ٻارو! اڄ اسان ڪجهه
اهڙين
’ايجادات‘
جي باري ۾ ٻڌائينداسين، جن جي ايجاد ٿيڻ بعد دنيا
۾ بيحد نيون سهولتون پيدا ٿي پيون. زمانه قديم کان
جديد ڏانهن قدم وڌائيندي انسان يقيني طور تي ترقي
جي راهه تي گامزن هيو، ۽ آهستي آهستي مختلف ماڻهو،
مختلف مُلڪن ۾ مختلف نيون شيون ۽ (دوائون خاص طور
تي)، آمد رفت جي لاءِ تيز ۽ تڪڙا سامان ٺاهڻ ۾
مصروف رهيا. ڇو ته سڀ کان پهريان آمد رفت جي ذريعن
کي وڌائڻ ۽ هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تي پهچڻ لاءِ
”وقت“
کي گهٽائڻ نهايت ئي ضروري هيو. اُن سان گڏوگڏ
مُلڪي سرحدن کي ٽُپي، ٻئي پار پهچڻ ۽ اُتي پهچي
پنهنجي ڌاڪ ڄمائڻ به بيحد ضروري هيو. جنگ و جدل جي
وارداتن بعد وري زخمين کي بچائڻ ۽ عام طور تي
مختلف بيمارين ڦهلجڻ ۽ وبائي صورتحال پيدا ٿيڻ کي
به ڪنٽرول ڪرڻ، بي انتها ضروري هيو. ان صورتحال جي
مدنظر اسان تاريخ تي نظر ڊوڙائينداسين، ته اسان کي
مختلف ايامن ۾ مختلف ننڍيون وڏيون
”ايجادون“
نظر اينديون.
ٻارو! اڄ اسان پهرين ڀاڱي
۾
”ايجاد“
ڪيل شين جا
نالا ۽ انهن ايجاد ڪندڙن جي
”نالن“
سان گڏوگڏ
”سال“
جو به ذڪر ڪنداسين. پوءِ ٻئي ڀاڱي ۾ وري انهن
”ايجاد“
ڪندڙن جي زندگيءَ بابت
معلومات جو ذڪر ڪنداسين. اچو ته ڏسون ته ڪهڙيون
شيون ڪهڙي سال ۾ ڪنهن ايجاد ڪيون آهن. اسان هيٺ هڪ
چارٽ ذريعي توهان کي ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا.
*
هوائي جهاز. (رائيٽ برادرس)
1903ع
*
بال پوائنٽ پين. (جاهن جي لائوڊ، ليزلو بيرو،
)
1938ع
*
بئراميٽر. (اِي ٽوريسلي)
1644ع
*
بائيسڪل
”بائي
سِڪل“
ٻن ڦيٿن واري سائيڪل (ڪي مڪملان)
1839ع
* ڪيلڪيوليٽنگ مشين (بليز
پاسڪل)
1642ع
*
سينٽي گريڊ اسڪيل. (اينڊرس سيلسيس)
1742ع
*
سينيماٽوگرافي (ٿامس ايوا
ايڊيسن)
1891ع
*
سينيما (Cinema)
(ليوميري
برادرس)
1895ع
*
ڪلاڪ پينڊولم
”گهڙيال“
(هاءِ گينس)
1657ع
*
ڊيزل انجڻ. (رڊولف ڊيزل) 1657ع
*
ڊائنامائيٽ. (الفريڊ نوبل) 1887ع
*
ڊائينامو. (مائيڪل فراڊي) 1831ع
*
اليڪٽرڪ ليمپ. (ٿامس الوا
ايڊيسن)
1882ع
*
اليڪٽرڪ آئرن. (ايڇ ڊبليو،
سيلي)
1882ع
*اليڪٽرو
مئگنيٽ. (ڊ بليو اسٽرجيون)
1824ع
*فائونٽين
پين. (ايل. اي. واٽرمئن)
1884ع
*
گئس لائيٽنگ. (وِليم مرڊوچ)
1794ع
*
گراموفون. (ٽي. اي. ايڊيسن ۽ ايملي
برلينر
1887ع،
1877ع
*
جيٽ انجڻ. (سر فرينڪ وائٽل)
1937ع
*مائڪروفون.
(ڊيوڊ ايڊورڊ
هگس)
1878ع
*
مائڪرو اسڪوپ خوردبين. (زيڊ جينسن)
1590ع
*
موٽر سائيڪل. (ايڊورڊ بٽلر)
1934ع
ٻارؤ! مٿي ڏنل چارٽ اندر، ڪجهه
”ايجادات“
۽ انهن جي ايجاد ڪندڙن جا نالا ۽ سن، يعني سال
ڏنا ويا آهن، ان شاءَ الله هر هڪ ايجاد ۽ ايجاد
ڪندڙن جي باري ۾ وري مضمون جي ڀاڱي ٻئي ۾ توهان کي
معلومات فراهم ڪئي ويندي.
***
ساگر مستوئي
(ٽنڊو جان محمد)
مختلف ملڪن جا قومي ڏينهن
·1
نومبر. (الجزائر) جو قومي ڏينهن
·7
نومبر. (رُوس) سوشلسٽ انقلاب جو ڏينهن
·11
نومبر. (سويڊن) شاهه جي ولادت جو ڏينهن
·12
نومبر. (سعودي عرب) جو قومي ڏينهن
·18
نومبر. (مراڪش) تاج پوشيءَ جو ڏينهن
·22
نومبر. (لبنان) آزاديءَ جو ڏينهن
·24
نومبر. (زائر) جو قومي ڏينهن
·26
نومبر. (منگوليا) جي آزاديءَ جو ڏينهن
·29
نومبر. (يوگوسليويڪيا) ريپبلڪ ڊي (عوام جو قومي
ڏينهن)
·30
نومبر. (يمن) جو قومي ڏينهن.
علي محمد پلهه (ڳوٺ:
پلهه)
سهڻا سخن
ماءُ کان ڪنهن پڇيو، ته تنهنجي
قدمن مان جنت کسي وڃي ۽ توکان پڇيو وڃي، ته
ڪجهه ٻيو گُهر، ته تون خدا کان ڇا
گهرندينءَ؟ ته ماءُ خوبصورت جواب ڏنو، ته مان
پنهنجي اولاد جو
نصيب پنهنجي هٿن سان لکڻ جو حق
گهرنديس. ڇو ته ان جي خوشيءَ جي اڳيان منهنجي لاءِ
جنت ننڍي آهي. (ماءُ
جي وفا کي سلام.)
