اشتياق احمد
(قسط: پهرين)
سنڌيڪار: مير سردار چنڙ
اله دين جو چراغ
ٻاراڻو ناول
چراغ ملي ويو! ۽ پوءِ ٿيو ايئن جو اله دين جو
جادوئي چراغ ملي ويو. اسان ڀُل ۾ ان دڪان اندر
گھڙي ويا ھئاسين. اصل ۾ صبح کان مسواڙي گھر
ڳوليندي ڳوليندي ٿڪجي ٽٽي پياسين ته اتي اسان کي
هڪ دڪان نظر آيو. اسان سوچيو، ڇو نه ٿوري دير ان
دڪان ۾ وقت گذاريون. اندر ھڪ لوهه جي بينچ نظر
آئي، جيڪا ٿڪ ھجڻ ڪري اسان کي نرم گدين جي بستري
کان به وڌيڪ سڪون ڏيندڙ محسوس ٿي رھي ھئي. اسان
بنا ڪجهه سوچڻ سمجھڻ جي دڪان اندر ھليا وياسين.
اندر گھڙڻ بعد مون کي ياد آيو ته ڪنھن به دڪان ۾
گھڙڻ جو مطلب ھوندو آھي، ڪا شيءِ خريد ڪرڻ...! يا
گھٽ ۾ گھٽ شين جا اگهه معلوم ڪرڻ، سُٺيون آسائش
ڏيندڙ شيون ڏسي نڪ پڪو ڪري ٻاھر نڪري اچڻ وغيره
.... جيتوڻيڪ اسان کي به اھو ڪجھه ڪرڻو پيو، دڪان
ڪٻاڙي جو ھو. ھر پاسي لوھه جون نيون ۽ پراڻيون
شيون بي ڍنگيون پيل ھيون. اسان نه ھيڏي ڏٺو نه
ھوڏي، ھروڀرو لوهه جي شين کي اونڌو سڌو ڪرڻ شروع
ڪيو، ڄڻ ڪنھن اھم ۽ خاص شيءِ جي
تلاش ھجي. دڪان
۾ ان وقت ٽي، چار ٻيا ماڻھو به ايئن ڪري رھيا ھئا
۽ دڪاندار اسان سڀني کان بي پرواهه ٿي دَخل تي
ويٺو ھو. ڄڻ چوندو ھجي، ته
”توھان
مان وٺڻ وارو ڪو به ناھي.“
دڪان جي ھڪ ڪُنڊ ۾ لوهه جي بينچ تان اُٿي بي دليءَ
سان لوھي شين کي اُٿلائي رھيا ھئاسين، ته اھو چراغ
اسان کي نظر آيو. ان جي شڪل صورت بلڪل ان چراغن
سان ملندڙ جُلندڙ لڳي پئي، جيڪا اڄ ڏينھن تائين
اسان اله دين ۽ جادوئي چراغ فلمن ۾ چراغ جي ڏٺي
ھئي. ھوبھو ان جيئن ڊگھو ھو. اڙي! ھي، ته
”اله
دين جو چراغ لڳي ٿو“
منھنجي واتان نڪتو!.“
”دماغ
ته جاءِ تي آ تنھنجو“
ڀاءُ مون کي گھوري چيو.
”ڏسون
ته سھي.“
نادر اڳيان وڌي چيو، چراغ کڻي ورتو ۽ اسان وٽ موٽي
آيو. ھو چراغ کي اونڌو سڌو ڪري ڏسي رھيو ھو، ته
مون کي ان تي ڪجهه لکيل نظر آيو. مون چراغ نادر جي
ھٿن مان ڦُري ورتو، ۽ تحرير پڙھڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس.
پر نه ڄاڻ اھي ڪھڙي ٻوليءَ جا لفظ ھئا، پڙھي نه ٿي
سگھيس.
حالت آ! ھن تي ڪجھه لکيل به آھي. ڀلا ڪنھن چراغ تي
ڪجهه لکڻ جي ڪھڙي ضرورت آ! منهنجي حيرت ۾ ساعت به
ساعت واڌارو ئي ٿيندو پيو وڃي!
”تون
احمق آھين! اڙي ! بيوقوف ھيءُ ان ڪمپنيءَ جو نالو
ھوندو، جنھن ان کي ٺاھيو آھي
“
ادا وري ڏند ٽيڙيا.
اھو ته اردو يا انگريزيءَ ۾ ھجڻ کپي ھا. وڌ مان وڌ
عربي يا فارسي ۾ ھجي. پر اُھي لفظ چئني ٻولين مان
ڪنھن ھڪ ٻي ٻوليءَ جا آھن. ڀلا سنسڪرت يا چيني
زبان جا ھوندا؟
جيڪڏھن ھي سنسڪرت جا لفظ آھن، ته ان جو مطلب اھو
ٿيو ته ھي ھندستان ۾ ٺھيو ھو، پر جيڪڏھن چيني
ٻولي ۾ آھي، ته چين ۾ ٺھيو ھوندو! ھان.... ٿي سگھي
ٿو.
ته ڇا! ادا ھيءُ عجيب ڳالهه ناهي. آخر چين يا
ھندوستان جو ھڪ معمولي چراغ ھتي ڪيئن پھچي ويو.
تون چوڻ ڇا ٿو چاھين؟ پھريون دفعو ادا جي اکين ۾
ڪاوڙ جي جھلڪ ڏسڻ ۾ آئي.
منھنجو خيال آھي ته ھي چيني ٻوليءَ جا لفظ آھن ۽
اوھان ته اھو ضرور ڄاڻيندا ھوندؤ ته اله دين ھڪ
چيني ڇوڪرو ھو. ھا ضرور!
