سرمد عباسي
(قسط: اٺين)
خانواهڻ
چاڪليٽ
}ٻارڙن لاءِ وندرائيندڙ ناوليٽ{
جيڪو نه ڄاڻ ڪيئن شڪيل صاحب جي ڳوٺ پھتو ۽ نيٺ
شڪيل صاحب سان وڃي مليو ھو. اھا ته بس ربّ کي ئي
خبر ھئي ۽ ٻي چاڪليٽ کي. ھڪ ڏينھن آسمان تي ڪارو
جهڙ ھو. سيءُ به ڏاڍو ھو. ٽيپھريءَ جي وقت چاڪليٽ
گهران نڪتو ته ھنَ مسرور، فراز ۽ اسرار کي اسڪول
جي ڀرسان ئي لڳل نلڪي وٽ بيٺل ڏٺو. اھي ٽئي ڏاڍا
ڏِنگا ٻار هئا.
سيءَ جي ڪري، جيجيءَ چاڪليٽ کي خاص ٺھيل سوئيٽر
پارايو ھو ته جيئن کيس سيءُ نه لڳي.
”اڙي
ھي ڏسو، چاڪليٽ سوئيٽر پاتو آھي.“
مسرور ٽھڪ ڏئي چيو. فراز ۽ اسرار به
کلڻَ لڳا.“
اڙي ٽوپُ ۽ بوٽُ به ته پائين ھا جوڪرَ.
”فراز
به ٽوڪَ ڪندي چيو.
”ٻي...ٻي...“چاڪليٽ
ڄڻُ ته چِڙَ جو اظھار ڪيو ۽ ٽنهي کان پاسو ڪري
اڳتي ھلڻ لڳو.
اِھو ڏسي مسرور اڳتي وڌيو ۽ چاڪليٽ کي پڪڙي سندس
سوئيٽر لاھڻَ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. مسرور، فراز ۽
اسرار ڳوٺ جا حرڪتي ٻار ھئا. ھنن جي پڙھڻ لکڻ ۾ ڪا
به دلچسپي ڪو نه ھوندي ھئي. بس رڳو اجايون حرڪتون
ڪرڻ ۾ پورا ھوندا ھئا. چاڪليٽ ۽ ٻين ٻارن کي تنگ
ڪرڻ لاءِ ھر وقت تيار رھندا ھئا. چاڪليٽ سٽَ ڏئي
پاڻَ کي ڇڏايو ۽ مسرور کي گوڏي تي ٽڪر ھڻي ڪڍيو.
مسرور پاڻَ کي سنڀالي نه سگهيو ۽ ھيٺ ڪِري پيو.
ھاڻي فراز ۽ اسرار، مسرورَ تي کِلڻ لڳا. پنھنجن
دوستن کي کلندو ڏسي مسرور کي ڪاوڙ اچي وئي. ھو
اٿيو ۽ چاڪليٽ کي ڪنڌَ کان پڪڙي، دَسِڻَ لاءِ زور
ڏيڻ لڳا. انھيءَ مھل ئي ڪرم الله اچي پھتو. جيڪو
پنھنجي لاءِ پاڙي جي دڪان تان شَيءِ وٺي گهر وڃي
رھيو ھو.
”ادا...ادا
ڇو ٿا چاڪليٽ کي تنگ ڪيو. ٻڌايان جيجيءَ کي.“
ڪرم الله پنھنجي دوست کي تڪليف ۾ ڏسي چيو.
”اڙي
ھل ھتان. ھڪ چپاٽَ لڳئي ته سِنگهه
وھي ايندئي.“
مسرور، ڪرم الله کي دڙڪو ڏيندي چيو. ان کان پوءِ
جيئن ئي ھن چاڪليٽ جي ڪنڌَ تي وڌيڪ زور ڏنو تيئن
ئي چاڪليٽ به پاڻَ کي ڇڏائڻ لاءِ جهٽڪو ڏنو ۽ سندس
ننڍڙو سِڱُ مسرورَ کي کاڏيءَ تي لڳي ويو. ھڪ ڀيرو
وري مسرور ھيٺ وڃي ڪِريو. ھنَ کي کاڏيءَ تي رَھڙَ
اچي وئي ھئي. هلڪو سور ٿيڻ لڳس. فراز ۽ اسرار سان
گڏ ڪرم الله به مسرور تي کِلڻ لڳو. انهن کي کلندو
ڏسي مسرور ويتر چِڙي پيو. کلڻ بند ڪيو ۽ ھنَ کي
پڪڙيو
ته اڄ سبق ٿا سيکاريونس.“
مسرور کاڏي مهٽيندي چيو.
اھو ٻڌي فراز ۽ اسرار اڳتي وڌيا ۽ چاڪليٽ کي چئني
ڄنگهن کان پڪڙي ھيٺ ڪيرائي ڇڏيائون.
”ٻي...ٻي...“چاڪليٽ
دانهن ڪئي.
”توھان
ڪِنا آھيو. ڇڏيو منھنجي
دوست کي.“
ڪرم الله ڊوڙندو فراز ۽ اسرار ڏانھن آيو ته جيئن
چاڪليٽ کي انهن کان ڇڏائي سگهي پر مسرور کيس پڪڙي،
ڳَلَ تي ھڪَ چپاٽ ھنئي. ڪرم الله ھيٺ وڃي ڪريو ۽
روئڻ لڳو. ھن جي شيءِ واري ٿيلهي به پَرتي وڃي
پئي. ھُو ھنن کان ننڍڙو ۽ سنهڙو ھو. سو ھنن سان
وڙھي ڪو نه پئي سگهيو. ھُو روئيندو پنھنجي گهرَ
ڏانھن وڃڻَ لڳو. بيھو ته مان، امان
کي ٿو وٺي اچان. ڪُٽرايان ٿو توهان کي.
”ڪرم
الله روئيندي چيو.“
هلُ ڙي چِٻا ته ڦِڏو نه ڪري ڇڏيانءِ.“
مسرور ھٿَ جو اشارو ڪندي ڪاوڙ مان چيو.
”ھنَ
جو ڇا ڪيون؟“
فراز، پاڻَ کي ڇڏائڻ
لاءِ ڦٿڪندڙ چاڪليٽ کي سنڀاليندي پڇيو
”ڇو
نه ڪُھي،کائي ڇڏيونس.“
اسرار چپن تي زبان ڦيري ڀوڳ ڪيو. چاڪليٽ
ٻيڪاريندي، ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندو رھيو پرَ پاڻ کي
ڇڏائي ڪو نه سگهيو.”ھنَ
کي قبرستان ڏي کڻي ھلو ته اُتي ٿا سبق سيکاريونس.
