محمد سليم ٺيڪري ٺٽو
سونهري نصيحت
پراڻي زماني جي ڳالهه ڪندا آهن ته ڪنهن ملڪ تي هڪ
بادشاهه حڪومت ڪندو هو. هڪ ڏينهن بادشاهه جڏهن
درٻار کان محل ڏانهن وڃي رهيو هو ته رستي ۾ هڪ
فقير کي وڏي آواز ۾ چوندي ٻڌائين ته مون وٽ هڪ
نصيحت آهي، جيڪو شخص مون کي پنج سئو اشرفيون
ڏيندو. ان کي مان اها نصيحت ٻڌائيندس. پهرئين
ڏينهن بادشاهه فقير کي پاڳل سمجهيو. جڏهن فقير ٻئي
ڏينهن به بادشاهه جي لنگهڻ وقت اها صدا لڳائي تڏهن
بادشاهه کان رهيو نه ٿيو ۽ فقير کي گهرائي چوڻ لڳو
ته ”اها نصيحت ڪهڙي آهي؟“ فقير جواب ڏنو،
”پهريائين پنج سئو اشرفيون ڏي.“ بادشاهه فقير کي
پنج سئو اشرفيون ڪڍي ڏنيون. فقير جواب ڏنو، ”ٻڌو
بادشاهه سلامت! نصيحت اها آهي: جو انسان جڏهن ڪهڙو
به ڪم ڪري ته پهريائين ڪم جو انجام سوچي.“ بادشاهه
جو وزير تمام گهڻو لالچي هو. ان بادشاهه کي چيو،
”حضور! اها ڪهڙي ڪم جي نصيحت آهي، جو توهان فقير
کي پنج سئو اشرفيون مفت ڏئي ڇڏيون.“ بادشاهه تنگدل
نه هوندو هو، سو فقير جي نصيحت ٻڌي تمام گهڻو خوش
ٿيو. بادشاهه محل ۾ پهچڻ شرط حڪم ڪيو ته فقير جي
نصيحت محل جي درن، ديوارن ۽ برتنن تي چٽن، سهڻن ۽
سونن اکرن ۾ لکائي وڃي. ان نيڪدل بادشاهه جو هڪ
ٻئي ملڪ جو بادشاهه تمام گهڻو دشمن هوندو هو. ان
دشمن بادشاهه گهڻائي دفعا ملڪ تي چڙهائي ڪئي. مگر
هر دفعي هار کاڌائين. آخر دشمن، هن نيڪدل بادشاهه
کي دوکي سان قتل ڪرڻ چاهيو. ان مقصد پوري ڪرڻ لاءِ
نيڪدل بادشاهه جي حجام کي لالچايو. حجام لالچي هو
۽ ڏهه هزار اشرفيون وٺي بادشاهه کي قتل ڪرڻ لاءِ
تيار ٿيو.
هڪ ڏينهن نيڪدل بادشاهه حجام کي گهرايو. هو حجامت
بنائڻ لاءِ ضروري سامان سان گڏ زهر ۾ ٻڏل ڇُري به
کڻي آيو. بادشاهه محل جي ڪمري ۾ سندس انتظار ۾ هو.
حجامت ٺاهڻ کانپوءِ لالچي حجام بادشاهه جي نظر کان
بچي زهر ۾ ٻڏل ڇري ڪڍي ۽ ارادو ڪيو ته هاڻ بادشاهه
تي وار ڪريان ته سامهون ڪمري واري ديوار تي سونن
لفظن ۾ لکيل هو ته
”ڪوبه ڪم ڪرڻ کان پهرين ان جو انجام سوچيو.“
حجام انهن لفظن کي ڏسڻ سان ئي ڏڪڻ لڳو. حجام سوچيو
ته آءُ بادشاهه کي ماري ڇڏيندس ته بادشاهه جا
خيرخواهه ماڻهو مون کي زندهه نه ڇڏيندا، پوءِ اهي
ڏهه هزار منهنجي ڪهڙي ڪم ايندا. اوچتو حجام ڇُريءَ
کي لڪائڻ چاهيو، پر بادشاهه حجام جي ارادي کي
سمجهي ويو. اُ يڪدم تاڙي وڄائي. هڪ نوڪر حاضر ٿيو،
جنهن حجام کي قابو ڪيو. اهو ڏسي حجام تمام گهڻو
گهٻرايو، ڏڪي، ڏڪي بادشاهه جي پيرن تي سر رکي
آزيون نيزاريون ڪرڻ لڳو، جڏهن حجام تمام گهڻيون
منٿون سنٿون ڪيون ته بادشاهه کي رحم آيو، بادشاهه
حجام کي چيو ته آخر تون هن بري ڪم تي ڇو تيار
ٿئين.
