عديل احمد ميمڻ
سيتاروڊ/دادو
سالياني انسپيڪشن
2023ع
–
2024ع
1988ع
کان وٺي اُستادن محنت سان پنهنجي شهر سيتاروڊ
دادو ۾ بهترين تعليمي ادارو، گورنمينٽ بوائز
اليمينٽري اسڪول ميمڻ محلا، جنهن جو بنياد ميمڻ
برادري جي بهترين شخصيت، شفيق اُستاد ۽ اديب دوست،
سائين قادر بخش ميمڻ رکيو هو۔ هيءُ اسڪول،
سيتاروڊ شهر جي بهترين اسڪول طور مڃتا ماڻي چڪو
آهي، هن اسڪول جا شاگرد هن وقت سنڌ توڙي پاڪستان
جي بهترين ادارن جهڙوڪ، علي ڳڙھ اسڪول، آرمي پبلڪ
اسڪول، اين جي وي اسڪول، ۽ آءِ بي اي پبلڪ اسڪول
سميت ٻين ڪيترن ئي ادارن ۾ اسڪالرشپ تي زير تعليم
آهن.
پرائمري اسڪول مان اليمينٽري اسڪول ۾ اپگريڊ ٿيڻ
کان پوءِ اُستادن جي کوٽ باوجود به اسڪول جي محنتي
اُستادن پنهنجي قابليت سان اسڪول جي تدريسي عمل ۾
جاکوڙ جاري رکي ۽ بهترين تعليم سان گڏ ٻارن ۾
تربيت جا اعلى گُڻ پيدا ڪيا، اها جُستجو اڄ به
جاري و ساري آهي.
ميمڻ محلا اسڪول پرائمري جي پهرين ڪلاس کان وٺي
اٺين ڪلاس تائين ٻارن کي بهترين تعليم و تربيت ڏئي
رهيو آهي۔ تازو ئي اسڪول جي سالياني انسپيڪشن ۽
مڊٽرم امتحان ۾ پاس ۽ پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن ۾
انعام ورهائڻ واري تقريب ٿي گذري. جنهن ۾، تعلقا
ايجوڪيشن آفيسر سائين سڪندر علي گاهي صاحب جي
سربراهي ۾ سندس ٽيم اسڪول جي ٻارن کان مختلف
مضمونن جا سوال پڇيا، سوالن جي موٽ ۾ ٻارن جي
خود اعتمادي ۽ ذهانت سان گڏ ترت جواب ڏيڻ واري
قابليت کي ساراهيندي، تعلقا ايجوڪيشن آفيسر ڪي اين
شاھ ۽ سندس ٽيم ٻارن کي شاباس ڏيندي، اسڪول
انتظاميه سائين هيڊ ماستر سڪندر علي عباسي ۽ سندس
نائب اُستادن جي محنت کي خوب ساراهيندي، استاد جي
پيغمبري پيشي کي بهتر انداز ۾ نڀائڻ تي دلي طور
کوڙ ساريون واڌايون پيش ڪيون!
عبدالله سومرو
ٺاروشاهه
قيمتي قول
*
انسان کي ڪنهن خاص جماعت جي بهبوديءَ ۾ اضافو ڪرڻ
جو فڪر نه ڪرڻ گهرجي. بلڪ ملڪ جي عام قوم جو خير
خواهه رهڻ گهرجي. جنهن مان پاڻ کي ثواب، قوم جو
ڀلو ۽ حڪومت جي عمارت جي مضبوطي ٿيندي.
*
انسان تي لازم آهي، ته اسان پاڻ ۾ دل و جان سان
ٻڌيءَ ۾ رهون. ڇوته جيڪڏهن ٻَڌي آهي، ته هڪ ٻئي جي
مدد ڪري سگهبي پر جي ٻَڌي نه هوندي ته مخالفت جو
اثر فرقن ۾ ٿي تباهيءَ جو سبب بڻبو.
*
خدا جي ديدار وارو هن جهان کي آرام جي جاءِ نه
سمجهي. پر آزمائش جي چڱن ڪمن ڪرڻ جي پاڻ به ڪوشش
ڪري ۽ ٻين کان به چڱا ڪم ڪرائي. خدا جي ذڪر کي دل
کان ٻاهر نه ڪڍي پر اندر ۾ رات ڏينهن سانڍي درويشن
جي خدمت ڪري. جن اکين سان ٻاهرين شين کي ڏسي ٿو،
ته انهن اکين سان پاڻ کي به ڏسي.
*
جو ماڻهو خدا تعالى جي وڏائي ياد ڪندو ۽ پاڻ نِوڙت
ڪندو ۽ خدا جي خلقت تي وڏائي نه ڪندو دل ۾ خوف
ڌاريندو. پاڻ کي شهوتن ۽ لذتن کان روڪيندو، ته ان
جي عبادت بيشڪ الله تعالى قبول فرمائيندو.
ليو ٽالسٽاءِ
سنڌيڪار: اياز ڀٽو/جيڪب آباد
سِرڻ ۽ ڪڇُون
هڪ ڪَڇُون، سِرڻ کي چيو، ته مون کي
اُڏارڻ سيکار.
سِرڻ اُن کي مشورو ڏنو، ته تون اُڏرڻ جو خيال دل
منجهان ڪڍي ڇڏ، ڇو ته ان جي لاءِ تنهنجو جسم ۽ وزن
مناسب ناهي، پر ڪَڇُون جو اصرار وڌندو رهيو. سِرڻ
ان کي پنهنجي چنبن ۾ کنيو ۽ آسمان جي بُلندين تي
پهچي ان کي ڇڏي ڏنو. ڪَڇُون پٿرن تي ڪري ٽُڪرن ۾
ورهائجي ويو ۽ مري ويو.
