سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 6

باب: --

صفحو :2

 

راز ”سنڌي“ شڪارپور.

 

ضمير جو آواز

 

مون سنڌي پنج درجا پاس ڪيا ته بابا مون کي وڌيڪ پڙهائڻ لاءِ سيڪنڊري اسڪول ۾ داخلا وٺي ڏني. وڏي اسڪول ۾ اچڻ سان منهنجو ماحول تبديل ٿيو پر ان سان گڏ منهنجي سوچ به وڌڻ شروع ڪيو. هر اهو موضوع جيڪو استاد صاحب ڪلاس س۾ پڙهائيندو هو. بابا سائين گهر ۾ چوريندو هو، ان موضوع تي آءُ غور سان سوچيندو هوس. تمام گهڻيءَ سوچ ۾ وڃڻ بعد مس مس ان جو حل نڪرندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته استاد صاحب يا بابا سائين اهڙا اهڙا عجيب نقطا ۽ موضوع چوريندا هئا جن کي آءُ سولي نموني سان سمجهي ڪونه سگهندو هيس ۽ مجبور ٿي ان کي حل ڪرڻ واسطي کانئن وري وري پڇندو هيس. منهنجي ان ٿوريءَ سوچ مون کي ڪلاس جو مانيٽر بنايو ۽ پڻ منهنجي دماغ کي روشن ڪري ڇڏيو. جيئن زندگيءَ جا ڏينهن گذرندا رهيا، تيئن منهنجي سوچ ۾ واڌارو ٿيندو رهيو. هو اُهو بحث مباحثو جيڪو ڪلاس ۾ يا منهنجي گهر ۾ بابا سائين ۽ سندن مٽن مائٽن يا دوستن جي وچ ۾ ٿيندو هو ته اُن ۾ وڏيءَ خوشيءَ سان حصو وٺندو هوس.

هڪ ڏينهن بابا وٽ ڪجهه مهمان آيا. آءُ ڏاڍو خوش ٿيس ته اڄ رات ضرور بابا سائين ۽ سندس آيل مهمانن ۾ ڪونه ڪو بحث مباحثو ٿيندو. جڏهن رات آئي ته سڀ کان اول مانيءَ جو دور شروع ٿيو ۽ ان کان بعد وري چانهه جو دور شروع ٿيو ۽ احوال شروع ٿي ويا. ٻنهي ڌرين پنهنجي پنهنجي خيريت جو احوال ڏاڍيءَ خوشيءَ سان ۽ دل و جان سان هڪٻئي جي آڏو رکيا ۽ پوءِ هڪ ننڍڙو بحث شروع ڪيائون. ان بحث مباحثي جو موضوع ڏاڍو بهترين ۽ سبق آميز پئي لڳو. موضوع اهو هو ته ”ضمير جوآواز انسان جو حقيقي روح آهي.“ جنهن انسان ضمير جي آواز کي ڌڪي ڇڏيو ۽ ان جي چوڻ موجب نه هليو ته اهو ڄڻ زندهه رهندي به مئلن مثل آهي. ٻنهي ڌرين تمام ڊگها ۽ سهڻا واضح مثال ڏيئي نيٺ ان ڳالهه کي ثابت ڪيو ته جيڪو انسان ضمير جي آواز سان آواز ملائيندو رهي ٿو ته ان ۾ انسانيت به آهي ۽ مردانيت به آهي، پوءِ کيس شهرت به ملي ٿي ۽ عزت به. اهڙو انسان نه صرف هن جهان ۾ پر هن دنيا ۾ الله وٽ سرخرو ٿيندو ۽ نيڪ ثابت ٿئي ٿو. آئون  ان موضو ع کي ٻُڌي دنگ رهجي ويس ڇاڪاڻ ته اهڙو نصيحت آميز موضوع مون اڳ ڪڏهن ڪونه ٻڌو هو. منهنجون سوچون وڌنديون رهيون پر ان ڳالهه کي سمجهي  نه سگهيس ته آخر ضمير ڪهڙي بلا آهي، ڪٿي رهندو آهي، آواز ڪيئن ڏيندو آهي ۽ انسان ان آواز کي سمجهي ۽ پرکي ڪيئن سگهندو آهي؟ ڏاڍو پريشان ٿيس ۽ وري وري سوچڻ لڳس پر ڪامياب وڃي ڪونه سگهيس. آخرڪار   بابا سائين کان حل ڪرائڻ لاءِ فيصلو ڪيم، پر ان وقت رات تمام گهڻي گذري چڪي هئي، ۽ ان ڪري پنهنجي سوال کي به دل ۾ سانڍي وڃي بستري تي ليٽي پيس. مون کي ان رات آرام ڪونه ٿي آيو ۽ سڄي رات موضوع تي پئي سوچيم. ڪوئي به جواب ڪونه مليو. صبح ٿيڻ سان آءُ سوير بابا سائين جي ڪمري ۾ ويس ۽ کانئس رات واري موضوع سمجهائڻ لاءِ پڇيم.