”حضور! جان جي امان ڏيو ته ڪجهه عرض ڪريان“ حجام
چيو.
بادشاهه فرمايو ”امان آهي“.
حجام باشاهه کي شروع کان آخر تائين ڳالهه ڪري
ٻڌائي، ۽ چيو ته ديوار تي عبارت پڙهي مون پنهنجو
ارادو بدلائي ڇڏيو. نه ته اڄ مون کي تمام ذليل
ٿيڻو پوي ها ۽ حياتيءَ تان به هٿ کڻان ها. بادشاهه
حجام جو ڏوهه معاف ڪيو، ۽ ان کي انعام ڏئي روانو
ڪيائين. ۽ حڪم ڪيائين ته سندس ملڪ جي گهر گهر ۾
اها نصيحت سونهري لفظن ۾، شاهي خرچ تي لکارائي
وڃي.
الطاف احمد ميمڻ – لاکائي دڙو
”ٻه سست“
هڪ دفعي ٻه ڀائر رستو وٺيو پئي ويا ته اوچتو وڏي
ڀاءُ ناليءَ ۾ چار آنا ڏٺا. پر سست هئڻ ڪري ننڍي
ڀاءُ کي چيائين ته چار آنا کڻيو اچ ته ڀاڻس به
سُستيءَ جي ڪري پئسا نه کنيا. ايتري ۾ هنن کي ڪيلن
وارو گڏيو ته وڏي ڀا5 هن کان پڇيو ته هڪ ڪيلي جو
گهڻو؟ ته ڪيلن واري چيو ته آنو. ڇوڪري وري چيس ته
ڇلي ڏيندين ته گهڻو وٺندين ته هن چيو ته ٻه آنا.
ته وري به ڇوڪري چيس ته ڇلي وات ۾ وجهندين ته گهڻو
وٺندين ته ڪيلن واري چيو ته چار آنا. تنهن تي
ڇوڪري چيو ته چڱو هڪ ڪيلو ڇلي منهنجي وات ۾ وجهه ۽
ڪيلن واري ائين ڪيو ۽ پئسا گهريائينس، تنهن تي
ڇوڪري چيو ته پويان منهنجو ننڍو ڀاءُ پيو اچي ان
کان پئسا وٺج. ڪيلن واري ننڍي ڇوڪري کان چار آنا
گهريا ته ڇوڪري چيس ته پريان ناليءَ ۾ چار آنا پيا
آهن اهي وڃي کڻ. ٻه ٽي دفعا پئسا گهرڻ جي باوجود
پئسا نه ملڻ جي ڪري ڪيلن وارو کين بادشاهه ڏانهن
وٺي ويو. ان وقت بادشاهه وٽ سُسُتن جي مجلس لڳي
پيئي هئي. وزير هنن کي ويهڻ جو اشارو ڏنو، انهن
ڏينهن ۾ بادشاهه اهو ڍنڍورو ڏياريو هوته جيڪو به
ملڪ ۾ سڀني کان سست هوندو ان کي پنج هزار رپيا
انعام ڏنو ويندو. سو بادشاهه ان وقت حڪم ڪيو ته
جيڪو به سڀني کان سُسُت هجي سو هٿ مٿي کڻي تنهن تي
سڀني هٿ مٿي کنيو پر هنن ٻنهي ڀائرن هٿ مٿي نه
کنيو، تنهن تي بادشاهه هنن کان سوال ڪيو ته اوهان
هٿ مٿي ڇو نه کنيو تنهن تي هنن جواب ڏنو ته سائين
اسين ايڏا ته سُسُت آهيون جو اسان کان هٿ به مٿي
نٿو کڄي، جنهن ڪري مٿي نه کنيوسون. بادشاهه جواب
ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پنهنجي وعدي موجب هنن کين پنج
هزار رپيا انعام ڏنائين.