سبق:
هر ڪم، هر شخص ناهي ڪري سگهندو،
جيڪو ڪم اسان جي ڪرڻ جو نه هجي، ان جي ڪرڻ کان
بهتر آهي، ته اسان اهو ڪم ڪريون، جيڪو اسان کي اچي
ٿو. يا اسان جي لاءِ مناسب آهي.
ترجمو: اظهر
’آزاد‘
مغل/شڪارپور
اسڪائي لار، نانگ يا ڳيرو؟
ھڪ دفعي جي ڳالھه آھي، ته ڪنهن ملڪ ۾ ڪوبريڪا نالي
ھڪ خطرناڪ ظالم نانگ رھندو ھو. جيڪو سڀني نانگن جو
بادشاھه ھو. ھو انھن ڪجھه نانگن منجھان ھو، جن کي
پنھنجي نظر سان مارڻ جي فن تي مھارت حاصل ھئي. ھن
نانگ جو نه فقط چَڪُ، پر نظر به زھريلي ھئي. ھو
پنھنجي نظرن مان زھر جا قطرا ڪڍڻ جي قابل ھوندو
ھيو. ھو ھن وقت تائين چار ھزار کان مٿي انسانن ۽
جانورن جو شڪار ڪري چڪو ھو. ھڪ اونڌاھي ۽ تاريڪ
رات تي، ڪوبريڪا کي ھڪ ٻچو پيدا ٿيو، جنھن تي ھن
’اسڪائي
لار‘
نالو رکيو. ڪوبريڪا کي اھا اُميد ھئي، ته اسڪائي
لار درندگي ۽ سفاڪي واري روايت کي جاري رکندو،
جيڪا خاندان ۾ ھلندي آئي. سڄي دنيا جي ڪُنڊ ڪڙڇ
کان نانگ ھن جي ٻچي نانگ جي سالگرھه ملھائڻ آيا.
جنھن جي متعلق اھا پيشنگوئي ڪئي وئي ته مستقبل جي
نانگن جو بادشاھه بڻجندو. نانگ جو ٻچو جلدي وڏو
ٿيو ۽ شڪار ڦاسائڻ ۽ ھڙپ ڪرڻ جي حوالي سان لاڳاپيل
تربيت ۽ طريقا سِکڻ لاءِ نانگن جي اسڪول وڃڻ شروع
ڪيو. اسڪول مان نمايان ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي
گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ، اسڪائي
لار والد سان گڏ پنھنجي پھرين شڪار ڪرڻ واري سبق
۽ مشق لاءِ روانو ٿيو. ڪوبريڪا ھن کي اڻکٽ قانونن،
قاعدن ۽ طريقن کان باخبر ۽ آگاھه ڪيو ۽ ھن کي
نِيري ڳائڻ واري پکيءَ جو شڪار ڪرڻ جي شروعات ڪرڻ
لاءِ چيو، جيڪو پنھنجي آکيري ۾ مِٺي ننڊ ۾ آرامي
ھو. اسڪائي لار ڪيترائي ڪلاڪ ڪوشش ڪئي، پر ناڪامي
نصيب ٿيس. ھن جو پيءُ تعجب ۾ پئجي ويو، پر ھن
اسڪائي لار تي ڪاوڙ نه کاڌي. اھو سوچيندي، ته اھا
ھن جي پھرين ڪوشش ھئي. تنھنڪري ٻئي ڏينھن اھي وري
سُٺي اُميد کڻي شڪار ڪرڻ ويا. ڪوبريڪا تمام گھڻو
نااُميد ھو، ڇاڪاڻ جو مسلسل ٽن ڏينھن کان ھن ڪو
جانور نه ماريو ھو. ڪوبريڪا اھا ڳالھه نه سمجھي
سگھيو، ته ڪوئي اھڙي اعلى علمي قابليت جي باوجود
حقيقي زندگي ۾ ائين ڪيئن بُري طرح ناڪام ٿي سگھيو.
”اھي
نانگن واري اسڪول ۾ فقط نظريو پڙھائين ٿا، انھن کي
وڌيڪ عملي ڪلاسن جو آغاز ڪرڻ گھرجي.“
مايوس والد جي ذھن ۾ خيال آيو. سال گذري ويا ۽
جڏھن اسڪائي لار ڪوئو به ماري نه سگھيو، ڪوبريڪا
تمام گھڻو مايوس ٿي ويو ۽ ٻيا نانگ اسڪائي لار جو
مذاق اُڏائڻ لڳا. جيڪو انھن کي سمجھه ۾ نه آيو سو
اھو ھو، ته ھر دفعي جڏھن اسڪائي لار ڪو ٻيو جانور
شڪار ڪرڻ ويندو ھو، شڪار لاءِ ھن جي دل ۽ روح ۾
رحم پئجي ويندو ھو ۽ ھو شڪار سان ھڪ بنجي ويندا
ھئا ۽ ھو ٻئي جانور کي ماري نه سگھندو ھو.
اسڪائي لار پنھنجي امڙ اڳيان راز کوليو ۽ دل جي
ڳالھه ٻُڌائي، ته جڏھن به ھو ڪنھن ٻئي جانور جو
شڪار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ھو ، ھو اھو محسوس ڪندو ھو،
ته ڄڻڪه ھن خود پنھنجي جسم جي حصي کي ماريو پئي.
