اندر لال جيسراڻي قمبر
ڀڳت شينهن
ڪنهن جهنگل ۾ هڪ شينهن رهندو هو. هڪ ڏينهن هن
جهنگل ۾ هڪڙي ڌاڙيل کي پڪڙيو ۽ کيس ماري کائي ويو.
ڌاڙيل وٽ هڪ سونو ڪنگڻ ۽ موتين جو هار هو. جو
شينهن کي هٿ لڳو. شينهن اهي ٻئي شيون پاڻ وٽ ڏاڍي
سنڀال سان رکيون. گهڻا سال گذري ويا ۽ شينهن به
اچي ٻڍو ٿيو. ٻڍائپ سبب هو شڪار نه ڪري سگهندو هو.
ڪيترا ڪيترا ڏينهن گذري ويندا هئا ته کيس کائڻ
لاءِ ڪجهه نه ملندو هو. کاڌو نه ملڻ ڪري ويترو
ڏُٻرو ۽ ڪمزور ٿيندو ٿي ويو. هڪ ڏينهن کيس هڪ
ترڪيب سجهي آئي، سو هو تلاءَ جي ڪناري تي ويو. اتي
ڳچيءَ ۾ موتين جو هار پائي ويهي رهيو. ڏينهن ٻن
کان پوءِ هڪ ماڻهو اتي اچي نڪتو ۽ اوچتو شينهن کي
ڪناري تي ويٺل ڏسي ڊپ کان ڏڪڻ لڳو. کيس ڏسي شينهن
چوڻ لڳس ڀائي ڊڄ نه مان هاڻي ڀڳت بڻيو آهيان. گوشت
کائڻ مان ڇڏي ڏنو آهي. ڏس منهنجي ڳچي ۾ مالها پئي
آهي، اها ئي هميشھ ويٺو ڦيريندو آهيان. هن ماڻهو
چيو توتي ڀلا ڪيئن اعتبار ڪريان؟ شينهن جواب ڏنو.
چڱو ڀائي ٻُڌ مون جواني ۾ ڏاڍا گناهه جا ڪم ڪيا
آهن. ان ڪري هي سونو ڪنگڻ خيرات ڪرڻ آيو آهيان ته
پاپ ڪجهه لهي وڃن. تون هي ڪنگڻ ڪنهن غريب ماڻهو کي
ڏج يا تون پاڻ کڻج. سونو ڪنگڻ ڏسي ان ماڻهو کي
لالچ لڳي. هن ويچار ڪيو ته منهنجي زال کي ڪنگڻ
ڪونهي، جيڪڏهن هي ڪنگڻ مون کي ملي ويو ته ڏاڍو چڱو
ٿيندو. مگر هو شينهن کان ڊنو ٿي، ان ڪري سندس
ويجهو نه ٿي ويو. ماڻهوءَ کي ماٺ ڪري بيٺو ڏسي
شينهن چيس ته ڀائي ڇو بيٺو آهين، اچ هي ڪنگڻ وٺ.
ڊڄين ڇو ٿو؟ منهنجا ته ڏند ئي سڀ ڀڄي پيا آهن ۽
مان گوشت کائي نه سگهندو آهيان.
اهي ڳالهيون ٻڌي هو لالچي دل ٻڌي شينهن جي ويجهو
ويو ۽ شينهن يڪدم چنبو هڻي کيس پڪڙي وڌو ۽ چيري
کائي ڇڏيائينس.
اقبال احمد سومرو دڙو
ضد جو نتيجو
هڪ ڪَڇؤن جڏهن ٻين پکين کي نيري نيري آسمان تي
اُڏامندي ڏسندو هو ته سندس دل چاهيندي هئي ڪاش!
آءُ به ائين اُڏامي سگهان ها! ڏاڍا ٽُپَ ڏيندو هو
ته آءُ به ڪوشش ڪريان ۽ اُڏامي سگهان مگر ڪامياب
نه ٿيندو هو.
اُنهيءَ ڪَڇؤنءِ جو هڪ دوست باز هوندو هو هڪ ڏينهن
هو وٽس ملڻ آيو ته ڪَڇؤنءِ چيو ”دوست ڪنهن به طرح
مون کي اُڏامڻ سيکار.“ باز چيو ”ادا! توکي الله
تعاليٰ کنڀ نه لڳايا آهن، ڀلا تون ڪيئن اُڏامي
سگهين ٿو.“ ڪَڇؤن چيو ته ڇا به ٿئي پر آءُ هڪ دفعو
اُڏامي ضرور ڏسندس. باز چيو تنهنجو عقل توکان الله
تعاليٰ کسي ورتو آهي. پکن بغير تون مٿي اڏامي ڪيئن
سگهندين. ڪڇؤن چيو بس اها ٿوري ڏکي ڳالهه آهي، مگر
مون ان جو علاج سوچي ڇڏيو آهي تون مون کي مٿي کڻي
هلج ۽ پوءِ مون کي اتان کڻي ڇڏي ڏج پوءِ تون ۽ آءُ
مزري سان آسمان ۾ اڏامنداسين. باز هن کي تمام گهڻو
سمجهايو ته اهو خيال دل مان ڪڍي ڇڏ، مٿان ڪري
پوندين ۽ پنهنجي جان تان هٿ ڇو ٿو کڻين. مگر
ڪَڇؤنءِ هن جي هڪ به ڳالهه نه ٻُڌي ۽ چيو ڪِرندس
ته آءُ توکي ڇا ٿيندو. توکي ڪم ڪرڻو آهي ته ڪر نه
ته جواب ڏي. مجبوراََ باز ڪڇون کي پنهنجن چنبن ۾
کنيو ۽ آسمان ڏاڻهن کڻي اُڏاڻو جڏهن تمام گهڻو مٿي
اُڏاڻو ته ڪڇونءَ چيو هاڻي ڇڏ، باز پنهنجا چنبا
کولي ڇڏا، بيوقوف ڪڇون ڀلا پنهنجو پاڻ کي ڪيئن ٿي
سنڀالي سگهيو، سو وڏي زور سان اچي هڪ ٽڪريءَ تي
ڪِريو ۽ مري ويو. سچ آهي ته جيڪي ماڻهو بنا سوچ ۽
سمجهه جي ڪنهن ڳالهه جي ضد ڪندو ته هو اوس وڏو
نقصان پائيندو.