اياز ابڙو لاڙڪاڻو.
”محنت ۽ ڪفايت شعاري“
پيارا ٻارو! آڳاٽي زماني جي ڳالهه آهي ته جڏهن
هندستان ۾ ڏڪارُ پيو تڏهن ماڻهو ويچارا بدحال هئا
۽ سندن زندگي زهر ٿي پيئي هئي.
ان زماني ۾ هڪ عرب سوداگر سير واسطي هندستان م
آيو. هڪ ڏينهن سوداگر خريداريءَ لاءِ شهر ۾ هڪ
دوڪان تي ويٺو هو ته هڪ ميرن ۽ ڦاٽل ڪپڙن ۾ غريب
ڇوڪرو دوڪان تي چڙهي آيو. جنهن سوداگر کي چيو ته
سائين مهرباني ڪري مون کي هڪ آنو ڏيو ته توهان کي
دعا ڪندو رهندس. سوداگر چيس ته جي هڪ انو ڏيانءِ
ته ڪيڏانهن ڪندين ڇوڪري جو نالو حميد هو تنهن چيس
ته هڪ آنو ڏيندين ته ان مان ٻن پئسن جو بازار مان
اٽو خريد ڪري گهر ماءُ کي ڏيندس ۽ باقي ٻن پئسن جا
چڻا وٺي وڪرو ڪندس. تنهن تي سوداگر چيس ته جي ٻه
آنه ڏيانءِ ته ڪيڏانهن ڪندين. حميد جواب ڏنس ته جي
ٻه آنا ڏيندين ته انهن مان هڪ آني جو اٽو وٺي گهر
ڏيندس ۽ باقي هڪ آني جا زيتون وٺي بازار ۾ وڪرو
ڪندس، اهڙي طرح ٻه آنا بنائيندس ۽ پوءِ ٻن آڻن جو
ميوو خريد ڪري چار آنا بنائيندس.
عرب سوداگر حميد جي ايتري همت ۽ عقلمندي ڏسي کيس
هڪ رپيو ڏنو. حميد هڪ رپيو وٺي نهايت خوشيءَ مان
سوداگر کي دعائون ڪندو دوڪان تان هيٺ لهي ويو
هليو.
ڪيترن ورهين گذرڻ بعد اتفاق سان اُن عرب سوداگر جو
هندستان جي ساڳي شهر ۾ اچڻ ٿيو. سوداگر بازار گهمي
رهيو هو ته اوچتو هڪ نوجوان هڪ جواهرن جي وڏي
دوڪان تان هيٺ لهي نهايت ادب ۽ احترام سان سوداگر
سان مليو ۽ کيس پنهنجي دوڪان تي هلڻ لاءِ زور
ڀريو، سوداگر مجبور ٿي هن نوجوان امير جي دل خوش
ڪرڻ لاءِ سندس دوڪان تي چڙهي ويو. نوجوان سندس
تمام گهڻو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ خدمت ڪئي. سوداگر حيرت
مان کانئس سندس نالو ۽ احوال پڇڻ لڳو. نوجوان
وراڻيو ته آءُ اهو ئي حميد آهيان جنهن کي پندرهن
سال اڳ ۾ اوهان هڪ رپيو ڏنو هو. خدا جي فضل و ڪرم
سان هينئر ان رپئي مان هي جواهرن جو دوڪان ورتو
اٿم.