”اله
دين جو چراغ آھي، اھو ئي تون چوڻ چاھين پيو نه!“
ادا منھنجي ڳالهه ڪٽيندي چيو.
”جي
ھا
“
منھنجي دل ڌڪِ ڌڪِ ڪري چئي رھي آھي. ان کي ڌڪِ ڌڪِ
ڪرڻ ڏي، ان کي اُتي اُڇلاءِ ۽ ھل ته گھر ھلون.
ابُو امي ۽ مقدس اسان جو انتظار ڪري رھيا ھوندا.
”اسان
ان چراغ کي ڇو نه خريد ڪري وٺون
“
نادر چئي ڏنو. ڇا ڪنداسين ان جو؟
”بجلي
وڃڻ وقت ڪم اچي ويندو.“
مان چئي ڏنو. گھر ۾ لالٽين جو موجود آھي. اھو
ڀڀڙڪي ٿو. بس. تنھنجي مٿي تي ته ٿي ويو جن سوار!
ادا بيزار ٿيندي چيو.
چراغ کڻي اسان دَخل تي آياسين دڪاندار اسان کي
ايترو پراڻو چراغ کڻندي ڏٺو ۽ اھڙي طريقي سان ڏسي
رھيو ھو، ڄڻ اسين ٽئي چريا ھجون.
ھيءُ گھڻي جو آ؟ مان پڇيو.
”ڏهه
آنن جو“
دڪاندار بي پرواھيءَ سان چيو.
مان تڪڙا کيسي مان پيسا ڪڍيا ڏهه آنا ڳڻي، دڪاندار
کي ڏئي تيزيءَ سان ڊوڙندو دڪان تان ٻاھر نڪتس. ڄڻ
مون کي ڊپ ھجي، ته جيڪڏهن دڪاندار کي چراغ جي
حقيقت جي خبر پوندي، ته اسان کان واپس ڦري وٺندو.
”ابا
آخر ايئن ڊوڙڻ جي ڪھڙي ضرورت آھي“
ادا ٻُوٿ خراب ڪندي چيو. جلدي اچ ادا، ڪٿي دڪاندار
چراغ ڦري نه وڃي. صفا ڪو نادان آھين! اسان ان کان
خريد ڪري چڪا آھيون، ھاڻ ڀلا دڪاندار اھو واپس
ڪيئن ٿو وٺي سگھي.!
سج لھڻ جي ويجھو ھو، جڏھن اسان گھر ۾ داخل ٿياسين،
گھر وري ڪھڙو ھو! ھڪ ڪوٺڙيءَ تي مشتمل ھو. جنھن ۾
ڇهه ماڻھو گذر ڪندا ھئا. ھن شھر ۾ بابي جي بدلي
ڪجھه ڏينھن پھرين ٿي ھئي. وڏين ڏکيائين سان ھيءُ
گھر مسواڙ تي مليو ھو. ان ڏينھن کان اسان ڪنھن ڍنگ
جي مسواڙي گھر جي ڳولا ۾ ھئاسين. صبح جو سوير ڳولا
۾ نڪري وڃون ۽ شام جو واپس اچون. ان پريشانيءَ مان
اسان اڃا تائين اسڪول ۾ داخلا به نه ورتي ھئي.
”ڏاڍي
دير ڪري ڇڏيئي“
بابي چيو.
”اسان
سمجھيو ھو، ته اوھان گھر جو رستو ڀُلجي ويا
“
اميءَ چيو ۽ مان پڙھو ڏيارڻ جي باري ۾ سوچي رھي
ھئس“
باجي مقدس چيو.
اميد آ اڄ به توھان کي ڪو گھر نه مليو ھوندو. ھا!
ڪو به گھر نه مليو“
ادا ٿڪاوٽي انداز ۾ چيو.
”باقي
.... ؟“مان
چوندي رُڪجي ويس
”باقي
ڇا“
باجيءَ پڇيو.
”منھنجو
خيال آھي، ته ھاڻ اسان کي گھر جي ڳڻتي ڪونه ڪرڻي
پوندي.“
مان چيو.
”ڇا
مطلب؟“بابي
۽ امان ھڪ آواز بڻجي چيو.
ته ڇا ڪو گھر ملي ويو آھي.؟ مان اله دين جو چراغ
وارو ھٿ انھن جي سامھون ڪيو ان کان پھريان اھو
پويان لڪيل ھو. اھي سڀئي حيران ٿي ان کي ڏسندا
رھيا.
”ھي
ڇا آھي؟
“باجيءَ
گفتو ڪڍيو.
”ھيءُ
ته ڪو چراغ ٿو ڏسڻ ۾ اچي، ڪنهن پراڻي دور جو!“
”جي
ھا“
باجي اسان ھوءَ فلم ڏٺي ھئي نه!
”اله
دين ۽ جادوئي چراغ“
مان چيو.
”ھا
بلڪل“
ته پوءِ؟ اھو چراغ توکي ياد آ؟
اڙي ھا بابا! ھي چراغ به ھوبھو ان جھڙو آ.
نه باجي! ھي بلڪل اله دين جو چراغ آھي.
”ڪھڙي
لٻاڙ ٿو ھڻين“
باجيءَ چيو.
ھي ڏس ھن تي چيني ٻوليءَ ۾ ڪجهه لکيل آهي. مان
انھن کي پڙھڻ کان وانجھيل تحرير ڏيکاري.!
ته اسان سان ڇا ٿيندو؟ اله دين چيني ڇوڪرو ھو.
تنھنجو دماغ گُھمڻ ته ناھي ويو؟ اڇا ته ھوشيار
ٿيجان، مان ان کي رڳڙيان ٿو. مونکي به ڪاوڙ آئي.
