پروفيسر
سليم مغل
(قسط: آخري)
ترجمو : نياز مسرور بدوي
بخيل ڪٿان جو
شرارتي ٻارن سان منهن مقابل ٿيڻ هاڻ ان جي عادت
بڻجي وئي هئي، پر هاڻي ته هو انهن ڇوڪرن جي ڪنهن
به ڳالهه تي اٻاڻڪو نه ٿيندو هو. عقيل ۾ هاڻ اها
هاڪاري تبديلي اچي چڪي هئي. پر ان تبديليءَ سان
شرير ڇوڪرن جو ٽولو مٿس ڏاڍو ڪاوڙيل هو ۽ هاڻي ته
اهي سڀ سندس اڳ کان به وڌيڪ دشمن بڻجي چڪا هئا.
اسيمبليءَ ۾ اسڪول جي هيڊ مسٽريس اعلان ڪيو ته اڄ
اسان جو ڊائريڪٽر تعليم صاحب اسڪول جي معائني لاءِ
آيو آهي ۽ اهو اوهان سان به ڪجھه ڳالهه ٻولهه
ڪندو. سڀئي ٻار سندس ڳالهيون ڌيان سان ٻڌو.
ڊائريڪٽر صاحب ٻه وکون اڳتي وڌي ڪري وڏي آواز سان
پنهنجي تقرير شروع ڪئي. سندس موضوع
”ڪشمير“
هو. ڪشمير جي مختصر تاريخ ۽ جاگرافي سمجھائڻ کان
پوءِ ڊائريڪٽر صاحب سڀني ٻارن کي ٻڌايو ته ڪهڙيءَ
ريت ڪشمير پاڪستان جو حصو بڻجي چڪو هو، پر غاصب
هندستان ڪشمير تي زبردستيءَ ۽ ڏاڍ سان قبضو ڪيو ۽
مسلمانن تي ڪهڙا ڪهڙا ظلم ڪيا. پوءِ هن چيو ته اڄ
ڪلهه ڪشمير جا مسلمان آزاديءَ جي جدوجھد ڪري رهيا
آهن ۽ تمام گھڻيون قربانيون ڏيئي رهيا آهن. اهڙي
وقت ۾ اسان جو فرض آهي ته اسان دل و جان سان انهن
جي مدد ڪريون. ڊائريڪٽر صاحب سڀني ٻارن کي چيو ته
اوهان پنهنجي خرچيءَ مان ڪجھه نه ڪجھه پيسا بچايو.
اهڙيءَ ريت ٿورا ٿورا پيسا ملي ڪري وڏي رقم گڏ ٿي
ويندي. انهيءَ تقرير کان پوءِ اسيمبلي پوري ٿي ۽
ٻار پنهنجن پنهنجن ڪلاسن ڏانهن هليا ويا.
ٻن ڏينهن کان پوءِ هيڊ مسٽريس اعلان ڪيو ته ڪشمير
فنڊ جي لاءِ هن وقت تائين ايتري ٿوري رقم گڏ ٿي
آهي ، جنهن جو اسان اعلان ڪندي لڄ محسوس ڪري رهيا
آهيون. عجب اهو آهي ته اسان جي ڀرسان واري ڪچي
آباديءَ جي معمولي اسڪول ۾ پڙهڻ وارن غريب ٻارن
گڏجي سڏجي ڪري ست هزار رپيا گڏ ڪري ورتا آهن، پر
اسان هن وقت تائين فقط ٻه هزار رپيا به گڏ ڪري نه
سگھيا آهيون. ڇا اهو اسان سڀني جو فرض نه آهي ته
اوهان ڪشمير ۾ رهڻ وارن مسلمانن جي مدد ڪريو ۽
پنهنجي اسڪول جي عزت وڌايو. هيڊ مسٽريس مسز ڪامران
وڏي آواز سان تقرير ڪندي رهي ۽ ٻارن کي سمجھايندي
رهي. هن ٻارن کي وڌيڪ ٻه ڏينهن ڏنا ته جيئن وڌيڪ
فنڊ گڏ ٿئي.
