ھوم ورڪ ڪرڻ ۾ سندن مدد ڪيو. ٻار ھلندڙ
ڦرندڙ سواليه نشان جيان ھوندو آھي. سندن سوالن جا
جواب ڏيو، ٿي سگھي ته اضافي مدد فراهم ڪيو.
*
ٻارن سان روزمره جي ڳالهين تي بحث ڪيو. مثال طور،
اڄ اسڪول ۾ سندن وقت ڪيئن گذريو؟ ائين ڪرڻ سان،
انھن جا ذھن وسيع ٿيندا ۽ ھر ڳالهه والدين سان
ونڊڻ سکندا.
*
گھر جا ننڍا وڏا ڪم ڪار ٻارن کي ڪرڻ ڏيو. اُن سان
ٻارن ۾ خود اعتمادي پيدا ٿيندي آهي ۽ پاڻ کي
ذميوار سمجھڻ شروع ڪندو آھي.
*
ٻارن جي حوصلا افزائي ڪيو، ڀلي اھو ڪم ڪيترو مشڪل
ئي ڇو نه ھجي.
*
ٻارن کي ٻڌايو ته زندگيءَ جي ھر محاذ ۾ اوھان انھن
سان گڏ آھيو ۽ سندن محافظ آھيو.
*
ٻارن ۾ مشڪلاتن کي حل ڪرڻ جي سگھه پيدا ڪرڻ ۾ مدد
ڪيو.
*
ٻارن کي سيکاريو ته ھارائڻ شرم جوڳي ڳالهه ناھي،
ڪوشش ئي سڀ ڪجھه آھي.
*
ٻارن کي سوشل ميڊيا جا فائدا ۽ نقصان ٻئي سمجھايو
۽ جديد ٽيڪنالوجيءَ مان فائدو وٺڻ سيکاريو ۽ ماڊرن
ٽيڪنالوجيءَ جو صحيح استعمال ڪندي، ٻارن جي اصلاح
ڪيو.
*
ٻارن جي صحتمند زندگيءَ لاءِ انھن جي ورزش،صحتمند
خوراڪ ۽ مناسب ننڊ جو خيال رکو.
*
ٻارن کي قدرتي وسيلن بابت ڄاڻ مهيا ڪيو، کين فطرت
گهڻو سوچڻ ڏانھن راغب ڪندي آهي ۽ ھو سوال ڪرڻ
سکندو آھي.
*
ٻارن ۾ مطالعي جي عادت وجھو. کين آکاڻيون ٻڌايو ته
جيئن ھو ڪتاب پڙھڻ ۾ دلچسپي وٺن.
*
ٻارن سان دوستاڻو رويو اختيار ڪيو.
*
پنھنجي خاندان وارن سان ملرايو، خانداني گڏجاڻين ۾
ٻارن سان گڏ شرڪت ڪيو، ته جيئن انھن کي خاندان ۽
رشتيدارن جي اھميت جي خبر پوي.
*
پنھنجي ٻارن سان گڏجي
’دسترخوان‘
تي ويھو،گڏجي کائڻ جي اھميت
بابت ڄاڻ ڏيو.
*
ٻارن کي صبر تحمل ۽ برداشت سيکاريو، انھن کي ٻڌايو
ته جلد بازي نقصانڪار ھوندي آھي.
*
ٻارن کي اخلاقي قدرن، مھرباني، سخاوت، ايمانداري،
انصاف جھڙين خوبين بابت ٻڌايو.
*
ٻارن سان گڏ کِل ڀوڳ ڪندي، صحيح ۽ غلط ۾ فرق ڪرڻ
سيکاريو.
*
ٻارن کي سمجھايو ته مشڪلاتن ۽ ناڪامين کي ڪيئن
منھن ڏجي.
*
ٻارن کي سيکاريو ته شڪست ئي ڪاميابي طرف پھريون
قدم آھي.
*
ٻارن ۾ نئين شيءِ سِکڻ جي جُستجو پيدا ڪرڻ ۾ مدد
ڪيو.
*
ٻارن کي معاف ۽ درگذر ڪرڻ سيکاريو.