عرب سوداگر نهايت خوش ٿيو ۽ سندس همٿ، عقلمندي ۽
ڪفايت شعاريءَ جي تعريف ڪرڻ لڳو.
نوجوان موڪلائڻ وقت عرب سوداگر کي نهايت ئي قيمتي
جواهر ۽ ٻيون شيون سوکڙيءَ طور ڏنا جي سوداگر قبول
ڪيون. اهڙي طرح نوجوان کيس رخصت ڪيو.
پيارا ٻارو! ڏسو ڪيئن نه هڪ غريب ڇوڪرو هڪ رپئي
مان محنت ۽ بچت ڪري اهڙي مرتبي تي پهتو، ان ڪري
توهان کي پڻ گهرجي ته اجايو خرچ نه ڪريو، محنت ۽
ڪفايت ڪريو ته ڪنهن ڏکي مهل ڪم اچيوَ.
اعظم علي شاهه جيلاني حيدرآباد
شهزادو خوشبخت
تمام پراڻي زماني جي ڳالهه آهي ته هڪڙي شهر کان
ٿورو پري هڪ جبل تي هڪ پتلو رکيل هو. انهيءَ جو
لباس سون جي تندن مان ٺهيل هو. سندس اکيون زمرد
مان ٺهيل هيون ۽ انهيءَ جي هٿ ۾ جيڪا تلوار هئي،
تنهن جي مٺئي تي هڪ وڏو ياقوت هر وقت چمڪندو رهندو
هو.
سياري جي هڪ رات پرستو نالي هڪ پکي پنهنجي ولر کان
پويان رهجي ويو، هن پري کان جو پتلي کي ڏٺو سو سڌو
اوڏانهن ويو ۽ سندس پيرن ۾ ويهي رهيو. ٿوري دير
کانپوءِ پرستو کي ننڊ اچي ويئي. اوچتو سندس اک کلي
پيئي ڇاڪاڻ جو سندس پرن تي پاڻي جا ڦڙا ڪري رهيا
هئا. آسمان ڏي ڏٺائين پر بادل به ڪونه هئا. ڇو جو
هن سمجهيو ته هن مينهن جا ڦڙا آهن. وري جو غور ڪري
پتلي ڏانهن ڏٺائين ته کيس خبر پيئي ته اهي پاڻيءَ
جا ڦڙا نه هئا پر اهي ڳوڙها هئا جيڪي پتلي جي اکين
مان وهي رهيا هئا. تڏهن پرستو پتلي جي ڪلهي تي وڃي
ويٺو ۽ کانئس پڇيائين ته تون ڪير آهين ۽ ڇو پيو
روئين. تنهن تي پتلي چيو ته منهنجو نالو شهزادو
خوشبخت آهي، منهنجي مرڻ کان پوءِ ماڻهن مون کي سون
۽ جواهرن سان ٺاهي اچي هتي رکيو آهي، جنهن وقت آءُ
جيئرو هئس تڏهن مون کي زماني جي ڏک سک جي خبر نه
هئي ۽ هاڻ مان هتي پنهنجي اکين سان سڀڪجهه ڏسان
پيو ۽ عبرت پيو وٺان. ماڻهن جا ڏک ڏسي آءُ برداشت
نٿو ڪري سگهان ۽ سواءِ ڳوڙها ڳاڙڻ جي ڪجهه ڪري به
نٿو سگهان. هاڻ مان هڪ ماءُ کي ڏسان پيو جيڪا
پنهنجي ٻار جي پاسي ۾ ويهي روئي رهي آهي ڇاڪاڻ جو
هوءَ روزانه ڪپڙا سبي ٿي ۽ ٻيو ڪم ڪار ڪري ٿي پر
کيس ايترو پئسو نٿو ملي جو پنهنجي ٻار جي کاڌي ۽
علاج لاءِ ڪجهه ڪري سگهي. جيڪڏهن مون کان ڪجهه ٿي
سگهي ها ته آءُ ضرور کيس مدد ڪريان ها. تون هيئن
ڪر جو هي منهنجي تلوار جو ياقوت کڻي وڃي کيس ڏي.