چئن شين کي سنڀالي رکو
·نماز
۾ دل کي.
·اڪيلائي
۾ سوچ کي.
·محفل
۾ زبان کي.
·رستي
۾ نگاهه کي.
ڊاڪٽر
پروين موسى ميمڻ
حيدرآباد
دوستي
ٻارؤ! اسان جي پياريءَ سنڌ جي قديم شهر ٺٽي جو
ڪنهن وقت ۾ وڏو اوج هو، هن تاريخي شهر ڪيترن ئي
حڪمرانن جا اوج ۽ زوال ڏٺا، هتي جا مغل نواب عيد
جي ڏينهن ۾ ٺٽي جي شاهي بازار مان پنهنجي پاليل
هاٿين تي پالڪين ۾ چڙهي شهر جو سير ڪندا هئا، مٿن
روپين، سِڪن ۽ گينن جي برسات ڪئي ويندي هئي. جا
خيرات، شهر جا غريب غُربا چونڊي کڻندا هئا. وقت
گذرڻ سان آخرڪار اهي نوابن جون حڪومتون ختم
ٿينديون ويون، پر اڃان به ڪي شوقين هئا، جي سٺن
گهوڙن ۽ ٽانگن تي چڙهي موقعي مهل، عيد براد تي شهر
جا نظارا ماڻيندا هئا. اهڙن شوقينن ۾ هڪ رئيس
عبدالغفار پڻ هو. هن هڪ هاٿي پاليو. سندس بنگلو
وڏي ايراضيءَ تي هو. جنهن ڪري هن باغ جو هڪ حصو ۽
دالان هاٿيءَ جي سار سنڀال لاءِ رکيو. گڏ ان جي
خدمت لاءِ هڪ خاص خادم پڻ رکيائين، جو ان کي خوب
سٺي نموني سنڀاليندو هو. رئيس غفار اڪثر جمعي نماز
کانپوءِ يا ڪنهن دعوت يا محفل ۾ وڃڻ وقت هاٿيءَ تي
سواري ڪندو هو. سندس لاءِ هاٿيءَ تي جهولڻي ڇٽي به
وڌي ويندي هئي، ته جيئن اُس کان بچاءُ ٿئي. هو
هاٿيءَ جي پٺيءَ تي رکيل پالڪيءَ جي سيٽ تي سٺي
نموني ويهي فخر سان ٻين ڏي ڏسندو هو ۽ هاٿيءَ کي
ان ريت سڄي شهر جو چڪر لڳرايو ويندو هو، ته جيئن
سڀ ماڻهو اهو ڏسن ته رئيس عبدالغفار جي سواري اچي
رهي آهي. هاٿيءَ کي کارائڻ ۽ سنڀالڻ ڪا معمولي
ڳالهه ڪانهي. اها شاهي سواري وڏي خرچ خوراڪ ۽ خادم
جي خدمت جي ذريعي ئي قائم رهي سگهي ٿي. ان ريت
رئيس جي دولت جو پڻ ٻين تي رعب پوڻ لازم هو. هاٿي
شهر جا ڦيرا لڳائي اُتي جي ماڻهن سان ايترو ته
مانوس ٿي ويو جو خادم کي ذرو به خوف ڪو نه ٿيندو
هو، ته ڪو هاٿي ڪيڏيءَ مهل شهر مان نڪري، ڪنهن
جهنگ ڏي هليو ويندو، انهيءَ ڪري هو سندس لاءِ بي
فڪر ٿي ويو، انهيءَ شهر ۾ هڪ ڌوٻيءَ جو دڪان شهر
جي وچ ۾ هو، گرمين جا ڏينهن هئا، هن دفعي سانوڻيءَ
جو وسڪارو تمام سٺو ٿيو، ايترو ته مينهن پيو، جو
هفتو کن شهر مان پاڻي ئي نه سُڪي، ڌوٻي پريشان ٿي
ويو مند ته برابر مينهن جي آهي، ان ۾ ڪپڙا ڌوئڻ ۽
استري ڪري مالڪن کي پهچائڻ ڏکيا آهن پر آخرڪار کيس
گهر جو گاڏو ته هلائڻو هو. هو روز صبح سوير ڪپڙن
جي ڳنڍ کڻي ڌوٻي گهاٽ تي ويندو هو، منجهند تائين
ڪپڙا ڌوئي شام کان اڳ انهن کي استري ڪري، سانجهيءَ
وقت ڌوتل استري ٿيل ڪپڙن کي پنهنجي گراهڪن جي گهرن
۾ پهچائيندو هو. اها سندس روز جي ڪِرت
هئي، ساڻس
سندس زال ۽ پٽ به مدد ڪرائيندا هئا. پٽ
اسڪول ۾ به پڙهڻ ويندو هو، ته زال کي گهرجي ڪم ڪار
مان گهڻو وقت
ملي ڪو نه ٿي سگهيو. ان ڪري شرف الدين ڌوٻي
گهڻي ڀاڱي سڄو ڪم پاڻ ئي ڪندو هو. وٽس ڪو گڏهه يا
ڪو گاڏو وغيره ڪو نه هو، جنهن تي اهي ڪپڙن جون
ڳنڍون ڍوئي کڻي وڃي. هو شام جو ڪم ڪري صفا ماندو
ٿي گهر پهچي مالڪن کان مليل پئسا پنهنجي زال کي
خرچ لاءِ ڏيئي ماني ٽُڪر کائي سمهي رهندو هو.
برسات جي ڏينهن کان مهينو کن اڳ هڪ ڏينهن اهو هاٿي
سندس ڌوٻي گهاٽ وٽان اچي لنگهيو ۽ پنهنجي سونڊ کي
مٿي کڻي کيس ڄڻ سلام ڪيائين. ڌوٻيءَ وٽ ان ڏينهن
اتفاق سان هڪ گدرو پيل هو. هن اهو گدرو ڪڍي هاٿيءَ
کي ڏنو، هڪڙي گدري مان هاٿيءَ کي ڇا ٿيئي؟ پر هاٿي
ان وقت بکايل هو. هن اهو گدرو شوق سان کاڌو ۽ خوش
خوش پنهنجي سونڊ کي گهمائيندو کانئس وٽان روانو
ٿيو.