*
ٻارن کي ٻين جي مدد ڪرڻ سيکاريو.
*
پڙھڻ لاءِ ٻارن تي زبردستي نه ڪيو، جو پڙھائي کان
ھميشه لاءِ پري ٿي وڃن.
*
ٻارن کي سمجھائڻ لاءِ پيار ۽ سختيءَ جو توازن
برقرار رکو.
*
ٻارن کي ٻڌايو ته خواهشون پوريون ٿيڻ لاءِ محنت
ڪرڻ ضروري آھي.
*
ٻارن کي پنھنجي محنت ۽ صلاحيتن تي يقين ڪرڻ
سيکاريو.
*
ٻارن کي وقت جي اھميت سمجھايو، ھر ڪم وقت تي ڪرڻ
سيکاريو ته جيئن ھو به وقت جو قدر ڪن.
*
والدين جي دعا ٻارن لاءِ عظيم دولت آھي، ٻارن کي
گلي لڳائي پيار ڪيو، انھن جي تعريف ڪيو ته جيئن
کين اوھان جي محبت ۽ اهميت جو احساس ٿئي.
صبا بلوچ
(حيدرآباد)
سهڻا سخن
·مسڪرائڻ
روح جا دروازا کولي ڇڏي ٿو.
·خاموشي
ڪاوڙ جو بهترين علاج آهي.
·شرم
۽ حياء جي ڪشش حُسن کان وڌيڪ آهي.
·نا
مڪمل علم فساد پيدا ڪندو آهي. (حضرت علي رضه)
·جو
گهڻي دير تائين خاموش رهي ٿو. اهو وڌيڪ ذهين هجي
ٿو. (لقمان حڪيم)
·سُٺا
ماڻهو ڪڏهن به تعريف جا محتاج نه هوندا آهن. ڇو ته
گُلن کي خوشبوءِ نه ٿي لڳائي سگهجي.
·زندگيءَ
۾ دلين کي جيتڻ جو مقصد رکو، نه ته دنيا ۾ جيئڻ
وارا بادشاهه به خالي هٿين هليا ويا.
·ٽن
ماڻهن کي ياد رکو.
·جنهن
مشڪل ۾ ساٿ ڏنو.
·جنهن
مشڪل ۾ ساٿ نه ڏنو.
·جنهن
مشڪل ۾ وڌو!
·حالتون
يا رستا ڪيترائي مشڪل ڇو نه هجن. ڪڏهن به همٿ نه
هاريو ڇو ته ڪاميابي ان جو استقبال ڪندي آهي. جن
جا حوصلا بُلند هوندا آهن.
·توهان
ربّ پاڪ جي راهه ۾ مستحق کي به ڏيو ۽ ان کي به ڏيو
جيڪو مستحق نه آهي.
·ربّ
پاڪ توکي ڏيندو. جنهن جو تون نه مستحق آهين ۽ اهو
به ڏيندو جنهن جو تون مستحق نه آهين.
***
هونئن ته سنڌ ۾ سوين شاعر پيدا ٿيا آهن، پر جيتري
اهميت حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح کي
حاصل ٿي، ايتري مڃتا، ٻئي ڪنهن به شاعر کي نه ملي
سگهي آهي. شاهه صاحب سنڌي زبان جو تمام وڏو شاعر
ٿي گذريو آهي. ان ريت پاڻ سنڌي ٻوليءَ جو وڏو محسن
به مڃيو ويو آهي. شاهه صاحب جو تعلق
’متعلوي
ساداتن‘
سان هو. هن خاندان جا وڏا بزرگ
سمَن ڄامن جي دؤر ۾ هرات کان سنڌ پهتا هئا. شروع ۾
سندس ماڳ مڪان هالا شهر ۽ اُن جي آس پاس ٿيو. اڳتي
هلي اُهي مٽياري شهر جي نالي جي نسبت سان متعلوي
سيد سڏجڻ ۾ آيا. هن وقت هي سادات سڄي سنڌ ۾ پکڙيل
آهن. تاريخ جي مختلف زمانن ۾ متعلوي خاندان ڪافي
معتبر ماڻهو پيدا ڪيا آهن.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح، موجوده
”ڀٽ
شاهه“
جي ڀرسان سن
1102هه
برابر
1690ع
۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو شاهه حبيب هو. شاهه
صاحب جي تعليم ۽ تربيت پنهنجي ماحول مطابق ٿي. بعد
۾ کين مجازي عشق جي چوٽ لڳي. تڏهن گهر گهاٽ ۽ ڳوٺ
راڄ ڇڏي، پاڻ سير و سفر تي روانو ٿي ويو. هي سفر
ٽي سال
جاري رهيو. ان ريت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح
سڄي سنڌ پنهنجي اکين سان ڏٺي. ان کان علاوه
جيسلمير، ڪڇ ڀُڄ، لس ٻيلو ۽ ملتان به ڏٺائين. ان
طرح پاڻ هن سموري علائقي جي جاگرافي، تاريخ ۽ رسم
و رواج کان با خبر ٿيو. ان بعد ٺٽي کان ٿيندو گهر
موٽي آيو.