ھزار دفعا رڳڙيندين تڏھن به ڪجهه نه ٿيندو!“
باجيءَ چيو.
مان جوش ۾ اچي نه ھيڏي ڏٺو نه ھوڏي...
(هلندڙ......)
***
سيد عابد بخاري
حيدرآباد
ايماندار هاري
ڳالهه ٿا ڪن، ته احمد نالي هڪ ايماندار هاري
’گولپور‘
نالي ڳوٺ ۾ رهندو هو. سندس پورهئي ۽ ايمانداريءَ
جي ڪري سڄي ڳوٺ جا ماڻهو ڏاڍي عزت ڪندا هئا. احمد
صبح جو سوير پنھنجا ڍڳا ڪاهي، هَرَ کڻي، ٻنيءَ
ڏانھن روانو ٿيندو هو. جڏهن فصل پچي راس ٿيندو هو
ته، سڀني کان پھرين پنھنجو ڪم پورو ڪندو هو.
ايمانداريءَ، سچائيءَ ۽ محنت جي سبب ربّ پاڪ به
سندس اَنَ ۾ برڪت عطا ڪندو هو. اهڙيءَ ريت احمد
گذر سفر ڪري پنھنجن ٻچڙن جو پيٽ پاليندو هو.
وقت گذرندو رهيو. احمد جي سچائي ۽ ايمانداري ڳوٺ
جي ڪجهه ماڻهن کي پسند نه ايندي هئي. وقت بوقت اهي
ماڻهو زميندار کي، احمد جي باري ۾ ڪوڙ ڳالهائي
ورغلائيندا رهندا هئا. نيٺ هڪ ڏينھن ماڻهن جي
ڳالهين ۾ اچي، زميندار، احمد کي سڏايو. احمد کي
جيئن زميندار جو نياپو پھتو ته، يڪدم وٽس پھتو.
احمد هٿ ٻڌي، نھايت نِماڻي انداز ۾ زميندار کي
چيو،
”سائين!
توهان مون کي ياد ڪيو آهي. خير ته آهي.“
زميندار ڪاوڙ جي انداز ۾ احمد ڏانهن نھاريندي چيو،
”اڙي
احمد! منھنجي ڪجهه هارين تنھنجي شڪايت ڪئي آهي ته،
تون ٻنيءَ ۾ چڱيءَ ريت ڪم نه ٿو ڪرين؟ اناج ۽
ٻين
شين جي چوري ٿو ڪرين؟“
احمد خوف وچان، هٿ ٻڌي زميندار کي عرض ڪيو ته،
”سائين!
ماڻهو توهان کي غلط ڳالهيون ٿا ٻڌائين. مون ته
ڪڏهن به اهو نه سوچيو هوندو، ته آئون توهان سان
ڪوڙ ڳالهايان ۽ بي ايماني ڪريان.“
زميندار ڪاوڙ مان کيس ڏسندي چيو،
”آئون
۽ ٻيا هاري ڪوڙ پيا ڳالهايون. باقي تون سچو آهين؟“
”احمد:
نه نه سائين. آئون اها گستاخي ڪيئن ٿو ڪري سگهان،
پر اهو سچ نه آهي. ماڻهو توهان کي منھنجي باري ۾
غلط ٿا ٻڌائين.“
زميندار، احمد جي هڪ به نه ٻُڌي ۽ کيس حڪم ڏنائين
ته،
”هينئر
جو هينئر، منھنجي زمين ۽ ڳوٺ خالي ڪري وڃ.“
احمد گهڻيون ئي مِنٿون ڪيون، پر زميندار هن جي هڪ
به نه ٻُڌي. نيٺ احمد ويچارو روئندو گهر واپس آيو
۽ پنھنجي گهر واريءَ کي سڄي حقيقت ڪري ٻڌايائين.
چوندا آهن، ته
”پنھنجا
ڪَکَ ڇڏڻ ڏاڍا ڏکيا هوندا آهن.“
ڏُک ته احمد ۽ گهر وارن کي ٿيو، پر زميندار جي حڪم
جي ڪري کين ڳوٺ ڇڏڻو پيو.
احمد، ڏاند گاڏيءَ تي گهر جو سامان رکي، ٻار ۽ گهر
واري ساڻُ ڪري، ڳوٺ مان نڪتو. ڪجهه دير سفر ڪرڻ
کان پوءِ، هن کي هڪ واريءَ جو دڙو نظر آيو. احمد
سوچيو، ته ڇو نه هتي ئي گهر ٺاهجي. اهو سوچي ڏاند
گاڏيءَ کي هڪ وڻ جي هيٺان بيھاري ۽ گهر واريءَ کي
چيائين ته،
”هن
دڙي کي سِڌو ڪري، هتي ئي پنھنجو گهر ٿا اڏيون. ربّ
مالڪ آهي.“
احمد، ڏاند ڇوڙي ۽ هَرَ ٻڌي زمين کي سڌو ڪرڻ لڳو.
ربّ جو ڪرم ڏسو. احمد جيئن ئي زمين کي سِڌو ڪري
رهيو هو، ته اوچتو زمين مان ٽامي جو هڪ ديڳڙو
نڪتو. احمد اهو ڏسي، ڏاند جي جوڙي کي بيھاري،
ديڳڙو کڻي، اچي پنھنجي گهر واريءَ وٽ پھتو. احمد
زال کي چيو ته،
”هن
ديڳڙي کي کولي ڏسون ته هن ۾ ڇا آهي؟ هي ديڳڙو زمين
مان نڪتو آهي.“
احمد جي گهرواريءَ ديڳڙو هٿ ۾ کنيو ۽ ديڳڙي جو ڍڪُ
لاٿو ته، ڇا ڏسن ته سڄو ديڳڙو سون جي سِڪن سان
ڀريل هو.