هاٿي ٻئي ڏينهن وري آيو وٽس ڊبل روٽي هئي، اها کيس
کارايائين پوءِ ته اها روز جي ڳالهه ٿي وئي، هاٿي
جڏهن به ايندو هو، شرف الدين ڌوٻي گهران آندل
مانيءَ مان سندس لاءِ ڪجهه نه ڪجهه رکي ڇڏيندو هو،
هڪ دفعي هن مٺي ماني گهران ٺهرائي جنهن جا وڏا ٽڪر
کيس کارايائين. اها ڳالهه به ڪونه هئي ته هاٿيءَ
کي پنهنجي مالڪ ۽ خادم جي معرفت کاڌو ڪو نه پئي
مليو. هن لاءِ ته رئيس عبدالغفار مٺائيءَ جا
ٽوڪرا، ڪمند جا مڻ، چاري ڀريل ڪونڊا رکائيندو هو
پر ڌوٻيءَ جي ڏنل ٿوري کاڌي ۾ هاٿي کي محبت جي
مٺاس ۽ دوستيءَ جو خلوص ڏسڻ ۾ ايندو هو. هاڻي
هاٿيءَ کي ڏسڻ کانسواءِ نه ڌوٻيءَ کي مزو ايندو هو
۽ نه ئي هاٿي کي. جڏهن برسات وڏي تباهي مچائي ڇڏي،
تڏهن انهن ڏينهن ۾ شرف الدين وٽ تمام گهڻا ڪپڙا
ڌوئڻ لاءِ گڏ ٿي ويا هئا. نه سٺي اُس نڪري ۽ نه ئي
روڊن رستن تان ڪچرو ۽ ترڪڻ گهٽجي. کيس گراهڪن جا
نياپا اچڻ لڳا ته ڪپڙا جلدي ڌوئي پهچائي ٻئي پاسي
گهر ۾ به جيڪي چار پئسا هئا اهي به ختم ٿي ويا.
جوڻس به موسم جي خرابيءَ جي ڪري ڪافي بيمار ٿي،
کيس پئسي جي گهڻي گُهرج هئي، اهو ارادو ڪري ڳنڍيون
ڪپڙن جون پٺيءَ تي رکي آهستي آهستي پنهنجي گهرجي
گهٽيءَ مان ڌوٻي گهاٽ ڏي هلڻ لڳو.
پري کان پنهنجي پياري دوست هاٿيءَ کي ايندي
ڏٺائين، هو دل ۾ ڦڪو ٿيڻ لڳو ته اڄ ته وٽس ڪا به
کاڌي جي شيءِ ئي ڪانهي جو هو هن کي کائڻ لاءِ ڏي.
هاٿيءَ کي اندازو ٿي ويو ته اڄ ڌوٻي پريشان آهي،
رستو خراب آهي، کيس ندي پار ڪري وڃڻو پوندو برسات
جي ڪري نديءَ ۾ پاڻيءَ جو چاڙهه ايترو آهي جو
ماڻهو ٻڏي به سگهي ٿو. مطلب اهڙي خطري جو سوچي
هاٿي سندس ويجهو اچي سونڊ سان سلام ڪري گوڏا ٽيڪي
هيٺ ويهي رهيو، ڄڻ چوندو هجي ته شرفو اچ منهنجي
پٺيءَ تي سوار ٿي ۽ ڪپڙن جي ڳنڍ به انهيءَ مٿي رک،
ڌوٻيءَ جي اکين ۾ پاڻي تري آيو. هن جنهن کي فقط هڪ
بي زبان جانور سمجهيو اهو ڪيترو دل جو حساس ۽
مهربان نڪتو. هُن ساڻس ڪيل نيڪي ڪيئن نه ياد رکي؟،
خوش ٿي هو به ٽپ ڏيئي سندس پٺيءَ تي ويهي رهيو ۽
ڌوٻي گهاٽ تي پهچي ڪپڙا ڌوئڻ لڳو. بلڪل جڏهن شام
ٿي تڏهن کيس وڌيڪ عجب ٿيو ته هاٿي ٻيهر به موجود
هو. ڌوٻيءَ جي ڌوتل ڪپڙن سان هاٿي جي پٺيءَ تي
واپسي به سهڻي نموني سان ٿي. اڄ مالڪن کيس پئسا به
هڪدم ڏنا سندس گهر ۾ ٻن ڏينهن کانپوءِ چُلهه ٻري،
هو ڏاڍو خوش ٿيو. جيستائين نديءَ ۾ چاڙهه رهيو ۽
برسات ۽ ٻوڏ جو اثر ختم ڪونه ٿيو. هاٿي روز کيس
ڌوٻي گهاٽ تي وٺي ويندو هو ۽ اڪثر واپس به وٺي
ايندو هو نه ته ڪڏهن ڪڏهن هو ٻيڙيءَ ۾ پڻ اچي
ويندو هو. هاٿيءَ جي مهربانيءَ سان شرفو بک مرڻ
کان ۽ بيڪار رهڻ کان بچي ويو. هاٿيءَ ۽ ڌوٻيءَ جي
مثالي دوستي سڄي شهر ۾ مشهور ٿي وئي. رئيس
عبدالغفار به پنهنجي هاٿيءَ جي انهيءَ چڱي ڪم تي
خوش ٿيو. ڌوٻيءَ جي ڪيل نيڪي ضايع نه ٿي. کيس
پنهنجي انهيءَ چڱي عمل (هاٿيءَ کي کاڌو کارائڻ)
جو صلو مليو.
***
سرمد
عباسي
(قسط: ڇهين)
خانواهڻ
چاڪليٽ
}ٻارڙن لاءِ وندرائيندڙ ناوليٽ{
جيجي، چاڪليٽ سُٺو آھي. ٻين
وانگر ناھي. جلدي لڀندو جيجي.
”ڪرم
الله چيو.
”ھا
ٻچڙا. تون به دعا ڪر ته جلدي گهر موٽي اچي.“
جيجيءَ چيو.
”ھا
جيجي. مان امان کي به چوان ٿو، اھا به چاڪليٽ لاءِ
دعا ڪندي.“
ڪرم الله وراڻيو ۽ ٻئي ڳوٺ ڏانھن ھلڻ لڳا.
بخشل سجَ لٿي کان پوءِ موٽيو. ھن کي مٿي تي،
پنھنجي ئي رومال ۾ ويڙھيل گاهه ھو. ھن ڪوٺيءَ ۾
اچي رومال جي ڳَنڍِ
کولي ۽ گاهه،
ڪُنڊَ ۾ ويٺل چاڪليٽ آڏو ڦِٽو ڪيو.