ٻئي ڏينهن اسڪول جي هدف اٺ هزار رپيا ته پورا ٿي
چڪا هئا، پر هڪ عجيب واقعو اهو ٿيو، جو اهي اٺن
هزار رپين مان پنج هزار رپيا هڪ اهڙي ڇوڪري
ٻارعطيي طور ڏنا هئا، جنهن تي چوري جو الزام لڳي
چڪو هو.
چوريءَ جي حوالي سان عقيل جو نالو ٻڌي ڪري سڀئي
اُستادياڻيون حيران ٿي ويون.
”نه
نه ائين نه ٿو ٿي سگھي. عقيل ڪڏهن چوري نه ٿو ڪري
سگھي.“
مس ميمونه هيڊ مسٽريس کي يقين ڏياري رهي هئي. پر
عقيل جي دشمن ٽولي جو اصرار هو ته جيڪو ڇوڪرو هڪ
دمڙي به خرچ نه ٿو ڪري، اهو پنج هزار رپيا ڪٿان
آڻيندو؟.
ته پوءِ اهي پنج هزار ڪٿان آيا؟ اها ڳجھارت حل ڪرڻ
جي لاءِ عقيل جي ماءُ ۽ پيءُ ٻنهي کي فونون ڪيون
ويون، پر ٻنهي پنج هزار رپين کان اڻڄاڻائي جو
اظهار ڪيو.
ننڍڙي ٻار جي هٿ ۾ پنج هزار هجن ۽ ان جي ڄاڻ گھر
وارن کي نه هجي، اهو ڪيئن ممڪن آهي.
شڪ يقين ۾ تبديل ٿيڻ لڳو ۽ اسڪول ۾ سُس پُس ٿيڻ
لڳي، جيڪو اڄ تائين بخيل سمجھيو ويندو هو، ڇا هاڻي
اهو چور به سڏرائيندو؟
عقيل کي هيڊ مسٽريس آفيس ۾ سڏايو ۽ پنج هزار رپين
بابت پڇا ڪئي. عقيل جو هڪ ئي جواب هو ته اهي پيسا
سندم جا آهن ۽ هن چوري نه ڪيا آهن. پر سندس ڳالهه
مڃڻ کان ٻاهر هئي.
عقيل سان ساڙ ڪرڻ وارا ۽ کيس بخيل سڏڻ واراسڀ
ڇوڪرا خوش هئا. ڄڻڪ هنن ڪوئي وڏو ڪم سرانجام ڏنو
هجي. شرير شجو ڪرڪيٽ جي رانديگرن جيان ٺينگ ٽپا
ڏيندي نومي سان تاڙو هنيو ۽ خوش ٿيندي چيو
”ڏٺئه!
ڪيئن دسيو آهي بخيل
جي
ٻار کي؟“
ٿوري دير کان پوءِ هڪ اڇي ڪار اسڪول جي ٻاهران اچي
بيٺي ۽ هڪ عورت تکيون تکيون وکون کڻندي هيڊ مسٽريس
جي ڪمري ڏانهن وڌي. اها عورت عقيل جي ماءُ هئي.
آفيس ۾ هيڊ مسٽريس کان علاوه اسٽاف جا ٻيا ڪيترا
ماڻهو به موجود هئا. شجو ۽ سندس ٽولي جا چار رڪن
به آفيس ۾ موجود هئا ۽ عقيل کي چور ثابت ڪرڻ جي
لاءِ پنهنجا دليل ڏيئي رهيا هئا.
اوچتو مسز جبران آفيس ۾ داخل ٿي.
السلام عليڪم! معاف ڪجو ميڊم. مون کي خيال نه رهيو
هو. اهي پيسا عقيل جا ئي آهن. اِهي پنج هزار رپيا
هن گذريل ٻن سالن ۾ گڏ ڪيا آهن. هو دراصل ...
مسز جبران گھڻو تڪڙو تڪڙو ڳالهائي رهي هئي، کيس
موقعي جي نزاڪت جو احساس ٿي ويو هو. هوءَ تڪڙ ۾
عقيل جي صفائي پيش ڪرڻ چاهي پيئي، ته جيئن ڪوئي
کيس غلط نه سمجھي. گھڙي کن ساهه کڻڻ جي لاءِ ترسي
۽ وري چوڻ لڳي
”مان
عقيل کي هر روز جيڪا خرچي ڏيندي هيس، ان مان هو
گھڻو خرچ نه ڪندو هو، پر ڪجھه رپيا بچائي رکندو ۽
اڪثر چوندو هو ته مان اهي پيسا ڪنهن وڏي ڪم جي
لاءِ گڏ ڪري رهيو آهيان. مون کي پوءِ ياد آيو ته
اهي پنج هزار يقيناً اهي ئي هوندا.“
عقيل جي ماءُ گھڻو ڪجھه چئي ويئي ته هيڊ مسٽريس
عقيل کي سڏي ڪري پيار سان سندس مٿي تي هٿ گھمايو.
