ادارو
خط
هانگ ڪانگ جي هڪ مشهور
ٽيليويزن براڊڪاسٽر پنهنجي پُٽ کي لکيو. اهو براڊ
ڪاسٽر پاڻ به ٻارن جي نفسيات جو ماهر آهي. هي خط
سڄي دنيا ۾ بيحد مشهور ٿيو. جيڪڏهن غور سان پڙهجي،
ته اهو خط اسان سڀني تي لاڳو ٿئي ٿو. پوءِ ڀلي
ڇوڪرو هجي يا ڇوڪري، جوان هجي يا پوڙهو.
پيارا پُٽ!
ٽي سبب آهن، جيڪي مون کي هيءُ خط لکڻ تي مجبور ڪري
رهيا آهن.
1.
زندگيءَ ۾ سُٺي يا خراب قسمت ۽ حادثن جو اوچتو
ٿيڻ، هڪ فطري عمل آهي. ڪنهن کي به اها ڄاڻ نه آهي،
ته هو ڪيترو عرصو جيئرو رهندو، تنهنڪري اهو مناسب
آهي، ته مان توهان کي پهرين ئي ڪجهه ڳالهيون چئي
ڇڏيان.
2.
مان توهان جو والد آهيان. جيڪڏهن مان توهان کي
ڪجهه نه ٻُڌائي سگهيس، ته پوءِ ڪو به ٻيو ماڻهو
توهان کي اهو سڀ ڪڏهن به ڪونه ٻڌائيندو.
3.
مان جيڪي ڪجهه لکي رهيو آهيان، اهو منهنجن ڪڙن
تجربن جو حاصل آهي ۽ شايد انهن تي عمل ڪرڻ سان،
اوهان بيشمار غير ضروري پريشانين کان بچي ويندئو.
هيٺيون ڳالهيون ياد رکجو.
جن ماڻهن جو سُلوڪ توهان سان سُٺو نه هجي، تن بابت
شڪايت نه ڪندا ڪيو. مون کان ۽ توهان جي ماءُ کان
سواءِ ڪو به ماڻهو توهان سان سُٺي سُلوڪ سان هلڻ
لاءِ ٻڌل ناهي. جيڪي ماڻهو اوهان سان سُٺو سلوڪ
ڪن، انهن جو قدر ڪجؤ ۽ انهن جا شڪر گذار رهجو. ها
اوهان کي ان ڳالهه کان ضرور خبردار رهڻ گهرجي، ته
هر ماڻهوءَ جي سُٺي رَويي پويان ڪو نه ڪو مقصد
ضرور هوندو آهي. جيڪڏهن ڪير اوهان سان سُٺو سُلوڪ
ڪري ٿو، ته ان جو اهو مطلب بلڪل به ناهي، ته هو ڪو
اوهان کي پسند ڪري ٿو. توهان کي احتياط ڪرڻ گهرجي
۽ تڪڙ ۾ کيس حقيقي دوست نه سمجهڻ گهرجي.
دنيا ۾ ڪو به ماڻهو اڻٽر ناهي. لازم ناهي ته دنيا
جي هر شيءِ اوهان جي ملڪيت هجي. جي اها ڳالهه
اوهان جي ذهن ۾ پڪي پختي ٿي وئي، ته اوهان لاءِ
زندگي گذارڻ بِنهه سوَلو ٿي ويندو. خاص طور تي
اهڙين حالتن ۾، جڏهن توهان جي چؤڌاري موجود ماڻهو،
توهان کي وڌيڪ برداشت ڪرڻ نه گهرندا يا توهان جي
محبوب شيءِ اوهان وٽ موجود نه رهَي. زندگي بيحد
مختصر آهي. جيڪڏهن اڄ اوهان پنهنجي زندگيءَ جون
گهڙيون وڃائي رهيا آهيو، ته ايندڙ سڀاڻ اوهان کي
اهو ٻڌائيندي هوندي، ته زندگي توهان کي ڇڏي وڃي
رهي آهي. جيترو جلدي اوهان پنهنجي زندگيءَ ۾ مليل
خزانن مان فائدو حاصل ڪري سگهندؤ، اوترو ئي گهڻو
اوهان زندگيءَ جو مزو ماڻي سگهندؤ.