احمد اهو ڏسي خوشيءَ منجهان روئي پيو ۽ هٿ کڻي ربّ
پاڪ جو شڪر ادا ڪيو. احمد سندس زال اهو فيصلو ڪيو،
ته سونا سِڪا وڪڻي، اسان زمين خريد ڪنداسين. ٻئي
ڏينھن صبح جو سوير، احمد سونا سِڪا کڻي شھر جي هڪ
سوناري وٽ وڪڻي آيو.
ڪجهه ڏينھن گذرڻ کان پوءِ، اتي ڪو ماڻهو پنھنجي
زمين وڪڻڻ آيو. اها خبر احمد کي پيئي، ته هن اچي
ساڻس زمين جو سودو ڪيو. احمد دل و جان سان زمين ۾
محنت ڪري فصل پوکيو. ربّ جي فضل سان سندس فصل ڏاڍو
ڀلو ٿيو.
چوندا آهن، ته
”پورهيت
خدا جو دوست هوندوآهي“.
احمد جي سچائي، ايمانداريءَ ۽ محنت جو ڦَلُ ربّ
تعالى هن کي ڏنو. ربّ تعالى هميشه ايمانداري ۽
سچائيءَ جو صِلو ضرور ڏيندو آهي. جيئن احمد کي
مليو.
}پيارا ٻارؤ! هن ڪهاڻيءَ مان اسان کي اها نصيحت
ملي ٿي، ته هميشه هر ڪم ايمانداري ۽ سچائي سان
ڪجي. ربّ پاڪ ان جو بدلو ۽ اجر ضروري ڏيندو.{
ارحان بابا
ڄام شورو
ماڻهوءَ جي پرکَ
هڪ پوڙهي جا چار پُٽ هئا، ان پوڙهي گُهريو ٿي ته
سندس پُٽ ڪنهن به ماڻهوءَ يا شيءِ کي پَرکڻ ۾ تڪڙ
نه ڪن، تنهنڪري هن پنهنجن پُٽن کي اها ڳالهه
سمجهائڻ لاءِ ڪنهن ڏوراهين سفر تي موڪلڻ جو فيصلو
ڪيو، پوءِ هن هڪ هڪ پٽ کي واري واري سان ڪنهن
ڏوراهين علائقي ۾ هڪ خاص قسم جي ميوي واري وڻ کي
ڏسي اچڻ لاءِ چيو.
پهرئين پُٽ کي سياري جي مُند ۾ ان وڻ کي ڏسڻ
موڪليائين، پوءِ ٻئي پُٽ کي بهار جي مُند ۾ اُهو
وڻ ڏسڻ لاءِ روانو ڪيائين، پوءِ ٽئين پٽ کي
اونهاري جي مُند ۾ ۽ سڀ کان ننڍي پٽ کي سَرءُ
(خزان) جي مُند ۾ اُهو وڻ ڏسڻ لاءِ موڪليائين.
جڏهن چارئي مُندون گذري ويون، ته پوڙهي پنهنجن چئن
ئي پٽن کي گَڏَي سَڏي هڪ هنڌ گڏ ويهاريو ۽ ڌار ڌار
کانئن سفر جي تفصيل بابت پڇيو.
پهريون پُٽ جيڪو سياري جي مُند ۾ اُن وڻ کي ڏسڻ
ويو هو، تنهن چيو ته
”بابا!
اهو وڻ ته سُڪل، ڦِڏو ۽ ڏاڍي بُڇِڙيءَ حالت ۾ هڪ
پاسي جُھڪيل هو.“
ٻئي پٽ چيو ته،
”نه
اِهو وڻ ته ساون ۽ سُهڻن پنن سان ڀريل هو.“
ٽئين پٽ اُنهن سان اختلاف ڪندي چيو، ته
”اهو
وڻ ڦُلن سان ڀريل هو ۽ اوسي پاسي سندس سُرهاڻ
پکڙيل هئي، مون ان کان پهرين ڪڏهن به اهڙو سهڻو
ڏيک نه ڏٺو هو.“
سڀ کان ننڍي پٽ پنهنجي ٽنهي وڏن ڀائرن جي ڳالهه کي
رد ڪندي چيو، ته
”اهو
وڻ ڦل سان ڀريل هو. جنهن جي وزن سان ان جا ٽار
زمين تي اچي لڳا هئا.“
اِهو سڀ ٻُڌي پوڙهي مُسڪرائيندي پنهنجن پٽن کي چيو
ته:
”اوهان
چارئي سچ ٿا چئو، اوهان مان ڪو به غلط ڪونهي“.
پيءَ جي اُن ڳالهه تي سندس چارئي پُٽ حيران ٿيا،
ته اِهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي.
پوڙهي پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو، ته:
”اوهان
ڪڏهن به ڪنهن وڻ يا ڪنهن شخص کي رڳو هڪ موسم يا
حالت ۾ ڏسي، ڪو به حتمي (آخري) فيصلو نٿا ڪري
سگهو. ڪنهن به شيءِ يا ماڻهوءَ کي جانچڻ ۽ پَرکڻ
لاءِ ٿوري وقت جي ضرورت هوندي آهي. ڇو ته هر ڪا
شيءِ ڪڏهن ڪهڙي ته ڪڏهن ڪهڙي رَنگ (ڪيفيت) ۾ هوندي
آهي. جيڪڏهن اوهان سياري جي موسم ۾ اُن وڻ کي بي
رونق ۽ بڇڙو ڏٺو، ته اُن جو مطلب اِهو ناهي، ته
اُن ۾ ڪڏهن به ميوو ڪونه ٿيندو. ساڳيءَ ريت جيڪڏهن
ڪنهن شخص کي اوهان سخت يا ڪاوڙيل حالت ۾ ڏسو ٿا،
ته اُن جو مطلب اهو ناهي، ته هُو ڪو بُرو ئي هجي.