تڪڙ ڪيو، ڪٿي جيجي نه اچي وڃي.“
مسرور،
ڦٿڪندڙ چاڪليٽ جي مُنڍيءَ کي سوگهو ڪندي
چيو.
”اُتي
ته گدڙ کائي ويندس.
“
فراز چيو.
”ڀلي
کائنس. اسان جو ڇا؟“
مسرور لاپرواهيءَ سان چيو.
”مان
رَسي کڻي اچان ٿو.“
اسرار پنھنجي گهرَ ڏانھن ڊُڪندي چيو.
”ھن
کي کڻُ ته پاڻَ قبرستان ڏانھن ھلون.“
مسرور چيو ۽ ھو ٻئي چاڪليٽ کي چڱي نموني پڪڙي
قبرستان ڏانھن ھلڻ لڳا. جلد ئي اسرار به رَسِي کڻي
پھچي ويو. ڪڻڪ جي ٻن ايڪڙن تي ڪاھيل فصل کان پوءِ
کَٻڙَ جا گهاٽا وڻ ھئا. اھو ئي قبرستان هو. ڪيترا
ئي مھينا اڳ، انَ قبرستان ۾ چاڪليٽ جي ماءُ کي گدڙ
کائي ويا ھئا ۽ اڄ
ھي حرڪتي ڇوڪرا چاڪليٽ کي به اوڏانھن
ئي کڻي وڃي رھيا ھئا. ڪرم الله پنھنجي گهر وٽ پھتو
ته ھن جي گهر کي ٻاھران ڪَڙو ڏنل ھو. ھُو سمجهي
ويو ته سندس امڙ پاڙي جي ڪنھن گهر ڏانھن وئي آھي.
ھن جو پيءُ ۽ وڏو ڀاءُ ويجهي شھر ڏانھن ويل ھئا.
اتي ھنن جو نلڪن جي سامان جو دڪان ھو. ڪرم الله جو
پيءُ نلڪا ھڻڻ جو ڪاريگر به ھو.
ڪرم الله پنھنجي درَ آڏو، دِڪيءَ تي ويھي روئڻَ
لڳو. چاڪليٽ کي کڻي ھُو ٽئي جلد ئي قبرستان پھچي
ويا. قبرستان ڏاڍو ڀوائتو لڳي رھيو ھو. اتي ڪيترا
ئي کٻڙَ ۽ نم جا وڏا وڻ ھئا. جهڙَ جي ڪري اوندهه
به تڪڙي وڌندي پئي وئي. قبرستان ۾ ٻوليندڙ پکي به
سيءَ جي ڪري ماٺ ھئا. ھر پاسي رڳو قبرون هيون.
ھُو ٽئي ڄڻا، قبرستان ۾ چڱو اندر ھليا آيا.
”ھيڏانھن،
سامهون واري وڻَ سان ٻڌونس.“
فراز، نم جي ھڪ وڻَ ڏانھن اشارو ڪندي چيو.
”ھا
صحيح آھي. اُتي قبرون ۽ ڊَڀَ به گهٽ آھن. گدڙ اچڻَ
۾ دير ئي نه ڪندا.“
مسرور وراڻيو.
ھُو نِم جي وڻَ ھيٺان پھتا ۽ چاڪليٽ کي وڻَ جي
ٿُڙَ سان ٻَڌي ڇڏيائون.
”وات
به ٻڌانس؟“
اسرار پڇيو.
”نه...نه.
ڀلي ٻيڪاٽ ڪري ته جيئن گدڙن کي به خبرَ پئي ته
سندن کاڌي جو بندوبست ٿي ويو آھي.“
مسرور چيو ۽ پوءِ ھُو ٽئي واپسيءَ لاءِ ھلڻ لڳا.
ڪرم الله اڃان
دِڪيءَ تي ويٺي روئي رھيو جو ھن موٽرسائيڪل جي اچڻ
جو آواز ٻڌو.
موٽرسائيڪل تي ھيلمٽ پائي ايندڙ استاد محمد عامر
کي ھُو تڪڙ ۾ سُڃاڻي ويو. ڪرم الله کان روئڻ وسري
ويو ۽ ھُو
”سائين...
سائين“
ڪندو استاد ڏانھن ڊوڙيو. استاد محمد عامر ھن کي
روئيندي ايندو ڏسي
موٽرسائيڪل جي رفتار ويتر گهٽائي ڇڏي.
”ڇا
ٿيو ڪرم الله ڇو ٿو روئين؟“
استاد گاڏي بيھاري، ھيلميٽ لاھيندي پڇيو.
”سائين
مون کي پنجين درجي وارن ڇوڪرن
مسرور، فراز ۽ اسرارَ ماريو آھي سائين.“
ڪرم الله دانھن ڏيندي چيو.
”ڇو
ماريائون پٽَ. ڪٿي آھن ٽئي؟“
استاد
محمد عامر، ھنَ جي ڳلن تان ڳوڙھا اُگهندي پڇيو.
”سائين
ھُو ٽئي نه ... چاڪليٽ کي تنگ پيا ڪن. مان
جهليومانِ ته مون کي ماريائون ۽ سائين ھُو چاڪليٽ
کي به قبرستان ۾ ٻڌڻَ ويا آھن ته جيئن کيس گدڙ
کائي وڃن.“
ڪرم الله جي ڳالهه ٻُڌي استاد محمد عامر ڳڻتيءَ ۾
پئجي ويو.
قبرستان جي گدڙن بابت ھنَ ڏاڍو ٻڌو ھو ته اھي ڳوٺ
وارن جون ٻڪريون ۽ ڪڪڙيون ماري وڃن ٿا. ڪيترا ئي
ڀيرا ڳوٺ جي ماڻهن کي چڪَ به پاتا ھئائون.
استاد محمد عامر پنھنجي موٽرسائيڪل اسڪول جي گيٽ
وٽ بيھاري ۽ ھيلميٽ سوڌو قبرستان وڃڻ لاءِ ڪڻڪ جي
فصلَ ڏانھن وڌي ويو. استاد ھتي مکڻ وٺڻَ آيو ھو .
پرَ مسرور ۽ ٻين ٻارن جي ان حرڪت جو ٻُڌي کيس ڏاڍي
ڪاوڙ لڳي ھئي. پھريان ئي چاڪليٽ جي گم ٿي وڃڻ جي
ڪري مامو عزيز الله ۽ جِيجِي سُکان ڏاڍو پريشان
ٿيا ھئا. ھاڻي وري مسرور وارن جي شيطان گيريءَ جي
ڪري سندن لاءِ مصيبت ٿي پئي ھا.
