ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ سولنگي
ڪراچي
مسجد الحرام
}پير جو ڳوٺ{
اوهان جي ڄاڻ لاءِ اوهان کي ٻڌائيندا هلون ته
راشدي سيدن جي ٻَڌايل هن ڳوٺ کي
”شاهه
جو ڳوٺ“
پڻ چيو ويندو آهي. هن ڳوٺ جا راشدي پير مشهور حڪيم
ٿي گذريا آهن. طب جي حوالي سان هن ڳوٺ کي
”ننڍڙو
يونان“
پڻ سڏيو ويندو آهي. هيءَ مسجد راشدي خاندان جي
ناليواري عالم ۽ ڪامل ولي الله پير سيد محمد راشد
روضي ڌڻيءَ جي ڀاءُ حضرت پير سيد مرتضيٰ علي
شاهه عرف
”پکي
واري شاهه“
سن
1228
هجريءَ ۾ تعمير ڪرائي هئي. ان حساب سان هن مسجد جي
تعمير کي پُوريون ٻه - صديون ٿيون آهن. نوجوان
تاريخدان امام راشديءَ جي اها راءِ آهي ته هيءَ
مسجد حضرت پير سيد مرتضيٰ علي شاهه جي فرزند سيد
محمد پناهه شاهه عُرف پير سائين پنهل ٺهرائي هئي.
پاڻ ميهڙ شهر جي مشهور ڳوٺ ٻُٽَ سرائيءَ ۾ مدفون
آهن. مسجد جي تعمير جو سن، هڪ فارسي ڪتبي جي صورت
۾ پٿر تي اُڪريل محراب جي مٿان لڳل آهي، جنهن مان
مسجد جي ٺهڻ جو سال
1228
هجري نڪري ٿو.
جيئن ته مسجدالحرام ڪلهوڙا دور ۾ تعمير ٿي هئي، ان
ڪري ان جي اڏاوت جو نمونو سنڌ ۾ موجود ڪلهوڙن جي
ٺهرايل مسجدن ۽ ٻين عمارتن سان گهڻي مشابهت رکي
ٿو. سموري مسجد مقامي طور تي ٺهرايل عمدين پَڪين
سرن مان ٺهيل آهي ۽ ان ۾ سيمنٽ سان گڏ اعليٰ معيار
جو کَٿو پڻ
ڪتب آندو
ويو آهي،
جنهن ڪري
هيءَ مسجد گهڻو
جٽادار آهي.
مسجد کي ٽي قُبا پڻ آهن،
جن جي گولائي
۽ پيمائش لڳ ڀڳ هڪجهڙي آهي. انهن قبن جي مسجد جي
هيٺين فرش کان اوچائي
37
فوٽ کن آهي. مسجد الحرام ۾ مير معصوم بکريءَ جو هڪ
يادگار ڪتبو به رکيل هيو، جنهن جو عڪس ۽ تفصيل سنڌ
جي هاڪاري عالم ۽ تاريخدان پير حسام الدين راشديءَ
پنهنجي
مشهور ڪتاب
”نواب
مير محمد معصوم بکريءَ“
۾ ڏنو آهي.
ڪنهن مٿانهين هنڌ تي بيهي ڏسبو ته هن مسجد جي
تعمير ۽ خوبيءَ جو صحيح اندازو ٿي ويندو ۽ خبر
پئجي ويندي ته، ڪيئن ته رازن هن ننڍڙيءَ مسجد کي
ڪمال ڪاريگريءَ ۽ مهارت سان ٺاهيو آهي ۽ ان جي
سمورين ديوارن جي بنا اَسترڪاريءَ جي اڏاوت ڏسي
اعليٰ ڪاريگريءَ ۽ هنرمنديءَ کي داد ڏيڻ کان سواءِ
رهي نه ٿو سگهجي. ڪاريگريءَ جو اهو ئي ڪمال آهي جو
ٻه- سؤ سال گذرڻ جي باوجود به هن مسجد جي اڏاوت ۾
ڪو به نقص ڪو نه ٿيو آهي. مسجد جي اندر سهڻي
گلڪاري ٿيل آهي. مختلف قسم جا گل ۽ ٻوٽا هن مسجد
جي دلڪشي ۽ حُسن ۾ گهڻو واڌارو ڪن ٿا. مسجد الحرام
کي ڏسڻ سان اکين کي ٿڌاڻ ۽ دماغ کي تازگي ملي ٿي.