پرستو وراڻيو ته انهيءَ هوندي به جو آءُ ٿڪل آهيان
ته به اهو ڪم ضرور ڪندس ۽ اهڙي طرح پرستو اهو
ياقوت وڃي ان عورت کي ڏيئي واپس آيو. جڏهن صبح ٿيو
ته پرستو پتلي کان موڪلائڻ لڳو تنهن تي شهزادي
خوشبخت چيو ته پرستو! اي منهنجا ننڍڙا پرستو! هڪ
رات ٻي به مون وٽ ترس ڇو جو مان هاڻ هڪ پوڙهي
ماڻهو کي ڏسي رهيو آهيان جنهن وٽ نه ماني آهي ۽ نه
باهه. جو پاڻ کي هن سيءَ ۾ گرم رکي سگهي ۽ تون
منهنجي زمرد جي اک کڻي هن کي ڏيئي اچ. پرستو قبول
ڪيو ۽ شهزادي جي هڪ زمرد جي اک کڻي پوڙهي کي ڏيئي
آيو. جڏهن صبح ٿيو تڏهن پرستو پتلي کان موڪلائڻ
لڳو ته شهزادي چيو ته منهنجا ننڍڙا پرستو! مان
توکي التجا ٿو ڪريان ته هڪ رات ٻي به مون وٽ ترس ۽
منهنجي ٻي اک هڪڙيءَ ڇوڪريءَ لاءِ کڻي وڃ جو هو
بلڪل اڪيلي آهي ۽ هن دنيا ۾ سندس ڪو والي وارٿ نه
آهي ۽ هنن سرد راتين ۾ کيس اوڍڻ لاءِ ڪپڙا به نه
آهن. پرستو چيو ته جيڪڏهن آءُ تنهنجي ٻي اک به کڻي
ويس ته تون انڌو ٿي پوندين، تنهن تي شهزادي چيو ته
جيڪڏهن مان انڌو ٿي پيس ته ڇا ٿي پيو. پر هڪ انسان
جي زندگي ته بچي پوندي. تون هي اک کڻي وڃي کيس
ڏيئي اچ. پرستو هن جي ٻي اک به کڻي ويو. جڏهن واپس
آيو ته شهزادي چيو ته اي مهرباني پرستو هاڻ تون
ڀلي پنهنجي ماڳ تي هليو وڃ. تنهن تي پرستو چيو ته
مان هاڻي هتان نه ويندسن ڇاڪاڻ جو مون کي ڀلائي جي
ڪمن ۾ مزو ٿو اچي ۽ هر روز توکي اچي ماڻهن جو
احوال ڏيندو رهندس. انهيءَ کانپوءِ شهزادو، پرستو
ذريعي غريب ۽ محتاج جي مدد ڪندو رهيو.
ڪجهه وقت گذرڻ کانپوءِ جڏهن گرمي جي مند شروع ٿي
ته ماڻهو انهيءَ جبل تي گهمڻ لاءِ آيا، انهن هڪ
مئل پرستوءَ کي شهزادي جي پيرن ۾ ڏٺو. اهو به
ڏٺائون ته شهزادي جي مجسمي ۾ ڪو به سون ۽ جواهر
باقي رهيل نه آهي.
تڏهن ماڻهن کي اصل حقيقت جي ڄاڻ پيئي ته انهن کي
سياري ۾ جيڪا مدد پهتي آهي سان انهيءَ پتلي پاران
هئي. انهن کي ڏاڍو ڏک ٿيو. صديون گذري ويون آهن.
ماڻهو اڄ به اها آکاڻي پنهنجي ٻارن کي ٻڌائيندا
آهن. پيارا ٻارؤ! اوهان به هي آکاڻي پڙهي، هاڻي دل
سان هنڊايو.
|