جڏھن سموريون اُميدون ختم ٿي ويون ھيون، نانگن جي
تجربيڪار پوڙھي ڊاڪٽر کي اسڪائي لار کي ڏيکارڻ
لاءِ گھرايو ويو. اندروني چڪاس ڪرڻ کان پوءِ ،
ڊاڪٽر ھن جي پيءُ کي ٻڌايو، ته اسڪائي لار ھڪ اھڙو
نانگ آھي، جيڪو زھر کان خالي آھي.
”پر اُھو ڪيئن ممڪن آھي !“
پيءُ ورندي ڏيندي چيو. اسان نسل در نسل کان زھريلا
نانگ آھيون ۽ اسان جي زھر اسان کي ڪڏھن به ھيٺ
ڪِرڻ نه ڏنو آھي. اھڙي خاندان ۾ جنم وٺندڙ ٻچو،
ڪيئن زھر کان خالي ٿي سگھي ٿو؟“
نانگن جي عقلمند ڊاڪٽر ھن کي وڏي غور سان ٻڌو ۽
پوءِ پنھنجا ويچار ونڊيدي چيو ته،
”دنيا ۾ عجيب و غريب شيون واقع ٿيون آھن. ۽ تنھنجي
۽ منھنجي ھيءُ جھان ڇڏي وڃڻ کان گھڻو عرصو پوءِ به
اھڙا حيران ڪندڙ واقعا جنم وٺندا رھندا.“
ڪوبريڪا پنھنجي نڪمي ۽ نالائق ٻچي کي پنھنجي
علائقي مان ڪڍڻ ۽ اُڇلڻ جو فيصلو ڪيو. ھن جي ماءُ
اھو چئي پنھنجي مڙس کي اسڪائي لار کي اتي ئي رھڻ
جي اجازت ڏيڻ جي اِلتجا ڪئي، ته متان ھو جھنگ ۾
اڪيلو بُک کان مري نه وڃي، پر پيءُ ھن جي ھڪ به نه
ٻُڌي. اسڪائي لار جي لاءِ اھا خوشقسمتيءَ جي ڳالھه
ھئي، جو جھنگ فقط ننڍن جانورن ۽ تمام گھڻين ڀاڄين
۽ ميون تي مشتمل ھو. جيئن ته اسڪائي لار ٻيو ڪو
جانور مارڻ جي قابل نه ھو ، ھو ڀاڄي خور بنجي ويو
۽ اھو معلوم ٿيس، ته مُئل جانورن کان ڀاڄيون ۽
ميوا وڌيڪ مزيدار ۽ ذائقيدار ھئا. تنھن ھوندي به،
جھنگ ۾ رھندڙ جانورن کي ھن جو راز معلوم نه ھو ۽
ائين اھي پري ڀڄي ويندا ھئا. جيئن ئي ھو انھن جي
قريب اچڻ جي ڪوشش ڪندو ھو. اسڪائي لار اڪيلو ۽
ذھني دٻاءَ جو شڪار ھو ۽ ھن کي پنھنجي ماءُ جي هنج
۾ ويھي سُک جو ساھه کڻڻ جي خواھش ھئي.
ھڪ دلڪش اونھاري جي شام جي پھر، اسڪائي لار صُوفَن
جي ھڪ وڻ ھيٺان ويٺو ۽ تمام وڏي ۽ زوردار رڙ ڪئي.
بلڪل انھيءَ گھڙيءَ، ھن کي ڳيري جو ھڪ ٻچو نظر
آيو. جنھن تي ھڪ خطرناڪ نانگ حملو ڪيو پئي، جيڪو
ٻيو نه پر اسڪائي لار جو پيءُ ھيو. جيڪو ٿي رھيو
ھو، ان جو ڪوبريڪا کي علم ٿيڻ کان اڳ ۾، اسڪائي
لار ڳيري کي کنيو ۽ جلد ئي ٻوڙي پويان لڪِي ويو.
جيتوڻيڪ اسڪائي لار ڪوئي شڪار ڪرڻ جي قابل نه ھيو،
ھن پنھنجي اسڪول جي سبقن مان اھو سکيو ھو، ته
جيڪڏھن خطرو مٿان لامارا ڏيندو ھجي، ته ان سان
تڪڙو مُنھن ڪيئن ڏجي. حقيقت ۾، ھو ٻئي ڪنھن نانگ
کان پنھنجو دفاع ڪرڻ ۾ وڌيڪ بھتر ھو. جيئن ته ھن
جو سڄو ڌيان پنھنجي دفاع تي ھو ۽ نه ڪي حملي تي،
ائين ھو مڪمل توجھه سان پنھنجو دفاع ڪري سگھيو.
اسڪائي لار جا عڪس ايترا ته تيز ھئا، جو ڪوبريڪا
کي خبر به نه پئي، ته ڳيري کي خود ھن جي پنھنجي
ٻچي طرفان بچايو ويو ھو. خوشقسمتيءَ جي ڳالھه اھا
ھئي، جو ڪوبريڪا کي ڪا بُک نه لڳي ھئي. ائين ھو
پنھنجي رستي ڏانھن ھلندو ويو، اھو سوچيندي ته ڳيرو
ڪٿي پري ڀڄي ويو ھو. ڇاڪاڻ جو جيڪڏھن ھن کي اھا
خبر ھجي ھا، ته اسڪائي لار ڳيري کي بچايو ھو ، ھو
انھن ٻنھي کي اُتي جو اُتي ماري ڇڏي ھا.پر اسڪائي
لار ايترو ته عقلمند ۽ ذھين ھو، جو ڪوئي به ھن کي
پڪڙي نه سگھيو.
