[20]
کَمُ کَمَندَنِ کَٽِيو، هارايو هُوڙهَنِ
چَکيو نه چُوندَنِ، هُو جو ساءُ صَبَرُ جو.
سمجهاڻي:
صبر ۽ برداشت اختيار ڪر، جيڪي سهن ۽ ۽ صبر ڪن ٿا،
اهي ئي آخر ڪامياب ٿين ٿا، ۽ جيڪي تڪڙ ۽ تيزي ڪن
ٿا، اهي ناڪام ٿين ٿا. جيڪي اجايو بحث ۽ تڪرار ڪن
ٿا، انهن کي صبر جي ڦل جو ذائقو نصيب نه ٿو ٿئي.
[21]
نَفِيءَ سَندِي نانھِ سِين پَهِي پُڇيائُون
ڀِڙا جي ڀانئِڻَ جا سي ڀيري ڀَڳائُون
”اَسِين“
۽
”آئُون“،
آتَڻِ هُئِي نه اُنِ جي.
سمجهاڻي:
هنن (سالڪن) نفساني خواهشن کي ترڪ ڪرڻ جو پڪو
ارادو ڪري نابودي وارو رستو اختيار ڪيو آهي.، سندن
اندر ۾ هستي (پاڻ کي ڀانئڻ) جي جيڪي ڳوڙها
(رنڊڪون) هئا، تن کي (ڪپهه جي سُٽ وانگر) ڀڃي ذرا
ذرا ڪري ڇڏيائون (نفس سان مجاهدو ڪيائون) هنن جي
مجلس ۾ آءٌ (مان) ۽ اسين (پاڻ کي سمجهڻ) واري
گفتگو ڪانه هئي، (هو سڀ وحدت جي رنگ ۾ رڱجي هڪ ٿي
ويا).
شاهه جو رسالو
]سُر
آسا- داستان ستون. محقق: ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ، سمجهاڻي ۽ مفهوم: ڊاڪٽر
عبدالغفار سومرو، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ[
[1]
جيڪِين
مَنجِهه جَهَانَ، سو تارِيءَ تَڳي تُنهِنجي
لُطُفَ جِي لَطِيفُ چَئي، تو وَٽِ ڪَمِي ڪانَه
عَدُلِ ڇُٽان آن نه، ڪو ڦيرو ڪَجِ فَضُلَ جو.
سمجهاڻي:
(اي خالق) هن جهان (ڪائنات) ۾ جيڪي ڪجهه (مخلوقات
يا شيون) آهن، اهي سڀ تنهنجي سهاري تي پيون هلن
(اهي سڀ تنهنجيون محتاج آهن، پر تون ڪنهن جو به
محتاج نه آهين.) عبداللطيف چوي ٿو (اي سٻاجها
سائين) تو وٽ مهر ۽ ٻاجهه جي ڪا کوٽ يا گهٽتائي
ڪانهي (اها اڻ کٽ آهي.) عدل انصاف (حساب ڪتاب)
ٿيندو ته آءٌ بچي ڪونه سگهندس، تون ڪا بخشش ڪر!
(وڏي مهرباني ڪر.)
جيڪِين مَنجهِه جَهَانَ، سَو سڀ صِفَتَ تُنهِنجِي
قادِرَ تُنهِنجِيءَ قُدرَتَ جَا مِڙيئِي مَڪَانَ
پَدَمَان ئِي پَري ٿِئا آگي جَا اِحسَانَ
ظاهِرُ ساڻُ زَبانَ، ڳَڻي ڳَڻِيان ڪيتَرا.
سمجهاڻي:
(اي مالڪ) جيڪي ڪجهه جهان ۾ آهي (جنهن ۾ هر قسم جي
مخلوقات اچي وڃي ٿي)، اهي سڀ جا سڀ تنهنجي صفت
(ساراهه) ٿا ڪن. اي قادر! تنهنجي قدرت (طاقت) هر
جاءِ تي هلندڙ آهي (ان کان ڪو هنڌ خالي ناهي.) اي
مالڪ تنهنجا مخلوقات تي اربين احسان (مهربانيون ۽
ٿورا) آهن، جيڪي هن ظاهري زبان سان ڳڻي
ڪونه سگهندس،
اهي شمار نٿا ڪري سگهجن.
شاهه جو رسالو
]سُر سري راڳ- داستان پهريون. محقق: ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ، سمجهاڻي ۽ مفهوم: ڊاڪٽر
عبدالغفار سومرو، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ[
مخدوم محمد زمان طالب المولى
هادي آهي هڪڙو
جنهن
’ڪُن‘
چئي ڪل جوڙيو، تنهن واحد کي واکاڻ،
وحدت جي ويساهه سان، وجود پنهنجو واڻ.
ڪر اتبار احد تي، ايمان اُتي آڻ،
ڪافي تو لئه ڪريم ٿيو، ڇرڪين ٿو ڇا ڪاڻ.