زندگي عارضي احساسن جو نالو آهي ۽ وقت، عمر ۽ مُوڊ
ساڻ اهي احساس ڌُنڌلا ٿيندا ويندا آهن. جيڪڏهن ڪا
محبوب شيءِ اوهان کي ڇڏي ڏئي ٿي، ته صبر جو دامن
هٿان نه وڃايو، وقت سان زخم ۽ ڏک ڀرجي ويندا. ڪڏهن
به محبت ۽ حُسن بابت وڌائي نه ڳالهايو، ساڳئي
نموني محبت جي وڃڻ کان پوءِ ڏک ۾ به وڌاءُ سان
ڳالهه ٻولهه نه ڪيو.
دنيا ۾ بيشمار ڪامياب ماڻهو، سُٺي تعليم حاصل نه
ڪري سگهيا، ان جو مطلب اهو هرگز ناهي، ته توهان
پڙهائيءَ ۾ محنت کان ڪم نه وٺو. توهان جيڪو به علم
حاصل ڪندا آهيو، اهو اوهان جو هٿيار بڻجي ويندو
آهي. ڪو به ماڻهو ڪاميابيءَ تائين پهچي سگهي ٿو،
پر شرط اهو آهي، ته هو شروعات ته ڪري، پوءِ ڀلي
اها شروعات هڪ ننڍڙي شيءِ کان ڇو نه هجي.
مان اِن اُميد تي نه پيو جيئان، ته جڏهن مان پوڙهو
ٿي ويندس، ته توهان منهنجو مالي سهارو بڻجندؤ. پر
اصل ڳالهه اها آهي، ته جڏهن توهان وڏا ٿي ويندؤ،
ته پوءِ توهان کي سهاري ڏيڻ جي منهنجي ذميداري ختم
ٿي ويندي.
تنهن کان پوءِ اوهان کي ئي اهو فيصلو ڪرڻو
آهي، ته توهان پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سفر ڪندؤ يا
ليموزن جهڙي قيمتي ڪار ۾. امير بڻجندؤ يا غريب.
پنهنجي قول جي پاسداري ڪجؤ، پر ٻين مان اِها اُميد
ڪڏهن به نه رکجؤ، ته هُو به
ائين ئي ڪندا.
توهان ماڻهن سان سُٺو سُلوڪ ڪيو، پر ٻين
مان اهڙي ڪا به اُميد نه رکو. جيڪڏهن توهان اِها
ڳالهه نه پيا سمجهو، ته
توهان کي عملي
ميدان ۾ غير ضروري ڏکيائون آڏو اچي سگهن
ٿيون.
مون هر سال الائي ڪيتريون لاٽريُون خريد ڪيون، پر
ڪڏهن به ڪنهن لاٽريءَ ۾ منهنجو ڪو هڪڙو به انعام
نه نڪتو. ان ڳالهه مان اوهان اهو اندازو لڳائي
سگهو ٿا، ته دولتمند بڻجڻ لاءِ توهان کي سخت محنت
ڪرڻي پوندي. مفت ۾ ماني ناهي ملندي.
منهنجو ۽ اوهان جو ساٿ هن دنيا ۾ الائي ڪيترو
هوندو!؟....اچو، جيڪو وقت اسان کي مليو آهي، ان
مليل وقت جي خزاني مان مزو ماڻيون. اسين نٿا
ڄاڻون، ته ايندڙ
زندگيءَ ۾
اسان کي هڪ ٻئي سان ملڻ نصيب ٿيندو به
الائي نه.
توهان جو والد.
}هن خط کي وري پڙهو. پنهنجي اولاد کي چئو ته اهو
ٽي ڀيرا پڙهي.{
***
گذريل
صدي جي معروف
ليکڪ
”سمرسٽ
ماهم“
چيو هو ته،
”مطالعي
جي عادت اختيار ڪري ڇڏڻ جو مطلب هي آهي، ته توهان
دنيا جهان جي ڏکن کان بچڻ لاءِ هڪ محفوظ پناهه
گاهه ڳولي ورتي آهي.“
مطالعي جي
انساني جبلت،
ذهني ڪارڪردگي ۽ جسماني ڪيفيت تي هاڪاري يا
ناڪاري اثرن بابت جديد سائنس ڊگهي وقت کان تحقيق ۽
جستجو ۾ مصروف عمل آهي.