سڀ اُستادياڻين کيس فخر جي نگاهن سان ڏٺو ۽ مس
ميمونه سندس پُٺي ٺپري کيس شاباسي ڏني ۽ کيس
سمجھايو به ته، ايتري رقم آڻڻ کان اڳ کيس پنهنجي
پيءُ ماءُ سان صلاح ضرور ڪرڻ گھرجي ها.
ٻئي ڏينهن اسيمبليءَ ۾ جڏهن عقيل جي ساراهه ڪندي
هيڊ مسٽريس نه پئي ٿڪجي، ته ان وقت اسڪول جا سڀئي
ٻار فخر جي نگاهن سان کيس ڏسي رهيا هئا. عقيل جون
اکيون هيٺ جھڪيل هيون، پر اڄ هو ڏاڍو خوش هو.
شجو گروپ جا سڀ ڇوڪرا اڄ اسڪول کان غير حاضر هئا.
عبدالرحمان
جتوئي (شڪارپور)
هڪ بلبل بادشاهه جي قيد ۾
ڳالهه ٿا ڪن ته هڪڙي بادشاهه جو پُٽ بيمار ٿي پيو،
شاهي طبيب ان جو علاج ڪندا رهيا، مگر سندس
بيماريءَ ۾ ڪابه گهٽتائي نه آئي. حڪيم جيئن سندس
علاج ڪن پيا، تيئن سندس بيماري وڌندي ٿي ويئي.
بادشاهه پنهنجي پُٽ جي بيماري سبب سخت پريشان رهڻ
لڳو. هڪ ڏينهن سندس ملاقات هڪ درويش سان ٿي. درويش
بادشاهه کي صلاح ڏني ته خير خيرات ڪرڻ ۽ مصيبت زده
کي تڪليف مان ٻاهر ڪڍڻ سان، بلائون ۽ مصيبتون دور
ٿي وينديون آهن. جيڪڏهن توهان ائين ڪيو ته ان شاء
الله
توهان جو فرزند تندرست ٿي ويندو. توهان غريبن ۽
مسڪينن کي ڪپڙا به وٺي ڏيو ۽ کين کاڌو به کارايو.
ان کان علاوه توهان جي باغ ۾ جيڪي به پکي پنڃرن ۾
بند ٿيل آهن، انهن کي آزاد ڪري ڇڏيو.
بادشاهه کي درويش جو مشورو پسند آيو. هن خير خيرات
به ڪئي، غريبن کي پوشاڪون به وٺي ڏنيون، ان کان
علاوه سندس باغ ۾ جيڪي به پکي قيد ۾ هئا، نوڪرن کي
حڪم ڏنائين ته انهن سڀني کي آزاد ڪيو وڃي، پر هڪ
بلبل جيڪا شڪل جي به تمام سهڻي هئي ۽ سندس آواز به
تمام سريلو ۽ مٺو هو، ان کي آزاد نه ڪرڻ جو حڪم
ڏنو. اها بلبل بادشاهه کي ڏاڍي پسند هئي ۽ سندس
آواز سان باغ ۾ خوشي ۽ مستيءَ جي لهر اچي ويندي
هئي. ان بلبل کان سواءِ ٻيا سڀ قيدي پکي آزاد ڪيا
ويا. خدا جي قدرت ڏسو! شاهي حڪيمن نئين سر شهزادي
جو علاج شروع ڪيو، ٿورڙن ئي ڏينهن ۾ هو نئون بنون
۽ تندرست ٿي ويو.
ٻئي پاسي بلبل پنهنجي سونهن ۽ سريلي آواز سبب باغ
۾ قيد رهجي ويئي. ڪڏهن ڪڏهن ڪو گڻ يا قيمتي شيءَ
ماڻهو يا ملڪ کي نقصان پهچائي ٿي.