هيءَ مسجد هڪ تاريخي يادگار آهي ۽ سنڌ ۾ ڪلهوڙا
دور جي آرڪيٽيڪچر جو هڪ بهترين مثال آهي.
سنڌيڪار: ڊاڪٽر علي مرتضى ڌاريجو
ڄام شورو
ٻار جي سِکڻ ۾ مدد ڪرڻ
ٻار جي عمر وڌڻ سان گڏ جيڪو ڪجهه کيس سيکارجي ٿو،
هو اهو ڪنهن حد تائين سکندو رهي ٿو. اسڪول ۾ جيڪا
تعليم ۽ هنر هو سکي ٿو، ان رستي ۾ هُو اڳتي هلي
ڪيتريون ئي ڳالهيون سمجهي ٿو ۽ وڌيڪ پاڻ ڪندو رهي
ٿو. ان لحاظ کان هن لاءِ اسڪول اهميت وارو ٿي سگهي
ٿو.
جڏهن ته ٻار، گهر يا ٻني يا ٻيلي ۾ ٻين کي جيڪي
ڪندي ڏسي ٿو ۽ ٻُڌي ٿو، اهو هُو پاڻ ڪرڻ جي ڪوشش
ڪري ٿو. کيس ٻيا ماڻهو جيڪي ڪجهه ٻڌائين ٿا، انهن
مان گهڻو سِکڻ بجاءِ، هُو ٻين کي جيڪي ڪجهه ڪندو
ڏسي ٿو، اُن مان وڌيڪ پِرائي ٿو. اهڙيون ڪي تمام
اهم ڳالهيون جيڪي هڪ ٻار سکي سگهي ٿو، اهي آهن:
رحمدلي، ذميواري ۽ ڀاڱي ڀائيواري جيڪي رڳو سٺا
مثال قائم ڪري سيکاري سگهجن ٿيون.
هڪ ٻار مهم جوئيءَ رستي سِکي ٿو. ٻار چاهي ٿو، ته
هُو اهي ڳالهيون پاڻ ڪري ڏسي ۽ سکي، پوءِ ڀلي ته
غلطيون به ڪندو هجي. پر جي ٻار ننڍڙو آهي، ته کيس
خطري کان به بچائجي. پوءِ هو جيئن جيئن وڏو ٿيندو
وڃي، ته کيس پنهنجو بچاءُ ڪرڻ به سيکارجي ۽ کيس ڪا
نه
ڪا ذميواري ڏجي. سندس ڪيل فيصلي جو احترام ڪجي.
پوءِ ڀلي ته اهو توهان جي فيصلي جهڙو نه به هجي.
جڏهن ٻار ننڍو هجي ٿو، تڏهن هُو گهڻي ڀاڱي رڳو
پنهنجون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ سوچيندو رهي ٿو.
اڳتي هلي منجهس ٻين جي مدد ۽ خدمت ڪرڻ ۾ گهڻي خوشي
جو احساس پيدا ٿئي ٿو. ٻار جي مدد ڪرڻ تي سندس
ساراهه ڪريو ۽ کيس ٻڌايو ته اها ڪيتري نه اهميت
واري ڳالهه آهي.
جيڪي ٻار ڊنل نٿا رهن، ڪيترا سوال پڇندا رهن ٿا.
جيڪي والدين، استاد ۽ ٻيا فرد ٻارن جي اهڙن سوالن
جا واضح ۽ ايمانداريءَ سان جواب ڏيندا رهن ٿا ۽
جواب نه اچڻ جي حالت ۾ اها ڳالهه به ٻارن سان ڪندا
رهن، ته ائين ڪرڻ سان ٻار نه رڳو سوال پڇندو رهندو
۽ جيئن جيئن وڏو ٿيندو ويندو ته پنهنجي آس پاس يا
ڳوٺ ۾ بهتر طور تي زندگي گذارڻ لاءِ اهڙا رستا ۽
حل به سوچيندو رهندو.