ڇا! مطالعو غمگيني، مايوسي ۽
پوڙهائپ پيرسنيءَ کي ختم ڪرڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو؟
ڇا! پڙهڻ سان بيچين طبيعت سڪون واري حالت ۾ اچي
سگهي ٿي؟ ڇا! هڪ ٽڙيل پکڙيل يا بي ترتيب ذهن کي
مطلعي جي عادت
سان يڪجاءِ ڪري سگهجي ٿو؟ ڇا پڙهڻ سان
واقعي يادداشت بهتر ٿي وڃي ٿي؟ ڇا!خاص مزاج جي
ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ وڌيڪ بهتر ثابت ٿي سگهي ٿو!
مذڪوره سوالن جا جواب سائنس جي نقطه تحقيق سان
ڄاڻڻ کان پهرين ان ڳالهه جي وضاحت ڪرڻ به ضروري
آهي، ته هتي مطالعي مان مراد نه ته ڪمپيوٽر ليپ
ٽاپ ۽ موبائل فون تي ايپليڪيشن وغيره جي مدد سان،
اخبار يا رسالي جو ايڊيشن پڙهڻ آهي ۽ نه وري پي ڊي
ايف فارميٽ ۾ ڪو ڪتاب يا اي بڪ پڙهڻ آهي. بلڪ زير
نظر مضمون ۾ لفظ
”مطالعو“
جي اصطلاح فقط ڪاغذن تي ڇاپيل اخبار، رسالي ۽ هر
ان ڪتاب جي لاءِ استعمال ڪئي وئي آهي، جنهن کي هٿ
لڳائي سگهجي ۽ هٿ ۾ کڻي پڙهي سگهجي.
ننڊ ۽ مطالعو.
”اڪثر
ماڻهن کي اوهان شڪايت ڪندي ضرور ٻڌو هوندو، ته
اسين ڪتاب جو مطالعو ڪرڻ چاهيون ٿا پر ڪتاب جا ٻه
ٽي صفحا پڙهندي ئي ننڊ جا جهوٽا اچڻ شروع ٿي وڃن
ٿا ۽ اسان مطالعي کي اڌ ۾ ڇڏي، ننڊ جي پُرسُڪون
واديءَ ۾ گم ٿيو وڃون.“
دلچسپ ڳالهه هيءَ آهي، ته مطالعو ڪرڻ دوران ننڊ ۽
غنودگي اچڻ جي پريشاني جو سامهون اچڻ، ڪتاب جو
مطالعو ڪرڻ وارن ماڻهن کي ئي نه ٿو ٿئي، بلڪ
مطالعي جا عادي شوقين پڙهندڙ به اڪثر ڪري ڪتاب
پڙهندي پڙهندي ئي دنيا ۽ جهان کان بي خبر ٿي گهري
ننڊ سمهيو پون. ننڊ ۽ مطالعي جو پاڻ ۾ تعلق جو پتو
لڳائڻ لاء ڪيل مختلف سائنسي تحقيق
کان پوءِ سائنسدانن جيڪي نتيجا اخذ ڪيا آهن، ان
مطابق مطالعي جو آغاز ڪرڻ سان ئي ذهني ٿڪاوٽ گهٽ
ٿيڻ شروع ٿئي ٿي ۽ انساني دماغ هڪدم پُرسُڪون حالت
۾ اچي وڃي ٿو. جنهن سبب ڪتاب پڙهڻ واري کي تيز ننڊ
جا جهوٽا اچن ٿا ۽ نه چاهيندي به ان کي ننڊ اچڻ
لڳندي آهي.