جڏھن ڪوبريڪا ھليو ويو، ڳيري جي ماءُ اچي وئي ۽
حيران ٿي وئي. جڏھن ھن کي ٻچي ڳيري ٻڌايو، جيڪو
ڪجھه ھن سان وھيو واپريو ھو. ھوءَ ايتري ته ھن جي
مشڪُور ٿي وئي جو، ھن اسڪائي لار کي پنھنجي گھر
اچڻ جي دعوت ڏني. جلد ئي اُھا خبرجانورن جي دنيا ۾
ڦھلجي وئي ۽ اسڪائي لار سڀني معصوم ڳيرن ۽ جانورن
جو دوست بڻجي ويو.
اھو اھڙيءَ طرح واقع ٿيو، جو نانگ به ھن جي چالاڪ
چُرپر ۽ حرڪت جو احترام ڪرڻ لڳا. ھن کي اھو ناقابل
وضاحت روشني جو احساس ڏسڻ ۾ آيو، جنھن ھر طرف کان
جانورن کي ھن سان ملڻ ۽ ھن کان زندگي گذارڻ جا چڱا
طور طريقا سکڻ لاءِ مليا.
اسڪائي لار ڪوبريڪا کان به وڌيڪ شھرت جي بُلندين
تائين پھچي ويو، ڇاڪاڻ جو جڏھن ھن جانورن تي حملو
نه ڪيو، ان وقت ھو ھر قسم جي جانور سان رابطي رکڻ
۽ اطلاع ڏيڻ جي لائق ھيو. ھن جذب ڪرڻ واري شيءِ
وانگر انھن جي ڳڻتين ۽ پريشانين کي پاڻ ۾ جذب ڪيو
۽ ٻاھر زھر نه پر روشني ڪڍڻ ڏني.
ائين
”اسڪائي
لار“،
نانگ کان وڌيڪ خوبصورت، ذھين ۽ ڳيري کان وڌيڪ
معصوم، اڄ ڏينھن تائين اميزون جي گھاٽن جھنگلن ۾
زندگي گذاري ٿو.
ڪرشن چندر
(قسط:
يارهين)
سنڌيڪار: عبدالستار لغاري/ٽنڊو الهيار
اُبتو وڻ (ٻاراڻو ناول)
موھن پٺيان ڀڄي ڪمري جي اندر ھليو ويو. جڏھن اڇن
سڱن واري ديو کي ڪارن سڱن واري ديو وٽان ڪو انسان
نه مليو ته ھن باجي واري ڪمري ۾ تالو ھڻي چاٻي
پنھنجي کيسي ۾ وجھي، ٻي ديو کي وٺي رڌڻي ۾ ھليو
ويو. ھيڏانھن ڪمري جو دروازو بند ٿيندي ئي موھن
سُک جو ساھ کنيو ۽ ھيڏانھن ھوڏانھن ڏٺائين. ڪمري
جي چوڌاري پڃرا ٽنگيل ھئا، جن ۾ ٻولڻ وارا پکي بند
ھئا. بلبل، مينا، طوطا پنھنجي پنھنجي ٻولي ٻولي
رھيا ھئا. ڪمري جي وچ تي ھڪ وڏي ميز پيل ھئي، جنھن
تي مخمل جو ڪپڙو وڇايل ھو ۽ ڪپڙي جي مٿان باجو پيل
ھو. موھن خوش ٿيو ۽ يڪدم ميز ڏي ويو. شڪر آ جان ته
بچي وئي، موھن جي دل ۾ خيال آيو ته باجو کڻي
وڄايان ٿو، باجي جي آواز سان ديون جا دماغ ڦاٽي
پوندا ۽ پوري وادي سُڄاڳ ٿي ويندي. اھو سوچي ھن
باجي کي مس ھٿ لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ھڪ آواز آيو،
خبردار! موھن پھرين ته ھيڏانھن ھوڏانھن ڏٺو، شايد
ڪنھن ڏسي ورتو آھي. ٿوري دير ھيڏانھن ھوڏانھن ڏسڻ
کان پوءِ ھن باجي کي ھٿ لڳايو، وري آواز آيو،
خبردار! مون کي ھٿ نه لڳاءِ. موھن حيران ٿيو، اڇا
تون ڳالھائيندو به آھين، ھا باجي جو
ڪم ڳالھائڻ آھي،
آئون ڇو نه ڳالھايان. پر توکي ته! منھنجو مطلب
آھي، باجي کي ته ماڻھو وڄائيندا آهن، پر تون پاڻھي
ڳالھائين پيو. ٺيڪ آ. آئون توکي پنھنجي ھٿن ۾ کڻان
ٿو، تون زور سان وڄڻ شروع ٿي، جيئن ديون جا ڪن
ڦاٽي وڃن. ٺيڪ آ. کڻ مونکي، موھن باجي کي کڻڻ جي
ڪوشش ڪئي پر باجو تمام گهڻو ڳرو ھو، موھن کڻي نه
سگھيو. تون ته ڳرو آھين، پوءِ آئون ڇا ڪيان. تون
ھتان ئي وڄ. نڪو، باجي چيو، جيستائين مونکي ڪير
کڻي پنھنجن چپن تائين نه آڻيندو، تيستائين آئون نه
وڄندس. پر آئون ته توکي نٿو کڻي سگھان، موھن چيو.