ڪڏهن به تڪڙ ۾ اُن مهل تائين ڪو فيصلو نه ڪريو،
جيسين اوهان اُن کي انهن سڀني موسمن جي گذرڻ تائين
چڱي ريت جانچي ۽ پرکي نٿا وٺو. جيڪڏهن اوهان رڳو
سياري جي موسم ۾ ئي اندازو لڳائي، نتيجو ڪڍندا ته
گرميءَ جي ساوڪ، بهار جي سُونهن ۽ ڀرپور زندگيءَ
جي مزي کان رهجي ويندؤ.
ولي بروهي
هالا نوان
صرف هڪ منٽ ۾!
صرف هڪ منٽ ۾! (اهڙيون نيڪيون جيڪي اوهان صرف هڪ
منٽ ۾ ڪري وٺو)
قارئين ڪرام! هيٺ اسين توهان جي خدمت ۾ ڪجهه
اهڙيون نيڪيون بيان ڪري رهيا آهيون، جيڪي اسان صرف
هڪ منٽ ۾ وڏي آسانيءَ سان ڪري سگهون ٿا. اهي
ڪهڙيون نيڪيون آهن؟ اچو ڏسون ۽ هڪ منٽ ۾ بيشمار
اجر حاصل ڪريون.
1.
زبان منجهان سُٺي ڳالهه ڪڍڻ.
سيدنا ابوهريره رضي الله عنھ کان روايت آهي، ته
رسول اللهﷺ جن فرمايو، ترجمو:
”مُنهن
مَنجهان سُٺي ڳالهه ڪڍڻ صدقو آهي.“
(صحيح البخاري
2989)
2.
مسلمان ڀاءُ سان مُسڪرائي ملڻ
سيدنا ابوذر رضي الله عنھ کان روايت آهي، ته رسول
اللهﷺ جن فرمايو، ترجمو:
”پنهنجي
ڀاءُ جي سامهون مُسڪرائڻ توهان جي لاءِ صدقو آهي.
(سنن ترمذي
1956)
اهڙيءَ طرح رسول اللهﷺ جن جو فرمان آهي،
”نيڪيءَ
۾ ڪنهن به شيءِ کي گهٽ نه سمجهو، کڻي توهان کي
مسلمان ڀاءَ کي کِلندي چهري سان ملڻو پوي.
(صحيح مسلم
2626)
***
پيارا ٻارو! اڄ جي دور ۾ اسان کي ڪيئي سهولتون،
پنهنجي چوڌاري ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. ڏينهن جو سفر ڪلاڪن
۽ ڪلاڪن جو سفر منٽن ۾ مڪمل ٿي وڃي ٿو. رات جو به
ڏينهن جهڙو سوجهرو ٿيندي ڏسون ٿا. هزارين ڪلوميٽر
پري واري ماڻهوءَ کي پنهنجي گهر ۾ روبرو ڏسي سگهون
ٿا، پر ڇا اسان ڪڏهن اهو سوچيو آهي، ته انهن
سهولتن پويان ڪيڏي وڏي کوجنا ۽ همت لڪيل آهي. بلڪل
اها کوجنا ۽ اهي حيرت انگيز واقعا اسان کي آخوند
نور احمد ڏهوٽ جي ڪتاب
”حيرت
انگيز سائنسي ڪهاڻيون“
۾ پڙهڻ لاءِ ملي چڪيون آهن. آخوند نور احمد ڏهوٽ
تمام بهترين ڪوشش ڪري اهي واقعا ۽ دلچسپ ايجادون
ٻين ٻولين مان ترجمو ڪري، اسان کي پنهنجي مِٺڙي
ٻولي سنڌيءَ ۾ ڪتابي شڪل ۾ پيش ڪري ڏنيون آهن.
پيارا ٻارو! اڄ دنيا ايڏي گهڻي ترقي ڪري چڪي آهي
جو اسان پنهنجي ماضيءَ طرف ڌيان ڏيڻ ڇڏي ڏنو آهي،
پر ڪنهن ڏاهي جو قول آهي، ته
”اسان
کي ماضيءَ مان سبق پرائي حال
کي شاندار بڻائڻ سان گڏ مستقبل جا نوان دڳ ايجاد
ڪرڻ گهرجن.“
انسان کي ربّ تعالى اشرف المخلوقات جو درجو ڏيڻ
سان گڏ عقل ۽ فهم ڏنو آهي. اڄ انسان ان عقل جي
آڌار تي ترقيءَ جي بُلندين تي پهچي چڪو آهي. اڄ جو
انسان وقت سان گڏ پاڻ کي تبديل ڪري پيو. جن قومن
پاڻ کي وقت سان گڏ تبديل نه ڪيو، اهي دنيا جي تختي
تان ميسارجي ويون آهن.