ائين ته بهرحال مطالعي وقت ننڊ اچڻ جي پريشاني يا
مونجهاري جي ڪري پڙهندڙ کي ڪتاب پڙهڻ جي عادت هرگز
نه ڇڏڻ گهرجي، ڇو ته ننڊ ايندڙ پڙهندڙن لاءِ سائنس
جي دنيا مان
سٺي خبر هي آهي، ته ميسا چوٽس ۾
”برانڊئيس
يونيورسٽي“
جي سائنسدانن جي هڪ ٽيم پنهنجي هڪ سائنسي تحقيق ۾
اهو انڪشاف ڪيو آهي، ته ننڊ، يادداشت ۽ سِکڻ جي
عمل جو پاڻ ۾ وڏو گهاٽو تعلق آهي، جيڪو انساني
دماغ جي نظام ۾ ننڊ کي فروغ ڏيڻ جو سبب بنجي ٿو ۽
اهو ئي يادداشت کي محفوظ رکڻ جو ذميوار آهي. ذڪر
ڪيل تحقيق جي مطابق انسان جي دماغ ۾ شروعاتي
معلومات محفوظ بڻائڻ جي نظام کي سائنسي اصطلاح ۾
”ميموري
ڪنسوليڊيشن“
چئبو آهي ۽ ننڊ ان نظام کي اضافو ڪندي آهي. جڏهن
ته انساني دماغ
۾ يادداشت جي
متعلق حصي
”هيمو
ڪيمپس“
ٿوري مدت جي يادن کي طويل مدتي يادن ۾ تبديل ڪرڻ
جو ڪم سرانجام ڪندو آهي. ان ڪري ننڊ اچڻ کان پهرين
نيم غنودگيءَ جي عالم ۾ پڙهيو ويندڙ ڪو به ڪتاب يا
رسالي جي ڪجهه صفحن جو ڪيل مطالعو ضايع نه ٿيندو،
بلڪ انساني حافظي ۾ محفوظ رهي ٿو. شايد ان ڪري ئي
رات دير تائين مطالعو ڪندڙ شاگرد پنهنجي هم ڪلاسي
شاگردن جي
مقابلي ۾ وڌيڪ بهتر ڪارڪردگي ڏيکارين ٿا.
ذهني دٻاءَ کان نجات.
سال
2009ع
۾ ڪيل هڪ تحقيقي
مطالعي جي برطانيه جي سسيڪس يونيورسٽيءَ جي محققين اهو نتيجو ڪڍيو
آهي، ته مطالعي ڪرڻ سان ذهني دٻاءُ يعني ڊپريشن ۾
68
سيڪڙو تائين حيرت انگيز گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. قطع
نظر ان ڳالهه جي ته، پڙهڻ وارو ڪهڙي موضوع جو ڪهڙو
ڪتاب پڙهي ٿو؟ يعني هر اهو ڪتاب جنهن کي پڙهندڙ
ڀرپور دلچسپيءَ سان پڙهي، اهو ئي ڪتاب ان جي
روزمرهه جي پريشانين ۽ ذهني دٻاءَ کي پري ڪرڻ جو
سبب بڻجي سگهي ٿو.
دلچسپ ڳالهه هيءَ آهي، ته برطانيه سميت اولهه جي
ڪيترن ئي ملڪن ذهني دٻاءَ جي مريضن جي چڱڀلائيءَ
لاءِ مطالعي کي بطور علاج ڪرڻ لاءِ باضابطه طور تي
منظوري ڏني آهي. ان طريقي جي علاج کي طبي اصطلاح ۾
”بائيبلو
ٿراپي“
چيو وڃي ٿو ۽ ڪجهه اولهه جي ملڪن ۾ ڊاڪٽر پنهنجي
اسپتالن ۾ ذهني دٻاءَ جي شڪار ماڻهن کي
”بائيبلو
ٿراپي“
تحت اخبار يا ڪو رسالو بطور نسخو تجويز ڪرڻ جي
مڪمل آزادي حاصل اٿن، پر مريض کي بطور نسخو پڙهڻ
لاءِ ڪهڙو موضوع ۽ ڪهڙو ڪتاب ڏيڻو آهي. ان جو
فيصلو مريض کي لاحق بيماريءَ جي نوعيت، علامت ۽ ان
جي ذهني لاڙي کي سامهون رکي ڪيو ويندو آهي. جڏهن
ته ذهني دٻاءُ جي شڪار مريض کي مرض جي شدت ۽ ڪيفيت
کي سامهون رکي، ڪنهن قدر ڊاڪٽر ان کي ڏينهن جو
گهڻو حصو گهر يا آفيس جي بدران لائبريريءَ ۾ گذارڻ
جو مشورو ڏيندو آهي.
سڀ کان وڌيڪ حوصلو وڌائيندڙ ڳالهه هيءَ آهي، ته
ذهني دٻاءُ جو شڪار مريضن تي
”بائيبلو
ٿراپي“
طريقي جو علاج حدف تي تير وانگر اڪسير ثابت ٿيو
آهي ۽ اهي صرف مطالعي جي بدولت مڪمل طور شفاياب
ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن.