***
سنڌ ۾
1612ع
دوران مرزا غازي بيگ کي قتل ڪيو ويو هو، جيڪو مرزا
جاني بيگ جو پُٽ هو ۽ ٺٽي جو حڪمران هو. هن جي قتل
سان ترخان گهراڻي جي پڄاڻي ٿي هئي. ان کان پوءِ
سنڌ ۾ دهلي جي مغل بادشاهن طرفان گورنر مقرر ٿيندا
هئا ۽ سنڌ هڪ صوبي جي حيثيت سان دهلي جي حڪومت ۾
اچي ويئي.
1625ع
دوران شاهجهان پنهنجي پيءُ خلاف بغاوت کانپوءِ ٺٽي
۾ عارضي طور اچي پناهه ورتي هئي، ته ٺٽي جي حڪمران
۽ صوبيدار هن کي عزت ڏني هئي. سنڌي ماڻهو مهمان
نوازي ۾ اڳي به مشهور ۽ اڳڀرا هئا. جڏهن شاهجهان
شهنشاهه ٿيو ته هن کي ٺٽي وارا ڏينهن ياد آيا، هن
ٺٽي ۾ عاليشان مسجد جوڙائڻ جو حڪم ڏنو.
روايتن مان خبر پوي ٿي ته هن اها مسجد پنهنجي ڏک ۽
مصيبت واري وقت ۾ کيس شهر ۾ ملندڙ سڪون ۽ آٿت جي
علامت طور ٿورائتو ٿيندي ٺهرائي هئي. ڪتاب
”لب
تاريخ سنڌ“
جي مصنف خداداد خان، موجب ته هن مسجد جو ڪم مير
ابو القاسم، امير خان بن
نواب ابو القاسم بکريءَ شهنشاهه شاهجهان جي حڪم
سان
1054هه
کان
1068هه
تائين مڪمل ڪرايو. آرڪيالاجيڪل سروي آف ويسٽرن
انڊيا جي رپورٽ مطابق شاهجهان مسجد ٺٽو جي اڏاوت
تي
9
لک روپيا خرچ آيو هو.
1855ع
۾ سنڌ جي ڪمشنر بارٽل فريئر
1894ع
۾ مسٽر جيمس ڪمشنر جي زماني ۾ ٻه دفعا گڏ ڪيل چندي
مان مسجد جي مرمت ڪرائي وئي هئي.
سنڌ ۾ مغليه خاندان جو يادگار هميشه قائم ۽ دائم
رهندو، اڄ به پري پري کان ماڻهو هي قديم يادگار
مسجد ڏسڻ ايندا آهن.
مجيد نواز مغل
ٻارن جو عالمي ڏينهن
ٻار ڪنھن به قوم ۽ ملڪ جو اثاثو ٿين ٿا. سُٺي
سکيا ۽ بھتر تعليم کين بھتر شھري بنائڻ ۾ مددگار
ثابت ٿئي ٿي. مھذب انسانيت جي بنياد ٻارڙا ئي ٿين
ٿا. دنيا اندر جنھن ھنڌ ٻارن جي تربيت ۽ تعليم
مٿان توجهه نٿي ڏني وڃي، اھي ملڪ ۽ قومون پوئتي
پيل نظر اچن ٿيون. جيئن اسان جو ملڪ ۽ اسان جي
سنڌي قوم آھي. يعني سموري دنيا جو وايو منڊل ننڍن
ٻارن جي جوڳي تربيت ۾ ئي آھي.
اسان وٽ ان جي اُبتڙ ٿئي ٿو. ھڪ اندازي موجب سنڌ
اندر ٻارن جي ڪل آبادي کان
50
سيڪڙو کان مٿي ٻار تعليمي ادارن مان ٻاھر آھن يعني
اسان جو ايندڙ نسل جھالت ۾ گذاري رھيو آھي. ھت ھر
سال
30
ھزار ٻار خوراڪ جي کوٽ ۽ صحت جون اڻ پوريون
سھولتون ھجڻ ڪري موت جو شڪار ٿي وڃن ٿا. ھر سال
2
ھزار ٻارن سان جنسي تشدد جا واقعا ٿين پيا.