ڪوٺيءَ ۾ بلب به ٻَريو پئي ۽ دريءَ جا تاڪَ به بند
ھئا. اھو ڪم جنت يا ھِير جو ھو.
”تو
ته منھنجا مزا ڪرائي ڇڏيا ڀولا. پورن ٽيهه ھزارن ۾
تو کي کپايو اٿم. واهه ڙي منھنجي قسمت.“
بخشل ٽھڪ ڏيندي چيو ۽ ڪوٺيءَ مان نڪري اندر ڪمري ۾
ھليو آيو.
ڪمري ۾ ھِيرَ اُستاد کان مليل گهرُو ڪم ڪري رھي
ھئي. جڏھن ته جنت، ھِيرَ جي ڀرسان ئي سوَڙ ۾ ليٽي
پئي ھئي.
”ماني
کڻي اچان؟“
جنت، کٽَ تان لھندي پڇيو.
”چانهه
ٺاھي ڏي. مان ڪلاڪ کن ۾ دوستن ڏانھن ويندس. ماني
موٽي اچي کائيندس.“
بخشل چيو ۽ پنھنجي کٽ تي ليٽي سوَڙ مٿان ڪري
ڇڏيائين.
جنت جي ٻاھر ويندي ئي ھِيرَ پنھنجي کٽ تان لھي،
بخشل جي کٽ تي اچي ويٺي.
”ھليا
ھِيرَ“
بخشل چيو. ھِير به پنھنجي بابا سان گڏ سوَڙ ۾ ليٽي
پئي.
”بابا
ڇيلو ڏاڍو ڀلو آھي. اسان جو آ نِي؟“
ھِير پڇيو.
”دوست
جو آھي. سڀاڻي ڪاھي ويندو.“
بخشل ڪوڙ ڳالهايو.
”بابا،گلابي
ڇيلا ڏاڍا مھانگا ھوندا آھن. ھيءُ ته سياڻو به
آھي. ھن جو نالو چاڪليٽ آھي بابا.“
ھِيرَ، بخشل کي ٻڌايو.
”چاڪليٽ!
اُھو جيڪو تون اسڪولَ ۾ کائيندي آھين؟“
بخشل چيو.
”ھا
بابا.“
ھِيرَ مُرڪندي چيو.
”تو
کي ڪيئن خبر پئي؟“
بخشل پڇيو.
ھِيرَ، پنھنجي بابا کي چاڪليٽ جي
ڳچيءَ ۾ لڙڪندڙ ٿيلهي ۽ ڪتاب بابت سڀ ڪجهه ٻڌايو.
اھو ٻڌي بخشل ٽھڪ ڏيڻ لڳو.
”معنيٰ
تو وانگر پڙھندو آھي اِھو ڀولو.“
بخشل چيو.
”بابا...
ڀولو ناھي، چاڪليٽ آھي.“
ھِير، بابا کي ڀاڪر پائي ٽھڪ ڏنو. بخشل به ھِير کي
ڀاڪر پاتو ۽ کيس نِرڙ تي چُمي ڏنائين. ھُو ڪيترو
به خراب ماڻهو ھو، پر پنھنجي نياڻي ھِيرَ سان ڏاڍو
پيار ڪندو ھو. ھِيرَ کيس پنھنجي ساهه کان به وڌيڪ
مِٺي ھئي. ڪجهه دير کان پوءِ بخشل چانهه پِي
پنھنجي دوستن ڏانھن ھليو ويو.
ھِيرَ به
پنھنجي اسڪول جو ڪم ڪرڻ لڳي.
بخشل جي ويندي ئي جنت رات جي ماني پچائڻ ۾ لڳي
وئي. ھِيرَ اسڪول جو ڪم ڪري سوئيٽر پاتو ۽ بُهه
واري ڪوٺيءَ ڏانھن ھلي آئي. سيءُ وڌي رھيو ھو.
آسمان تي ھلڪو جُهڙ به ھو.
ڪوٺيءَ جو ٻيڪڙيل در کولي، ھِير اندر جهاتِي پائي
نھاريو. چاڪليٽ گاهه جي ڍير وٽ ويٺو ھو. ھِيرَ کي
ڏسي ھُو اُٿي ھِير ڏانھن ھليو آيو.
”ٻي...ٻي...“
چاڪليٽ مُنھن مٿي ڪري
ٻِيڪٽ ڪيو.
”مون
کي لڳي ٿو، ته تون پنھنجي
مالڪن جو پيارو ڇيلو آھين. اھي پڪَ سان تنھنجي
لاءِ ڏاڍا پريشان ھوندا.“
ھِير، چاڪليٽ جي
مٿي تي ھٿ
ڦيريندي چيو.
”ٻي...ٻي...“
چاڪليٽ ڪوٺيءَ جي درَ ڏانھن ڏسڻ لڳو.
”مون
کي خبرَ آھي، ته تو کي بابا ڪٿان نه ڪٿان چورائي
آيو آھي. چاڪليٽ. بابا وٽ ايترا پئسا ئي ڪونهن جو
ھُو تو جھڙو مھانگو ڇيلو وٺي سگهي.“
ھِير چيو ۽ گوڏن ڀر ويھي چوڻ لڳي...
”پرَ
مان به ڇا ڪيان چاڪليٽ؟ مان تنھنجي مدد نه ٿي ڪري
سگهان. بابا ڪاوڙ جو تيز آھي. امان سان وڙھندو آھي
۽ ڪڏھن ڪڏھن ته مون کي به مارَ ڏيندو آھي.“
چاڪليٽ ھِير جو ھٿ سنگهڻَ لڳو.
”مان
تو کي ھتان ڪڍڻَ جي ڪوشش
ضرور ڪنديس
چاڪليٽ. ته جيئن تون پنھنجي گهر وڃي سگهين.“
ھِير چيو ۽ ڪوٺيءَ مان ٻاھر نڪري وئي. چاڪليٽ به
ماٺ ڪري واپس پنھنجي جاءِ تي اچي ويھي رھيو.
ڪوٺيءَ جو در
ٻيڪڙي، ھيرَ رڌڻي ۾ ھلي آئي.
”ھيرَ
اِھا پِنڊيءَ ۾ ماني رکيل اٿئي. ان جا ٽُڪرَ ڪري
ڇيلي کي ڏئي اچ.“
جنت، ھِيرَ کي چيو.
ھِيرَ،ماني کڻي ڪوٺيءَ ڏانھن ھلي وئي.
جنت به آخري ماني تَئي تان لاھي
پنڊيءَ ۾ رکي. دال ھن ساجهر ئي رڌي ڇڏي ھئي.