يادداشت ۽ مطالعي جي يادگيري.
مطالعي جي پڪي عادت انسان جي ذهني دٻاءُ گهٽ ڪرڻ
سان گڏ ان کي ڪيترن ئي عارضن کان محفوظ رکي ٿي.
جنهن ۾ خاص طور تي مرڪزي اعصابي نظام ۽ حافظي جي
متعلق سنگين نوعيت جون بيماريون شامل آهن. هڪ نئين
سائنسي تحقيق جي مطابق مطالعو ڪرڻ وارا پيرسن
ماڻهو، انهن ماڻهن جي مقابلي ۾ قابل رشڪ يادداشت
رکن ٿا، جيڪي مطالعي کي عمر ڀر نظرانداز ڪن ٿا.
(هلندڙ......)
12
ربيع الاول جمعي جو ڏينهن هو. جڏهن کان حڪومت جمعي
جي موڪل ختم ڪئي ۽ آچر تي عام موڪل ڪئي اٿن. اسان
12
ربيع الاول جمعي جي موڪل ملهائي. منهنجي لاءِ شايد
هي پهريون جمعو هو، جنهن ڏينهن صبح کان ئي جمعي جي
نماز ياد رهي ۽ ان جو باقائده اهتمام به ٿيو.
پاڪستان جو واپاري طبقو ان ڳالهه جو شاهد آهي، ته
ڪاروبار ۾ مَٺائپ جيڪا هن وقت آهي، سا اڳ ڪڏهن به
ڏسڻ ۾ ڪانه آئي. وقت ۽ مال ٻنهي مان ڄڻ برڪت ختم
ٿي چڪي آهي. هر شخص مزدور هجي يا ڪارخانيدار
پريشانيءَ ۾ ڦاٿل آهي. شروع ۾ ته مال جي لالچ ۾
ڦاٿل ماڻهن جمعي جي موڪل ختم ٿيڻ ۽ آچر جي موڪل
ٿيڻ تي ڏاڍيون خوشيون ڪيون ۽ حڪومت کي مبارڪون
ڏنائون، ته هن پاڪستان کي عالمي واپاري منڊيءَ جي
صف ۾ آڻي بيهاريو آهي، پر هاڻي هر طرف کان اهي
ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن، ته لڳي ٿو ته جمعي جي
موڪل ختم ٿيڻ جو اعلان هڪ عذاب ثابت ٿيو آهي. جيڪو
سموري قوم کي واپار جي
تباهي
۽ وقت جي بي برڪتيءَ جي شڪل ۾ ڀوڳڻو پئجي رهيو
آهي. عالم ۽ اسلام پسند حلقا اها ئي ڳالهه وڏي
واڪي چئي رهيا آهن، ته عام ماڻهو ۽ واپاري حلقا به
اها ئي ڳالهه ڪري رهيا آهن. شروع ۾ نام نهاد عالمن
۽ سيڪيولر طبقي اسلام مان ئي ان جو جواز پيش ڪرڻ
جي ڪوشش ڪئي، ته اسلام ۾ ڪوبه موڪل جو ڏينهن نه
ٿيندو آهي ۽ جمعي جي ڏينهن نماز لاءِ ٻن ڪلاڪن جو
وقفو ڪافي آهي. پر اهي ڳالهين کي وچڙائي رهيا آهن.
هتي اهو مسئلو ناهي، ته اسلام ۾ موڪل آهي يا نه؟
اصل مسئلو هيءُ هو، ته مسلمان قوم ۽ ان جون
حڪومتون جيڪڏهن هفتي ۾ ڪو موڪل جو ڏينهن مقرر ڪرڻ
چاهين، ته اهو ڪهڙو ڏينهن هجي؟ ڇا اهو آچر هجي يا
مسلمانن جو عيد وارو ڏينهن جمعو هجي؟ جنهن ڏينهن
عيسائي چرچ ۾ وڃي عبادت ڪندا آهن، يا يهودين جي
عبادت وارو ڏينهن ڇنڇر هجي، يا مسلمانن جو عيد
وارو ڏينهن جمعو هجي، ڇو ته جمعي کي ننڍي عيد چيو
ويو آهي.