نوجوان عبداللطيف گهر واپس پهتو، ته خوشيون ٿي
ويون. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سندس شادي ڪوٽڙي جي
مغليه خاندان مان ٿي گذري. هاڻي هن جي حياتي ۾
سُڪون اچي ويو پاڻ ربّ تعالى جي عبادت ۽ خلق خدا
جي خدمت ۾ مگن ٿي ويو. سندس شاعري آهستي آهستي
پختگي ۽ فڪري مٿانهين طرف وڌڻ لڳي. هونئن به شاعري
کين ورثي ۾ ملي هئي. سندن تڙ ڏاڏو شاهه عبدالڪريم،
۽ والد شاهه حبيب به، سنڌي زبان جا سُٺا شاعر ٿي
گذريا هئا.
شاهه صاحب جي زماني ۾
’سنڌ
مُلڪ‘
تي نور محمد ڪلهوڙي جي حڪومت هئي. وقت جا شاعر
فارسي زبان ۾ شعر چوندا هئا. اهي حاڪمن جي ساراهه
ڪري انعام اڪرام حاصل ڪندا هئا. سندن شاعريءَ جو
سنڌي عوام سان ڪو به واسطو نه هو. شاهه عبداللطيف
ان دور جي ادبي روايتن کان بغاوت ڪئي. ان طرح پاڻ
شعر ۽ سخن لاءِ سنڌي ٻوليءَ کي اهميت ڏنائين. پاڻ
پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌي سماج جو پرچار ڪيائين. سنڌي
عوام جي ڏُکن، دردن، رسمن رواجن، جاگرافي ۽ تاريخ
جي پچار شاهه عبداللطيف جي شاعريءَ ۾ پڌري پٽ ڏسجي
ٿي. پاڻ پنهنجي شعر ۾ سنڌ جي قصن ۽ عشق جي داستانن
کي ڳايو اٿس،. شاهه صاحب جتي ٿر کي ڳايو، اتي
ڪوهستان کي به ياد ڪيو آهي. سمونڊ جي ساراهه ڪري
ٿو، ته سنڌو درياءَ جي تعريف به ڪئي اٿس. حاڪمن جي
واکاڻ بجاءِ سنڌي ماڻهن جي ڳالهه ڪندي کيس خوشي
محسوس ٿئي ٿي. مطلب ته لطيف سائين جي شاعري
پڙهندي، ان دؤر جي سنڌي سماج جي سچي صوررتحال
سامهون اچي وڃي ٿي.
شاهه عبداللطيف جي شاعريءَ جي ڪتاب کي
”شاهه
جو رسالو“
سڏجي ٿو. ان ۾ ڪل ٽيهه داستان يا سُر آهن. پاڻ
پنهنجي شعر لاءِ سنڌ جي قصن ۽ داستانن مان مواد
ورتو اٿس. ان مقصد لاءِ مورڙو مانگر مڇ، عمر
مارئي، سسئي پنهون، ليلا چنيسر، سُهڻي ميهار، سورٺ
راءِ ڏياچ، ۽ مومل راڻي جي قصن کي خاص اهميت
ڏنائين. ان ڪري شاهه صاحب جي شاعري موضوع ۽ مقصد
جي لحاظ کان سنڌي ساهت جو لازوال ڪردار بنجي چڪي
آهي.
