سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل نومبر  2023ع

باب:

صفحو:2 

Text Box: مضمون

نثار بزمي

جواني شالَ ماڻيندين

گُلن جو ٽوڪرو آهين،

تون  ننڍڙو ڇوڪرو آهين.

ابَي جِي آسَ تون آهين،

اَمڙ جي باسَ تون آهين.

ٿي جَرڪَئِي جيءَ ۾ جوتي،

لڳين ٿو ڄَڻُ ته ڪو موتي.

نه تنهنجو وار ونگو ٿيندو،

خدا توکي پناهه ڏيندو.

وَڏو ٿي پهلوان ٿيندين،

تون سنڌ جو پاسبان ٿيندين.

ڪندين نيڪيءَ سان نانءُ پيدا،

ڪندين ٿڌڙو ڪو ٿانءُ پيدا.

وَطنَ جو واهرو ٿيندين،

جواني شالَ ماڻيندين.

پَڙهڻَ اسڪول ڏي ويندين،

پڙهي آفيسر تون ٿي ويندين.

دعا بزمي جي توکي آ،

نه لڳندءِ واءُ ڪوسِي ڪا.

ناشاد شوڪت شنباڻي

ڪوٽڏجي

نظم

گُـــل ڦُــل جهــڙو پـيارو پرچو،

ســونهن ۾ آ ســــوڀارو پــرچو۔

 

ادبـــي بورڊ جي محــنت سان،

ايــڊيٽر جــي ڀي چاهت سان،

جـــاري ٿيــــندڙ هــــيءُ رسالو،

دل سان پڙهجو هن کي ٻـــارو،

مســــتقبل جـــو نيـــارو پـرچو،

گُـــل ڦُــــل جهـــڙو پيارو پرچو.

 

پياريون ڳالهيون خوب ملن ٿيون،

ســـي آکــــاڻيون سڀ وڻن ٿيون،

آئــــيندي جــــو آھــــي چــــارو،

روشـــــن هــــيءُ ســتارو پرچو،

گُـــل ڦُـــل جهـــڙو پيـارو پرچو.

 

حمـــد ۽ نعـــتون جنهــن ۾ آھن،

سڀ تنهن کي ٿا دل سان چاهن،

ڪـــين ملي ٿــو هن جهڙو ڪو،

ســــنڌڙيءَ ۾ دل وارو پـــــرچو،

گُــــل ڦُـــل جهـــڙو پيارو پرچو.

عبدالقيوم جکراڻي

جيڪب آباد

اُستاد

اُستاد منھنجو، عاليشان آھي،

وڏو مرتبو جنھن جو ۽ مانُ آھي.

 

الف بي تي جي، قاعدي کان وٺي،

پڙھايو سڄو  جنھن، آ قرآن آھي.

 

انھي جي ئي صدقي ملي آهه عزت،

مون تي راضي ٿيو اڄ رحمان آھي.

 

نوازيو علم جي، نعمت سان خدا،

مُعلم جو مون تي ھي احسان آھي.

 

سنواري، سينگاري علم سان انھيءَ،

بنايو مونکي جنھن، انسان آھي.

 

ھي عبدالقيوم آ، انھي در جو خادم،

سندس ادنيٰ در جو ته دربان آھي.

***

دانش اياز

گُلن جهڙا ٻار

گُلن جهڙا ٻارڙا،

اکين سندا تارڙا.

 

ادبي هي شوق اوهان کي،

عمدو هي ذوق اوهان کي،

بيشڪ کڻندا بارڙا،

گُلن جهڙا ٻارڙا!

 

همت سان قدم وڌايو،

قدرت جو اوهان تي سايو،

پيارن سندا پيارڙا،

گُلن جهڙا ٻارڙا!

 

سُستي ڇڏي سجاڳ ٿيو سڀ،

آهيو سنڌ جو ڀاڳُ اوهين سڀ،

خيال اوهان جا نيارڙا،

گُلن جهڙا ٻارڙا!

 

دانش ڪري اوهان کي دُعائون،

ڪاميابيءَ سان ماڻيو روشن راهون،

مستقبل جا آهيو معمارڙا،

گُلن جهڙا ٻارڙا،

اکين سندا تارڙا!

 اُستاد گل دايو

لاڙڪاڻو

وئڪيشن جا ڏينهن

وئڪيشن جا ڏينھن اچي ويا،

ٻارن لئي ھن رنگ رچي ويا.

ڪو ته ڪراچيءَ گُهمڻ وڃي ٿو،

ڪو گورک ھل ڏسڻ اچي ٿو،

ڪنھن کي وڻي ٿي ڪينجهر ڍنڍ،

ڪنھن کي مڪلي عربي سمنڊ.

ڪارونجهر   تي   ڪو    تيار  آ،

ڪنھن کي سنڌ سڄيءَ سان پيار آ.

گُهمڻ ڪراچي ٻار اچي ويا،

ڪلفٽن تي ميلا مچي ويا.

