.
[3]
ڏوري لَهُه ڏانارُ، جمَ وِرچِي وِهين ويسَرو
هَڪِئو هوج هُشيارُ، کَوَڻِ کِوَندِي اوچِتِي.
سمجهاڻي:
تون ڪوشش ڪري (مينهن جي موسم اچڻ کان اڳ) وڏو بند
(مٿانهين جڳهه) ڳولي هٿ ڪر ۽ هن باري ۾ اجائي غفلت
نه ڪر. هردم هوشيار ۽ تيار ٿي ويهه، ڇو ته اوچتو
ئي اوچتوکنوڻ کنوندي (پوءِ تون برسات کان بچي نه
سگهندين.)
[4]
سُتين ڪِهڙِيءَ سارَ، وِڄُ کِوَندِيءَ ويسَرا
تو جيڏا تو يارَ، لَهرِ لَهَوارا ڪِئا.
سمجهاڻي:
(اي غافل) تون ڪهڙي (اجائي) آسري تي سُمهين پئين
ته هو توکي اُٿاريندا، جڏهن ته کِنوڻ اڳي ئي چمڪاٽ
ڪري رهي هئي، تو جهڙا تنهنجا ڪيترا (اڻ ڄاڻ) دوست
اهڙي غفلت ۽ سُستيءَ سبب لهرن ۾ لُڙهي ويا.
[5]
وِڄُ کِوَندِيءَ ويسَرا، سُتا سَنجهيئِي
وِيرَ وَرِي ويئِي، اَسارَنِ تان اوچِتِي.
سمجهاڻي:
جيتوڻيڪ وڄ چمڪي رهي هئي تڏهن به اهي غافل (ڏسي
وائسي) سوير ئي سج لهڻ سان سُمهي پيا. اهڙيءَ غفلت
۾ سُتلن مٿان وڏي وير چڙهي ويئي ۽ هو ان ۾ لُڙهي
ويا.
[6]
نَئِنِ ۾ نِنڊرُون ڪَنِ، وِڄُ کِوَنديءَ ويسَرا
اُتان اَسَارَنِ، وَڃي وَهُه واڪا ڪِئو.
سمجهاڻي:
هو (غافل) نئن (جبلن تان لهندڙ زوردار پاڻيءَ جي
ڪناري تي هوندي به) ننڊون (غفلت) پيا ڪن ۽ هوڏانهن
مٿي آسمان ۾ زوردار وڄ پيئي چمڪي (تڏهن به خيال نه
ٿا ڪن.) (اهڙيءَ نازڪ صورت ۾ ) جيڪي غافل ٿي سُتا،
جيڪي سجاڳ نه هئا، تن سڀني مٿان پاڻيءَ جو وڏو تکو
وهڪرو گذري کين ٻوڙي ويو.
[7]
آيَئِه نِنڊَر اَڀاڳَ کي، کِوَڻِ کِوايو
جَنِي نه ڀَئُه ڀانيو، ڪَري تَوائِي تَنِ کي.
سمجهاڻي:
توکي نڀاڳ جي ننڊ کڻي ويئي آهي، جو تون (ايترو
وقت) ستو پيو آهين. هوڏانهن کنوڻ ڏاڍا چمڪاٽ پئي
ڪيا. تو وانگر جن ڪو ڊپ محسوس نه ڪيو (ڪو اونو نه
ڪيو) اهي ئي راهه گم ڪري ويٺا ۽ هميشه لاءِ رُلي
ويا.
شاهه جو رسالو
]سُر سري راڳ - داستان ٻيو. محقق: ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ، سمجهاڻي ۽ مفهوم: ڊاڪٽر
عبدالغفار سومرو، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ[
اويس”ساگر“سومرو
سکر
حمّد
اسان کي ڏني تو ھدايت خدا،
ٿا ڪريون تنهنجي عبادت خدا.
سج، چنڊ، ڌرتي سڀ تو بڻايا،
وڻ ٽڻ، گل ٻوٽا سڀ تو اُپايا.
تون مالڪ ۽ تون رازق آهين،
تون ئي سڀ جو خالق آهين.
ڪريون ٿا تنهنجي هر دم ثنا،
گُھرون ٿا مالڪ تو کان ئي دعا.
تون سڀ جا عرض اگهائين مولا،
ٿو ڪرين سڀ سان سڻائين مولا.
نعيم احمد عباسي
چنيهاڻي/ڪنڊيارو
نعت
پڙهه تون نبيءَ تي دُرودُ سدا،
دل کي ملندي راحت آ،
صَلَي الله صَلَي الله.
هڪ ڀيرو جو دُرودُ پڙهي،
رحمّت ڏهه ٿِي ڀيرا وسي،
پاڻ سڄڻ فرمايو آ،
صَلَي الله صَلَي الله.
ٿيندي هن سان دعا آ هر قبول،
راضي ٿيندو هن سان آ رسولﷺ،
ربّ جي به آهي هن ۾ رضا،
صَلَي الله صَلَي الله.
آقا جي به دعا ٿي مِلي،
بيمارين کان شفاء ٿي مِلي،
هر مسئلي جو حل هيءُ آ،
صَلَي الله صَلَي الله.
آقا جي به شفاعت ٿئي،
ننڊ ۾ حضورﷺ جي زيارت ٿئي،
ڏِسڻ حبيب جو ڏَس هيءُ آ،
صَلَي الله صَلَي الله.
ربّ کان دُعا آ
’نعيم‘
منهنجي،
نڪري دُرودُ سان جان منهنجي،
پڙهندي دُرودُ مان ان سان اُٿان،
صَلَي الله صَلَي الله.