درد هڪڙو ديک تون، ٻي جي ڪڍ نه ڪاڻ،
تون تيڏانهن ئي تاڻ،
’طالب
مولا‘
جنهن طرف.
***
ڏسڻ کان جو ڏور، سو ويجهو آهي وجود کان،
ڪک پن ۾ ڪريم جو، نسورو ئي نور،
ذرڙو ذرڙو، ذرڙو لئي ڪا ملن ڪوه طور،
جو ڏسي نٿو ڏيهه ۾، تنهن قلب جو قصور،
دريون دنيا واريون، پهرئين پٽي پور،
’طالب
مولا‘
ڄاڻ تون، هرجا اٿئي حضور،
هو دل کان ناهي دور، هر دم آهي هنج ۾.
محمد ياسين ڪنڀر
سلطانپور پنو عاقل / سکر
نعت
شافعِ محشر قاسمِ ڪوثرﷺ،
عربي انور، عربي انورﷺ.
رحمّت جو سامان مُحمّدُﷺ،
شاهِه دنيا، سلطانُ مُحمّدُﷺ،
نور جو مظهر، رحم جو پيڪر.
شاهنشاهه ديني دولت ۾،
ربّ تعالى کان پوءِ شوڪت ۾،
آهي ڀلارو بزرگ و برتر.
تاجِ لَوا جو شاهُه، سڄڻ آ،
دنيا جسم ته ساهُه، سڄڻ آ،
پاڪ مطهر اطهر اظهر.
پاڪ مُحمّدُ هاشمي سيّدُ،
مَڪّي مدنّي اُمِّي سيّدُ،
خالقِ اڪبر جو آ دلبر.
توحيدي آندائين تجلّي،
خلق کي عربي ڏني آ تسلّي،
جنهن سان ٿي ويو روشن گهر گهر.
عدل ديانت امن امانت،
حشر ۾ منهنجي کڻندو ضمانت،
ٿيندو اڳُ
’ياسين‘
جو آڌر.
***
امداد سروري
آراضي
سردي
سردي آئي پيارا ٻارو،
پاڻ بچايو، پاڻ لڪايو.
پنهنجي الماڙيءَ کي کوليو،
جوراب ڪڍو ۽ سُئيٽر پايو.
ٿڌ جي موسم خراب ڏاڍي،
اُسَ تي ويهي ٿڌ کي ڀڄايو.
رَٻَ جي موسم آئي آهي،
پيالا ڀري سڀ چپن سان لايو.
اِقراء، بسمه، سونهن، عليشا،
سرديءَ کان پنهنجو پاڻ بچايو.
زڪام نزلو جنهن کي آهي،
ان سان ڀُلجي هٿ نه ملايو.
گهر اسڪول ۾ پيارا ٻارو،
سچ ٻڌو، ۽ سچ ڳالهايو.
پنهنجي گهر ۾ ڪتاب کولي،
روشنيءَ جي شمع جلايو.
بادل، فرحان، آفتاب وانگي،
پنهنجي پنهنجي دوستي وڌايو.
’امداد سروري‘
اُستادن سان،
ادب سان پنهنجو هٿ ملايو.
ارباب علي
’عادل‘
چوهاڻ
شڪارپور
نئون سال
نئون سال آيو، نوان رنگ ٿيندا،
سُکن سان رهڻ جا وري ڍنگ ايندا.
ڪتابن جا ٿيلها کڻي سڀ ڪُلهن تي،
پڙهڻ ٻارڙا پاڻ اسڪول ويندا.
ڪندا پاڻ قرآن جي پڻ تلاوت،
وري گڏجي سارا ترانو به پڙهندا.
دلين جون اُميدون ڪندو پوريون مالڪ،
سدا سُک جا جڳ ۾ پيا ڏينهن ڏسندا.
ٻُڍا ٻار سرشار رهندا خوشين ۾،
نئين سال جو گيت شاعر به لکندا.
نه آفت اچي سنڌ سونهاري تي ڪائي،
دُعا خاص ربّ پاڪ کان پاڻ گهُرندا.
نئون سال آڻيندو سڀ لئه بهاريون،
نه ڏُک جا ڏهاڙا پوءِ ڪنهن لاءِ رهندا.
رڳو سُک سان سارا گذاريندا جيون،
نه ڳوڙها اکين مان ڪڏهن ڪنهن جا وهندا.
نه بُک ۽ نه بدحالي رهندي وطن ۾،
ٻچا ڪنهن جا بُک تي نه هرگز به سُمهندا.
سدا پنهنجي خوشحال سنڌ ڌرتي رهندي،
غريبن جا
”عادل“
پيا ڀاڳ کُلندا.