ته پوءِ نه وڄندس. تون ته گھڻو وزني آھين، باجا ته
ھلڪا ھوندا آھن. آئون معمولي باجو نه آھيان، باجي
چيو، آئون ماڻھن کي جڳائڻ وارو باجو آھيان، مونکي
کڻڻ لاءِ طاقت کپي. پر آئون ته عام ڇوڪرو آهيان،
موھن غمگين ٿيندي چيو، تنھنجيو وزن ڪنھن طريقي سان
گھٽجي نٿو سگھي. گھٽجي سگھي ٿو، باجي چيو، پر ان
لاءِ توکي وري وڻ تي وڃڻو پوندو، ٽي ميل مٿي
ويندين، مٿي چڙھي جڏھن ھڪ وڏو ٽار.... کاٻي يا
ساڄي پاسي، موھن باجي جي ڳالهه ڪٽيندي پڇيو. کاٻي
پاسي، انھي ٽار تي ٽن ميلن کانپوءِ ھيرن جو ھڪ
دروازو ايندو، اندر وڃجان پر دروازي کي ھٿ نه
ھڻجان، اندر ويندين ته ٻه سؤ گز اُڀي ڏاڪڻ ھوندي،
ڏاڪڻ تي مٿي چڙھجان، ڏاڪڻ جي ٻنھي پاسن کان سونَ
جي ڀتِ ھوندي، ڀت کي متان ھٿ لڳايو اٿئي. ڏاڪڻ ھڪ
ڪمري ۾ ويندي، ڪمري جي ھر شيءِ سون جي ھوندي،
ايتري قدر جو ڪمري ۾ ھڪ ماڻھو ھوندو، اھو به سون
جو ھوندو. ان ماڻھوءَ وٽ ھڪ ڪانگ آھي، جنھن جي
چُھنب ۾ چاندي جو ڇلو آھي، ڇلي ۾ گلاب جو ھڪ گل
آھي. گلاب جو گل؟ ھا گلاب جو گل، ان گلاب جي گل جي
اھا خاصيت آھي ته اھو ڪڏھن به مرجھائبو ناھي.
هميشه تازو ۽ خوشبودار ھوندو آھي، جيڪڏهن تون اھو
گل کڻي اچي مونکي ھڻندين ته آئون ھلڪو ٿي ويندس،
پوءِ تون کڻي وٺجان ۽ آئون ھنن ظالم ديون کي ماري
ڇڏيندس. ھش! ھو دروازو کليو، باجي چيو. موھن يڪدم
لِڪڻ جي ڪئي پر ديو ھن کي ڏسي ورتو. اڇن سِڱن وارو
ديو خوش ٿيو ۽ موھن کي پنھنجي مُٺ ۾ جھلي ورتو. ھو
موھن کي مارڻ وارو ئي ھو، باجي چيو، مھاراج انھي
ٻار کي ڇڏي ڏيو. ڇو ته ھي توھان جي واديءَ جو
ناھي، ٻاھر کان آيو آهي، ھي سُتلن جو ٻار نه آهي،
ھي جاڳندڙ انسان جو اولاد آهي، آئون ھن سان ڪچھري
ڪندس ته وندريو پيو ھوندس، منھنجو چوڻ ڪيو، ھن کي
پڃري ۾ بند ڪري منھنجي پاسي ۾ رکي ڇڏيو، منھنجي دل
چوي ٿي ته ھن سان ڪچھري ڪيان. پر منھنجي دل ھن کي
کائڻ ٿي گھري. ديو چيو! جڏھن آئون ھن جي ڪچھري مان
بيزار ٿي ويندس، تڏھن توھان ھن کي ڀلي کائي ڇڏجو.
ھا ايئن صحيح آهي، ديو چيو. ديو موھن کي ھڪ پڃري ۾
بند ڪري ڇڏيو، جھڙي طرح ماڻھو طوطي کي قيد ڪندا
آهن. پوءِ ھن کي باجي جي پاسي ۾ رکي دروازي کي
تالو لڳائي ھليو ويو. جڏھن ٻيو ڏينھن به گذري ويو،
موھن نه آيو ته شھزادي ڏاڍي پريشان ٿي ۽ پوڙھي کي
چوڻ لڳي، آرسي ۾ ڏسو، موھن ڪٿي آھي. پوڙھي آرسيءَ
۾ تارون لڳايون ته آرسي تي ترورا شروع ٿي ويا.
ڪجهه دير کانپوءِ آرسي صاف ٿي وئي، آرسي ۾ لڙڪيل
پڃرا نظر اچي رھيا ھئا، ھڪ پڃري ۾ موھن قيد ھو.