ھِيرَ جي موٽندي ئي ٻئي ڄڻيون ماني کڻي ڪمري ۾ ھلي
آيون.
بخشل گهران نڪري جڏھن پنھنجي دوست دل مراد جي دڪان
تي پھتو، ته سندن سڀ دوست اڳيئي ھن جي انتظار ۾
ويٺا ھئا. سڀني کي اھا خبر پئجي وئي ھئي، ته بخشل
چوريءَ جو گلابي ڇيلو، ڍورن جي واپاريءَ يونس کي
ٽيهه ھزارن ۾ وڪڻي ڏنو آھي ۽ کيس ڏهه ھزار مليا
آھن. سو سڀ اُن آسري ۾ ھئا، ته ڪڏھن ٿو بخشل اچي ۽
ھُو کيس جُوا ۾ ھارائي، ھنَ جي پئسن تي قبضو ڪن.
دل مراد ڏينھن جو دڪان تي سودو سامان وڪڻندو ھو ۽
سجَ لٿي کان پوءِ سامان پاسيرو ڪري، جوا ۽ نشي جي
عادي ماڻهن کي
ويھاريندو ھو. ان مان به کيس سُٺي ڪمائي
ٿيندي ھئي. اڄ به ھن کي پڪ ھئي ته بخشل
جي حرام جي
پئسن مان ھُو به چڱو ڪمائيندو. ٿيو به
ايئن. بخشل جوا کٽڻَ جي آسري تي سڄي رات اُتي ويٺو
۽ جڏھن صبح سوير دل مراد جي دڪان مان نڪتو، ته
سندس کيسو خالي ٿي ويو ھو. ھُو پنھنجا ڏهه ھزار
جوا ۾ ھارائي
چڪو ھو. حرام جو پئسو، حرام ۾ ھليو ويو ھو.
بخشل کي چڪرَ اچي رھيا ھئا. ھو پنھنجا ھٿ مَھٽيندو، ٿيڙَ کائيندو،
پنھنجي گهرَ ڏانھن ھلڻ لڳو.
صبح جو ھِيرَ، ننڊَ مان اُٿي، ته ھن جي
نظر پنھنجي
پيءُ جي کٽ تي پئي. ھنڌُ جيئن جو تيئن
وڇايل ھو.
”بابا
وري رات به گهر ڪو نه آيو.“
ھِير سوچيو ۽ جُتي پائي ڪمري مان ٻاھر ھلي آئي.
ٻاھر سوجهرو ٿي ويو ھو. چڱو سيءُ به ھو.
ھِير اڱڻ جو بلبُ بند ڪيو. رڌڻي مان ٿانوَنِ جي
کَڙڪَڻ جو آواز پئي آيو. جنت نيرن پئي تيار ڪئي،
ته جيئن ھِير مھل سان اسڪول وڃي سگهي. سڄي رات گهر
کان ٻاھر رھندڙ بخشل به اچي پئي سگهيو.
ھِيرَ اکيون مَھٽيندي سِڌو بُهه واري
ڪوٺيءَ ڏانھن وئي. ھنَ جيئن درُ کوليو، ته ھنَ جي
نظرَ سامهون بيٺل چاڪليٽ تي پئي. چاڪليٽ ٿيلهو
ڪنڌَ ۾ لڙڪائي درَ ڏانھن ڏسي رھيو ھو. ڄڻ ته ھِير
کان پھرين اسڪول وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويو ھو.
”ٻي...ٻي...“
چاڪليٽ درَ ڏانھن وڌندي آواز ڪڍيو. ھِيرَ ڪنڌُ
ورائي رڌڻي ڏانھن ڏٺو. سندس امڙ جنت ڪم ۾ لڳل ھئي.
ان جو ڌيان ڪوٺيءَ ڏانھن نه ھو.
”ٻي...ٻي...“
چاڪليٽ ٻِيڪندي
پنھنجو مُنھن ھِير جي ھٿَ تي ڦيرڻ لڳو. ھِيرَ ڏٺو،
ته چاڪليٽ مانيءَ جا ٽُڪرَ به ڪو نه کاڌا ھئا. پڪَ
سان ھنَ گاهه به نه کاڌو ھو.
”تو
کي پنھنجو گهر ٿو ياد اچي
چاڪليٽ. تنھنجو ڏوهه ناھي. جيڪڏھن ڪير مون کي ايئن
واڙي ڇڏي، ته مان به پنھنجي بابا امان
کي ياد ڪنديس.
مون کي به ڪا شيءِ نه وڻندي. کائڻ پيئڻ به
وسري ويندو.“
ھِير، چاڪليٽ جي ڀرسان ويھندي چيو.
”ٻي...ٻي...“
چاڪليٽ ھِير ڏانھن ڏسڻَ
لڳو. اھو ڏسي ھِير کي ڏاڍو ڏُک ٿيو، ته چاڪليٽ جي اکين وٽ وارَ آلا
ھئا. چاڪليٽ سڄي رات رُنو ھو. اھو ڏسي ھِيرَ جي
اکين ۾ به ڳوڙھا اچي ويا. ھِيرَ، چاڪليٽَ کي مٿي
تي چُمي ڏئي کيس ڀاڪر پاتو.
”ڳڻتي
نه ڪر، چاڪليٽ. ڀلي بابا مون کي ڪيڏو به ماري، مان
تو کي ٻاھريون درُ کولي ٿي ڏيان. تون ھليو وڃ. تون
الائجي ڪٿان جو آھين؟ منھنجي تو کي دعا آھي،
ته
تون خيرَ سان
پنھنجي گهر پھچي وڃين.“
ڪجهه دير کان پوءِ ھِير چيو ۽ در کولي ٻاھر ھلي
آئي. چاڪليٽ به ھن جي ڪڍَ ھو. ھِير چپن تي
آڱر رکي
چاڪليٽ کي آواز ڪرڻ کان جهليو ۽ ھوريان
ھوريان ھلندي ٻاھرين درَ وٽ پھتي. درَ کي اندران
ڪَڙو لڳل ڪو نه ھو. اھو ان ڪري، ته جيئن رات جو
بخشل گهر اچي، ته بِنا درُ کڙڪائڻَ جي اندر ھليو
اچي.
ھِيرَ ۽ چاڪليٽ جيئن ئي درَ جي
ويجهو ٿيا، درَ جو تاڪُ وڏو آواز ڪندو کُلي ويو.