ھن ڪتاب ۾ سائنسي ايجادن بابت قرآن پاڪ مان به
حوالا ڏنا ويا آهن، ڇا؟ ڀلا اڄ کان ڪجهه صديون اڳ
ڪير اسان کي چوي ها ته ايندڙ وقت ۾ لوهه جو ٽڪرو
مٿي آسمان ۾ اُڏرندو، ته اسان ان ڳالهه ڪندڙ
ماڻهوءَ کي يقينن بيوقوف ئي سمجهون ها، پر اڄ
واقعي لوھ جو ٽڪرو ئي
’جهاز‘
جي روپ ۾ اُڏرندي ڏسون ٿا. ڇا
ڀلا اهو جهاز اک ڇنڀ ۾ ايجاد ٿي ويو هوندو؟
ان پٺيان به هڪ وڏي ڪهاڻي آهي. جيڪا اسان کي آخوند
نور احمد ڏهوٽ جي ڪتاب ۾ پڙهڻ لاءِ ملي ٿي، ته
ڪيئن نه پُراڻي وقت جي ماڻهن پکين کي ڏسندي دل ۾
اهو خيال ڪيو، ته پکين جيئان اسان به اُڏرون ۽
پوءِ انهن وڏن وڏن پکين کي ماري، انهن جا کنڀ
پنهنجي ٻانهن سان ٻڌي بُلندين تي وڃي ٽُپ ڏئي
اُڏرڻ جي ڪوشش ڪئي. پر اهي ڪوششون ناڪام ويون ۽
انهن کي ڪيئي جاني نقصان برداشت ڪرڻا پيا، چوندا
آهن
”ڪوشش
ڪاميابي جي ڪُنجي آهي“
۽ دنيا به اميدن تي قائم آهي.
اها ڪوشش نيٺ رائيٽ برادران ڪامياب ڪري ورتي ۽
جهاز ايجاد ڪري ورتو. اهڙيون ڪيئي شيون جيڪي اسان
پنهنجي سامهون ڏسون ٿا پر انهن جي تاريخ جي اسان
کي خبر ناهي. ٿامس ايڊيسن لڳ ڀڳ هڪ هزار ڀيرا
ڪوششن کان پوءِ بلب ايجاد ڪري، دنيا کي روشن ڪري
ڇڏيو! اهڙيون ڪئي سائنسي ايجادن جون ڪهاڻيون لڳ ڀڳ
40
ايجادن تي مشتمل آخوند نور احمد ڏهوٽ جو هيءُ ڪتاب
اسان کي هڪڙو نئون حوصلو ڏئي ٿو. اسان کي مستقبل ۾
اڃا وڌيڪ کوجنا ڪرڻ جا طريقا ٻڌائي ٿو. انهن
ڪهاڻين ۾ ڪمپيوٽر، ٽيليفون، ٽيلويزن، سائيڪل،
هوائي جهاز، تالو، واشنگ مشين ۽ فائر برگيڊ جي
ايجاد سميت گهڻن ئي ايجادن متعلق ڄاڻ موجود آهي.
هي ڪهاڻيون نه پر هڪڙا دل کي لڀائيندڙ تاريخي
واقعا ۽ حقيقتون آهن. پر ليکڪ چواڻي ته
”اڄ
جا ٻار ئي مستقبل جا معمار آهن. انهن واقعن کي
شاگردن ۾ دلچسپي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪهاڻين جو روپ ڏنو
ويو آهي. آخوند نور احمد ڏهوٽ جي هيءُ ڪاوش تاريخ
جو هڪ اڻٽٽ حصو آهي.“
جيڪو تحقيدانن توڙي شاگردن لاءِ راھ هموار ڪري، ڪي
نوان گس جوڙيندي.
ھن ڪتاب جو مھاڳ پروفيسر ادريس جتوئي لکيو.
پروفيسر مدد علي جھتيال، بھترين مقرر ۽ شاعر رضا
لانگاهه ڪتاب لاءِ پنهنجي راءِ لکي آهي. ادي گلبدن
مرزا سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو بيڪ ٽائٽل
لکيو آهي.
پيارا ٻارو! اوهان کي گذارش آهي، ته اوهان هن
خوبصورت ۽ معلوماتي ڪتاب کي پڙهڻ نه وسارجو.
پنهنجي اونهاري جي موڪلن کي ضرور سجايو ڪري، هن
ڪتاب مان ڪجهه حاصل ڪجو.
***
محترمه ايڊيٽر صاحبه، السلام عليڪم اُميد ته
توهان ۽ توهان جي اداري سان واسطو رکندڙ، مُقدس
پيشي
سان واڳيل خيريت سان
هوندا ۽ گُلن وانگر ماڻهن کي (علم جي) خوشبوءِ
ڏيندا رهندا. شال ربّ سائين توهان کي ان ڪم سان
وابسطه رکي (آمين). جيئن ته اسان پنهنجي ڳوٺ (سيدو
باغ) جي مدرسي ۾ پڙهندا آهيون. جيڪو
”وفاق
المدارس العربيه پاڪستان بورڊ“
سان وابسطه آهي،
’’دارالعلوم
فضليه‘
جي نالي سان اسان جي مدرسي ۾ هڪ اُستاد آهي. اهو
اڪثر لکندو رهندو آهي. پوءِ اسان به پنهنجي سبق
پڙهڻ کان فارغ ٿي، ان سان گڏ ويهي، ان جو لکيل
مواد پڙهندا هئاسين. اُستاد ٻڌايو ته ڄام شورو مان
هڪ بهترين دلچسپ ماهوار رسالو شايع ٿيندو آهي
ٻارڙن جو. مستقبل سنوارڻ لاءِ ان رسالي جي لاءِ
لکندو آهيان. گُل ڦُل رسالو ڏيکاريائين به. اسان
پڙهيوسين. رسالي ۾ سمورن دوستن، ڀائرن جو مواد
تمام بهترين هيو. ان کان پوءِ گُل ڦُل رسالو هر
مهيني پڙهندا پيا اچون. پر آئون اڄ لکڻ جي جرئت
پهرين دفعي ڪري رهيو آهيان. رسالي جي خطن وارو
صفحو به وڏي حيثيت رکي ٿو. اسان جي ڀائرن ڀينرن جا
مختلف شهرن ڳوٺن، علائقن کان آيل خط ۽ توهان
(ايڊيٽر صاحبه)
جو حال احوال وارو
صفحو پڙهي، ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ ته ڪا محفل
سجايل آهي.