غلام محمد غـازي
شڪارپور
اسين سنڌوءَ جا
هتان جي مٽي آ مُشڪ عنبر،
ملن ٿا لک جنهن ۾ لعل گوهر،
اسين سنڌوءَ جا سنڌو اسان جو.
اُٿي اسُر جو پکي ٿا ٻولين،
سو گيت تنهنجو ٿا مِٺڙو ڳائن،
اسين سنڌوءَ جا سنڌو اسان جو.
لڳن هوائون جي مست ڪن ٿيون،
۽ بند مکڙيون ٽڙي پون ٿيون،
اسين سنڌوءَ جا سنڌو اسان جو.
سدا اسان جو آ ڳاٽ اوچو،
نه ڪنهن جي اڳيان ڪڏهن آ جهڪيو،
اسين سنڌوءَ جا سنڌو اسان جو.
سنڌو اسان جو سهارو آهي،
اسان کي سنڌو پيارو آهي،
اسين سنڌوءَ جا سنڌو اسان جو.
نثار بزمي
سنڌي زبان اسان جي
ماکي کان وڌ مِٺي آ، سنڌي زبان اسان جي،
ڀاڳن ڀري ڀلي آ، سنڌي زبان اسان جي.
وسري ويون نه آهن، جيجل امڙ جون لوليون،
جنهن ٻاجهه سان ڪيون ٿي، پنهنجي ٻچن سان ٻوليون،
مادر کان هيءَ ملي آ، سنڌي زبان اسان جي.
ڇلڙو ۽ هوجمالو، ڪافيون ۽ بيت وايون،
بيشڪ اسان تي آهن، اهڙيون لکين ڀلايون،
ڪنهن پيار سان پلي آ، سنڌي زبان اسان جي.
ڏس اکر ٻاونجاهه، آهن وڏو اٽالو،
آهي زبان هن جو، بس شان ئي نرالو،
ويچار سان بني آ، سنڌي زبان اسان جي.
آباد رک خدايا! سنڌي زبان وارا،
سائين اسان کي گهُرجن، تنهنجا سدا سهارا،
’بزمي‘
جي بندگي، سنڌي زبان اسان جي.
هري دلگير
نئون سال
آيو آهي سال نئون،
نئون، نئون، هر حال نئون.
سال نئين جي آسَ نئين،
پياسيءَ دل کي پياس نئين.
رنگ نئون ۽ ڍنگ نئون،
دل ۾ آڻ اُمنگُ نئون.
وقت نئين جو واءُ نئون،
هردي ۾ پرڀاؤ نئون.
پشم ڪنول کان ڪومل
ٿيءُ،
اُجلي جَل کان اُوجل ٿيءُ!
جوتِ جڳت ۾ آڻ نئين،
اوندهه ۾ چانڊاڻ نئين!
چُستيءَ وارو چاهه نئون،
ڦوڪي ڀر اُتساهه نئون!
توتيلِي تون ٻولي ٻول!
آنند جو دروازو کول!
مستي موج مچاءِ اچي،
دنيا سرڳ بڻاءِ اچي!
محمد سليم
’فراش‘
هالا نوان
گيت
ادبي بورڊ سان آهي، سَونَ دل لڳائي،
آهي توسان
’عاطف‘
واهه جي نڀائي.
سڄي سنڌ جا شاعر ۽ شاگرد اچن ٿا،
ڏسي تنهنجو حُسن ائين چون ٿا.
ڀلِي آ مخدوم هتي محفل مچائي،
آهي توسان
’عاطف‘
واهه جي نڀائي.
درياءَ سنڌو جڏهن موج ۾ اچي ٿو،
ادبي بورڊ کان پوءِ پڇي ٿو.
ڪنهن آ تو ۾ هيڏي سُونهن سجائي،
آهي توسان
’عاطف‘
واهه جي نڀائي.
’سعيدالزمان‘
جو توکي سهارو مليو آ،
چوي
’سليم
فراش‘
تنهنجو ڀاڳ کُليو آ.
چيئرمين صاحب تنهنجي عزت آ وڌائي،
آهي توسان
’عاطف‘
واهه جي نڀائي.
***
ڏاتل خان چنا (اُداسي ڦُلجائي)
غزل
ويــــهه نَـــــه وَيسِلــــو،
هِمت وارو ڪَر فيصلو.
الله تعاليٰ شَل ڪندو،
وري ٿيندو مَيلو.
باغ ۾ اِئين بيهي،
نه ڪَجَ پاڻ هيڪلو.
مِلڻ کِلڻ جو وقت آ،
گڏجڻ جو ڪر تُون حِيلو.
ڪوشِشِ ڪَر ڪَا ڪاميابي جي،
پاڻهِــــــي ٿيــــــنــــــدوءِ وسِيلو.
جَڳ جو والي آ
’ڏاتل‘،
نِڪرندو هاڻي جَلد وسِيلو.
|