جمعو اهو ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن دنيا وجود ۾ آئي.
جمعي جي ڏينهن حضرت آدم عليھ السلام کي دنيا ۾
موڪليو ويو ۽ جمعي جي ڏينهن حضرت آدم عليھ السلام
لاڏاڻو ڪري ويو. جمعي ڏينهن حضرت ابراهيم عليھ
السلام کي نمرود جي باهه کان نجات ملي. حضرت يونس
عليه السلام مڇيءَ جي پيٽ مان ٻاهر نڪتو. حضرت
موسى عليھ السلام کي فرعون جي غلاميءَ کان نجات
ملي. جنهن ڏينهن هي دنيا ختم ٿيندي، يعني قيامت،
سا به جمعي ڏينهن ٿيندي ۽ جمعي ڏينهن ئي رب تعالى
پنهنجو ديدار ڪرائيندو. دعا جي قبوليت لاءِ سڀ کان
وڌيڪ يقيني وقت بابت حديثن ۾ جيڪو آيل آهي، انهن ۾
هڪ
”ليلة
القدر“
آهي ۽ ٻيو جمعي جي ڏينهن جو
’ڪو
وقت‘.
پر جيئن ليلة القدر کي مقرر نه ڪيو ويو آهي، تيئن
جمعي جي ڏينهن به دعا جي مقبوليت واري وقت جو تعين
نه ڪيو ويو آهي. مختلف حديثن مان جيڪي قول ملن ٿا،
انهن مطابق دعا جي قبوليت جي اها گهڙي، امام جي
خطبي لاءِ منبر تي ويهڻ کان وٺي جمعي نماز جي ختم
ٿيڻ تائين آهي. يا جمعي نماز شروع ٿيڻ کان وٺي
سلام ڦيرڻ تائين يا دعا ڪرڻ وارو جڏهن جمعي جي
نماز پڙهي رهيو هجي.
ڪن عالمن جو چوڻ آهي، ته اهو وقت وچين نماز کان
وٺي سج لهڻ تائين آهي. ڪي عالم چون ٿا، ته اهو وقت
جمعي جي ڏينهن جون آخريون گهڙيون آهن. ڪي صبح صادق
کان وٺي سج اُڀرڻ تائين چون ٿا. جڏهن ته ڪي اهو
وقت سج اُڀرڻ کان پوءِ ٻڌائين ٿا. حضرت ابوذر
غفاري رضي الله تعالى عنھ جو قول آهي، ته
”جمعي
ڏينهن دعا جي قبوليت جو وقت سج لهڻ کان ٿورو پوءِ
هڪ هٿ سج لهڻ تائين آهي.“
حصن حصين جو مصنف امام جزري رحمة الله عليھ جو چوڻ
آهي، ته منهنجو عقيدو هيءُ آهي، ته دعا جي قبوليت
جو وقت نماز ۾ صورة الفاتحه پڙهڻ کان وٺي، آمين
چوڻ تائين آهي. امام نووِي رحمة الله عليھ جو چوڻ
آهي، ته مسلم ۾ حضرت ابو موسى اشعري کان ثابت آهي،
ته دعا جي قبوليت جو وقت امام جي خطبي لاءِ منبر
تي ويهڻ کان وٺي نماز جي ختم ٿيڻ تائين آهي.
مختلف قولن جي پٺيان اصل حڪمت هيءَ آهي، ته جمعي
جي ڏينهن دعا جي قبوليت جي ڪوشش ۾ جمعي جو سڄو
ڏينهن عبادت ۾ گذارجي ۽ جيڪڏهن اهو ممڪن نه هجي،
ته گهٽ ۾ گهٽ سج لڙڻ کان وٺي سج لهڻ تائين ته ضرور
عبادت ۾ مشغول رهجي، ائين ڪرڻ سان ان وقت اندر
ٻنپهرن کان شام تائين دعا جي قبوليت جي گهڙي اچي
ويندي. ان ڪري مسلمانن هميشه ان تي عمل ڪيو آهي ۽
دنيا جا مسلمان هميشه کان جمعو موڪل ڪندا آيا آهن.