موھن، شھزادي زوردار رڙ ڪئي، موھن پڃري مان ھڪ ھٿ
ڪڍي چيو، شھزادي مونکي بچاء. شھزادي موھن جو ھٿ
جھلڻ لاءِ پنھنجو ھٿ اڳتي وڌايو ته اونداھي ٿي وئي
۽ موھن آرسي مان غائب ٿي ويو. شھزادي گھڻي مايوس
ٿي وئي، روئيندي پوڙھي کي چيائين، آئون توھان کي
پيرين ٿي پوان، موھن کي ڪيئن به ڪري بچايو. پوڙھي
چيو، ھڪ ئي طريقي سان موھن بچي سگھي ٿو، اھو ڪيئن؟
جيڪڏھن ڪير سُتلن جي شھر جي ديون کي ماري ڇڏي ۽
موھن کي پڃري مان آزاد ڪرائي، پوڙھي چيو. انھن
ديون کي ڪيئن ٿو ماري سگھجي. انھن ديون جي جان ھڪ
جابلو ڪانءُ ۾ آھي، ان ڪانءُ جو پڃرو سُتلن جي شھر
کان سؤ ميل پري ھڪ وڏي قلعي جي اندر لٽڪيل آھي،
جيڪڏھن ڪو ڪانءُ جي چُھنب ۾ ڦاٿل ڇَلي کي کوليندو
ته ان مان گلاب جو گل نڪرندو، اھو گلاب جو گل
موتين جي باجي مٿان رکندو ته موھن جو پڃرو پاڻھي
کُلي ويندو ۽ موتين وارو باجو گلاب جي گل وانگر
ھلڪو ٿي ويندو. پوءِ اھو باجو آسانيءَ سان کڻي
پادريءَ کي ڏيئي کانئس لال وٺي يوسف جي زندگي
بچائي سگھجي ٿي. شھزادي روئڻ لڳي، اھو ھڪ ڏينھن ۾
ته ٺھيو ھڪ ھفتي ۾ به نٿو ٿي سگھي. پوڙھي ھن کي
ھمت ڏياري ۽ چيائين، جيڪڏھن تون واقعي ئي شھزادي
آھين ته اھو ڪم توکان نه ٿيندو، جيڪڏھن تون ڊبل
روٽي واري ڇوڪري ھوندين ته اھو ڪم ڪري ويندين.
شھزاديءَ چيو، آئون ڊبل روٽي واري ڇوڪري آھيان.
تون منھنجي لٺ کڻي وڃ، پوڙھي پرن واري لٺ شھزاديءَ
کي ڏيندي چيو، ھن لٺ تي گھوڙي وانگر سواري ڪري
سگھجي ٿي. وقت تمام گھٽ آھي، پنڌ ھلي ڪم نٿو ڪري
سگھجي. جيتري دير تائين ھن لٺ جي پرن تي ھٿ رکي
ويھندين، ھي اُڏامندي رھندي، پرن تان جيئن ئي ھٿ
کڻندين، ھي لٺ زمين تي لھي ايندي.
شھزادي لٺ تي سوار ٿي ۽ چيائين، مونکي جابلو ڪانءُ
جي پڃري وٽ کڻي ھل. اھو ٻڌنڌي ئي لٺ جا پرڦڙڪڻ
لڳا، ڪجهه لمحن کانپوءِ شھزادي ھوا ۾ اُڏري رھي
ھئي! اُبتي وڻ جا ٽار سندس نگاھن کان اوجھل ٿيندا
ويا. لٺ ھڪ غار مان گذرڻ لڳي، شھزادي کي ڊڄ ٿي
رھيو ھو پر ھو مضبوطيءَ سان لٺ تي ويٺل رھي. ٿوري
دير کانپوءِ لٺ سُتلن جي شھر جي وادي مٿان اُڏري
رھي ھئي، لٺ تمام گهڻي مٿي وئي ۽ ڪڪرن ۾ گم ٿي
وئي. ھاڻي ھر طرف ڌنڌ ھئي، ڪڪرن جي ھڪٻئي سان
ٽڪرائڻ جي ڪري کِنوڻ ڪڙڪي رھي ھئي. ڪڪرن مان گذرڻ
جي ڪري شھزاديءَ جا ڪپڙا پُسي ويا. شھزادي ڏٺو ته
ڪڪرن کان به وڏو ھڪ جبل آھي. جبل تي نه وڻ آھن ۽
نه ئي
گاھ آھي، ھر طرف برف ئي برف آھي، وڏين وڏين
ٽڪرين تي انساني ھڏيون ٽڙيون پکڙيون پيون آهن. لٺ
جبل جي چوٽي ڏي وڌي رھي ھئي، جبل جي چوٽيءَ تي ھڪ
خوبصورت قلعو ھو، جيڪو سون وانگر چمڪي رھيو ھو،
شھزادي جڏھن قلعي جي ويجھو پھتي ھن ڏٺو، دروازو،
ڏاڪڻيون، دريون، ھر شيءِ سون جي ھئي. سڀ کان وڏي
بُرج تي سون جا پردا ڦڙڪي رھيا ھئا،!
(هلندڙ......)