بس هن رسالي کي پڙهندي منهنجي اندر ۾ هڪ شوق جاڳي
پيو ۽ قلم به حرڪت ۾ اچي ويو. سو اڄ وڏين ڪوششن ۽
همٿن کان پوءِ هيءُ خط ۽ ٻيو مواد اوهان ڏي موڪلي
رهيو آهيان. اُميد ته مون کي به پنهنجي سلسليوار
خطن جي محفل ۾ جڳهه ڏئي، سعادت بخشيندا، تصوير به
شايع ڪندا. ربّ پاڪ اوهان کي ٻنهي جهانن ۾ شاد ۽
آباد رکي. (آمين) آخر ۾ سڀني گُل ڦُل پڙهندڙن کي
سلام.
سميع الله عباسي
ڳوٺ: سيدو باغ، ڪلاس نائون،
’سپرئير
سٽي پبلڪ هاءِ اسڪول‘
ڪنڊيارو، نوشهروفيروز
***
ايڊيٽر گُل ڦُل محترمه نجمه پنهور صاحبه، السلام
عليڪم جيئن ته گُل ڦُل رسالو مئي جو پڙهيو آهي.
سال
2024ع
گُل ڦُل رسالي جو خريدار ٿيو آهيان.
جون مهيني جي رسالي ۾ منهنجو خط ضرور شايع ڪندا.
سلسلا رکو ته رسالو اڃا گهڻو مزو ڪندو. قلمي دوستي
سلسلو بند ڪري ڇڏيو اٿَوَ. حسام الدين راشديءَ جو
مضمون مون کي ڏاڍو پسند آيو، وڏو تاريخدان هيو.
ڪافي خط لکيا آهن.
محرم علي شيخ
ليلا آباد محلو لاڙڪاڻو
***
ايڊيٽر صاحبه، السلام عليڪم اُميد ته اوهان ٺيڪ
ٺاڪ
هونديون. ڪجهه وقت
کان هيءُ دلچسپ
’گُل
ڦُل‘
رسالو پڙهندڙ آهيان. توهان کي مبارڪ باد هجي. جو
توهان جي محنتن ۽ ڪاوشن جي نتيجي ۾ هيءُ رسالو
منزلون طئي ڪندي شهرن، ڳوٺن ۽ ٻهراڙين بلڪ جهر
جهنگ ۾ پڙهجي رهيو آهي. ڇو ته مان به درياءَ جي
ڀرسان ڪچي (علائقي) جي ننڍڙي ڳوٺ (مڏ ملاح بکري)
جو رهاڪو آهيان. ربّ تعالى توهان جي ۽ ليکڪن جي
محنتن ۽ جذبن کي قبول فرمائي. جو هن رسالي جي
ذريعي ڪافي ٻارڙا علم، ادب، اخلاق ۽ بهترين ڄاڻ
حاصل ڪري رهيا آهن. مان اوهان جو شڪر گذار آهيان،
جو اپريل
2024ع
واري رسالي ۾ منهنجو پهريون دفعو لکيل مواد
”جهڙي
ڪرڻي تهڙي ڀرڻي“
۽ خط شايع ٿيو. تمام گهڻي خوشي ٿي. هن دفعي به
ڪجهه مواد موڪلي رهيو آهيان، اُميد ته شايع ڪري
حوصلو وڌائيندا. مان ٿورائتو آهيان، پنهنجي ڳوٺ جي
مسجد ۾ پڙهائيندڙ عالم سڳوري (سائين مقبول عباسي)
جن جو جيڪو اسان جي لاءِ چنيهاڻي عثمانيه
لائبريريءَ کان رسالو هر مهيني آڻيندو آهي، ان ئي
اسان کي گُل ڦُل پڙهڻ جو شوق ڏياريو ۽ مواد لکڻ ۾
پڻ حوصله افزائي ڪئي. ربّ پاڪ سڀني جي محنتن کي
قبول فرمائي (آمين).
عبدالسميع (ثمير) بن غلام شبير ملاح
ڪلاس اٺون، پارس پبلڪ هائير سيڪينڊري اسڪول
ڪنڊيارو
***
محترمه ايڊيٽر صاحبه، السلام عليڪم ربّ تعالى
توهان کي ۽ توهان جي ٽيم کي امن ۽ سلامتيءَ سان
رکي (آمين). جيئن توهان هن رسالي کي وقت سر جاري
رکندا اچو، هونئن ته اسان ڪافي وقت کان پڙهندڙ
آهيون، پر الحمّدُللهِ ٻن ٽن مهينن کان قلم هٿ ۾
کڻي ڪجهه مواد به موڪليندا آهيون. توهان شايع ڪري
حوصله افزائي فرمائينديون آهيو.
ماشاءَالله. گُل ڦُل رسالي جو سمورو مواد تمام
بهترين هوندو آهي.