بابا سائين مون کي چيو ته پٽ! تون اڃا ننڍڙو آهين. جڏهن تون ڪجهه وڏڙو ٿيندين ته پاڻهي ان موضوع کي سمجهي وٺندين. بابا کي مون گهڻو ئي ليلائي چيو پر هن ان وقت ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. آءُ نااميديءَ جا آثار ڏسي واپس ٿيڻ لڳس ۽پاڻ سوچڻ ۾ لڳي ويس. پر شايد منهنجو دماغ ان کي سولي نموني سوچڻ جي قابل نه هو. مون وري به همت ڪونه هاري، پنهنجي ڪوشش کي جاري رکيو ۽ پنهنجي ارادي کي ايترو ته مضبوط رکيو جيئن پٿر تي ليڪو. مون کي اميد هوندي هئي ته آءُ ضرور ضمير جي آواز کي ٻڌي وٺندس. ڪجهه ڏينهن گذريا ته آءُ روزمره وانگر پنهنجي اسڪول کان هڪ بس ذريعي واپس پنهنجي گهر وڃي رهيو هوس ته منهنجون نگاهون هڪ ڳنڍيچوڙ تي پيون جيڪو هڪ ٻهراڙيءَ واري ماڻهوءَ جي کيسي مان پئسا ڪڍي رهيو هو. هو تمام هوشياريءَ سان ڳنڍ ڪپي رهيو هو. هن ائين ڀانيو ته مون کي ڪوئي به ڪونه ٿو ڏسي پر منهنجون نگاهون ان کي تاڻي چڪيون هيون. اچانڪ ڪجهه خيالات منهنجي آڏو اچڻ لڳا جيڪي مون کي صلاح ڏيئي رهيا هئا:

”هن پرديسيءَ جا جيڪڏهن هت پئسا نڪري ويا ته هو پنهنجي گهر ڪيئن پهچي سگهندو. کيس ڀاڙي لاءِ ڪير پئسا ڏيندو؟ ٿي سگهي ٿو ته اهي پئسا هن غريب جا نڪري وڃن ته هو سڄو مهينو پنهنجو ۽ پنهنجي ٻارن جو سفر گذر ڪيئن ڪري سگهندو؟“

اهي خيالات هليا ويا ته وري ٻيا خيالات ويجهو اچڻ لڳا، جيڪي چئي رهيا هئا ته:

”جيڪڏهن تو هن ڳنڍيڇوڙ کي پڪڙيو ته هي توکي زندهه ڪونه ڇڏيندو. لوفر ماڻهو آهي، سزا ڪاٽڻ کان بعد ٿي سگهي توکي نقصان رسائي. ٻئي جي معاملي ۾ ٽپڻ تولاءِ چڱو ڪونهي. سوچيندي سوچيندي نيٺ پهرين خيال جو حامي ٿيس ۽ ڳنڍيڇوڙ کي سڳ سوڌو سوگهو ڪيم ۽ پوءِ ته وڏو هنگامو ٿي ويو. سڀني مسافرن جي مدد سان کيس پوليس جي حوالي ڪرايم. ٻهراڙيءَ وارو همراهه ڏاڍو خوش ٿيو ۽ مون کي لک لک دعائون ڏيڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو ته جيڪڏهن تون ائين نه ڪرين ها ته شايد منهنجو دم ٿوريءَ دير ۾ پئسا نه ڏسڻ جي حالت ۾ نڪري وڃي ها، ڇو ته اهي پئسا مهينو مسلسل ڪمائڻ کان بعد مون هٿ ڪيا هئا ۽ پنهنجي ٻارن کي سيڌو سامان وٺي ڏيڻ لاءِ کڻي وڃي رهيو هوس. شاباس اٿئي پٽ، الله توکي ڪوسو واءُ نه لڳائي. هو اهي لفظ چوندو پنهنجي منزل ڏانهن رمندو رهيو. آءُ به هن جي وڃڻ کان بعد گهر واپس ٿيس، گهر ۾ پهچڻ سان مون ساري حقيقت بابا کي ٻڌائي، بابا منهنجي حقيقت ٻڌي خوش ٿيو ۽ منهنجي پٺيءَ کي ٺپري چيائين ته:

”اگر تون اهڙن خيالن جو حامي ٿيندو رهين ته اهو ڏينهن دور نه آهي جو تنهنجو شمار ماڻهن جي لسٽ مان نڪري انسانن جي لسٽ ۾ شمار ٿيڻ لڳي.“ بابا سائين مون کي وري شباس ڏيئي رهيو هو. اوچتو بابا مون کي مرڪي چيو: ته پٽ اڄ تنهنجو هڪ مسئلو به حل ٿي ويو آهي. مون پڇيو ته بابا اهو ڪهڙو آهي؟

بابا چوڻ لڳو ته:

”پٽ توکي ياد هوندو ته ڪنهن ڏينهن منهنجي ۽ منهنجي مائٽن درميان هڪ بحث ٿيو هو، جنهن جو موضوع هو ”ضمير جو آواز“ توکي ياد آهي نه؟“

مون بابا کي چيو ته ها مون کي اهو چڱيءَ طرح ياد آهي. تڏهن بابا چيو: پٽ! اهو ئي ضمير جو آواز آهي جيڪو توکي مجبور ڪري رهيو هو، جيڪو توکي اهو فيصلو ڏيئي رهيو هو ته تون ڳنڍيڇوڙ کي روڪي کيس پوليس جي حوالي ڪر ۽ هڪ غريب جي مدد ڪرڻ تي توکي مجبور ڪري رهيو هو. آءُ ڏاڍو خوش ٿيس ۽ بابا کي چوڻ لڳس ته پوءِ ڀلا ضمير جي آواز کي ٻين لفظن ۾ کڻي ائين چئجي ته ”اهڙا خيالات جيڪي ڪنهن مسئلي لاءِ صحيح ۽ حق وارو فيصلو ٻڌائن، تنهن کي ضمير جو آواز چئجي.“ بابا سائين ها ڪئي ۽ وري به مون کي تاڪيد ڪيائين ته هر هميشھ اهڙن خيالن جو حامي ٿج. جيڪڏهن تون انهن جو حامي ٿيندين ته ان جو مطلب آهي ته تو ضمير جي آواز کي آواز ڏنو ۽ ان جو فيصلو قبول ڪيو.

 

گل ڦل جا گلڙا

ٻارن کي اهو پڙهي خوشي ٿيندي ته گل ڦل ۾ مٿئين عنوان هيٺ آگسٽ 1975ع کان، ٻارن جا فوٽا شايع ڪيا ويندا. اڄ ئي پنهنجا سٺا فوٽا موڪليو. فوٽن تي نمبر هنيا ويندا ۽ نمبر وار شايع ڪبا، ان ڪري وري انهن لاءِ خط نه لکجو. جنهن به ٻار جو فوٽو ايندو ضرور شايع ڪيو ويندو. اها پڪ ڄاڻجو.-ايڊيٽر

 

 

شاهد حسين ميمڻ حيدرآباد.

 

چالباز جادوگرياڻي

 

گهڻي وقت جي ڳالهه آهي ته ڏکڻ هندستان ۾ هڪ تمام وڏو جهنگ هو، جنهن ۾ هڪ تمام پراڻو قلعو هو. ان قلعي ۾ هڪ پوڙهي جادوگرياڻي رهندي هئي.

هوءَ سارو ڏينهن چٻري جي شڪل ۾ پنهنجي قلعي وٽ اُڏامندي رهندي هئي ۽ هوءَ شام ٿيندي ئي پنهنجي اصلوڪي شڪل ۾ ايندي هئي. ان قلعي جي ڀرسان لنگهندي به ماڻهو ڊڄندا هئا. ڇو ته ان جي چئني طرفن کان سئو سئو والن تائين ان جي جادوءَ جو ڄار پکڙيل هو.