علي محمد پلهه
(قسط: ستين)
ڳوٺ: پلهه/سانگهڙ
هڪ
ڏينهن جو بادشاهه
ان خواب جي ڪري آءٌ خليفو ٿيس ۽ سزا کاڌم، پر سڀ
کان وڌيڪ ڏک اهو اٿم ته ان چريائپ ۾ مون پنهنجي
مهربان ماءُ کي اجايو ماريو ۽ گهٽ وڌ ڳالهايو. اها
سڀ مصيبت اوهان جي ڪري ئي مون کي ڏسڻي پئي.خليفي
کي اها خبر اڳ ۾ ئي ملي وئي هئي، سو ٽهڪ ڏئي کلڻ
لڳو. ابو الحسن اها حالت ڏسي ڏک ڪرڻ لڳو ۽ چوڻ لڳس
اي موصلي سوداگر! مون سمجهيو هو، ته تون منهنجي
مصيبت جو احوال ٻڌي ڏک ۽ ارمان ڪندين ۽ پنهنجو
قصور ڄاڻي مون کان معافي وٺندين، پر اُٽلندو ڏند
ڪڍي ٽهه ٽهه ڪري کلين پيو، جيڪڏهن توکي اعتبار نٿو
اچي ته هي ڏس! منهنجي پُٺن تي اڃان تائين نشان
بيٺا آهن. خليفي ڏٺو ته مار! ڪارا داغ ٺهيا پيا
اٿس. ان ڪري گهڻو ارمان ڪيائين. پوءِ ڀاڪر پائي
چيائينس، ته مون کي ڏاڍو افسوس آهي. هاڻي جيڪي
ٿيڻو هو سو ٿي ويو. منهنجو قصور معاف ڪر. مون کي
پنهنجي جاءِ تي وٺي هل، صبح جو وڃڻ وقت آءٌ ياد
ڪري ضرور دروازو بند ڪري ويندس. ابو الحسن جو
جيتوڻيڪ اصول هو ته ٻه دفعا ڪنهن کي به مهمان نه
بڻائيندس. پر خليفي جي مٿين ڳالهه کيس لاچار ڪيو ۽
خليفي کي گهر وٺي آيو ۽ ان سان گڏ حبشي غلام کي به
وٺي آيو. جڏهن جاءِ تي پهتا تڏهن خليفي کيس خوش
ڪرڻ جي لاءِ چيو، ته آءٌ انجام ٿو ڪريان ته ڪڏهن
به تنهنجي چوڻ جي برخلاف نه هلندس. پر توکي به
مناسب نه آهي، ته مون جهڙي خيرخواهه دوست لاءِ دل
۾ رنج رکين. ان جي جواب ۾ هن چيس، ته توهان جو چوڻ
برابر پر مهمانيءَ جي اُميد مون ۾ نه رکجؤ. اتي
خليفي مُرڪي چيس ته ميان ڏاڍو ڪو بدگمان آهين.
هيتري معافي ورتي اٿمانءِ ته به رنج آهين. آخر
ابوالحسن طعام تيار ڪرائي آيو. گڏجي طعام کاڌائون،
جام انگوري شربت پيتائون ۽ محبت جون ڳالهيون به
ڪيائون. جڏهن خليفي ڏٺو ته هاڻي هن کي پورو نشو
چڙهيو آهي، تڏهن ان کان پڇيائين، ته تون ڪڏهن ڪنهن
تي عاشق به ٿيو آهين؟ اُن جواب ڏنس ته قبلا! اسين
اهڙين ڳالهين کان پري آهيون، پر دل ۾ اها اُميد
اٿم ته جنهن شهزاديءَ کي مون خواب ۾ ڏٺو هو ۽ ان
سان گڏجي شربت پيتو هو، مولا سائين کڻي اها مِلائي
ته مان سندس راڳ ۽ بنسري ٻڌندو رهان. سندس سُهڻيون
۽ مزيدار ڳالهيون اڃا تائين مون کي ياد آهن. پر
اهڙيون شهزاديون بادشاهي محل کان سواءِ ٻاهر ڪٿان
آيون. ائين چئي پيالو ڀري خليفي کي ڏنائين ۽
چيائينس ته مهرباني ڪري هي آخري پيالو پيئو. وري
خليفي به هڪڙو پيالو ڀري ان ۾ نشي واري دوا ملائي
چوڻ لڳو ته جنهن کي تو خواب ۾ ڏٺو هو، ان حور کي
ياد ڪري هي پيالو پيءُ ته من جون مرادون پوريون
ٿينئي. ابو الحسن مُرڪي پيالو پيتو ۽ پيئڻ سان ئي
خمار چڙهي ويس.
خليفي غلام هٿان ان کي کڻائي اچي مهل ۾ پهچايو ۽
سندس جاءِ جو دروازو به بند ڪري آيو. خليفي غلام
کي حڪم ڏنو ته هن کي چوٿين رنگ محل ۾ منهنجي هنڌ
تي سُمهار. ٻانهين ۽ خواجه سرائن کي حڪم ڏنائين ته
هن جا ڪپڙا لاهي شاهي وڳو پهرايو. خليفي ته وڃي
آرام ڪيو ۽ ٻانهين حڪم جي تعميل ڪئي. صبح جو سويل
خليفو لڪي اچي ويهي رهيو. ابوالحسن کي به ٻانهين
اُٿاريو. اکيون کولي ڏسي ته مار! بادشاهي محلات ۾
اچي پهتو آهيان. ٻانها ٻانهيون ساز سرود ۽ راڳ روپ
ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو. اڳئين دفعي وارو وقت ياد ڪري
حيران ٿي ويو. ٻانها ٻانهيون گِلم غاليچا، شيش
محل، سڀ ساڳيا ڏسي ۽ اڳئين وقت کي ياد ڪري ڪنڌ کي
هٿ ڏيئي حيرت ۾ پئجي افسوس سان چوڻ لڳو، ته اڄ وري
ساڳيو خواب پيو ڏسان ۽ درد پيو سهان. جيتوڻيڪ
سوداگر قسم کڻي واعدو ڪيو هو ته وڃڻ وقت اوطاق جو
دروازو بند ڪري ويندس، پر هن پنهنجو قول نه پاريو
۽ دروازو کولي ويو. جتان شيطان اچي وري مون کي تنگ
ڪيو آهي. اڄ وري آئون پاڻ کي خليفو پيو سمجهان. اي
پروردگار! هن جادونگريءَ کان مون کي بچائج. ائين
چئي اکيون پوري ڇڏيائين. وري اکيون کولي ڏسي ته
ٻانها ٻانهيون هٿ ٻڌيو انتظار پيا ڪن. حيرت ۾
پئجي ويو. وري دل ۾ دعا گهرڻ لڳو ته اي منهنجا
پروردگار! هن فريب مان مون کي بچاءِ ۽ وري اکيون
پوري خيال ڪيائين ته اُٿڻ چڱو نه آهي، ماٺ ڪري
سُمهي ٿو رهان، ڀلي ٻه پهر گذري وڃن. شيطان پاڻهي
پشيمان ٿي هليو ويندو. پر ٻانها ٻانهيون جي اڳيان
بيٺا هئس، تن ننڊ ڦِٽائي ڇڏيس.