500
جي ويجھو ٻارن کي مختلف سببن ڪري قتل ڪيو وڃي ٿو ـ
جڏھن ته
8
لک کان وڌيڪ ٻارڙا جبري پورھيو ڪن ٿا. جن مان
33
سيڪڙو ٻار مختلف گھرن حويلين ۽ اوطاقن تي خدمت
چاڪري لاءِ ملازم رکيل آھن. جن ۾ معصوم نينگرين جو
وڏو انگ پڻ
شامل آھي. ھڪ اندازي مطابق عرب پنھنجي
عياشين لاءِ خطرناڪ راند اُٺ جي ڊوڙ ۾ معصوم ٻارن
کي شامل ڪن ٿا. جنھن جي ڪري ھرسال
12
کان
20
ٻار انھيءَ راند ۾ اجل جو شڪار ٿي وڃن ٿا. ٻارن جي
وڏي انگ ۾ تعليم نه پرائڻ جو بنيادي سبب غربت
آھي.
70
لک جي ويجھو ٻار غربت سبب
2
وقت کاڌو به نٿا حاصل ڪري سگھن. اڳوڻي سنڌ جي
سياسي سرڪار ھلندڙ سال
50
لک ٻارن جي درسي ڪتابن لاءِ ھڪ ارب
70
ڪروڙ روپيا ۽ جڏھن ته ميلن ۽ ٻين
پروگرامن لاءِ
ھڪ ارب روپيا رکيا. حڪمران طبقي جو اھو
تعليم سان سنجيدگيءَ جو مظاھرو آھي ؟
ٻئي طرف اُسريل يا اُسرندڙ ملڪن ۾ ٻارن جي تعليم
تي خصوصي توجهه ڏني وڃي ٿي. اُسريل ملڪن ۾ ته ٻارن
کي زندگي گذارڻ جي بنيادي اخلاقي تعليم اسڪول ۾
داخلا وٺڻ شرط
ئي ڏني وڃي ٿي. خاص ڪري
ڳالھائڻ کائڻ
پيئڻ، اُٿڻ ويھڻ سميت مختلف قسم جي سکيا
ڏني وڃي ٿي. ان کان سواءِ ننڍن ٻارن جي جسماني ۽
ذھني تربيت جا ڪورس ۽ رانديون ڪرايون وڃن ٿيون.
اُن جي اُبتڙ اسان وٽ جيڪو نصاب ٻارن جي مٿي ۾
ھينو وڃي ٿو اھو بنيادي گھرجن تي
پورو نٿو لھي.
ٻين ملڪن خاص ڪري اُسريل
ملڪن ۾ ٻارن
جي ذھني سطح موجب نصاب ترتيب ڏنو وڃي ٿو،
پر اسان وٽ ٻارن جي ذھني گھرجن بجاءِ سندن بار
بڻايل نصاب ترتيب ڏنل آھي. جنھن کي جبر سمجھي ٻار
تعليم حاصل
ڪري ٿو. ٻاھر ٻارن کي رانديون ڪندي انيڪ
قسم جا سبق ڏنا وڃن ٿا، جيڪي ھو خوشي خوشي حاصل
ڪري ٿو.
اڄ
’ٻارن
جو عالمي ڏينھن‘
آھي پر سموري دنيا ۽ خاص طور تي اسان جي ملڪ ۾
ٻارن جي حالت رحم جوڳي آھي. ان ۾ ڪيترن ئي علائقن
اندر خوراڪ جي کوٽ سبب معصوم ٻارن جو ججهو انگ موت
جي ور چڙھي وڃي ٿو. گڏيل قومن جي قائم ڪيل اداري
’يونيسيف‘
’يونيسڪو‘
جي چارٽر ۾ ٻارن جي حقن جي ضمانت ڏنل آھي. جنھن ۾
بنيادي سھولتن، تعليم ۽ صحت مفت ڏيڻ متعلق لکيل
آھي ۽ انھيءَ چارٽر تي پاڪستان پڻ صحي ڪئي آھي پر
عمل اُن جي اُبتڙ آھي. جيسيتائين انھيءَ بنيادي
انساني حقن جي چارٽر تي عمل نه ٿيندو، عام ماڻھو
۽ خاص طور تي ٻارن جي حالت سڌري نٿي سگھي ۽ ان
لاءِ پوري دنيا جي ملڪن جي حڪمرانن طرفان نيڪ
نيتيءَ سان عمل ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي.