شاهه لطيف رڳو شاعر نه هو، پر پاڻ موسيقيءَ جو به
وڏو ڄاڻو هو. سنڌي موسيقي به سندن هٿن ۾ وڌي
ويجهي. هن ڏس ۾ پاڻ ڪي ڪامياب تجربا به ڪيائين.
خاص طرح سان
’دنبورو‘
نالي ساز لطيف سائين جي ايجاد آهي.
سنڌ جي هن وڏي صوفي ۽ شاعر سن
1144
هه برابر
1731ع
۾ ڪوٽڙي مغل کي ڇڏي هڪ
’ڀٽَ‘
کي آباد ڪيو. ان بعد هي ماڳ
”ڀٽ
شاهه“
سڏجڻ ۾ آيو، خود شاعر به ڀٽَ جي نسبت سان
’شاهه
ڀٽائي‘
مشهور ٿيو. ساڳئي سال ۾ سندن والد شاهه حبيب وفات
ڪري ويو. کيس نئين وسايل شهر ۾ دفن ڪيو ويو. شاهه
صاحب زندگيءَ جا ويهه سال هتي گذاريا. سندس وفات
14
صفر
1165هه
برابر
22
ڊسمبر
1751ع
تي ٿي. کين ڀِٽَ تي دفنايو ويو. سنڌ جي حاڪم ميان
غلام شاهه ڪلهوڙي سندس مزار تي عاليشان مقبرو
اڏايو. هي مقبرو اڄ سوڌو درست حالت ۾ موجود آهي.
***
سيد اعجاز علي شاهه رضوي
حيدرآباد
سنڌو ندِي
سنڌو ندي، سنڌ جي سوغات آهي ۽ پاڪستان جي تمام وڏي
ندي آهي. سنڌو ندي دنيا جي وڏين ندين ۾ سترهين
نمبر تي آهي. هي ندي اٽڪل
1800
ميل ڊگهي آهي. سنڌو ندي هماليه جبل جي هڪ ڀاڱي
جنهن کي
”ڪيلاش
پربت“
چوندا آهن، کان شروع ٿئي ٿي. ڪيلاش پربت تي سدائين
برف پوندي رهي ٿي. انهيءَ برف جو پاڻي گڏ ٿي
مانسروور ڍنڍ ۾ پوي ٿو. انهيءَ ڍنڍ مان سنڌو ندي
نڪري ڪشمير ۽ پنجاب مان
1100
ميل وهي سنڌ صوبي ۾ داخل ٿئي ٿي. سنڌ ۾ داخل ٿيڻ
کان پوءِ
400
ميل وهي ڪيٽي بندر جي ڀرسان عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري
ٿي.
مسلمانن جي هڪ روايت مان معلوم ٿئي ٿو ته
”جنت“
مان چار درياءَ نڪتل آهن، جهڙوڪ نيل، فرات، جيحون
۽
”سيحون“
انهن مان
”سيحون“
سنڌو ندي آهي. سنڌو نديءَ جي نڪرڻ جي جاءِ
1907ع
۾ مسٽر هيڊن ڳولي لڌي. اهو پاڪ صاف چشمو سنکڪاڊاڊ
نالي مانسروور ڍنڍ وٽان، هماليه جبل جي اُترئين
پاسي، ڪيلاش پربت جي اُتر اولهه ۾ آهي ۽ سمنڊ کان
ان جي اوچائي
16946
(سورهن هزار، نوَسؤ، ڇائيتالهه) فُوٽ مٿي آهي.