لڇمڻ داس مٺي
علم دولت آهي
خدا تعاليٰ انسان کي يعني ساري ڪائنات ۾ سڀني کان
اُتم گويا اشرف المخلوقات جو درجو عطا ڪيو آهي ۽
کيس پنجن حواسن سان نوازيو آهي. جن ۾ ٻه اکيون به
آهن، جنهن جي ذريعي انسان قدرتي نظارا پسي ٿو،
دنيا جا هي ڏيک ۽ ويک ڏسي ٿو. انهن سان گڏ علم کي
جيڪڏهن انسان جي ٽئين اک به کڻي چئجي ته ڪو وڌاءُ
ڪونهي. علم انسان کي انسانيت واري فضيلت سيکاري
ٿو. بي علم انسان حيوان کان گهٽ نه آهي. جيڪڏهن هن
وٽ علم آهي ته سڀڪجهه آهي پر جيڪڏهن علم نه آهي
ته انڌو آهي ۽ هن وٽ ڪجهه به نه آهي. هو انسان نه
بلڪه جاهل ۽ حيوان آهي.
ڏات نه آهي ذات تي،
جو وهي سو لهي.
سچ پچ اها چوڻي بلڪل درست آهي ته جيتري قدر ماڻهو
گهڻو ڌيان علم تي ڏيندو اوترو ئي علم زياده
پرائيندو. علم هڪ اڻ کٽ خزانو آهي. جنهن کي جيترو
به کڻي کپائبو ته ڪونه کپندو اُلٽو ئي وڌندو
رهندو. ملڪيت کي چور چوري ڪري سگهن ٿا، ڌاڙا لڳي
سگهن ٿا، ملڪيت جي ڪري چنتا وڌي ٿي ۽ زندگي بي مزي
۽ بي معنيٰ ٿيو پوي ٿي. ڇاڪاڻ ته ملڪيت جي ڪري
ماڻهو هميشھ ڳڻيون کائيندو رهي ٿو ته متان منهنجي
ملڪيت چوري نه ٿي وڃي پر علم اُها شيءِ نه آهي
جيڪا چنتا وڌائي ۽ ڳڻتين جا ڍير ڪري. مگر علم اُهو
ڪجهه آهي جنهن کي نه چور چوري ڪري سگهي ۽ نه وري
علم کي ڪو ڌاڙو لڳي سگهي ٿو. بنسبت ان جي علم
انسان جي حفاظت ڪري ٿو.
بيشڪ علم انسان کي اونداهي ۾ اجالو ڏيکاري ٿو،
اجڙيل گهر کي آباد ڪري ٿو، علم مداين جي بدران
چڱايون سيکاريو ٿو. علم اهوڪجهه آهي، جنهن جي
پرائڻ سان گدا مان شاهه ٿئي ٿو فقير مان امير بڻجي
سگهي ٿو. مگر ائين نه آهي ته علم ويٺي ويٺي حاصل
ٿي ويندو. علم حاصل ڪرڻ لاءِ محنت ڪرڻي پوندي.
ڪشالا ڪڍڻا پوندا ۽ تڪليفون ڏسڻيون پونديون.
اڄڪلهه اسين دنيا ۾ جيڪي به سڌريل قومون ڏسون ٿا
يا ترقي يافته ملڪ ڏسون ٿا انهن ڇو ترقي ڪئي آهي؟
انهن جي ترقي ڪرڻ جو واحد سبب، انهن جو پنهنجو پاڻ
کي علم جي زيور سان سينگارڻ ئي آهي.
”پينگهي کان قبر تائين علم پرائڻ گهرجي“ واري
نصيحت صحيح آهي. جيڪڏهن ڪو علم پرائيندو ته پنهنجي
زندگي ۾ ڪامياب ٿي سگهندو ۽ ان سان گڏ پنهنجو
آئيندو سڌاري سگهندو. تنهن ڪري اسان سڀني کي گهرجي
ته اسين پنهنجو پاڻ ۾ علمي چاهه وڌايون ۽ صحيح
تعليم حاصل ڪري پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪريون ۽
پاڻ کي ملڪ جا صحيح خادم ثابت ڪريون.
|