حضرت عمر بن عبدالعزيز پنهنجي فوجين لاءِ جيڪو
فرمان جاري ڪيو هو، ان ۾ چيو هئائين ته،
”اميرالمؤمنين
کين حڪم ٿو ڪري، ته هر جمعي جي رات ۽ ڏينهن سفر نه
ڪن ۽ آرام ڪن. جنهن ۾ پاڻ به آرام ڪن ۽ سندن جانور
به آرام ڪن ۽ پنهنجي سامان ۽ هٿيارن جي مرمت ڪن.“
ان کان پوءِ مسلمانن پنهنجي سموري تاريخ ۾ ڪڏهن به
جمعي جي موڪل کي ڇڏي ڪو ٻيو ڏينهن موڪل نه ڪئي.
ننڍي کنڊ ۾ انگريزن جي حڪومت کان پهريان تائين
جمعي جي موڪل جو قانون قائم رهيو. ايتري قدر جو
انگريزن جي حڪومت جي دؤر ۾ جن رياستن ۾ مسلمانن جي
حڪومت قائم رهي، مثلاً: حيدرآباد ۽
ڀوپال
وغيره. اتي جمعي جي موڪل وارو قانون هلندو رهيو.
پر هاڻي اسان جي ملڪ جي سيڪيولر کوپڙي رکندڙ حاڪمن
کي جمعي جي موڪل واري اسلامي نشاني به پسند نه
آهي!
بني اسرائيل
”سبت“
يعني ڇنڇر واري ڏينهن جو قانون ٽوڙيو هو، ته مٿن
خدا جي لعنت ٿي ۽ سندن مُنهن ڀولڙن جهڙا ٿي ويا.
جيڪڏهن جمعي جي قانون ٽوڙڻ تي پاڪستاني قوم تي
مُعاشي تباهي ۽ بي برڪتي نازل ٿي آهي، ته ان ۾ ڪا
عجب جي ڳالهه نه آهي. ڇو، ته ان ڳالهه تي عالمن جو
اتفاق آهي، ته تڪبير اولى کان وٺي جمعي نماز تائين
ڪنهن به قسم جون ڪاروباري مشغوليون جمعي جي قانون
کي ٽوڙڻ برابر آهن.
***
محمد
صالح کهڙو
قاضيءَ جو انصاف
پيارا ٻارو! اڄ کان ڪافي سال اڳ
ڪورٽن جا چڪر ڪونه هوندا هئا، نه وري فيصلي کي
ڊگھو ڪيو ويندو هو. بس هڪ قاضي هوندو هو، جيڪو
فيصلي کي جلد مڪمل ڪري فتوى ڏيندو هو.
اسلامي تاريخ ۾ قاضي عياض جو نالو
مشهور آهي،
جنهن جا فيصلا تواريخ جي سنهري اکرن ۾
ڄاڻايل آهن.
هڪ دفعي ڇا ٿيو؟ جو هڪ شخص ڪنهن جھنگ ۾ پنهنجو
ڪافي سون پوري ڇڏيو ۽ پوءِ وڃڻ لڳو. انهيءَ شخص کي
زمين ۾ سون پوريندي، هڪ ٻئي شخص ڏسي ورتو.
اهو ڏسي سون
جي مالڪ انهيءَ ڏسندڙ شخص کي چيو ته،
”جيڪڏهن
هي سون غائب ٿيو ته پوءِ توکي واپس ڪرڻو آهي،
ڇاڪاڻ ته هيءُ سون، پورڻ واري جڳهه، تو کان سواءِ
ڪنهن نه ڏٺي آهي.“
اها ڳالهه ٻڌي سون ڏسڻ واري شخص به
مڃي ورتي.
ڪجھه ڏينهن گذرڻ کان پوءِ سون
جي مالڪ اتي
وڃي ڏٺو، جتي سون پوريو
هئائين،
ته سون ته
غائب آهي، ڪاريءَ وارا ڪک پيا
آهن. سون جي مالڪ جون هيٺيون هيٺ ويون ۽ مٿيون مٿي
ويون. سندس سڀ ڪجھه هليو ويو.
اهو ڏسي هي انهيءَ، وقت جي قاضي
عياض ڏانهن سون جي چوري ٿيڻ جي دانهن کڻي ويو ۽
کيس سموري ڳالهه ٻڌايائينس.