جڏهن سنڌو ڪيلاش پربت جي چوٽين جي وڏي ميڙ مان
نڪرندڙ جهرڻن مان ٻاهر اچي ٿي، ته ٽن چشمن جو پاڻي
کيس ڀرتي ڪري ٿو. (1)
جهالنگ جي سونهري ٻنين کان لداخ جي رخ تي اُترين
ڀرتي ڪندڙ شاخ (2)
ڏاکڻي گهار جيڪا لداخ کي لهاسا ۽ چين سان ملائيندڙ
رخ تي آهي. (3)
شياڪ ۽ شگار، بيشمار جهرڻن مان وهندڙ ٻنهي واهڙن
سميت، ايستائين ايندي، اُتر ۾ لداخ جي پهاڙي سلسلن
کان ڏکڻ ۾ هماليه جي مکيه برفاني چوٽين، زڪسار جي
پهاڙن تائين سنڌو ندي
530
ميل پنڌ ڪري ٿي. ڏکڻ اولهه ڏانهن ٿوري مفاصلي ڪرڻ
کان پوءِ پنهنجي رواجي واٽ ڏانهن وٺي هلي ٿي. پوءِ
سموري پاڻيءَ سان راڪا پوشي چوٽيءَ تي اچي ٿي
پهچي، اتي آخري ڀيرو ڏکڻ اولهه ڏانهن مُڙي ٿي۽
گلگت ۽ هنزا جي جبلن ۾ پُهچي اوچتو پنهنجي5000
فوٽن جي بُلنديءَ تان
4500
فوٽن جي گهرائي تي هيٺ ڪري ٿي. ۽ پوءِ دنيا جي وڏي
۾ وڏي
’کاريءَ‘
مان اُڀري گلگت جي درياءَ کي اچيو ڇُهي. اهڙي طرح
سنڌو اٽڪل
500
ميلن جو سفر اُتر ڪشمير ۾ ڪري ٿي. ٿورو اڳتي اچي
ڪوهستان ۽ هزارا جا پهاڙ لتاڙي ٻنهين پاسن کان
ڀرتي وٺندي، سنڌو آخر ڪار پنجاب جي ميدانن ۾ اچي
داخل ٿئي ٿي.
هتي اها پنهنجي اصل سر چشمي کان
850
ميل پري آهي ۽ انهيءَ سموري سفر ۾ سنڌوءَ کي سڄيءَ
واٽ تي صرف هماليه جو پاڻي ملي ٿو. اٽڪ وٽ ڪابل
درياءَ هندوڪش جبل مان پاڻي آڻي ٿو ۽ ڪرم، توچي،
ذوب ۽ گومل وري سليمان جبل مان پنهنجو حصو آڻيو
پيش ڪن. سنڌو هاڻي پنهنجي ڦوهه جواني ۽ پاڻي جي
مڪمل مقدار سان، ڇاڪاڻ جو اٽڪل
450
ميل اڃا به ڏکڻ طرف پنجاب جون پنج نديون به اچيو
سنڌو نديءَ سان ملن. اهڙي طرح پنجاب جون حدون
لنگهي، سنڌ جي حدن ۾ داخل ٿي آخرڪار وڃيو عربي
سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري.
سنڌو ندي پاڻ سان وهڪري سان گڏ لَٽَ کڻي ٿي اچي.
جنهنڪري سندس پاڻي
لڙاٽيل ڏسڻ ۾ ايندو آهي. اهو لٽَ وارو پاڻي پوک
لاءِ ڏاڍو فائديمند آهي. تاريخ جي ڪتابن ۾ ڄاڻايل
آهي، ته سنڌ تي نالو به سنڌو نديءَ جي ڪري پيو
آهي. سنسڪرت ۾ لفظ
”سنڌو“
جي معنى آهي، سمُنڊ يا وڏو درياءَ. سنڌ جو سارو
دارومدار اُن نديءَ تي آهي. شايد سنڌو نديءَ جي
ڪري ئي سنڌ قائم ۽ آباد آهي. تاريخ مان معلوم ٿئي
ٿو، ته سنڌو نديءَ پنهنجو پيٽ يا وهڪرو ڪيترائي
دفعا ڦيرايو آهي. سنڌو نديءَ جي اُٿل ۽ ٻوڏ ڪيترين
ئي شهرن ۽ ڳوٺن کي چَٽ ڪري ڇڏيو آهي. سنڌو نديءَ
کي
”مهراڻ“
يا
”چري
ندي“
يا
”پورالي
ندي“
به سڏيندا آهن. ڇاڪاڻ ته هن نديءَ وهڪري جو رخُ
ڪيترائي دفعا ڦيرايو آهي. سنڌو نديءَ تي
’مهراڻ‘
جو نالو عربن ان وقت وڌو، جڏهن عربن اٺين صدي
عيسويءَ ۾ سنڌ تي ڪاهه ڪئي. هن نديءَ تي روهڙي،
سکر ۽ ڪوٽڙي وٽ وڏيون پُليون ٺهيل آهن. جيئن آمد
رفت ۾ سهوليت ٿئي.