گلشن سنڌو
لڙڪن ڀري عيد
وڏيري لکمير جو ڳوٺ
65
گهرن تي مشتمل هو جنهن تي وڏيرو لکمير پنهنجي
مردانگي رعب وجاهت سان حڪمراني ڪندو هو، غريبن جي
تڪليفن ڏکن سان کيس ڪا غرض ڪانه هئي، سندن مالي
حالتون ڏسي به سندس ڪَن تي جُونءَ ئي ڪانه چُرندي
هئي. هن کي ته بس وقت تي فصل تيار کپندو هو، هاري
ڀلي ڪهڙي به حال ۾ هجن.
انهيءَ ئي ڳوٺ ۾ سانوڻ رهندو هو، جيڪو وڏيري جي
زمين تي هارپو ڪندو هو ۽ شام جو اوطاق تي وڏيري
جي خدمت چاڪريءَ ۾ جنبي ويندو هو، کيس ٻه ڌيئر
شڪيلا ۽ گل بانو ۽ هڪ پٽ ذاڪر هو، جيڪو پنجين
ڪلاس ۾ پڙهندو هو طبيعت جو ڏاڍو حساس خاموش طبع
سمجهدار هو، اڪثر وڏيري جي ناانصافين تي به سڄو
سڄو ڏينهن سوچيندو رهندو هو، تڏهن کيس غصو به ڏاڍو
ايندو هو، پر پاڻ کي بيوس سمجهندي خاموشي اختيار
ڪندو هو. ڪجهه ڏينهن کان سندس پيءَ ڏاڍو بيمار هو
علالت سبب ڪم تي به نه پئي ويو، مٿان وري
رمضان
جو مهينو به اچي ويو، رمضان جو چنڊ ڏٺو ته سڀ ڳوٺ
وارا خوشيءَ ۾ نه پئي ماپيا، هرڪو اهو سوچي رهيو
هو ته روزا رکبا وري چنڊ ڏسنداسين ته وري عيد جي
ڏينهن نوان ڪپڙا پائي عيد جي خوشي ملهائينداسين،
پر ذاڪر ان وقت به ڪنهن ڪنڊ ۾ ويٺو والد جي طبيعت
جو فڪر ڪري رهيو هو، اهو سوچي رهيو هو ته والد
بيماريءَ سبب ٻنين تي نه ويو آهي، ته وڏيرو اسان
کي پئسا به ڪونه ڏيندو.
رمضان جو مهينو شروع ٿي چڪو هو ذاڪر پنهنجي پتڪڙن
هٿن سان والد جي صحت لاءِ دعا گهرندو رهيو.
وڏيري سندس پيءَ ڏانهن ماڻهو موڪليا ته سانوڻ ڪم
تي اچ، پر سانوڻ ٺيڪ هوندو ته ڪم تي ويندو نه،
آخرڪار ذاڪر سوچيو ته ڇو نه آئون زمينن تي ڪم ڪيان
اهو سوچي ذاڪر وڏيري جي اوطاق تي پهتو ۽ چيائين،
سائين آئون بابا جي جاءِ تي ٻنين ۾ ڪم ڪندس. بابا
جڏهن ٺيڪ ٿيندو ته پوءِ اهو حاضر ٿيندو. وڏيري چيو
ٺيڪ آ ۽ ڪمدار کي سڏي چيائين ته ڇوڪري کي ٻنين ۾
ڦٽين چونڊڻ جو ڪم ڏينس ۽ اوطاق جو ڪم به
سمجهائينس، ائين ذاڪر صبح جو زمينن تي ڪم ڪرڻ کان
پوءِ وري شام ڌاري وڏيري جي اوطاق تي سندس خدمت
چاڪري ڪندو هو، رات جو وڏيرن جو بچيل ڪيل کاڌو کڻي
اچي ماءُ کي ڏيندو هو، جيڪو کائي سڀ سمهي رهندا
هئا.