نياز پنهور
ڄامشورو
ٻالڪ
سڀ ڪجهه تنهنجو آهي ٻالڪ،
سوچ سواءِ ڪجهه ناهي ٻالڪ.
ڌرتي تنهنجي پنهنجي آهي،
هل تُون سِينو ساهي ٻالڪ.
خوشين سان ڪر آباد دِليون،
من جي پيڙا ڇاهي ٻالڪ.
ڪُوڙ ڪچايون، دوکا دلبا.
ڇڏ تون سڀئي ڊاهي ٻالڪ.
رنگ گهٽائي، قرب وڌائي،
هل تون لاهي پاهي ٻالڪ.
منزل تنهنجي سوکِي آهي،
همت سان هل ڪاهي ٻالڪ.
هل تون سڀ سان ناتو جوڙي،
پيار جا دريا واهي ٻالڪ.
پيار سندي تون دنيا پنهنجي،
هل تون اڳتي ٺاهي ٻالڪ.
***
شفيق عاصم منگي
شڪارپور
ڪتاب
آڏو اکين ڪِتاب آهن،
انگِي اکر حِساب آهن.
سَبقن جا سڀ وَرَق وَرائي،
يادِ ڪَيا مُون نِصَاب آهن.
سُهڻِيون سوچُون آئيندي جي لئه،
سَوين سَوال ۽ جَواب آهن.
جَڳُ جَرڪائي جوت علم جي،
جنهن لئه سانڍيل خوابَ آهن.
عِلم بَڻايو سَنگتي ٻارو،
غَفلَتَ گهڙِيون عَذَاب آهن.
يَتيم غَريب لاچارَ سارا،
جَڳ ۾ مِليا خطابَ آهن.
فَرقَ مِٽايون گَڏِجي
’عاصم‘
نَفرَتَ سَندا جي عَتابَ آهن.
عبدالقيوم جکراڻي
جيڪب آباد
منهنجي امڙ
منھنجي پياري پياري امڙ،
مِٺڙي ۽ موچاري امڙ.
لوليون ڏيندي گود پنھنجي ۾،
رات سُمھارين ساري امڙ.
ٻچڙن جي لئه ڇانوَ ۽ ڇپرُ،
بيحد آن ٻاجھاري امڙ.
بابو ڀي آ سايو ليڪن،
اولاد لاءِ، آ سگھاري امڙ.
صبح سانجھي سار لھِي،
ڪڏھن نٿي وساري امڙ.
دنيا اندر مثل نه تنھنجي،
ملندي محبت واري امڙ.
ڪھڙا ڳائي ڪھڙا ڳايان؟
ڳُڻ تنھنجا! ڳُڻن واري امڙ.
رشتا ٻيا ڀي
’قيوم‘
ڪيئي،
سڀ کان آھي نياري امڙ.
***
ارباب علي
’عادل‘
چوهاڻ
شڪارپور
ٻالڪ
من جا مٺڙا دلبر ٻالڪ،
دل جا اُجرا بهتر ٻالڪ.
سُهڻا ۽ منَ مُهڻا سارا،
سُونهن سوايا اڪثر ٻالڪ.
اُستاد، ڪتاب، سليٽ، پٽيون،
علم سندو آ، محور ٻالڪ.
هرپل هردم اُڀ تي چمڪن،
روشن تارا چندر ٻالڪ.
علمي نُڪتا سِکندا نيارا،
اُستادن کان هرهڪ ٻالڪ.
مڪتب ۾ ڏس ڪيئن پڙهن ٿا،
سمجهه وڌائڻ خاطر ٻالڪ.
واٽ نئين تي هلندا رهندا،
سنڌ جا بلڪل برتر ٻالڪ.
داخل مڪتب ٻار ڪرايو،
پيام ڏين ٿا گهر گهر ٻالڪ.
مير نه مَنُ تن جي
’عادل‘
صاف شفاف سنگ مرمر ٻالڪ.
چندُر تلريجا سَڄڻ
انڊيا
سنڌين جا پڪوڙا
صبح جو طرح طرح جا ناشتا ٺھن ٿا،
ڍٻل ڇولا دال پَڪوان، به ٺھن ٿا،
دال پُوري ۽ ٺھن سوادي سِيرا مالپُڙا،
پر مشھور سنڌين جا سوادي پڪوڙا.
ٺھن ٿا بيسڻ ۾ طرح طرح جا پَڪوڙا،
مرچ، پٽاٽي بيهه جا ۽ سنھان پَڪوڙا،
کائن شوق سان ٻارَ، ٻُڍا ۽ جوان جوڙا،
سنڌين جا سوادي ۽ مشھور پَڪوڙا.
مِرچ مصالا، ڌاڻا ڦُودنو خوب پَوَنِ ٿا،
بصر ۽ کَٽي مِٺي چَٽِڻي به اَلڳ ٺھن ٿا،
مِرچ پَڪوڙا تِکا کائي ڪنِ ھاءِ گهوڙا،
مَشھور آھن سِنڌين جا سُوادي پَڪوڙا.
رِيتون رواج، سنڌين جا واهه واهه،
کاڌا پيتا ڏڻ فئشن سنڌين جا واهه واهه،
اچو ته گڏجي کائون ۽ کارايون پڪوڙا،
ڇو ته مشهور سنڌين جا سوادي پڪوڙا.
اھڙا ڏينھن قوم جي سُڃاڻپ رکن ٿا،
سنڌي ٻولي ساھتيه جو مانُ رکن ٿا،
اچو
’سڄڻ‘
دنيا ۾ ايڪتا ڏيکاريون،
وشو سنڌي پڪوڙا ڏينھن ملھايون. |