سيوهڻ شهر ڀرسان اوڀر طرف سنڌو نديءَ جي پيٽ کان
ٿورو مٿڀرو هڪ وڏو ۽ گهاٽو ٻيلو جنهن کي
”ڪُنده
ٻيلو“
چوندا آهن. هن ٻيلي ۾ ڪافي قسمن جا وڻ ۽ ٻوٽا آهن.
وڻن ۾ خاص ڪري لئي، ٻٻر ۽ ڪنڊيءَ جا وڻ جام آهن.
ٻيلي منجهان ڪاٺ کان علاوه ماکي، ميڻ، لاک ۽ کونئر
پڻ جام ملندو آهي. اهو ٻيلو هاڻ ڪافي حد تائين
ڪٽجي چڪو آهي. ان کان علاوه ڪافي ٻيلا ڪچي ۾ سنڌو
ڪناري هئا، جيڪي هاڻ وڍجي ختم ٿي چڪا آهن.
ماحوليات:
آڳاٽي وقت ۾ سنڌو ريل ڇيل ڪري پيو وهندو هو. پاڻي
سمنڊ جو ڏيک ڏيندڙ هو. گهاٽا ٻيلا عام جام هوندا
هئا. تنهنڪري آبهوا وڻندڙ ۽ صحتمند هئي. هاڻ ٻيلا
ختم ٿي چڪا آهن. ڪارخانن جو گندو ۽ ڪيميڪل هاڻو
پاڻي سنڌوءَ ۾ نيڪال ڪيو ٿو وڃي. سم نالن ۽ گهرن
جي گٽرن جي پاڻيءَ جو رخُ سنڌو درياءَ ۾ موڙيو ٿو
وڃي. آبي حيات مرندي ٿي وڃي ۽ پاڻي جي استعمال سان
وچڙندڙ بيمارين زور ورتو آهي. ايتري قدر جو
’انڌي
ٻلهڻ‘
۽ مڇين جا ڪيترائي قسم مري وڃن ٿا ۽ انهن جو نسل
ختم ٿيندو پيو وڃي.
***
سميع الله عباسي
ڪنڊيارو
محنت
جون برڪتون
هن دنيا ۾ جنهن به محنت ڪئي آهي، ان کي ان جو ڦل
ضرور مليو آهي. ڪنهن شخص کي بغير محنت جي نه ڪڏهن
عزت ملي نه مرتبو. اڄ ڪلهه جا جيترا به مرتبي وارا
ماڻهون ٿي گذريا آهن. انهن ننڍي هوندي کان پنهنجو
پاڻ کي ڄڻ ته مِٽيءَ ۾ ملائي تڪليفن سان منهن ڏئي.
اهو رتبو ۽ عزت ماڻي آهي.
پيارا ٻارو! توهان ۽ اسان کي به گهرجي ته ڪڏهن به
همٿ نه هارايون ۽ اسان پنهنجو ڪم پاڻ ڪريون ٻين جي
محتاجيءَ کان بچون ربّ تعالى جي سهاري کان سواءِ
ٻئي ڪنهن ۾ به آسرو ۽ اُميد نه رکون. ڇو ته محنت ۾
ئي عظمت آهي. عربي زبان ۾ چوڻي مشهور آهي.
”مَن
جَد وَجَدَ“
يعني جيڪو ڪوشش ڪندو ان کي حاصل ٿيندو.
ربّ سائينءَ جي بارگاهه ۾ دعا آهي، ته اسان سڀني
کي محنت ۽ جدو جهد ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. |