وڏيري وٽ ڪم ڪرڻ سبب ذاڪر جي تعليم ۾ به رخنو
پئجي ويو هو، ماستر به چوندو هيس ته اسڪول نه
ايندين ته توکي فيل ڪري چڏيندس، پر ذاڪر جي مجبوري
هئي ۽ ان مجبوريءَ سبب هو تعليم جھڙي زيور کان
پري ٿيندو ٿي ويو کيس خبر هئي ته اگر ڪم تي نه
ويندو ته سڀ کائيندا ڪٿان، اهو سوچي هو تعليم جي
پرواه ڪرڻ بغير ئي پورهيو ڪرڻ ۾ رڌل رهيو.
آخر رمضان به اچي پورو ٿيڻ وارو هو عيد کان ٻه
ڏينهن اڳ وڏيرو سڀني کي پگهار ڏيندو هو. معمول جي
مطابق ستاويهين رمضان تي وڏيري سڀني کي اوطاق تي
گهرايو سڀني کي پورو پگهار ڏنائين پر ذاڪر کي ڏهن
ڏينهن جا پئسا ڪٽي ڏنائين،
تڏهن
ذاڪر پڇيو ڇو سائين آءٌ ته ڪابه موڪل ڪانه ڪئي
هئي؟ ها اهو ته صحيح پر تنهنجو پيءُ جو ڏهه ڏينهن
ڪونه آيو هو، مون ان جا پئسا ڪٽيا آهن. ذاڪر پئسن
ڏانهن ڏٺو ته سندس اکين ۾ لڙڪ اچي ويا پتڪڙن هٿن
سان لڙڪ اگهندي آسمان ڏانهن ڏسندي سوچڻ لڳو ته يا
ربّ ڇا غريبن جون عيدون هميشه لڙڪن ۾ گذرنديون؟
ذاڪر ٿورڙا پئسا کڻي گهر ايندو آهي، ته دروازي تي
بيٺل سندس ننڍڙيون ڀينرون جن کي ڍنگ جا ڪپڙا به
ڪونه هئا ميرا پراڻا ڪپڙا پايو بيٺيون هيون، ذاڪر
اکين ۾ لڙڪ کڻي ماءُ وٽ آيو ۽ کيسي مان پئسا ڪڍي
ڏيندي چيائين،
”امان!
وڏيري هي پئسا ڏنا آهن هن ڏهن ڏينهن جا پئسا ڪٽي
ڇڏيا آهن، جيڪي ڏينهن بابا زمينن تي نه ويو هو“
سندس ماءُ پريشان ٿي ويئي چيائين، ته
”هنن
ٿورڙن پئسن مان اسان عيد ڪيئن ڪنداسين؟ ڪپڙا راشن
دوائون ڇا نه ٿو کپي پٽ“
ذاڪر ڪجهه چوڻ بغير ٻاھر هليو آيو گهٽيءَ ۾ کيڏندڙ
ٻارن کي ڏٺائين ته دل ڀرجي آيس هي اهي ٻار هئا
جيڪي ساڻس اسڪول ۾ هم جماعت هئا، پر هينئر ته ڄڻ
کيس سڃاڻين ئي نه پيا هُو گهر آيو ۽ سمهي رهيو
وڏيري جي پئسن مان ڪجهه دوائون راشن ورتائون، پر
عيد جي ڪپڙن لاءِ پئسا ئي نه بچيا ته سندس ننڍڙيون
ڀينر روئڻهارڪيون ٿي ويون.
اڄ عيد جو ڏينهن هو سڄو ڳوٺ خوشيون ۽ شادمانا ڪري
رهيو هو، پر ذاڪر ڏاڍو ڪوماڻيل ۽ اُداس هو، پنهنجي
ننڍڙين ڀينرن کي پراڻن ڪپڙن ۾ نه پئي ڏسي سگهيو
عيد به گذري وئي ذاڪر معمول مطابق وڏيري وٽ ڪم
ڪندو رهيو، سندس رزلٽ آيو ته کيس ڪلاس جي ڇوڪرن
ٻڌايو ته پيپرن ۾ به غير حاضر رهڻ سبب تون امتحان
۾ فيل ٿي ويو آهين ۽ توکي پنجون ڪلاس وري پڙهڻو
پوندو ذاڪر خاموش ٿي ويو ۽ هڪ دفعو ٻيهر لڙڪن ڀريل
اکين سان آسمان ڏانهن ڏٺائين ۽ گهر طرف روانو ٿيو.