جيڪڏهن اوچتو ڪو ماڻهو اتان لنگهندو هو ته پٿر جي بت وانگر پنهنجي جاءِ تي بيٺو رهندو هو. هو ان وقت تائين بيٺو رهندو هو، جيستائين هوءَ چالباز جادوگرياڻي ان کي آزاد نه ڪري. جيڪڏهن ڪا ڇوڪري ان علائقي ۾ ايندي هئي ته هوءَ يڪدم هڪ جهرڪي ٿي ويندي هئي. جنهن کي جادوگرياڻي هڪ پڃري ۾ بند ڪري پنهنجي محل ۾ لٽڪائي رکي ڇڏيندي هئي. ان جهنگ جي ٻئي پار هڪ ڳوٺ هو. جتي هڪ خوبصورت ڇوڪري رهندي هئي. جنهن جو نالو سلما هو. ڪڏهن ڪڏهن هوءَ ڳوٺ جي هڪ ڇوڪري سليم سان گڏ کيڏندي ان جهنگ جي ويجهو ويندي هئي.

هڪ ڏينهن موسم تمام سٺي هئي. ٻئي گهمندا گهمندا تمام گهڻو پري هليا ويا. انهن کي خيال به نه رهيو ته اسان ڪهڙي طرف وڃي رهيا آهيون. جڏهن انهن کي خيال آيو ته اسان پراڻي قلعي جي ويجهو پهچي ويا آهيون، تڏهن سليم جلدي واپس وڃڻ ٿي چاهيو پر هو پنهنجي جڳهه تان چري به نه سگهيو. هن جو هٿ سلما جي هٿ کان جدا ٿي ويو. هن ڏٺو ته سلما هڪ جهرڪي ٿي هن جي مٿي تي گهمي رهي آهي ۽ پنهنجي سريلي آواز ۾ ڪجهه چئي رهي آهي. ۽ ان جي ٿورو ئي مٿان هڪ چٻرو گهمي رهيو آهي. جيئن ئي سج لٿو تيئن ئي اهو چٻرو هڪ ٻوٽي ۾ غائب ٿي ويو ۽ ٿوريءَ دير ۾ ان ٻوٽي مان اها ئي پوڙهي جادوگرياڻي نڪري آئي.

هن هٿ وڌائي جهرڪي کي پڪڙي ورتو ۽ ان کي کڻي قلعي جي اندر هلي ويئي. سليم ويچارو بي وس ٿي ڏسندو رهيو. هو هاڻي ڇا ٿي ڪري سگهيو.

ٿوريءَ دير کانپوءِ جادوگرياڻي وري نڪري آئي ۽ هوءَ چوڻ لڳي ته مون سلما کي هڪ پڃري ۾  بند ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي هن کي ڪوئي به ڇڏائي نٿو سگهي پر توکي آزاد ڪري رهي آهيان. ايترو چئي هن ڪو منتر پڙهيو. تڏهن سليم محسوس ڪيو ته هو اڳ وانگر گهمي ڦري سگهي ٿو.

سليم ٻيهر پاڻ کي پنهنجي اصلي حالت ۾ اچڻ کانپوءِ جادوگرياڻي کي منٿون ڪيون ته هوءَ سلما کي به آزاد ڪري. پر جادوگرياڻي ائين ڪرڻ کان صاف صاف انڪار ڪري ڇڏيو. ۽ چوڻ لڳي ته جيڪڏهن تون هتان يڪدم نه هليو ويندين ته توکي اڳ وانگر پٿر جو بنائي ڇڏينديس. لاچار سليم ويچارو هارائي اتان هليو ويو. ۽ پنهنجي ڳوٺ وڃڻ بدران ڀر واري ڳوٺ ۾ هليو ويو. اتي هن جي ملاقات هڪ ريڍار سان ٿي. هو ڏاڍو رحمدل هو. هن سليم کي پنهنجي گهر ۾ رهايو. سليم هر روز صبح جو سوير رڍن کي وٺي جهنگ جي طرف نڪري ويندو هو ۽ شام تائين جادوگرياڻي جي قلعي جي آسپاس رڍون چاريندو هو.