ڪي چوڏيل تي چڙھي پيا ھن،

ڪي ٻيڙي تي ھري پيا ھن.

 ڪو مزا کائي ٿو ريل گاڏيءَ تي،

ڪو گهوڙي تي ڪو ھاٿيءَ تي.

ڪو ٿو بيٺو قلفي کائي،

ڪو ٿو بيٺو موج ملھائي.

ڇوڪر عامر سوچ ۾ آھي،

ھوم ورڪ مونکي ڪرڻو آھي.

ٻار گُهمي جڏھن  موٽي آيا،

ڪري گهر جا ڪم فرض نڀايا.

نصير احمد فقير چنا

گهوٽڪي

سيد اظهر گيلاني

مڃيل مڃايل، ادب جو مظهر، اسان جو اظهر،

مرد مجاهد، علم جو ماهر، اسان جو اظهر،

 

پيارو خدا جو، پيارو نبيءَ جو، پيارو عليءَ جو،

شبير و شبّر جي آلِ اطهر.

 

جو پِير ڀي آ، فقير ڀي آ، امير ڀي آ،

علم و ادب ۾ آ هيءُ اُڪابر.

 

علم شناسي، ادب شناسي، فهم شناسي،

مَهانُ ماڻهو وڏو آ مُفڪر.

 

نثر ۾ اعليٰ، نظم ۾ اعلى، عزم ۾ اعلى،

سچو سراپا سهڻو سخنور.

 

وڏو مقرّر، وڏو مصوّر، وڏو مدبّر،

لڪل نه هستي هِي آهي ظاهر.

 

نصيرُ آهي، فقيرُ آهي، اسيرُ آهي،

ديوانو در تي هميشھ سگدر.

***

 

اڪمل ماٿيلوي

محنت

محنت ۾ ئي مانُ آ ٻِارو،

محنت سان ئي شانُ آ ٻارو.

 

دنيا چنڊ تي پُهتي آهي،

ڪاهل وڌيو ڪونه آ ٻارو.

 

محنت سان آخر آ ٿيڻو،

مشڪل ڪم آسان آ ٻارو.

 

محنت وارو خدا کي پيارو،

مُرّسل جو فرمان آ ٻارو.

 

محنت سان ئي پيدا ٿيندو،

سُک جو هر سامان آ ٻارو.

 

محنت سان ئي ملندي منزل،

اڪمل جو ايمان آ


 

12ربيع الاول اسلامي تاريخ جو هڪ عظيم ڏينهن آهي. ڪائنات مٿان حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليھ وسلم جي شخصيت جي صورت ۾ اهڙو سج اُڀريو جنهن جهالت، بُرائي، بي ايماني، ڪوڙ، دوکي جي سمورين اونداهين کي ختم ڪري ۽ سچائيءَ سان هن دنيا کي منور ڪري ڇڏيو. اهو دور جڏهن هٿ جي ٺهيل بُتن کي خدا مڃي ۽ نياڻين کي جيئري دفن ڪيو ويندو هو. ان دور ۾ نبي پاڪ صلي الله عليھ وسلم عظيم مسيحا جي صورت ۾ هن دنيا ۾ آيو. سندن جنم حقيقت ۾ بُراين جي موٽ ۾ هو. پاڻ سڳورن  صلي الله عليھ وسلم هن دنيا کي زندگيءَ جي حقيقي معنيٰ ۽ مفهوم سمجهايو، سندن ئي دور ۾ عورتن کي پنهنجا حقيقي حق مليا. ڏٺو وڃي ته نبي صلي الله عليھ وسلم صرف مسلمانن جو سردار ناهي. پر هو پنهنجي ذات ۽ صفات ۾ پوري عالم انسانيت لاءِ آهي، پوءِ ان جو واسطو ڪهڙي به مذهب سان ڇو نه هجي. پوري دنيا جو رهبر نظر اچي ٿو. سندن سچائي جو اهو عالم آهي جو دشمن به سندن سچائي تي ايمان آڻين ٿا.حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليھ وسلم جي زندگي جو هرپل انسانيت جي ڀلائي لاءِ وقف ٿيل نظر اچي ٿو. سندن جهڙي سخاوت رحمدلي ۽ بهادريءَ جو ڪٿي به مثال نٿو ملي، پوري تاريخ ڀريل آهي. جنهن ۾ حق جي راهه تان هٽيل ڪيترائي ماڻهو سندن ڪردار کان متاثر ٿي مسلمان بڻجي ويا. پاڻ جيڪڏهن سندن ڪردار جو گهرائي سان جائزو وٺون ته پاڻ صلي الله عليھ وسلم اسان جو آخري نبي آهي، جيڪو به سندن دروازي تي ڪهي آيو. اهو جهوليون ڀري واپس وريو. سندن ذات ۾ اهڙو ته اثر نظر اچي ٿو، جو کين پنهنجي اکين سان ڏسندڙ ته پري جي ڳالهه، پر اُهي ماڻهو جيڪي اڄ جي دور جا آهن، سندن ديدار جو شرف حاصل نه ڪرڻ باوجود مٿس پروانن جيان گهور ٿيندا نظر اچن ٿا. وڻ ٽڻ، پکي پکڻ، جانور، چنڊ ستارا، سندن ذات مٿان صلواتون پڙهندي محسوس ٿين ٿا .