مسرور، فراز ۽ اسرار کي ويندو ڏسي، چاڪليٽ
ٻيڪڻَ لڳو. پرَ ٽنهي کي چاڪليٽ تي ڪو به رحم ڪونه
آيو. جيئن ئي ھو ٽئي قبرستان مان نڪتا ته چاڪليٽ
جون دانھون به وڌي ويون. ھنَ کي قبرستان جي ماحول
کان ڏاڍو ڊپُ ٿي رھيو ھو. چاڪليٽ سدائين ماڻهن جي
وچَ ۾ رھيو ھو. ان ڪري کيس ڏاڍو ڀَئو ٿي رھيو ھو.
”ھَئه...ھَئه...“
ھڪ ڀوائتي آواز چاڪليٽ کي ڇِرڪائي وِڌو. ھن ڪنڌ
ورائي ڏٺو ته سامهون وارين قبرن پٺيان ھڪ ڀوائتو
مُنھن کيس تَڪي رھيو ھو. گڏ ئي ھڪ اھڙي ڌپَ ھنَ جي
ناسُن ۾ پئي، جيڪا ھنَ اڳ ڪڏھن به ڪونه سِنگهي
ھئي.
اَنَ ڌپَ،چاڪليٽ جي ڊپَ کي ويتر وڌائي ڇڏيو ۽ ھُو
زورُ ڏئي رسيءَ کي ڇِنڻَ جي ڪوشش ڪرڻَ لڳو.
(هلندڙ......)
ڪرشن
چندر
(قسط: پنجين)
سنڌيڪار: عبدالستار لغاري
اُبتو وڻ
}ٻاراڻو ناول{
ھلندي ھلندي شھزاديءَ موھن جو ھٿ جھليو ۽ ڏاڍي کلي
۽ چيائين تنھنجي ھٿ ۾ صرف ھڪ آڱوٺو آھي، شھزادي
جيئن کلي ته سندس چپن مان ڪيترائي گل ڇڻيا، گل
زمين تي ڪريا ته انھن مان ڪيترائي گلن جا ٻوٽا ڦٽي
پيا. جتان جتان موھن، يوسف ۽ شھزادي گذرندا ويا،
ريگستان کي گلستان ڪندا ويا، موھن کي شھزادي ملي
ته ھو ڏاڍو خوش ٿيو، يوسف کي چيائين ادا ھاڻي واپس
ھلون، يوسف چيو نه، ھن جادو جي دنيا ۾ ڪجهه گھمي
وٺون، پورا چار آنا خرچ ڪيا آھن، مفت ۾ ٿوروئي آيا
آھيون، ڏس سامھون ڇا آهي؟ سامھون ڪيترائي ماڻھو
وڃي رھيا ھئا، سندس ھٿن ۾ رنگ برنگي جھنڊيون ھيون،
يوسف موھن ۽ شھزادي به سندن پويان ھلڻ لڳا، ماڻھو
زور سان نعرا ھڻي رھيا ھئا، علاءُ الدين کي ووٽ
ڏيو، جيڪو علاءُ الدين کي ووٽ نه ڏيندو،اھو ملڪ جو
غدار ھوندو، علاءُ الدين زندہ باد. ماڻھن جو قافلو
نعرا ھڻندو، جھنڊيون ڦڙڪائيندو شھر جي ھڪ وڏي چوڪ
تي گڏ ٿيو. يوسف ماڻھن کي ڏٺو، جن جي پيٽ ۾ بُک
ھئي، ڪپڙا ڦاٽل ھين، پوءِ به ھو ڏاڍا خوش ھئا.
يوسف پڇيو ادا ڇا معاملو آھي؟ ھڪ ماڻھو حيرت مان
چيو سڄي دنيا کي خبر آهي، توکي خبر ناھي ڇا؟ اڄ
جادوگرن
جي اليڪشن آهي، يوسف
ڏٺو واقعي ماڻھن جي وچ ۾ علاءُ الدين تقرير ڪري
رھيو ھو. علاءُ الدين چئي رھيو ھو، ڀائرو ۽ دوستو،
آئون توھان وانگر ھڪ معمولي ماڻھو آھيان، آئون
درزي جو پٽ آھيان ۽ توھان جي ڏک کي سمجھي سگھان
ٿو. مونکي خبر آهي توھان جي پيٽ ۾ بُک آھي، توھان
مسڪين آھيو، توھان جا انگ اگهاڙا آھن،توھان جي
ٻارن لاءِ تعليم ناھي. مونکي خبر آهي پوئين حڪومت
توھان لاءِ ڪجهه نه ڪيو، اھا سون جي ديو جي حڪومت
ھئي، آئون درزي جو پٽ آھيان، توھان لاءِ سڀ ڏک دور
ڪندس. پنھنجي ھن جادو جي چراغ سان توھان کي ھر
خوشي مھيا ڪري ڏيندس.ڏسو منھنجي جادو جي چراغ جو
ڪرشمو، ايئن چئي ھن چراغ کي پنھنجي ھٿ تي گسايو،
يڪدم مٿي جن اڏرندي نظر آيو، ھوا ۾ بيٺي جن چيو
علاءُ الدين حڪم ڪيو. علاءُ الدين چيو آئون پنھنجي
شھر جي بي گھر ماڻھن لاءِ عاليشان محل جوڙائڻ ٿو
چاھيان، نموني خاطر ھڪ محل کڻي اچ. جن ڪنڌ جھڪائي
ھليو ويو، ٿوري دير ۾ جِنَ وري ظاھر ٿيو، ھن جي ھٿ
۾ ھڪ ست منزل عاليشان محل ھو، ماڻھن ڏٺو ته محل جا
دروازا ۽ دريون کليل ھيون، اندر رنگ برنگي روشني
جڳمڳائي رھي ھئي. ڪمرن ۾ باجا وڄي رھيا ھئا،
خوبصورت قالين ۽ صوفا نظر اچي رھيا ھئا، ميزن تي
مختلف قسمن جا گل رکيل ھئا، روسٽ، ڪباب، قورما
مٺايون، سبزيون، شربت، آئيس ڪريم ڦرندڙ ميزن تي
سليقي سان رکيل ھئا. اھو ڏسي ماڻھن جون گِگُون
ڳڙھڻ لڳيون. زوردار نعريبازي شروع ٿي وئي، علاءُ
الدين کي ووٽ ڏيو، علاءُ الدين زندہ باد، ھڪ ووٽ
ھڪ ملڪ، ھڪ علاءُ الدين ھڪ چراغ. علاءُ الدين ھڪدم
تاڙي وڄائي محل غائب ٿي ويو. علاءُ الدين چيو،
پھرين مونکي ووٽ ڏيو، محل توھان کي پوءِ ملندو.