ھِيرَ کان ڇِرڪُ ڇڏائجي ويو ۽ ھوءَ
پنھنجي جاءِ تي بيھي رھي.
”ٻي...“
چاڪليٽ کان به دانھن نڪري وئي.
درَ تي بخشل بيٺو ھو.
بخشل جون ڳاڙھيون اکيون ۽ مُنھن تي ڪاوڙ ڏسي ھِير
ڊڄي پوئتي ٿي وئي.
”ھنَ
کي ڪيڏانھن ٿي وٺي وڃين
ھِيرَ.“
بخشل اندر اچي
در بند ڪندي، ڏاڍيان پڇيو. ان سان گڏ ئي ھُو
چاڪليٽ کي پڪڙڻَ لاءِ اڳتي وڌيو.
بخشلَ کي پاڻَ ڏانھن ايندو ڏسي
چاڪليٽ ھڪ پاسي نھاريو. ٻاھرين ڀت کان ڪجهه ئي
اورتي ھٿ وارو نلڪو لڳل ھو. جنھن جي
ڀرسان ئي ھڪَ
بالٽي به اُونڌي پيلَ ھئي. اڃان
بخشل، چاڪليٽ
وٽ پھتو ئي ڪو نه جو چاڪليٽ نلڪي ڏانھن ڊوڙَ پاتي.
”مون
کان بچي ڪيڏانھن ويندين ڀولا؟ ترسُ ته تو کي ڏينھن
جو تارا ٿو ڏيکاريان.“
بخشل دانھن ڪرڻ نموني چيو. ھيرَ، ھِيسجي اُتي ئي
بيٺلَ رھي.
چاڪليٽ ڊُڪندي ڊُڪندي ٽُپُ ڏنو ۽ اونڌِي ٿيل
بالٽيءَ تي وڃي لَٿو. اُتي ئي ھنَ پاڻَ کي مٿي
اُڇلَ ڏني ۽ ڪنھن بازيگرَ جيان بولاٽي ڏيندو، سڌو
وڃي ڀت تي بيھي رھيو.
”ھان!“
بخشل جي واتَ مان نڪتو ۽ ھُو اکيون ڦاڙي چاڪليٽ
ڏانھن ڏسڻَ لڳو.کيس پڪَ ئي نه پئي ٿِي، ته ھڪ ڇيلو
به ايڏي چُستيءَ سان اھڙا ڪرتبَ ڏيکاري سگهي ٿو.
ھِيرَ ۽ رڌڻي جي درَ وٽ بيٺل جنت به حيرت وچان اھو
سڀ ڏسي رھيون ھيون.
(هلندڙ......)
ڪرشن
چندر
(قسط: ٽين)
سنڌيڪار: عبدالستار لغاري
اُبتو وڻ
(ٻاراڻو ناول)
ھي سيٽ تي ويھي رھيو، وري آواز ٻُڌائين،
ڪيڏانهن ھلڻو آھي سائين، يوسف چيو بازار ھل، ايتري
۾ سائي بتي ٻري ته ڪار ھلڻ لڳي. بازار ۾ ھر دڪان
کليل ھو، دڪانن تي ڪيتريون ئي شيون رکيل هيون،
خوبصورت ڪپڙا، ميوات، ڪيڪ بسڪوٽ ۽ رنگ برنگي
مِٺايون. ھر شيءِ سجائي رکي وئي هئي، پر تعجب جي
ڳالهه اھا ته، اتي ڪو به ماڻھو نه ھو! ڪار ھڪ
پيٽرول پمپ تي بيھي رھي، آواز آيو معاف ڪجو پيٽرول
ٿورو آهي، آئون پيٽرول ڀرائي وٺان، تيستائين
توھان دڪان ڏسي وٺو. دڪان ڏسڻ کان پھرين يوسف
پيٽرول پمپ ڏسڻ لڳو، پيٽرول ڀرڻ وارو نل پاڻھي ڪار
۾ پيٽرول ڀرڻ لڳو. پيٽرول ڀرجڻ کانپوءِ نل پاڻھي
پنھنجي جڳهه تي اچي ويو. يوسف دڪانن ڏي ويو، ھتي
مِٺايون ٿالھن ۾ سجايل ھيون، پر نه دڪاندار ھو نه
گراھڪ. يوسف ٻه گلاب جامن، ٻه رس گُلا ۽ برفي
کائي رومال سان مُنھن اُگھيو، واپس وريو ته ڪنھن
چيس جناب پئسا ته ڏئي وڃو. يوسف حيران ٿي پُٺيان
ڏٺو، دڪان تي ڪير به ماڻھو نه ھو، ھن چيو مون وٽ
ته ھن وقت کيسي ۾ ھڪ رپيو به نه آھي، ٺيڪ آ
ڪو مسئلو ناھي، توھان جي کاتي ۾ لکي ڇڏبو. ايتري ۾ ٺڪاءُ ٿيو، يوسف
ڏٺو ته دڪاندار جي ويھڻ واري جڳهه تي ھڪ مشين ويٺي
ھئي، يوسف جي جواب ڏيڻ تي مشين جي ھڪ بتي ٻري، ٻه
دفعا ھلڪن ٺڪن جو آواز آيو، مشين مان لوهه جو ھٿ
نڪتو، جنھن ۾ ھڪ ساسر ھئي، ۽ ساسر ۾ اٺ آنن جي بل
جي پرچي پيل ھئي. آواز آيو. پرچي پنھنجي کيسي ۾
رکو، شھر مان واپسي تي توھان کان حساب ورتو ويندو.
يوسف حيران ٿي پرچي کنئي ۽ موٽر ۾ ويھي رھيو. موٽر
پڇيس ھاڻ ڪيڏانھن ھلون. يوسف چيو ٿڪي پيو آھيان،
اھڙي جڳهه کڻي ھل، جتي آرام ڪري سگھان. موٽر ھڪ
عاليشان ھوٽل وٽ بيھي رھي، ھوٽل جو دروازو پاڻھي
کُلي ويو، يوسف اندر ويو، ھن کي ھاڻ ڪجهه ڳالھيون
سمجهه ۾ اچي ويون ھيون. ھن ھيڏانھن ھوڏانھن ڏٺو،
ھن کي ھڪ وڏي مشين نظر آئي، جنھن جون رنگبرنگي
بتيون ٻرڻ لڳيون، يوسف مشين وٽ ويو ۽ چيائين مونکي
ھڪ ڪمرو گھرجي، مشين نالو پڇيس، يوسف، ڪٿان کان
آيو آھين؟ بادشاهه جي نگريءَ کان، ڪيئن آيو آهين؟
وڻ تي چڙھي، ھتي ڪيترا ڏينهن رھندين، جيترا ڏينھن
ڪو انسان نه ڏسندس، مشين کِلڻ لڳي، يوسف به کِليو،
ھي سامھون ڪمرو آھي، جنھن کي لفٽ چوندا آهن، ھن ۾
وڃي بيهه، توکي تنھنجي ڪمري جي سامھون لاھيندي.