انهيءَ ماجرا ٻڌڻ کان پوءِ قاضي صاحب انهيءَ سون
جي پورڻ واري هنڌ جي ڏسڻ واري کي پاڻ وٽ گھرايو ۽
کيس چيائين ته
”فلاڻي
جھنگ ۾ هن شخص پنهنجو سون پوريو هو، اُتان تو
چورايو آهي؟“
انهيءَ شخص وراڻيو ته،
”اهو
جھنگ الائي ڪٿي آهي؟ مون اهو جھنگ نه ڏٺو آهي ۽ نه
وري ٻڌو آهي، ته پوءِ مون اهو سون ڪيئن چوري ڪيو
آهي؟“
اهو ٻڌي قاضي صاحب سون جي مالڪ کي چيو ته،
”هن
شخص کي ته انهيءَ جھنگ جي ئي خبر نه آهي، جنهن ۾
تو سون پوريو آهي، ته پوءِ هن وري اهو سون ڪيئن
چورايو آهي؟ هاڻي هيئن ٿيندو، ته تون انهيءَ جھنگ
۾ وري وڃ ۽ سون کي تلاش ڪر. شايد ائين هجي، جو سون
ئي ٻئي ڪنهن هنڌ پوريو هجي، توکان سون جي پورڻ
واري جڳهه وسري وئي آهي“.
قاضي صاحب جو حڪم ٻڌي سون جو مالڪ جھنگ ڏانهن
روانو ٿيو، ته شايد مون کان ڀُل چُڪ ٿي وئي آهي.
مون سون شايد ٻئي ڪنهن هنڌ پوريو آهي.
هيڏانهن سون جو مالڪ جھنگ جي
طرف
روانو ٿيو ۽ ٻئي شخص کي، جنهن سون
پوريندي ڏٺو هو، ان کي قاضي صاحب پاڻ وٽ ويهاريو.
ڪجھه وقت کان پوءِ اوچتو قاضي صاحب انهيءَ ويٺل
شخص کان پڇا ڪئي ته،
”ڇا
اهو سون جو مالڪ انهيءَ جھنگ تائين پهچي ويو
هوندو؟“
انهيءَ شخص جلديءَ ۾ جواب ڏنو ته،
”نه
سائين.“
اهو جواب ٻڌي قاضي صاحب انهيءَ شخص کي چيو ته،
”هڪ
طرف تون چوين ٿو ته توکي انهيءَ جھنگ جي خبر ئي نه
آهي، ته پوءِ مفاصلي جي معلومات توکي ڪيئن ٿي، ته
سون جو مالڪ اڃا تائين پورڻ واري جڳهه تي ڪونه
پهتو آهي. هاڻي شرافت انهيءَ ۾ آهي ته سون، انهيءَ
سون جي مالڪ کي واپس ڪر، تو ئي انهيءَ جو سون
چورايو آهي.“
تنهن کان پوءِ انهيءَ شخص سون واپس ڪري ڇڏيو.
ناظمين
خاصخيلي
گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول قاسم آباد، حيدرآباد
]ڪتاب[
گُل هجي گلاب جهڙو،
دوست هُجي ڪتاب جهڙو.
هن شاعريءَ جو مطلب هيءُ آهي ته: گل هجي گلاب جهڙو
مطلب ته گلاب جي گل جهڙو ڪو به گل نه آهي ۽ ان گل
جي خوشبوءِ تمام گهڻي پياري هوندي آهي ۽ تمام گهڻن
ماڻهن کي وڻندي آهي. تڏهن ماڻهو گلاب جي گل سان
گهڻي محبت ڪندا آهن.
دوست هجي ڪتاب جهڙو. ان جو مطلب ته ڪتاب جي تمام
گهڻي اهميت هوندي آهي ۽ ڪتاب مان مختلف قسم جي
معلومات ملي سگهي ٿي. انسان جي زندگيءَ کي سنواري
۽ سُڌاري سگهي ٿي. ان مان اخلاق، ادب ۽ احترام ڪرڻ
جي ڄاڻ ملندي آهي. ڪتاب پڙهڻ سان انسان ۾ شعور،
صحيح ۽ غلط جي سڃاڻپ ٿي سگهي ٿي.ڪتاب پڙهڻ سان
انسان تمام بهتر انسان ٿي، پنهنجي قوم يا ملڪ کي
سُڌاري سگهي ٿو. ڪتاب جهڙو دوست دنيا ۾ ڪٿي به نه
آهي. |