ماڻھو علاءُ الدين کي ووٽ ڏيڻ لاءِ وڃڻ لڳا. ٻي
طرف کان آواز آيو، بيوقوف نه ٿيو، ھي علاءُ الدين
درزي جو پٽ توھان کي بيوقوف ٺاھي رھيو آھي، اصلي
جادو ته مون وٽ آھي، جادو جي ٽوپي، سليماني ٽوپي،
ماڻھن جو ميڙ ٻئي طرف ھليو ويو، جتي ھڪ وڏي بينڊ
باجي سان گڏ ھڪ وڏي چبوتري تي ٻه ڊزن لائوڊ
اسپيڪرن اڳيان ھڪ جادوگر سليماني ٽوپي ھٿ ۾ کڻي
تقرير ڪري رھيو ھو. يوسف موھن ۽ شھزادي به ھوڏانھن
ھليا ويا، ھو چئي رھيو ھو، علاءُ الدين ٺڳ آھي،
کيس ھرگز ووٽ نه ڏجو، علاءُ الدين جو چراغ پراڻو
ٿي چڪو آهي، سندس جِنُ پوڙھو ٿي چڪو آهي. ايترن
ڏينھن تائين ھو توھان لاءِ ڪجهه نه ڪري سگھيو آھي،
ھاڻ ڇا ڪندو. مونکي ووٽ ڏيو، مون وٽ سليماني ٽوپي
آھي، ھي ٽوپي مون وڏي تڪليف کانپوءِ حاصل ڪئي آهي.
موھن چيو انھي ٽوپي جي خاص ڳالهه ڪھڙي آھي، مونکي
ته ھڪ سادي ۽ اڇي رنگ جي ٽوپي ٿي ڏسڻ ۾ اچي. موھن
جي ڳالهه جادوگر ٻڌي ورتي، اتان ئي پنھنجي چبوتري
تان وڏي آواز ۾ چيائين، ھي ڪا معمولي ٽوپي نه آهي،
ان کي پائڻ سان ماڻھو گم ٿي ويندو آهي. ڏسو
سليماني ٽوپي جو ڪمال ڏسو، اھو چئي جادوگر ٽوپي
پائي ورتي ۽ غائب ٿي ويو. سليماني ٽوپي جو اھو
ڪمال آھي، اھا پائڻ سان ماڻھو گم ٿي ويندو آهي،
جتي به چاھي بنا ٽڪيٽ جي گھمي سگھي ٿو، ٽوپي پائڻ
سان ماڻھو وڏا وڏا راز معلوم ڪري سگھي ٿو، وڏن
ماڻھن جا وڏا راز، ھو وڏين سوسائٽين ۾ بنا روڪ ٽوڪ
جي رھي سگھي ٿو. ھي ٽوپي پائي ماڻھو وزير ٿي سگھي
ٿو، نوڪري حاصل ڪري سگھجي ٿي. ھي سليماني ٽوپي
آھي، ھن جي اڳيان علاءُ الدين جو چراغ ڪجهه به نه
آھي، ھن کي گسائڻ جي ضرورت نه آھي. بس ھن کي مٿي
تي پايو، توھان جا سڀ ڪم ٿي ويندا، علاءُ الدين وٽ
ھڪڙو ئي چراغ آھي، پر مون سڀني جي فائدي لاءِ
ھزارين سليماني ٽوپيون تيار ڪيون آھن، ھي بنڊل
جيڪي توھان چبوتري تي ڏسو ٿا، ھي سڀ سليماني
ٽوپيون آھن، اچو ووٽ ڏيو، سليماني ٽوپي کڻي وڃو،
ھڪ ووٽ ھڪ سليماني ٽوپي. ماڻھو ووٽ ڏيڻ لاءِ اڳتي
وڌڻ لڳا ۽ نعرا ھڻڻ لڳا، سليماني ٽوپي زندہ باد،
علاءُ الدين جو چراغ مردہ باد. ھاھاھا! ٽئين
چبوتري تان ٽھڪ اچڻ لڳا، سڀ ماڻھو اوڏانھن ڏسڻ
لڳا، اتي ھڪ جادوگر نظر آيو مٿي تي اڇي ڪاغذ جي
ٽوپي ۽ ڪاغذ جو ڪوٽ پھريل ھئس، ڪارو چشمو پاتل
جادوگر ڪاغذ لھرائيندي چيو، دوستو ھي سليماني ٽوپي
وارو ٺڳ آھي، توھان کي ڪپڙي جون ٽوپيون ڏئي، ووٽ
وٺي غائب ٿي ويندو، پوءِ توھان ٽوپين مان ٿيلا
ٺھرائي گھر ۾ رکي ڇڏجو، دوستو اھا سليماني ٽوپي
ڪھڙي ڪم جي، غائب ٿي ڇا ڪندؤ، توھان کي جيڪڏھن
جادو جي دنيا ۾ رھڻو آھي، سچو جادو ڳوليو، ۽ سچي
بادشاھ جي چونڊ ڪيو، منھنجو جادو ڪنھن کي غائب نه
ڪندو آهي، ڪي به خيالي محل نه ڏيکاريندو آھي، آئون
توھان جي اڳيان ھڪ اھڙي شيءِ ٿو رکان، جنھن جي
توھان کي ضرورت آھي. جادوگر ھڪ ماڻھو کي اشارو ڪري
چيو، ٻڌا توکي ڇا ٿو گھرجي؟ ان ماڻھو چيو مونکي
پنھنجي زمين ۾ کوھ گھرجي. جادوگر پنھنجي چبوتري تي
رکيل ڪاغذن جي ڍير مان ھڪ سادو ڪاغذ کنيو، ان تي
ڪجهه منتر پڙھي ڦوڪو ڏيئي، ماڻھو کي ڏنو، ماڻھو
کي ڪاغذ تي پنھنجي زمين نظر آئي، جيڪا سڪي ٺوٺ ٿي
وئي ھئي، يڪدم وچ ۾ ھڪ کوھ نظر آيس، کوھ تي نار
ھلڻ لڳو ۽ پاڻي کوھ مان ٻاھر نڪري زمين ۾ وھڻ لڳو.