يوسف ايئن ئي ڪيو، لفٽ ھن کي وڏي ڪمري وٽ پھچايو،
يوسف دروازي وٽ پھتو ته دروازو پاڻھي کُلي ويو.
اندر ويو، ڏٺائين ته ڪمري ۾ ڪيترن ئي قسمن جون
مشينون پيل آھن، ڪُنڊ ۾ ھڪ ڪرسي پيل آھي، جنھن تي
ننڍڙو ڇوڪرو ويٺل آھي، ڇوڪري جي اکين ۾ غير معمولي
چمڪ ۽ ڪشش آھي، ھن جي ھٿ ۾ آڱريون نه آھن،
صرف آڱوٺو
آھي. يوسف چيو اسلام عليڪم، ڇوڪري چيو
ھيلو، يوسف پڇيو تنھنجيون آڱريون ڪيڏانهن ويون!
ڇوڪري چيو آڱرين جو ڪھڙو ڪم، ھتي سڀ ڪم بٽڻ دٻائڻ
سان ٿيندا آهن، ان لاءِ آڱوٺو ئي ڪافي آهي. يوسف
پڇيو ھن شھر جا ماڻھو ڪيڏانھن ويل آھن، آئون سڄو
شھر گُھميو آھيان، مونکي ڪو به ماڻھو نظر نه آيو.
ڇوڪري چيو، ھن شھر ۾ ماڻھو نه رھندا آھن، صرف
مشينون ۽ بٽڻ آھن. ماڻھو ڪيڏانھن ويا يوسف پڇيو،
اھي سڀ مري
ويا يا ماريا ويا، ڇوڪري ڏک مان چيو، يوسف
پڇيو تنھنجا ماءُ پيءُ ڪٿي آھن، اُھي به مري ويا،
ڇوڪري چيو، منھنجو پيءُ ھن شھر جو مالڪ ھو، تو
نالو ٻڌو ھوندو، موٽو رام درلا. ھا ھا ٻڌو اٿم،
اسان جي بادشاهه جو گھاٽو يار ھو. کيس پئسن ڪمائڻ
جو وڏو شوق ھوندو ھئس، انڪري ھِن، شھر ۾ ڪارخانا
کوليا، جن ۾
ھزارين مزدور ڪم ڪندا هئا، منھنجي بابا کي
نيون مشينون خريد ڪرڻ جو شوق ھوندو ھو. ھڪ مشين سؤ
مزدورن جي جڳهه
تي ڪم ڪندي
ھئي، منھنجو پيءُ ڪارخاني ۾ مشين لڳائيندو
ھو، ان تي ڪم ڪرڻ لاءِ ھڪ مزدور رکندو ھو، باقي
نوانوي مزدورن کي ڪڍي ڇڏيندو ھو. اھڙيءَ طرح
مشينون وڌنڌيون ويون، ماڻھو بيروزگار ٿي ويا ۽
پوءِ مرڻ لڳا. تنھنجي پيءُ ايئن ڇو ڪيو، جڏھن ھڪ
مشين سؤ مزدورن جو ڪم ڪندي ھئي، ته تنھنجو پيءُ سؤ
مزدورن کي ڪم مان نه ڪڍي ھا، ٿورو ٿورو ڪم سڀني
کان وٺي ھا. يعني
12
ڪلاڪ بدران
12
منٽ. پر بابا جي اھا سوچ نه ھئي، سندس چوڻ ھو، ته
منھنجا مزدور
12ڪلاڪ
ڪم ڪندا ھئا،
انڪري ھاڻ به
12ڪلاڪ
ڪم ڪرڻ
گھرجي، پوءِ چاھي مزدور ھڪ ھجي يا سؤ ھجن. پر ڇو،
مشين ته ماڻھن لاءِ آھي، ماڻھن لاءِ مشين نه ۽
مشين جو فائدو ماڻھن کي ملڻ گھرجي، جيئن کين محنت
گھٽ ڪرڻي پوي. سمجهه ۾ ته اھو ٿو اچي. پر منھنجي
پيءُ کي اھا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، ھو مزدور گھٽ
ڪرڻ لاءِ تيار ھو، پر مزدور جي ڪم ۾ گھٽتائي ھن کي
منظور نه ھئي، ھو چوندو ھو ان سان مزدور خراب ٿي
ويندا، مشين خراب ٿيندي آھي، ته ان جو پرزو تبديل
ڪيو ويندو آھي، مزدور
جيڪڏھن خراب
ٿي وڃي، ته ان کي ڇا ڪجي. تنھنجو پيءُ به
عجيب سوچ جو مالڪ ھو. ٻُڌ ته، پوءِ نيٺ سڀ ڪم
مشينون ڪرڻ لڳيون، ۽ ماڻھو بيروزگار ٿي بُک مرڻ
لڳا، بابي کي گھڻو منافعو ٿيو، ھو ته خوش ٿيڻ لڳو.
پوءِ ھڪ ڏينھن ڏُڪار آيو، بازارون ويران ٿيڻ
لڳيون. بازارن ۾ سڀ سامان موجود ھو، پر ماڻھن وٽ
پئسو نه ھجڻ ڪري خريد نه ڪري سگھندا ھئا. انڪري
گھڻا ماڻھو مري ويا، جيڪي بچيا اھي بغاوت ۾ مارجي
ويا ۽ ڪجهه شھر ڇڏي ڀڄي ويا. ھن شھر جا فقط ٽي
ماڻھو بچيا، آئون، منھنجو پيءُ ۽ منھنجي امان.