پر هن رسالي ۾ اسان
جا ڀائر جيڪو وقت جي اهميت جي متعلق، سُهڻا سخن،
مهراڻ جا موتي ۽ ڄاڻ جي کاڻ عنوانن سان مواد
موڪليندا آهن، اُهي ته رسالي کي چار چنڊ لڳائي
ڇڏيندا آهن. گُل ڦُل رسالو ته اسان جو پسنديده
رسالو آهي، ڇو ته ان ۾ گُلن جهڙن پيارن ٻارڙن جو
مستقبل سَنوارڻ جي حوالي سان مواد هوندو آهي. جو
اڄ جا ٻارڙا مستقبل جا اديب، ذهين، هوشيار، مصنف،
مضمون نگار ۽ ليکڪ ثابت ٿيندا. هونئن به اسان کي
مضمونن ۽ مختلف شخصيتن جي حالات ۽ واقعات پڙهڻ جو
شوق ۽ ذوق هوندو آهي. پر اسان جي هن رسالي
۾ بهترين مختصر مضمون ۽ اهم شخصيتن جي زندگيءَ
بابت پڙهي اڃا وڌيڪ
جوش جذبو شوق ۽ محبت پيدا ٿيندي آهي.
مواد موڪليو آهي، اُميد ته شايع ڪري حوصلو
وڌائيندا. ربّ تعالى اسان جي هن رسالي کي وڌيڪ
ترقي عطا فرمائي ۽ وقت سر جاري ۽ ساري فرمائي.
(آمين) ڇو ته اسان هن رسالي جي ذريعي ملندا به
آهيون ۽ اسان سڀني پڙهندڙن تائين هن رسالي ذريعي
سُٺيون ڳالهيون به پهچنديون آهن.
مقبول احمد بن منظور عباسي
عثمانيه لائبريري چنيهاڻي ڪنڊيارو
جولاءِ
2024ع
جي
ماهوار
شماري
۾
”لطيفي
لات“
جي سلسلي ۾ ڏنل بيت
”سُر
ڪلياڻ“
جي داستان
ٽئين
جو
ٻاويهون
نمبر بيت
آهي.
بيت جي سمجهاڻي ۽ مفهوم:
’آءٌ
ٻانهو ۽ تون مالڪ سائين آهين‘
انهيءَ اقرار ۾ نڪو شرڪ (غير جو تصور) آهي ۽ نه
وري ان ۾ ڪو شڪ شبهو ئي آهي. سڄڻن جي هر وقت
يادگيري (ذڪر وارو شغل) سچن عاشقن کي ئي سونهي ٿو.
(انهن لاءِ خوشي ۽ راحت جو سبب آهي). اهڙي قسم جو
هر عمل صحيح ۽ برحق آهي، جنهن ذريعي دلبر جو ديدار
نصيب ٿئي.
بيت جي صحيح معنيٰ لکندڙن جا نالا:
*مريم جاويد: اقصى ماڊل اسڪول، هالا نيو
*سعيده سهندڙو: ڳوٺ عظيم سهندڙو ضلع شڪارپور.
*غلام احمد: ڪلاس ستون، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول
ٽنڊو محمد خان.
*محمد بخش سوڍڙو: ڪلاس چوٿون، مخدوم محمد امين
فهيم پرائمري اسڪول هالا نوان.
*عبدالباقي ڀٽو: ميرپور ماٿيلو مومل جي ماڙي
گهوٽڪي.
*عبدالمالڪ سهندڙو : ڪلاس ڏهون، گورنمينٽ هائير
سيڪينڊري اسڪول رستم ضلع شڪارپور.
*انيبا فرحان: دي رائيٽ وي ايجوڪيشنل اڪيڊمي ڳوٺ
باغ ڀٽي حيدرآباد.
*حسين جمالي: ڪلاس ستون، گورنمينٽ هائير سيڪينڊري
اسڪول بکر جمالي.
*عادل جمالي: ڪلاس پنجون، گورنمينٽ پرائمري اسڪول
پاهڙ خان جمالي ضلعو مٽياري
*عمار علي: ڪلاس ٽيون،
’روشني
گرامر اسڪول‘
آراضي سيوهڻ.
*سعد الله ڏاهري: ڪلاس ستون، اسد پبلڪ هائير
سيڪينڊري اسڪول شاهپور جهانيان.
*صبغت الله ڏاهري: ڪلاس يارهون، اسد پبلڪ هائير
سيڪينڊري اسڪول شاهپور جهانيان.
*مهراڻ ياسين آرائين: ڪلاس ڏهون، هاءِ اسڪول ڦلجي
اسٽيشن دادو
*ميرب: ڪلاس ٽيون،
’روشني
گرامر اسڪول‘
آراضي سيوهڻ.
*حجاب زهره: ڪلاس ٽيون،
’روشني
گرامر اسڪول‘
آراضي سيوهڻ.
*آزان علي خاصخيلي: ڪلاس ٽيون، گورنمينٽ پرائمري
اسڪول آراضي سيوهڻ.
*عبدالسميع: ڪلاس ستون، گورنمينٽ هائير سيڪينڊري
اسڪول بکر جمالي.
*محمد يعقوب جمالي: ڪلاس پنجون، گورنمينٽ پرائمري
اسڪول پاهڙ خان جمالي تعلقه سعيد آباد.
*سليمان
جمالي: ڪلاس ڇهون، سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن
هاءِ اسڪول ڳوٺ جان محمد عرف (مٺياڻي) جمالي ضلع
مٽياري.
*خليفو فيصل ڪاڪا: ڪلاس ستون، گورنمينٽ بوائز
هاءِ اسڪول ڦل ڪاڪا ضلع مٽياري.
*عبيدالله ڪاڪا: ڪلاس ٽيون، گورنمينٽ پرائمري
اسڪول ڦل ڪاڪا.
بيت جي صحيح معنيٰ لکي موڪليندڙن مان مريم جاويد
جو ڪُڻو نڪتو آهي، کيس سنڌي ادبي بورڊ پاران گُل
ڦُل جي ڪاپي موڪلجي ٿي. |