ماڻھو خوش ٿيو ۽ ڏٺائين ته جھوپڙي مان سندس زال
نڪتي، سندس چيلهه تي گھڙو ھو، زال مسڪرائي پنھنجي
مڙس ڏي ڏٺو ۽ مڙس ان مھل ئي ڪاغذ کڻي گھر ڏي ڀڳو،
ھو ڊوڙندو ويو ۽ چوندو ويو، مونکي منھنجو کوھ ملي
ويو. توکي ڇا گھرجي، جادوگر ٻي ماڻھو کان پڇيو،
ماڻھو چيو اسان جي پاڙي ۾ اسڪول نه آھي، جادوگر
ٻيو ڪاغذ کنيو ۽ انھي تي منتر پڙھي شوڪاري، ڪاغذ
ماڻھو جي ھٿ ۾ ڏنائين. ماڻھو ڪاغذ کي غور سان ڏٺو،
جتي ھن جو گھر ھو، ان جي پاسي ۾ ھڪ خوبصورت اسڪول
ٺھيل ھو، ٻارن جي ھٿ ۾ ڪتاب ھئا ۽ اھي پڙھي رھيا
ھئا، ھڪ باغيچي ۾ ٻار راند کيڏي رھيا ھئا، اسڪول
جي گيٽ تي ھن پنھنجا ٻار ڏٺا، ٻارن ھيلو پاپا ڪري
پيءُ کي سڏ ڪيو. ماڻھو اھو ڪاغذ کڻي گھر ڀڄڻ لڳو ۽
چوندو ويو، اسان کي اسڪول ملي ويو، اسان کي اسڪول
ملي ويو. پوءِ واري واري سان ماڻھو جادوگر کي
پنھنجون خواهشون ٻڌائڻ لڳا، ھڪ چيو، مونکي جوتو
گھرجي، جادوگر ان کي ڪاغذ ڏنو، ٻئي چيو مونکي ڪار
گھرجي، جادوگر ان کي به ڪاغذ ڏنو. ٽئين چيو، مونکي
پنھنجي ڳوٺ لاءِ اسپتال، پاڻي جو تلاءُ ۽ ھڪ ٿيٽر
گھرجي.جادوگر ان کي به ڪاغذ ڏنو. موھن يوسف کي
چيو، توکي ڪاغذ تي ڪجهه نظر اچي پيو. مونکي ته
ڪاغذ خالي پيو ڏسڻ ۾ اچي. موھن چيو ممڪن آهي
(هلندڙ....)
عذرا حفيظ الرحمان / سنڌيڪار: نياز مسرور بدوي
شڪارپور
ڪاشِي ۽ ڏاڏو
ڏاڏا سائين!
”هاڻ
آءٌ توهان سان ڪڏهن به نه ڳالهائيندس.“
ننڍڙي ڪاشيءَ ناراض ٿيندي چيو.
”ڇو
هاڻ ڇا ٿيو آهي.“
توهان ته ڪالهه به مون کان ناراض هئا ۽ هاڻي
ڳالهائي به رهيا آهيو. شايد وسري ويو اٿوَ.“
ڏاڏي کيس چيو.
”آءٌ
۽ وساري ڇڏيان؟ ۽ توهان سان ڳالهائڻ لڳان. هي ته
آءٌ، توهان سان ڳالهائي نه رهيو آهيان. آءٌ توهان
کي ٻڌائي رهيو آهيان ته، هاڻي آءٌ توهان سان ڪڏهن
به سِڌي منهن نه ڳالهائيندس.“
هن ڪاوڙ مان جواب ڏنو.
”توهان
آهيو ئي گندا ٻار. تنهنڪري توهان سِڌي مُنهن سان
ڪيئن ڳالهائيندؤ، چڱو، ڪالهه ته توهان ان ڪري
ڪاوڙيل هئا جو، مون، توهان جي چيونگم کنئي هئي. اڄ
وري ڇا ٿيو آهي؟ ڪهڙي ڳالهه تي منهن سڄائي ويٺو
آهين؟“
ڏاڏي کيس چيو.
”اڄ
توهان سائيڪل جي ٽيوبن مان هوا ڇو ڪڍي ڇڏي؟“
هن تڪڙ ۾ وراڻيو.
”اڇا!
ڇا مان، توهان کي بازار مان پان ۽ سوپاريون وٺي
اچڻ لاءِ نه چيو هو؟“
ڏاڏي چيس.
”توهان
جا پان ۽ سوپاريون آءٌ ڇو وٺي اچان. توهان وري
ڪهڙو مون کي مِٺو پان کائڻ لاءِ ڏيندا آهيو؟“
ڪاشيءَ چيو.
”هرگز
نه. آءٌ توکي پنهنجي پاندان جي ويجھو به اچڻ نه
ڏيندس. آءٌ مِٺو پان تنهنجي ننڍي ڀيڻ تانيءَ کي
ڏيندس ۽ ان جي ساهيڙي بنديا کي ڏيندس. تنهنجي امان
۽ بابا کي به ڏيندس، پر توکي هرگز نه ڏيندس.“
ڏاڏي چيس.
”ڇو
ڏاڏا سائين! آخر توهان مون کان ايڏو ناراض ڇو
رهندا آهيو“
ڪاشي پريشانيءَ مان چيو.
”انهيءَ
ڪري جو توهان روزانو منهنجي کيرڻيءَ ۽ سيري (حلوي)
جي رڪابي تي هٿَ
صاف ڪندا آهيو.“
ڏاڏي کيس ياد ڏياريو.
”ٺيڪ
آهي ٺيڪ آهي. هاڻ آءٌ توهان سان ڪڏهن به
گُڏي راند (بيڊ منٽن) نه کيڏندس.“
ڪاشيءَ واراڻيو.
”ٺيڪ
آهي. آءٌ به توکي ڪهاڻي نه ٻُڌائيندس
۽ اها پَريَن واري ڪهاڻي، جيڪا روزانو سلسلي وار
قسطن ۾ مون کان ٻُڌڻ، منهنجي ڪمري ۾ ايندو آهين،
اها به تو کي نه ٻڌائيندس.“
ڏاڏي، کيس چيو.
”نه
ڪريو اها ڪهاڻي پوري. آءٌ به توهان جي عينڪ
لڪائيندس ۽ .... ۽ اهو ٿيلهو به جنهن ۾ توهان
پنهنجيون شيون به سنڀالي ڪري رکندا آهيو.“
ڪاشيءَ چيو.
”خبردار!
جو منهنجي شين کي هٿ به لڳايو
اٿي. مان تنهنجي بابا سان شڪايت ڪري توکي مار
کارائيندس.“
ڏاڏي چيو. ڏاڏا سائين! مار ته ڏياري ڏيکار، مان
توهان سان سڄي زندگي
نه ڳالهائيندس“
ڪاشيءَ چيو.
”نه
ڳالهاءِ. اڄ جڏهن توهان اسڪول کان واپس
ايندؤ ته مان هتان کان وڃي چڪو هوندس.“
ڏاڏي
وراڻيو.
”ڪيڏانهن
ويندا توهان؟ ڪاشي حيرانيءَ
مان جواب ڏنو.
”جيڏانهن
منهنجي دل چاهيندي
هليو ويندس، پوءِ مون کي تنگ ڪرڻ وارو ڪوئي
به نه هوندو. تو جھڙو ڪِنو ٻار به نه
”“
ڏاڏي چيو.
”ڪنو
ٻار... توهان مون کي ڪنو ٻار چيو“
ڪاشيءَ ڪاوڙ ۾ چيو. ها، توهان ڪِنا ٻار
آهيو . مون کي بلڪل به سٺا نه لڳندا آهيو.“
ڏاڏي چيو.