هڪ ڏينهن منجهند جو هو هڪ وڻ جي هيٺان ستو پيو هو ته هڪ خواب ڏٺائين، هو خواب ۾ ڏسي ٿو ته هڪ ننڍي ڍنڍ آهي. ان ۾ هڪ ڪنول جو گل ٽڙيل آهي. ان جي وچ ۾ هڪ خوبصورت چمڪندڙ هيرو رکيو آهي. هو وڌي وڃي گل کي ٽوڙي ٿو ۽ سڌو جاودگرياڻي جي محل ۾ پهچي وڃي ٿو ۽ جنهن به شيءِ کي ان گل سان ڇهي ٿو ان تان جادوءَ جو اثر ختم ٿي وڃي ٿو ۽ اها پنهنجي اصلي صورت ۾ اچي وڃي ٿي. ان طرح هو سلما تائين پهچي به وڃي ٿو. ۽ ان کي به پنهنجي اصلي صورت ۾ تبديل ڪري تمام جلدي جادوگرياڻي جي قلعي وٽان واپس موٽي اچي ٿو. اوچتو جاڳي پيو ۽ اکيون مهٽيندو اُٿيو. سمجهيائين ته اهو ڪو هاتفي آواز آهي، ان ڪري گل جي ڳولا ڪجي. هلندي هلندي هو هڪ سوڙهي رستي تي پهتو. آخرڪار گهڻي تلاش کانپوءِ هن کي هڪ ڍنڍ نظر آئي جنهن ۾ ڪنول جو گل ٽڙيل هو. ڪنول جي گل جي وچ ۾ ماڪ جو هڪ وڏو ڦڙو هيري وانگر چمڪي رهيو هو. هن جلدي پاڻيءَ ۾ ٽپ ڏيئي گل کي ٽوڙي ورتو ۽ جادوگرياڻي جي قلعي جي طرف روانو ٿي ويو.

جيئن ته گل هُن جي هٿ ۾ هو ان ڪري هن تي جادو جو ڪو اثر نه ٿيو. هن جيئن ئي گل دروازي سان لڳايو ته دروازو کُلي پيو.

اڃا هو ٿورو ئي اندر ويو  ته هن کي هڪ دلڪش ۽ مٺو گانو ٻڌڻ ۾ آيو. هو ان مٺي گاني جي آواز جي طرف وڌيو ۽ جلد ئي هو هڪ اهڙي ڪمري ۾ پهتو جتي جهرڪين جا سوين پڃرا لٽڪيا پيا هئا. هن ڏٺو ته پڃرن جي وچ ۾ جادوگرياڻي به ويٺي آهي ۽ جهرڪين جي گانن ٻڌڻ ۾ گم آهي.

اڃا هو سوچي رهيو هو ته سلما ڪهڙي پڃري ۾ هوندي ته جادوگرياڻي جي نظر مٿس پئجي ويئي.

هوءَ تمام گهڻي ڪاوڙ ۾ رڙيون ڪندي چوڻ لڳي: ”تون هتي ڇاجي لاءِ آيو آهين؟ هليو وڃ هتان.“ پوڙهي پري کان ئي رڙيون ڪندي رهي. گل هٿ ۾ هئڻ جي ڪري هوءَ سليم جي ويجهو اچي نٿي سگهي. سليم جلدي جلدي هر پڃري کي ڪنول جو گل لڳائڻ شروع ڪيو. يڪدم هر جهرڪي هڪ حسين ۽ خوبصورت ڇوڪريءَ ۾ تبديل ٿيندي ويئي.

جادوگرياڻي جڏهن هي ڏٺو ته جلدي هڪ پڃرو کڻي وٺي ڀڳي ليڪن سليم اڳتي وڌي هن کي روڪي ورتو. جيئن ئي سليم جو گل وارو هٿ پوڙهي جادوگرياڻيءَ کي لڳو ته جادوگرياڻي يڪدم دونهون بڻجي غائب ٿي ويئي. ۽ پڃري واري جهرڪي پنهنجي اصلي صورت ۾ اچي ويئي، اها سلما هئي. ان کان پوءِ سليم ۽ سلما ٻئي خوشي خوشي پنهنجي ڳوٺ موٽي آيا. ان قلعي جا آثا اڄ به ان ڪهاڻيءَ جي ياد ڏيارين ٿا.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com