راحت جان ٻانهي جنهن کي ابوالحسن اڳئين دفعي سڏي
پاڻ سان گڏ کٽ تي ويهاريو هو سا سندس ڀر ۾ اچي
ويٺي ۽ آهستي آواز ڪري چوڻ لڳي ته اي
اميرالمؤمنين! جيڪڏهن حڪم ٿئي ته آئون ڪجهه عرض
ڪريان؟ هي وقت سُمهڻ جو نه آهي سج مٿي چڙهي آيو
آهي. راحت جان جو آواز سُڃاڻي ابوالحسن چيو ته اي
شيطان جي ناني! تون مون وٽان اُٿي وڃ، اهو فريب
ٻئي ڪنهن کي وڃي ڏي. آئون امير المؤمنين ناهيان.
ٻانهيءَ چيس ته تون برابر اميرالمؤنين آهين. اهو
لقب خاص اوهان لاءِ آهي. اوهين سڀنين مومنن جا
بادشاهه آهيو. شايد اوهان ڪو بُڇڙو خواب لڌو آهي.
مفت پيا دليل ڊوڙايو اکيون کولي ڏسو، ساڳيا محلات،
ساڳيا نوڪر چاڪر، سڀ حاضر بيٺا آهن. ڪالهه اوهان
اچي هن پلنگ تي آرام ڪيو هو، پر اوهان کي ننڊ مان
سجاڳ نه ڪيوهوسون. اهڙيءَ طرح مِٺيون مِٺيون
ڳالهيون ٻُڌائي هن کي اُٿاري ويهاريائين. هو اکيون
اُگهندي هنن کي چوڻ لڳو ته بابا! آئون امير
المؤمنين ناهيان. آئون ته غريب ابوالحسن آهيان.
ٻانهين چيس ته ڪهڙو ابوالحسن؟ اسين ته ان کي
سڃاڻون به ڪونه، سائين! اوهان ته ائين نه چئو ته
آئون اميرالمؤمنين نه آهيان. ابوالحسن هيڏانهن
هوڏانهن نهاري چيو ته هي ڪو جادوئي محل آهي. مون
اڳ به اهو خواب ڏٺو هو، جنهن جو ڏک اڃا مون کان نه
وسريو آهي. اي خدا! تون پنهنجو رحم ڪر. خليفو پردي
جي اندران سڀ ڪجهه ڏسي رهيو هو، سو کِل ۾ ٻُڏو پيو
هو. ابو الحسن وري اکيون ٻُوٽي سُمهي رهيو، پر
راحت جان کيس عرض ڪيو ته قبلا! هي وقت سُمهڻ جو نه
آهي. ٻاهر دروازي ته امير وزير ۽ سپاهه بيٺل آهن،
سي اوهان جي سلام لاءِ انتظار ۾ آهن. ائين چئي
زوريءَ کيس اُٿاري مُنهن ڌوئاري، پاڻ نچڻ لڳيون ۽
کيس وڃي تخت تي ويهاريائون. هُل بکيڙو ڏسي سوچڻ
لڳو ته آهيان ته جهڙو بادشاهه، پر پڪ ڪري ڏسان. سو
هڪ ٻانهيءَ کي ڏسي ڪري چيائين، ته سچ ٻڌاءِ ته مان
ڪير آهيان؟ ٻانهيءَ عرض ڪيو ته قبلا! اوهان
اميرالمؤمنين آهيو. اڄ گهڻي وقت تائين ننڊ ڪئي
اٿَوَ ۽ ڪي خراب خواب ڏٺا اٿوَ جو اهڙيون ڳالهيون
پيا ڪريو. ڪالهوڪا ڪم اوهان کان شايد وسري ويا
آهن. مان اوهان کي ياد ڏياريان. درٻار ۾ ويٺا هئا
فلاڻي پاڙي ۾ ملان دوستن کي سزا ڏني هئي ۽
ابوالحسن جي ماءُ کي هزار مهرون ڏياريون هيون اسان
کي ڀر ۾ ويهاري شربت پيتو هو ۽ راڳ ٻُڌي پوءِ وڃي
آرام ڪيو هيوَ اڃا ڪي ٻيون نشانيون به ڏيون ڇا؟
اُتي ٻين ٻانهين به هن کي سُر وٺايو ۽ ها ڪئي.
ابوالحسن اهي ڳالهيون ٻڌي چيو ته اي مڪارؤ! اوهان
کي ربّ حُسن ته گهڻو ئي ڏنو آهي پر عقل ڪونه اٿوَ
، اهو ساڳيو خواب مون اڳ ۾ به ڏٺو هو ته ڏاڍا ڏک ۽
درد سٺا هئم ۽......... |