”توهان
وري ڪهڙا سُٺا آهيو. هر وقت ته وڙهندا رهندا آهيو،
مون کي بابا کان مار کارائي، پردي پويان لڪي ڪري
کلندا آهيو. مون کي سڀ ڪجھه نظر ايندو آهي.“
ڪاشيءَ چيو.
”مون
کي سڀ ڪجھه نظر ايندو آهي، جڏهن توهان پاندان مان
منهنجا پان چورائيندا آهيو. آءٌ هتان هليو ويندس.
اڄ جڏهن توهان اسڪول کان موٽندا ته مون کي نه
ڏسندا. مان تمام گھڻو پري هليو ويندس ۽ اتي ويهي
ڪري آرام سان پان کائيندس. توکي ذرڙو پان به کائڻ
لاءِ نه ڏيندس.“
ڏاڏي پنهنجي وات ۾ پيل پان کي چٻاڙيندي کيس چيو.
”مون
کي ضرورت به نه آهي.“
ائين چئي ڪري ننڍڙو ڪاشي ٿيلهو کڻي اسڪول هليو
ويو، پر سڄو ڏينهن پريشان رهيو
”ڇا
ڏاڏا سائين سچ پچ هليو ويندو. پوءِ اسين ڪنهن سان
کيڏنداسين. ننڍڙي ڀيڻ ته اڃا گھڻي ننڍڙي آهي، ان
کي ته ريڪيٽ به جھلڻ نه ايندي آهي ۽ ها ڪهاڻيون.
اهي پَريَن واريون ڪهاڻيون، اهي به ته اڃا
اڻپوريون آهن. خبر به نه آهي ته اڳتي ڇا ٿيندو.
ڪاش! آءٌ ڏاڏا سائين کي رنج نه ڪريان ها، ٿورڙي
خوشامد سان به ڪم ٿي وڃي ها. مان ڪهاڻي ته پوري
ٻُڌان هان.
سڄو ڏينهن انهن خيالن ۾ گم رهيو. اسڪول
کان موٽڻ کان پوءِ ڪاشي گھر ۾ داخل ٿيو ته گھر ۾
مڪمل خاموشي هئي. امان ڇت تي ڪپڙا سُڪائڻ لاءِ
ٽنگڻيءَ تي وجھي رهي هئي ۽ ننڍڙي ڀيڻ شايد پنهنجي
ساهيڙيءَ جي گھر کيڏڻ وئي هئي ۽ بابا اڃا آفيس کان
نه موٽيو هو.
”خبر
ناهي ته ڏاڏا سائين ڪيڏانهن هليو ويو؟“
ڪاشيءَ دل ۾ سوچيو.
”ڇا
واقعي ڏاڏا ناراض ٿي ڪري هليو ويو! پر مون ته ڪجھه
به اهڙو نه ڪيو هو. ڏاڏا سائين جي (لٺ) ۽ عينڪ به
ڪونه هئي ۽ ٿيلهو ۽ پاندان به نه هو. ان جو مطلب
آهي ته ڏاڏا سائين واقعي پنهنجو هنڌ بسترو ويڙهي
اسان کان ناراض ٿي هليو ويو. اُف منهنجا خدا، ڏاڏا
ته ڪراڙو آهي. کيس پاڻ ئي سوچڻ کپندو هو ته ننڍڙي
ننڍڙي ڳالهه تي ناراض ٿيڻ ڪا سُٺي ڳالهه نه آهي.
مون کي، کيس پرچائي واپس وٺي اچڻ گھرجي، ڪٿي ڏاڏا
ڪنهن مصيبت ۾ نه ڦاسي وڃي.“
اهو سوچي ڪاشي، گھر کان ٻاهر نڪتو. جيڏانهن منهن
آيس، اوڏانهن هلڻ لڳو. خدا جو شڪر جو، ڪجهه اڳتي
هليو ته کيس ڏاڏو نظر
آيو. اهو مٿو جهڪائي پاندان هٿ ۾ کنيون وڃي
رهيو هو. ڪاشي ڊوڙي، سندس پويان پهچي ڪري چوڻ لڳو
:
”ڏسي
ورتو ڏاڏا سائين.“
هو رڙيون ڪرڻ لڳو. پر ڏاڏي کيس ڪوبه جواب نه ڏنو.
هو پنهنجي راهه هلندو رهيو.
توهان ڏاڍا ناراض نظر اچي رهيا آهيو. معاف ڪريو،
سٺا ڏاڏا سائين.“
ڪاشيءَ مِيسڻو
ٿي چيو. پر کيس ڪو به جواب نه مليو. ڏاڏا سائين!
آءٌ، توهان کي هاڻي اصل تنگ نه ڪندس. آءٌ،
توهان جو سيرو ۽ کيرڻي به نه کائيندس. توهان جي
عينڪ ۽ ٻيون شيون به نه لڪائيندس. هن ٻاڏائيندي،
ڏاڏي کي چيو. پر ڏاڏا سائين ته اڳتي ئي اڳتي
ائين وڃي رهيو هو، ڄڻ ته ڪجھه ٻُڌي ئي نه رهيو
هجي.
”ڏاڏا
سائين! آءٌ، توهان جا پان چورائي نه کائيندس. بيڊ
منٽن کيڏڻ جي دوران ڪڏهن به
هار مڃڻ تي ضد نه ڪندس. آءٌ وعدو ٿو ڪريان
ته هاڻي توهان کي ڪڏهن به تنگ نه ڪندس.“
اهو چئي هن جلديءَ ۾ ڏاڏي جو هٿ پڪڙيو ۽ گھر جي
طرف ڇڪڻ لڳو.
”ڏاڏا
سائين! گھر هلو.“
ڏاڏو حيران ٿي، کيس ڏسڻ لڳو.
”ڪاشي!
توهان اسڪول کان ڪهڙي وقت آيا آهيو؟“
ڏاڏي کيس چيو. ڇا مطلب هي جو آءٌ ايڏي دير کان
توهان سان ڳالهائي رهيو آهيان، اهو توهان نه ٻڌي
رهيا هئا.“
ڪاشي حيرانيءَ مان چيو.
”توهان
ڄاڻو ٿا ته آءٌ ڪنن کان ڪجھه ڍٻرو آهيان، ڇا توهان
گھڻي وقت کان ڪجھه چئي رهيا هئا.“
”ڏاڏا
سائين! ڇا توهان ڪجھه به نه ٻڌو؟“
ڪاشي شڪي ٿيندي چيو.
”نه“
ڏاڏي وراڻيس.
”ڇا
توهان ناراض نه هئا؟“
”نه.