محمد اجمل خان عباسي (چنيهاڻي ڪنڊيارو)
مشتري سياري جي باري ۾ حيرت انگيز معلومات
مشتري نظام شمسيءَ جو سڀ کان وڏو سيارو آھي. مشتري
ايترو وڏو آھي جو نظام شمسيءَ جا سڀ سيارا اُن جي
اندر سمائجي سگھجن ٿا ۽ اھا ڳالهه ٻڌندي حيرت
ٿيندي جو ھي سيارو ايڏو وڏو آھي، جو ان جي اندر
1300
کان وڌيڪ ڌرتيون اچي سگھن ٿيون. مشتري سج جي
چوڌاري پنجون سيارو آھي. ڌرتيءَ کان اھو تقريباً
ٻيو روشن ترين سيارو آھي، جيڪو رات جي وقت اسان کي
آسمان ۾ نظر اچي ٿو. مشتري سيارو ڌرتيءَ جھڙو
مضبوط نه آھي. مشتري سيارو گيسن جو ٺھيل آھي، اھو
انهن شين ۾ ٺھيل آھي جنھن مان تارا ٺھيل ھوندا
آھن. حقيقت ۾ مشتري جيڪڏهن اڃا
80
ڀيرا وڏو ھجي ھا ته ھينئر تارو بڻجي وڃي ھا. ايتري
قدر جو مشتري کي ڌرتيءَ جي گردش ۾
12
ڌرتي سال لڳن ٿا، مشتري سيارو تمام ٿڌو آھي. ناسا
طرفان
”جونو“
نالي خلائي جھاز
2011ع
۾ مشتري ڏانھن موڪليو ويو.
”جونو“
4
جولاءِ
2016ع
تي مشتري تي پھتو. پر اھو لينڊ نه ڪري سگھيو.
ڇاڪاڻ ته مشتري سيارو سولِڊِ نه، پر گيسن جو
مجموعو آهي. ھاڻي اھو مشتري جي مدار ۾ گردش ڪري
رھيو آھي.
”جونو“
مشن جاپان جي اُتر ۽ ڏکڻ قطب جي چوڌاري گردش ڪري
رھيو آھي. لمحن کان لمحن تائين معلومات موڪلي ٿو.
پروفيسر رشيده ڀٽي
ڄام شورو
ڪنول جو گُل/ ٻُوٽو
(Lotus)
”ڪنول“
پاڻيءَ ۾ رهندڙ ٻوٽو آهي. هن کي انگريزيءَ ۾ لوٽس
(Lotus)
چوندا آهن. هن ٻوٽي کي امن، سلامتي ۽ خوشحاليءَ جي
علامت طور به سڃاتو ويندو آهي. جتي به آبي
وهڪرا يعني
پاڻيءَ جي گذرگاهه هوندي آهي، اُتي خط
استوا ۽ نِيم خط استوا جي علائقن ۾
عام جام ڏٺو
ويندو آهي. پاڪستان جي بيشتر حصن پنجاب ۽
سنڌ جي علائقن ۾ مستقل ۽ عارضي بنيادن تي مختلف
ڍنڍن، ڍورن ۽ تلائن ۾ نظر اچڻ وارو هيءُ ڪنول جو
ٻوٽو، بيحد سُهڻو ۽ خوبصورتيءَ سببان پرڪشش
لڳندو آهي.
”ڪنول“
جي ٻوٽي
جي
”پاڙ“
کان وٺي گل،
پنَ ۽
”ٻج“
سڀ هڪئي وقت
مختلف سببن
ڪري فائديمند هوندا آهن. هن ٻوٽي جي
”جڙ“
کي
”بيهه“
سڏبو آهي.
عام طور تي گهرن ۾ ڀاڄيءَ طور
استعمال ڪيو
ويندو آهي. بيحد فائديمند ۽ لذيذ
”بيهه“
هر ڪنهن جي لاءِ توجهه جو سبب بڻبا آهن. هر قسم جي
ڀاڄيءَ کان علاوه،
”پڪوڙن“
۾ به خاص طور
تي استعمال ڪيو ويندو آهي. منجهس
بيشمار فائدا موجود آهن. سائنسي تحقيقات
منجهان معلوم
ٿيو آهي، ته منجهس ايترا ته غذائي جزا
موجود آهن، جن جو ذڪر ڪرڻ نهايت
ئي مُفيد ثابت
ٿيندو. مثال طور: ڪيلشيم، مختلف
وٽامنز،
منرلس، پوٽاشيم، ڪاپر، فولاد ۽ وٽامن سِي
بيشمار ۽ ڀرپور هوندا آهن.
