سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل جولاءِ 2024ع

باب:

صفحو:1

 

ايڊيٽر: نجمه پنهور

 

[20]

 

هيڪِي ٻانهي چِتَ ۾، ٻِي سَنواري صاحِبُ

ڪَڍي اُونهي ڪُنَ مان اِيءُ آگي جو عَجَبُ

اِيءُ سائِينءَ جو سَبَبُ، جِئَن ٻُڏا ڪَڍي ٻارِ مان.

سمجهاڻي: جيتوڻيڪ انسان جي دل ۾ هر وقت پنهنجي سوچ هوندي آهي پر مالڪ سائين هن لاءِ پنهنجي تدبير ڪندو آهي. اهو ان مالڪ جو عجب احسان آهي، جو اُونهي ڪُن مان به ڪڍيو ٻاهر ڪري، اهو اُن ڌڻيءَ جو وس (قدرت) آهي جو ٻڏندڙ ٻيڙا اونهن ڪُنن مان صحيح سلامت ڪڍي ٻاهر ڪناري تي آڻي ٿو.

[21]

هيڪِي ٻانهي چِتَ ۾، ٻِي جا ڪَري اَلله ُ

ڪَڍي اُونِهين ڪُنَ مان، اُڪاري اوڙاهُ

تَنھِ واحِدَ کي واهَ، جو سُتَڙُ سَڀيئِي ڪَري.

سمجهاڻي: انسان جي دل ۾ ڇا به هجي، پر جيڪو ڪجهه ڪري ٿو، اهو الله تعالى ئي آهي. اهو ئي اونهن ڪُنن مان ٻاهر ڪڍي ٿو ۽ (موتمار) پاڻيءَ جي گهرائين مان اُڪاري پار ڪري ٿو. بيشڪ انهيءَ واحد جي واکاڻ ڪجي، جيڪو سڀني کي سولائيءَ سان منزل تي پهچائي ٿو.

[22]

هيڪِي ٻانهي چِتَ ۾، ٻِي اَللهُ ڪَري

پاڻ هِي وِجهي ڪُنَ ۾، پاڻ هِي ڪَنڌِيءَ ني

سُتَڙِ سي ڍوئي، جي تَڙِ تَوائِي مَڪُرا.

سمجهاڻي: انسان جي اندر ۾ هڪڙي سوچ آهي پر ان کان ٻيءَ طرح جيڪي ڪجهه ٿئي ٿو، سو الله تعالى ڪري ٿو. هُو پاڻ ئي ڪُنن جي حوالي ڪري ٿو ته وري پاڻ ئي ڪناري ڏانهن وٺي اچي ٿو. جيڪي ٻيڙا طوفان جي ڪري توائي ٿي وڃن ٿا (واٽ وڃائي ويهن ٿا) تن جي به سولي سڻائي ڪري کين تڙ (بندر) تي رسائي ٿو.

[23]

هيڪِي ٻانهي چِتَ ۾، ٻِي جوڙي جوڙَ جَبَارُ

ڪَڍي اُونِهين ڪُنَ مان، اِيءُ آگي جو آڌارُ

جَهازُ جوهَرِيَنِ جو، تَنھِ ڀَئِي مَ ڏي ڀَتَارُ

ننڍا وَڏا مَڪُرا سَڀ پَسَندا پارُ

مُنھُ مَدِيني سامُهُون جِت مُحمد شاهه موچارُ

سَٻاجهو سَتارُ، سُتَڙِ سَڀيئِي ڪَري.

سمجهاڻي: انسان پنهنجي ذهن ۾ هڪ رٿ رٿي ٿو، پر قادر قدرت وارو هن لاءِ ٻي رٿ ڪري ٿو. اهو انهيءَ آقا جو اختيار آهي ته اونهي ڪُن مان ڪيئن سلامت ڪڍي ٿو. اي مالڪ، موتين سان ڀريل جهاز کي ٻڏڻ کان ٻاهر رک. تون ننڍن وڏين ٻيڙن کي به اهو پساءِ جتي مديني جو مير، سهڻن جو سردار آهي. بيشڪ سٻاجهو سائين، جيڪو سڀني جا عيب ڍڪيندڙ آهي، سڀني کي سولائيءَ سان منزل تي پُڄائيندو.

 

شاهه جو رسالو

 

]سُر سري راڳ - داستان پهريون. محقق: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سمجهاڻي ۽ مفهوم: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ[

عبدالقيوم جکراڻي

جيڪب آباد

حمّد

تنهنجو نانءُ مِٺو مالڪ،

تون آن بيشڪ بي پرواهه.

 

تو ريءَ ناھي، واهر ٻيو ڪو،

تون ئي واهر، تون ئي واهه.

 

تنهنجي رحمّت، اڻ کُٽَ آ،

معاف اسان کي، ڪر  گناهه.

 

ٻاجهارا ڪر ٻاجهه اسان تي،

ڪين اسان کي، ڪر گمراهه.

 

عبدالقيوم جکراڻيءَ کــــــي،

يارب!! ڏيکار، سُهڻي راهه.