ناراض ته توهان هئا.“
ڏاڏي چيو او منهنجا خدا! مون کان وسري ويو . شڪر
آهي ڏاڏا سائين ڪجھه به نه ٻڌو. هن پنهنجو پاڻ سان
ڳالهايو.
”ها،
مون ڪجھه به نه ٻڌو“
ڏاڏي اڻڄاڻ ٿي چيو.
”ڇا
توهان ڪجھه نه ٻُڌو؟ مون توهان جي کيرڻي نه کائڻ
جو وعدو ڪيو هو.“
ڪاشيءَ چيو.
”نه،
مون ڪو نه ٻڌو.“
ڏاڏي چيس.
”ڇا
توهان اهو به نه ٻُڌو ته مان توهان جو پان چورائي
نه کائيندس ۽ عينڪ به نه لڪائيندس.“
ڪاشيءَ چيو.
”ها
بابا، مون واقعي توهان جي هڪ به ڳالهه نه ٻُڌي.“
ڏاڏي بيزار ٿيندي چيو.
”خدا
جو شڪر آهي جو توهان ڪجهه به
نه ٻُڌو. منهنجي عزت رهجي وئي“
ڪاشي ڀڻڪيو.
”چڱو،
ڀلا اهو ته ٻُڌايو، توهان گھر ڇڏي ڪيڏانهن وڃي
رهيا آهيو؟“
ڪاشيءَ کانئس
پڇيو.آءٌ گھر ڇڏي ڪيڏانهن وڃي رهيو آهيان؟
آءٌ ته پان وٺڻ وڃي رهيو آهيان.“
پان واري جو دڪان اچي ويو. ڏاڏي پان خريد ڪري،
پاندان ۾ رکيا ۽ پوءِ ڪاشيءَ کي چيائين : هل گھر
هلون ۽ ٻُڌ! منهنجا پان ڳڻيل
آهن، خبردار جو کين هٿ لڳايو اٿئي، مان، توهان کي
توهان جي پيءَ کان مار کارائيندس. منهنجو وس هلي
ته تنهنجي اسڪول اچي اُستاد صاحب کان به توکي سٽڪو
ڏياريان. توهان ڇا ٿا سمجھو، مان گھر ڇڏي هليو
ويندس، ته جيئن توکي مستي ڪرڻ جي اجازت ملي وڃي.
مان ايتري سولائيءَ سان توکي ڇڏڻ وارو نه آهيان.
“
ڏاڏا سائين، مصنوعي ڪاوڙ مان ڳالهائي رهيو هو ۽
ننڍڙو ڪاشي مضبوطيءَ سان سندس هٿ پڪڙي کيس ڇڪيندو
گھر ڏانهن وٺي اچي رهيو هو. ۽ ڏاڏو سندس تمام گھڻي
پيار جي ڪري خوش هو.
***
نيٽ جي ٿورن سان
سبڪتگين بادشاهه
سبڪتگتين بادشاهه پنهنجي ھڪ زال سان تمام گھڻي
محبت ڪندو ھو. ٻيون زالون شڪايت ڪنديون ھيون ته،
اسين وڌيڪ سُھڻيون آھيون، وڌيڪ سمجھدار آھيون، پر
بادشاهه سلامت توهان اھميت صرف ان کي ٿا ڏيو ڇو
؟؟
بادشاهه چيو،
”ان
جو جواب آءٌ اوهان کي جلدي ڏيندس“
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ.....
سبڪتگين سڀنين زالن کي گڏ ڪيو انھن جي اڳيان سون
چاندي جا ڍير لڳايا ۽ پوءِ بادشاهه چيو آءٌ جنهن
مھل اشارو ڪريان ان مھل جيڪا شيءِ، جنهن کي وڻي ان
تي ھٿ رکي اھا شيءِ ان جي ٿيندي.
زالون تيار ٿي بيٺيون، جيئن ئي بادشاهه اشارو ڪيو
سڀن زالن ڊوڙي پنهنجي پنهنجي پسند جي سون ۽
چاندي تي ھٿ رکيو.
پر! اھا زال جنهن سان بادشاهه گهڻي محبت ڪندو ھو،
اھا پنهنجي جاءِ تي بيٺي هئي.
سڀ زالون ان جي طرف ڏسي کلڻ لڳيون ۽ چيائون ته،
بادشاهه سلامت!
”اسين
سچ ٿا چئون ھي بي وقوف آهي، اڄ ان جي عقل جي ڪمِي
ظاھر ٿي وئي، ھي ڏسو بيٺِي ڏسي، ھن کي ڪجهه نـ
ملندو“
بادشاهه ان زال کي چيو:
“اي
خدا جي بندِي! تو ڇو ڪنھن شيءِ تي ھٿ نه رکيو؟
زال چيو : بادشاهه سلامت!
”مون
اھو پڇڻ تي چاھيو ته توهان اھو چيو ته جنهن شيءِ
تي ھٿ رکبو، اھا اُن جي ٿِي ويندي.“
بادشاهه چيو:
”ھا
مون ائين چيو.“
زال اُٿي ۽ بادشاهه تي ھٿ رکي چيو، بادشاهه سلامت
مونکي تون کپين. ان ڪري مون توتي ھٿ رکيو آهي،
جڏھن توهان منھنجا ٿيا ته سڄو خزانو به منھنجو ٿي
ويندو.“
بادشاهه اھو ٻڌي چيو:
”آءٌ
ھن جي عقل مندي ۽ محبت جي ڪري ئي ان کي گهڻو
ڀانيان ۽ اھميت ڏيان ٿو.“
***
السلام عليڪم (ايڊيٽر ماهوار گل ڦل)
سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڪتابن جي بهاني اچڻ جو موقعو
مليو. سچ پُڇو ڏاڍي خوشي ٿي. ادي گلبدن، ادي
ثمينه، ادي لعل خاتون، ۽ اوهان عزتون ڏنيون، ڪتابن
جا تحفا ڏنا ۽ سڄو ادارو گهُمايو، ۽ ٻين ڀائرن جن
۾ ضمير مهيسر لائبريري انچارج، دبير مرزا ۽ جبران
زيب سان ملي خوشي ٿي. ادي مان گل ڦل جو پراڻو
پڙهندڙ آهيان، ۽ ان ۾ لکندڙ جي حيثيت سان حصو وٺي
چڪو آهيان، ايڊيٽر اڪبر جسڪاڻي جي دور کان وٺي
توهان جي پوري ٽيم جي محنت ۽ ادا رفيق جمالي قابل
تعريف آهي، رسالي گل ڦل جا سڀ سلسلا پنهنجو
مٽ پاڻ آهن. خاص طرح سان لطيفي لات مان شاگردن کي
ڄاڻ ملي ٿي ۽ لطيف جي فڪر کان واقف ٿين ٿا. اسڪولن
۾ ڪيل شاگردن جي مختلف پروگرامن جون رپورٽون ۽
فوٽوگرافي، وڏن اديبن ۽ ٻارن جا انٽرويو، شاعري،
ڪهاڻيون ۽ مضمون وڻندڙ آهن، معلومات، اسلامي،
ادبي، تاريخي، شخصيات ۽ ماڳ مڪانن جي معلومات ملي
ٿي، مان ڪجهه مواد موڪلي رهيو آهيان.اميد ته ضرور
ڪنهن ڪُنڊ پاسي ۾ جاءِ ڏئي شايع ڪندا.