جيڪي انسان جي هن تندرست جسم
۽ صحت لاءِ بي
انتها ضروري هوندا آهن.
”ڪنول
جون پاڙون“،
يعني
”بيهه“
جهڙي نموني به
استعمال ڪجن، هر حالت ۾ سندس فائدا برقرار رهن
ٿا. ٻوڙ،
سلاد، پڪوڙا، چٽڻي، ٻاڦ تي پڪل هجن، جنهن
به صورت ۾ پچايو، منجهائن فائدو ۽
فائدو ملندو.
رت جي وهڪري کي نارمل رکڻ
سان گڏوگڏ
ڊپريشن جي شڪار ماڻهن لاءِ بهترين غذا طور
ڪم اچن ٿا. هن جي جڙ
”پاڙ“
کائو، يا
”ٻڄ“،
ڏوڏِي،
”پٻڻ“،
واپرايو، مطلب ته هر حال ۾ هن جي خاصيتن جي بنيادن
تي ٻوٽي کي مڪمل طور ۽ خاص طور
”پاڙ“
کي خير جي
”پاڙ“
به سڏيو ويندو آهي.
ڊاڪٽر پروين موسى ميمڻ
حيدرآباد
خلفاءِ راشدين ۽ اسلام جي نامُور شخصيتن جا سخن
ماڻهوءَ جي روزي نماز کي نه بلڪه ان جي خوش خلقي ۽
ايمانداريءَ واري ڏيتي ليتيءَ کي ڏسنداڪريو.
(حضرت عمر فاروق رضه)
جيڪو شخص پاڻ کي عالم چوي، اهو جاهل ۽ جيڪو پاڻ کي
بهشتي چوي اهو دوزخي آهي.
(حضرت عمر فاروق رضه)
آئون ڪنهن ماڻهوءَ کي ڏسندو آهيان ۽ اهو مون کي
پسند به ايندو آهي پر جڏهن معلوم ٿيندو اٿم ته ڪو
به ڪم ڪار نٿو ڪري ته هو منهنجي نظر ۾ ڪِري پوندو
آهي.
(حضرت عمر فاروق رضه)
سڀ کان وڌيڪ بُرو ماڻهو اُهو آهي جنهن کي ٻين جي
بُرائي ڪرڻ لاءِ فرصت ملي ٿي.
(حضرت عثمان غني رضه)
اي انسان! خدا تعاليٰ توکي پنهنجي لاءِ پيدا ڪيو
آهي ۽ تون ٻين جو ٿيڻ گهرين ٿو.
(حضرت عثمان رضه)
\ڊاڪٽر
پروين موسى ميمڻ
حيدرآباد
دنيا جي معلومات
·ترڪي
دنيا جو واحد ملڪ آهي جو ٻن کنڊن ايشيا ۽ يورپ جي
وچ ۾ آهي.
·چين
دنيا جو وڏي ۾ وڏو آباديءَ وارو کنڊ آهي.
·”تبت“
جو ملڪ دنيا ۾ گهڻي ۾ گهڻو اوچائيءَ وارو ملڪ آهي.
·هالينڊ
جو شمار دنيا جي انهن ملڪن مان ٿيئي ٿو. جتي ماڻهن
جا قد ڊگها آهن.
·ترڪيءَ
۾ موجود سلطان احمد مسجد کي
”
نيلي مسجد“
چيو وڃي ٿو
·ثمر
قند، از بڪستان جو هڪ وڏو شهر آهي.
·دنيا
۾ سڀ کان پهرين هوائي اڏام
1901ع
۾ٿي.
دنيا ۾ ڪيترائي مذهب صدين ۾ ظاهر ٿيا آهن. جن جا
لکين پوئلڳ موجود ۽ پنهنجي مذهبي ڪتابن جومطالعو
ڪندڙ آهن. اهڙن اهم مذهبي ڪتابن ۾ قرآن پاڪ،
انجيل، زبور، توريت، ويد، اپشند، رامائڻ، مهاڀارت،
گيتا، گروگرنٿ، اويسٽا، بڪ آف اسپرنگ ۽ ٻيا آهن. |