 

اويسساگرسومرو

 

سکر

نعت

تون مِٺو آهين، مُرسل نبيﷺ،

تون   نُور آهين نِرمل نبيﷺ،

 

جڳ   سڄي ۾ آ، شانُ تنهنجو،

خدا  رکيو آهي، مانُ تنهنجو،

 

تون اُمت سندو ، منٺارُ نبيﷺ،

تون اڙِين جو، آڌار نبيﷺ،

 

ھر دم تو تي، درُود پڙهون ٿا،

تو  مٿان سرُ ساههُ ڏيون ٿا،

 

ساگر تنهنجو آهي ثناگر نبيﷺ،

رهندو  سدائين هي گداگر نبيﷺ،

غلام محمد غازي

شڪارپور

 

چڱو

چڱا ٿي زماني ۾ سڀ سان هلون،

هميشه چڱن سان ئي سنگت رکون.

 

چڱو آهي سڀ سان چڱائي ڪجي،

ڪڏهن ڪين ڪنهن سان مدائي ڪجي.

 

ڪيون ڪين ڪنهن سان به نفرت اسين،

ڪيون ٿا سڀن سان اُلفت اسين.

 

اسان کي به سڀئي ويهارن سڏي،

اسان کي به کارائن پيئارن سڏي.

 

اسين مُسڪرايون ته سڀ خوش ٿين،

ڀري جهول اُلفت جي غازي ڏين.


 

ارباب علي عادل چوهاڻ

شڪارپور

 

ٻالڪ

علم سدائين پڙهجي ٻالڪ،

ڳالهه ضروري مڃجي ٻالڪ.

ڏاهپ هر دم علم وڌائي،

راءِ اها ئي رکجي ٻالڪ.

علم کي ٽين اک ڇو چئبو آهي؟

اُستادن کان سکجي ٻالڪ.

علمي راهه سِڌي آ ساري،

واٽ اها ڀلي وٺجي ٻالڪ.

باغ ۾ سهڻا گُل ڦُل آهن،

سونهن انهن جي ڏسجي ٻالڪ.

هر پل هاڻ نصيحت وارو،

گيت سگهارو لکجي ٻالڪ.

علم ته موتي ماڻڪ سچ پچ،

جهول انهيءَ سان ڀرجي ٻالڪ.

علم ڏياري اعلى عظمت،

پاڻ نه ان کان هٽجي ٻالڪ.

علمي پنڌ ۾ ساٿ نڀائي،

ان سان گڏجي هلجي ٻالڪ.

علم اندر ۾ جوت جلائي،

دل مان شوق نه گهٽجي ٻالڪ.

علم پڙهندڙ ساٿين سان گڏ،

عادل هردم رهجي ٻالڪ.

***

گل محمد گُل ڪنڀار

 

عمرڪوٽ

ڳوٺ اسان جا

شَهرن کان هي سُهڻا آهن،

پيارا پيارا ڳوٺ اسان جا.

سَاوڪ وارا سُهڻا سارا،

نيارا نيارا ڳوٺ اسان جا.

شهر ۾ بنگلا ماڙيون آهن،

اُوچيون اُوچيون چاڙهيون آهن،

لانڍيون ڇپرا جام ٿا ٺاهيون،

چونرن وارا ڳوٺ اسان جا.

ٻهراڙيءَ ۾ ٻنيون ۽ ٻارا،

ماڻهو ڪن ٿا لائي لابارا،

عِلم هُنر سان  ڀريل آهن،

سُهڻا سارا ڳوٺ اسان جا.

راتين جو هتِ رهاڻيون آهن،

نت نيون هتِ ڪهاڻيون آهن،

ڀاڳين جا هتِ ڀاڻان آهن،

اهي ڀلارا ڳوٺ اسان جا.

ٻهراڙيءَ جو هر هڪ ماڻهو،

ننڍو وڏو سڀ آهي سِياڻو،

جيءَ ۾ جايون ڏيندا آهن،

جيءَ جيارا ڳوٺ اسان جا.

گُل ڪنڀر پيو ڪري هي ڳالهيون،

شهرن ۾ اسين ڪين ٿا جاليون،

ڏُک سُکَ تان گهوريندا آهن،

آهن سگهارا ڳوٺ اسان جا.

 

امداد سروري

آراضي/ سيوهڻ

 

محنت جو پيغام

هڪ ڳالهه ادا منهنجي نه وسارجو،

پڙهي قدم پنهنجو اڳتي وڌائجو.

هي مارُون ۽ محبت حق جي هدايت،

هي دردن جو دارون ۽ دل جي حقيقت،

سچ کي سدائين دل سان ساراهجو.

هي منزل اوهان جي محتاج آهي،

هي جذبو اوهان جو سونو تاج آهي،

پنهنجي حوصلي کي ڪٿي نه ڪيرائجو.

اوهان جو ذهن جو چاهي سو ٿيندو،

سِلو محنتن جو مالڪ آ ڏيندو،

سٺو سڀ زبان سان مٺڙا ڳالهائجو.

هي ماڻهو دنيا جا داتا سڪندر،

علم جي اڳيان سڀ جُهڪيا تونگر،

مشڪل کي همٿ سان هردم هارائجو،

هي ڪاغذ قلم جو اوهان جي هٿن ۾،

هي ٿيلهو ڪتابن جو آهي ڪُلهن ۾،

رکي سڀ اڳيان پوءِ شمع کي جلائجو.

هي امداد آهي سچ ۽ حقيقت،

محنت ۽ محنت، محنت ۾ عظمت،

اُستادن کي پنهنجي سدائين ساراهجو،

پڙهي قدم پنهنجو اڳتي وڌائجو.

***

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org