حضرت محمد صلي الله عليھ وسلم سچ پچ ته هن ڪائنات وارن لاءِ هڪ ڀاڳ جي صورت ۾ آيا. اها قوم وڏي خوش نصيب آهي، جيڪا پاڻ صلي الله عليھ وسلم کي خدا جو رسول مڃي، مٿس ڪلمون پڙهي ٿي ۽ پاڻ کي ان جي اُمت ۾ شمار ڪري ٿي. منهنجو ايمان آهي ته اڄ به جيڪڏهن ڪو ماڻهو کڻي اهو سڄو گناهن ۾ ڀريل ڇو نه هجي. پر ڪنهن مشڪل گهڙيءَ ۾ سچي دل سان پاڻ صلي الله عليھ وسلم کي مدد لاءِ سڏي ٿو، ته  سندن هر مشڪل ڪشائي ٿي وڃي ٿي ۽ ٻيڙا پار ٿي وڃن ٿا. (مديني جا مير سُڻ منهنجا سڏڙا) توڙي جو هن ڪائنات جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ کانئس اڳ هڪ لک چوويهه هزار پيغمبر هن دنيا ۾ جلوا افروز ٿيا ۽ هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي حصي جون ذميواريون نڀايون ۽ انساني ڀلائي لاءِ جاکوڙيو. پر انهن سڀني نبين ۾ حضرت محمّد صلي الله عليھ وسلم جي حيثيت تارن وچ ۾ چنڊ جهڙي نظر اچي  ٿي. تڏهن ته کيس  سڀني نبين جو سردار ڪوٺيو وڃي ٿو. دنيا جو عظيم شاعرشاهه لطيف تڏهن  ته کيس هنن سٽن جي صورت ۾ ڀيٽا ڏئي ٿو.

ناز منجهاران نڪري جڏهن پرين ڪري ٿو پنڌ،

ڀونءَ پڻ بسم الله چئي راهه چمي ٿي  رَند،

اُڀيون گهڻيون ادب سين حورون حيرت هنڌ،

سائين جو سوڳنڌ ساجن سڀنئان سهڻو.

(شاهه)

حضرت محمّد مصطفيٰ صلي الله عليھ وسلم جي ذات اقدس جا ايترا ته رنگ آهن، جو جيڪڏهن هڪ رنگ جي تعريف ڪرڻ ويهجي ته تعريف ڪندي ڪيتريون ئي صديون گذري وڃن. پر پوءِ به پورو پئجي نه سگهجي. ڪائنات جي هر شيءِ سندن تعريف ڪندي نظر اچي ٿي. حضرت  محمّد مصطفيٰ صلي الله عليھ وسلم نالو آهي محبت جو ۽ محبت ان سمنڊ واري حيثيت رکندڙ آهي، جنهن جو ٻيو ڪنارو ڪنهن کان لڀي نٿو سگهي.

ربيع الاول کي سنڌي ۾ عرس جو مهينو چئجي ٿو. نه صرف 12 ربيع الاول پر پوري مهيني ۾ نبي پاڪ صلي الله عليھ وسلم جي ولادت جون تقريبون ملهائجن ٿيون. هنن تقريبن ۾ دُرود پاڪ جون محفلون ۽ خيرات في سبيل الله جو اهتمام ڪجي ٿو. جشن آمدِ رسول جي سلسلي ۾ نعتيه مشاعرا منعقد ڪجن ٿا ۽ علماءِ ڪرام جي خطاب تي مشتمل سيرت ڪانفرنسون منعقد ڪجن ٿيون. ننڍڙن ننڍڙن پيارن ٻارن کي نوان ڪپڙا پارائي اسٽيجن تي انهن کان حمد ۽ نعت جا شعر پڙهائجن ٿا. هن مهيني ۾ سنڌ جي ٻهراڙين ۾ مولودن جا شغل منعقد ڪجن ٿا. هيءُ مولود جي صنف مخصوص ئي حضور پاڪ صلي الله عليھ وسلم جي ولادت جي ذڪر لاءِ آهي. موضوع جي لحاظ کان ته مولود ۾ وسعت آئي آهي. پر مولود جي وصف ساڳي ئي آهي. مولود ٻارين جي شڪل ۾ پڙهبا آهن. سنڌ ۾ هن وقت به ڪيتريون ئي ٻاريون آهن، جيڪي مولود جي شغل پڙهن ٿا، جنهن ۾ مولودن سان گڏمداحون ۽ معجزا به پڙهبا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org