امداد سروري
آراضي/سيوهڻ
نننڍپڻ
جو زمانو
منهنجون لکڻيون درد ۽ سپنا،
ننڍپڻ جي محبت پيار جي ڳولا.
ڪير چورائي ويو ڏينهن خوشيءَ جا،
هاڻي حياتي، لُڪون ۽ جهولا.
پائِي پيسو، چار آنن سان چاهت.
ڪاڏي ويا، چانديءَ جا ڍنگلا،
ٿوري گهڻي تان ماءُ کان رُٺاسون،
ماءُ جي محبت پيءُ جا دڙڪا.
پَٽِي ميسارڻ لئه ميٽ ورتوسين،
سائين پائيندو هو، رول سان ليڪا.
رسيس ۾ ٿي راند کيڏِي سون،
اوڌر تي ورتاسون
’محمود‘
کان ڇولا.
سوال جواب ۽ هڪٻئي کي لپاٽون،
ڪنن مان دُونها، ڄڻ بم گولا.
ڏوڏن ۾ سونٽيون لُڙڪ اکين ۾،
ڪڪڙ،ڪَن ڪوشِي ڦاٽل ها ٿيلها.
مهنجو زمانو، منهنجو شادمانو،
مون کان رُسي ويو منهنجا مولا.
يادن ۾ بس،
’امداد
سروري‘
رات پوي ٿي، رت جا ڳوڙها.
***
محمد ياسين ڪنڀر
سلطان پور/پنوعاقل
نظم
آئي گرمي قھر جي وَرِي دوستو،
باهه ڄڻ آھي جت ڪٿ ٻَرِي دوستو.
سج شُعلا سَٽي ٿو گرم با گرم،
جِندُ ھرڪا پَئي آ ڳَرِي دوستو.
ھيڏي رُگهه ھيڏو ڪاھَڙُ ڏسي روز شب،
ھيانءُ ڪنھنجو پَوي ٿو ڏَرِي دوستو.
ڏينھن گُذري ويو، رات گذري وئي،
گرمي ٿِي، ڪونه ٿِي پَر ڍَرِي دوستو.
ھتڙي گرمي آ پنجاهه ڊِگري کان وڌ،
سڀ ھلون تيار ٿيو ڪوهه مري دوستو.
وادي ڪاغان ڪشمير کان شل خدا،
موڪلي ڪائي ٿَڌِ جي ڀَرِي دوستو.
حال ھِيڻا اونھاري ڪيا ٿِي رَھَي،
مُندَ ٻُوسَٽ ۽ گُھٽَ جي چَرِي دوستو.
شال
’ياسين‘
برسات پئي رات اڄ،
دل سڀن جي پَوي شل ٺَرِي دوستو.
***
عزيز احمد علوي
شڪارپور
نظم
هر ڪنهن جي دلداري ڪجي،
ان ۾ ناماچاري ڪجي،
ماءُ پيءُ جي دنيا ۾،
هردم فرمانبرداري ڪجي.
مستقبل کي اڳ ۾ رکجي،
پوءِ وڌڻ جي تياري ڪجي.
ٻار ڪتاب بڻايو ساٿي،
تن سان پُختي ياري ڪجي.
قرآن نماز پڙهڻ سان،
دل گل گلزاري ڪجي.
محنت ۾ ئي عظمت بلڪل،
دل ۾ سوچ سگهاري ڪجي.
نيڪ نصيحت دل ۾ رکجي،
جيون لاءِ بهاري ڪجي.
پاڻ وڏن جي ادب ڪرڻ ۾،
ڪانه ڪڏهن انڪاري ڪجي.
دل کي پاڻ
’عزيز‘
جهان ۾،
علم سکڻ لاءِ اُڃاري ڪجي.
***
ناشاد شوڪت شنباڻي
ڪوٽڏيجي
نظم
ٻــــارو ســــڀ تعــــــليم پــرايو،
پنهنجي ڌرتيءَ کي ته سنواريو.
پنهنجـــي اڻٿــڪ محنت سان گڏ،
ماءُ پيءُ جي ئي خدمت سان گڏ.
پيــــش اچـــو عـــزت سـان ٻارو،
وٺــــو ادب جــــو روشــــن چارو.
ٻيــــڙي حـــق جـــي پــــار پڄايو،
ٻـــــارو ســـــڀ تعلــــيم پـــــرايو.
ٻـــــارو محــــنت جــو ڦل پيارو،
مـــــٺڙو آ ڪـــــاميابـــــين وارو.
ائيـــن نه اجايو وقــــــت وڃايو،
رانــــديون کـــــيڏو پــيار وڌايو.
ســـچ کي سـڀ سيني سان لايو،
ٻـــارو ســـــڀ تعـــــليم پـــــرايو.
***
غلام نبي اوٺو
جهڏو/ميرپورخاص
هائيڪا
علم پرايو ٻارو،
معلومات جا موتي ميڙي،
مانُ وڌايو ٻارو.
علم پرايو ٻارو،
دؤر سُڄاڳيءَ واري ۾،
پاڻ سُڌاريو ٻارو.
علم پرايو ٻارو،
وقت چوي ٿو سڀني کي،
ديس سنواريو ٻارو.
تيز کڻو وِکُون،
جيئن پاڻ به دنيا سان،
گڏ ھلڻ سِکون.
سو آھي بادشاهه،
جنھن جو آھي،
علم سان چاهُه.
آڪاش ۾ چنڊ کِڙيو،
اڌ رات امڙ ھنج ۾،
ٻار پئي مُرڪيو.
جلدي ڪتابَ ڳول،
ملندئي سزا سُڀاڻي،
دل جي دري کي کول.
سچ جو ٿِي سَاٿاري،
پري ڀڄجان ڪُوڙ کان،
ڪُوڙ وڏي خُواري.
محمد سليم فراش
هالانوان
گيت
ادبي بورڊ، سعيدالزمان جي، محبت توکي ملي آهي،
ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين، واکاڻ واهه جي هلي آ.
خوبصورت پيارو آهين، سُهڻو سڄو سارو آهين،
هروقت لائيٽ تو ۾، انڊ لَٺِي ادارو آهين.
ڪارونجهر تي ڪوئل ڪُوڪَي، ٻولِي تنهنجي ٻولِي آ،
ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين، واکاڻ واهه جي هلي آ.
سعيدالزمان
تو ۾سُونهن سجائي،
’عاطف‘
سدائين سخي آ،
سهڻي بس به تولاءِ وٺِي، سامهون سڀ جي رکِي آ.
مخدوم ٿيو مهربان توتي، موٽ ملِي توکي ڀلِي آ،
ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين، واکاڻ واهه جي هلي آ.
بُڪ شاپ تي روز اچي ماڻهو، ڪتاب ۽ رسالا وٺن ٿا،
بُڪ اسٽال جو سڄو نظارو، ماڻهو ڦِريو ڏسن ٿا.
مسڪين
’سليم
فراش‘
چوي هتي، هڪ ڪينٽين به کُلي آ،
ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين، واکاڻ واهه جي هلي آ.
وفا ياسين آرائين
ڦلجي اسٽيشن /دادو
نظم
پڙهڻ سان ٻارو رکو چاهه،
علم تي ڏيو جان پساهه.
علم واري جي آهي عزت،
جنهن جي آهي شان شوڪت.
علم واري جو رهه تون ساٿي،
خوش هوندين سڄي حياتي.
پڙهه ۽ تون پڻ پڙهاءِ،
’وفا‘
پنهنجي زندگي ٺاهه.
|