ڇاڪاڻ ته شھر ۾ ھاڻ ڪو به ماڻھو نه ھو، بابا کي
ھاڻ منافعو به نه ٿيندو ھو، توکي خبر آهي، نفعو
مشينن مان نه پر ماڻھن مان
ٿيندو آهي،
ھاڻي ڪو ماڻھو ئي نه رھيو ته بابي کي ڪٿان
نفعو ٿئي، انڪري ھن خودڪشي
ڪري ڇڏي! ٽي
سال ٿيا منھنجي ماءُ به گذاري وئي. تڏھن
کان آئون ھن شھر ۾ اڪيلو آھيان ۽ مشينن جا بٽڻ
دٻائيندو رھندو آھيان. يا فرصت ۾ سينيما ڏسندو
آھيان. پر ڪا
به فلم ٻارن لاءِ نه آهي، انڪري مون ڪاوڙ ۾
اچي سڀني فلمي ڊائريڪٽرن کي چٻرو بڻائي وڻ تي
ويھاري ڇڏيو آهي، تو انھن کي اچڻ مھل ڏٺو ھوندو.
ھا، پر تو آڱرين واري ماجرا ته ڪونه ٻڌائي، ڳالهه
اھا آھي، ته مون کي ھٿ سان ڪم ڪرڻ جو شوق ھوندو
ھو، بابا چوندو ھو توکي ڪم ڪرڻ جي ڪھڙي ضرورت،
جڏھن ته مشينن تي ڪم ٿئي پيو، تون صرف بٽڻ دٻا،
انڪري ھن منھنجيون آڱريون ڪپي ڇڏيون، ڇوڪري ڏک مان
پنھنجي ھٿن ڏانھن ڏٺو. يوسف چيو، تون مون سان گڏ
ھل، ھن شھر کي ڇڏ، ھي شھر نه پر منافعي خورن جو
قبرستان آھي. ڇوڪري چيو توسان ھلي ڇا ڪندس. يوسف
چيس وڻ تي چڙھي نئين دنيا جا ماڻھو ڏسنداسين.
ڇوڪري چيو
آئون وڻ تي ڪيئن چڙھندس، آئون ته صرف بٽڻ
دٻائي سگھان ٿو. يوسف چيو اھو آئون توکي
سيکاريندس. ٺيڪ آ، پر تو پنھنجو نالو ڪونه ٻڌايو،
001،
اھو ڪھڙو نالو آھي، مونکي ته ٽيليفون نمبر ٿو لڳي.
ڇوڪري چيو، اسان جي شھر ۾ ماڻھن جا نالا نه ھوندا
آھن، نمبر ھوندا آھن، منھنجو نمبر
001
آھي. يوسف چيو، اڄ کان آئون توکي موھن چوندس.
موھن،
001
دھرائيندي چيو، موھن سٺو نالو آھي ۽ گھنٽيءَ وانگر
وڄندو آهي. جڏھن موھن يوسف سان گڏ ھلڻ لڳو، ھن
آخري نظر شھر تي وڌي ۽ افسوس مان چوڻ لڳو ايڏو وڏو
شھر، خوبصورت روڊ، ڪارخانا، ڪارون، گھر، بازارون،
دولت جا انبار، اھي سڀ ڪيڏانھن ويندا. ماڻھن
کانسواءِ انھن جي ڪابه حيثيت نه آهي، انھن جي
اھميت ماڻھن سان آھي. ڪپڙا ماڻھن جي پھرڻ لاءِ
آھن، مِٺايون ٻارن جي کائڻ لاءِ آھن، روڊ راھگيرن
لاءِ آهي، پر جيڪڏهن ڪارخانن ۾ مزدورن جا ھٿ ڪم نه
ڪندا ھجن، گھرن مان عورتن جي ٽھڪن جا آواز نه
ايندا ھجن ۽ گھٽين مان ٻارن جو گوڙ نه ايندو
ھجي........! ڇا تو ڪڏھن ڪنھن گھٽيءَ ۾ کيڏڻ دوران
شور ڪيو آهي؟ گوڙ ڪرڻ ڇا کي چوندا آهن؟ موھن ڏکارو
ٿي يوسف ڏي ڏٺو. يوسف پنھنجي ڳالهه مڪمل نه ڪئي،
ھن موھن جي ٻانھن کان جھليندي چيو، جلدي ھل ته
ھتان نڪرون، نه ته ھن شھر جي خاموشي توکي کائي
ويندي. يوسف ۽ موھن ڪئميرا جي اک مان ٻاھر نڪري
آيا. ٻاھر وڻ جي شاخ تي فلم ڊائريڪٽر سنجيدگيءَ
سان بحث ۾ مصروف ھئا، ھڪ چئي رھيو ھو، آئون توکان
وڏو ڊائريڪٽر آھيان، ٻي چيو، نه آئون توکان وڏو
آھيان، پھرئين ڊائريڪٽر چيو، ان جو ثبوت ڏي، ٻي
ڊائريڪٽر چيو ھن
وڻ جي شاخ تي
آئون اُبتو لڙڪي سگھان ٿو، اھو چئي ھو اُبتو لڙڪي
پيو. پھرين ڊائريڪٽر چيو، مون تنھنجون فلمون ڏسڻ
سان ئي اندازو لڳايو ھو، ته تو فلمون به ڪئميرا کي
اُبتو جھلي ٺاھيون آھن. يوسف موھن کي چيو، انھن
ماڻھن جي بحث ۾ اسان جو ڇا، اچ ته ھلون. وڻ جي
شاخن کان ٿيندا ھو، وڻ جي ٿُڙ تي اچي ويا، موھن ھڪ
وڏي چالاڪي ڪئي، ھُو ٽارچ کڻي آيو ھو، ٽارچ جي
روشني ۾ ھُو ٻيئي مٿي چڙھندا ويا، اڳيان موھن ھو،
يوسف پٺيان، موھن پنھنجي آڱوٺي جي مدد سان چڙھي
رھيو ھو، ٿوري دير
اونداھي ۾
چڙھڻ کانپوءِ آھستي آھستي روشني نظر اچڻ لڳي، اھڙي
روشني جھڙي چانڊوڪي راتين ۾ ھوندي آھي. اڳتي وڃي
انھن ڏٺو ته ھڪ پڃرو لڙڪي رھيو آھي ۽ ان ۾ چنڊ کي
قيد ڪيو ويو آھي. ان پڃري ۾ عجيب شڪل جو ھڪ دَيوُ
ويٺل آھي، سندس رنگ چانديءَ جھڙو آھي، ڳالھائڻ مھل
سندس وات مان لفظن بدران رپيا نڪرندا ھئا، رپيا
عجيب آواز ۾ ھن جي وات مان نڪري ھيٺ چانديءَ جي
وڏي ٿالهه ۾ ڪِرندا ويندا ھئا، ٿالهه جي وچ ۾ ھڪ
وڏو سوراخ ٿيل ھو،
(هلندڙ......) |