وفا ياسين آرائين
ڦلجي اسٽيشن دادو
***
ايڊيٽر ماهوار گل ڦل
السلام عليڪم
نيڪ تمنائن ۽ پُرخلوص دعائن بعد عرض ته آءٌ توهان
جي رسالي جو تمام پراڻو پڙهندڙ ۽ رسالو وٺندڙ
آهيان. تمام پراڻا انمول بهترين پرچا مون وٽ موجود
آهن، مگر مواد اڄ موڪليان ٿو، اميد ته مواد شامل
بَزم ٿيندو ۽ آئنده لکڻ جو موقعو فراهم ٿيندو. ان
شاءَ الله.
توهان جي رسالي جو مواد تمام بهترين آهي، شاعري،
ڪهاڻيون ۽ معلومات به بهتر آهي، ۽ شاهه سائين جي
بيتن تي انعام جي سلسلي جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، اقوال
زرين ۽ لطيفا رسالي جي سونهن آهن. آءٌ ليکڪ ۽ شاعر
آهيان. سنڌي ادبي سنگت ڦلجي اسٽيشن ۾ ميمبر آهيان.
اميد ته مواد ۽ خط شامل ڪندا ته عين نوازش ٿيندي.
دعاڳو
ڏاتل خان چنا
ڳوٺ: محمد عثمان چنا، ڦلجي وليج دادو
***
ايڊيٽر ماهوار
”گُل
ڦُل“
السلام عليڪم
ڀيڻ ماهوار ٻاراڻي ادبي رسالي گُل ڦُل لاءِ گيت ۽
نظم موڪلي رهيو آهيان، اُميد اٿم ته رسالي ۾ شامل
اشاعت فرمائي شُڪرئي جو موقعو ڏيندا.
شفيق عاصم منگي
لکيدر، شڪارپور.
***
ڊسمبر
2023ع
جي
ماهوار
شماري
۾
”لطيفي
لات“
جي
سلسلي ۾ ڏنل بيت
”سُر
سري راڳ“
جي داستان
ٻئي
جو
ستاويهون
نمبر بيت
آهي.
بيت جي سمجهاڻي ۽ مفهوم:
دنيا جو هيءُ جهان وڏي درياهه ۽ سمنڊ جيان آهي،
جنهن ۾ اهڙا انسان تمام گهٽ آهن، جيڪي تارُو آهن ۽
تري پار پون ٿا. انهيءَ درياهه ۾ (وڏي ۾ وڏي) لهر
لوڀ ۽ لالچ جي آهي ۽ ٻيو باهه جهڙو حرص ۽ هوس وارو
اوڙاهه آهي. (انهن ٻنهي کان عام انسان جو بچڻ ڏاڍو
مشڪل آهي) ليڪن جيڪي (حق جا) طالب آهن انهن هميشه
پنهنجي ٻيڙيءَ کي پاسو ڏئي ڦيرائي (بچائي) پئي
هلايو آهي. (حرص جي ڪُنن ۾ ڪِرڻ کان پاڻ کي بچايو
آهي).
بيت جي صحيح معنيٰ لکندڙن جا نالا:
*مهراڻ ياسين آرائين: ڦلجي اسٽيشن دادو
*الاهي بخش: ڪلاس ستون، گورنمينٽ هائير سيڪينڊري
اسڪول بکر جمالي.
*عبيدالله ڪاڪا: ڪلاس ٽيون، گورنمينٽ پرائمري
اسڪول ڦل ڪاڪا.
*رسول بخش جمالي: ڪلاس پنجون،
گورنمينٽ
پرائمري اسڪول پاهڙ جمالي ضلعو مٽياري.
*عبدالمالڪ سهندڙو : ڪلاس ڏهون، گورنمينٽ هائير
سيڪينڊري اسڪول رستم ضلع شڪارپور.
*وفا ياسين آرائين: ڦلجي اسٽيشن دادو.
فوزيه عباسي: ڪلاس ٻارنهون، گورنمينٽ خورشيده بيگم
گرلس ڪاليج حيدرآباد
*شازينه بلوچ: ڪلاس ٻارهون، گورنمينٽ خورشيده بيگم
گرلس ڪاليج حيدرآباد
جاويد علي: ڪلاس ڏهون، گورنمينٽ نورمحمد هاءِ
اسڪول حيدرآباد
*سعيده سهندڙو: ڳوٺ عظيم سهندڙو ضلع شڪارپور.
*غلام احمد: ڪلاس ستون، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول
ٽنڊو محمد خان.
*مدثر جمالي: ڪلاس اٺون، گورنمينٽ هائير سيڪينڊري
اسڪول بکر جمالي.
*نياز علي خاصخيلي: گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ڦل
ڪاڪا.
* ابوبڪر جمالي: ڪلاس يارهون، گورنمينٽ هائير
سيڪينڊري اسڪول بکر جمالي تعلقه سعيد آباد.
*محمد سوڍڙو: ڪلاس چوٿون، مخدوم محمد امين فهيم
پرائمري اسڪول هالا نوان.
*منور جمالي: ڪلاس ستون، گورنمينٽ هائير سيڪينڊري
اسڪول بکر جمالي.
*صبغت الله ڏاهري: ڪلاس يارهون، اسد پبلڪ هائير
سيڪينڊري اسڪول شاهپور جهانيان.
*سعد الله ڏاهري: ڪلاس ستون، اسد پبلڪ هائير
سيڪينڊري اسڪول شاهپور جهانيان.
*محمد عالم ڏاهري: ڪلاس ٽيون، اسد پبلڪ هائير
سيڪينڊري اسڪول شاهپور جهانيان.
ارم ناز: ڪلاس ڇهون، حيدرآباد
*عبدالباري ڀٽو: ميرپور ماٿيلو مومل جي ماڙي
گهوٽڪي.
*ثوبيه علي:
ڪلاس چوٿون، مخدوم محمد امين فهيم پرائمري اسڪول
هالا نوان.
بيت جي صحيح معنيٰ لکي موڪليندڙن مان نياز علي
خاصخيلي جو ڪُڻو نڪتو آهي، کيس سنڌي ادبي بورڊ
پاران گُل ڦُل جي ڪاپي موڪلجي ٿي. |