صادق لاشاري
لابارو
اڄ ڏينهن ڏاڍو تپي تيز ٿي ويو هيو۔ڪان جي اک پئي
نڪتي۔پپن جي هٿ ۾ وڏو ڏاٽو هيو۔ڪڻڪ جي سٿري لڻي
وري نراڙ تي وهي آيل پگهر جا قطره هٿ جي پٺ سان
اگهي پيو وري سٿري لڻي پيو مٽي دز ڌوڙ ۾ سندس منهن
جو نقشو ئي تبديل ٿي ويو هيس۔ پپن بيوسي وچان ڪيڏي
مهل پريان سرنهن جي ٿڌي ڇانوَ کي پيو ڏسي ڪيڏي مهل
پنهنجي ڪاهيل اٺ جريب تيار ٿيل ڪڻڪ کي پيو ڏسي،
جيڪا پپن ۽ سندس ننڍن ڀائرن شفن، جمن ۽ خود کي
لڻڻي هيس پپن کي پڻس ڏاڍو سمجهايو هيو،
”پٽ
پڙھ سٺو اٿي“.
پر پپن کي رول سنگت ڇڏي ها ته پڙھي ها. نيٺ پڻس
هارپي جو ڪم ڪرڻ جو حڪم ڪيس۔اڄ ڪڻڪ لڻندي جڏهن
گرمي پگهر ڪڍي وڌس ته روئڻھارڪو ٿي پيءَ کي
چيائين، جيڪو لٺ کنيو مٿان بيٺو آهين
”بابا
ڪڻڪ نٿي لڻجي“.
پڻس مرڪي طنز ڪندي چيس،
”مون
ته توتان ڪم معاف ڪندي پڙھڻ جو چيو هيو پر توکي
پڙھڻ سٺو نه لڳو. هاڻي گرمي ۾ لابارو ڪر ته خبر
پوئي“.
ذوالفقار علي هالار (ڪوٽڙي)
ڪُڪڙ
]ٻاراڻي ڪهاڻي[
محسن علي جو مامو مير ڳوٺ ۾ رهندو هو، محسن علي
گرمين جي موڪلن ۾ پنهنجي امڙ سان گڏ پنهنجي مامي
مير وارن ڏي ويندو هو.
محسن علي کي ڳوٺ ۾ ڏاڍو مزو ايندو هو، ڇو ته اتي
وڏا ويڪرا ڪشادا گهر، ڪچا ٿڌا ڪوٺا، مَنهن، ويڪرا
اڱڻ وڏا گهاٽا وڻ ۽ وڻن تي پکي ۽ پکين جون ٻوليون
گهر ۾ ٻڪريون، ڇيلڙا، ڇيلڙيون ڏاڍيون وڻنديون
هيون، پکين ۾ طوطا ڳيرا ڪبوتر محسن کي ڏاڍو وڻندا
هئا.
محسن جو مامو مير به پکين جو شوقين هوندو هو، ان
وٽ ڪبوتر، تتر ۽ ڪڪڙ ڌاريل هوندا هئا. جنهن جو هو
پيو سارسنڀال لهندو هو. محسن به پيو هن کي ڏسندو
هو انهن پکين سان راندروند پيو کيڏندو هو. پکين
جون مٺڙيون ٻوليون ٻُڌندو ۽ خوش پيو ٿيندو هو.
محسن انهن پکين کي ڏسي عجب ۾ پئجي ويندو هو ۽
سوچيندو هو ته اهي ڪيئن ٿا ڦُٽن ۽ وڏا ٿين!
هڪ ڏينهن محسن علي جو مامو
ڪڪڙن
۽ ڪڪڙين کي داڻو پاڻي ڏئي رهيو هو، ته محسن پنهنجي
مامي کان پڇيو ته ماما، اهو ڪڪڙ ڪيئن ٿو ڦٽي ۽ وڏو
ٿئي؟
مامو: ها، محسن تو ڏاڍو سٺو سوال ڪيو آهي.
مان تو کي ٻڌايان ٿو ته مادي ڪڪڙ آنا لاهيندي يا
ڦوڙيندي آهي.
هر روز هڪ آنو لاهيندي آهي، جنهن کي بيدو به چئبو
آهي.
محسن: ماما ڪڪڙ صبح ڏاڍيون دانهون پئي ڪيون...
ڪڪڙوڪو، ڪڪڙوڪو، ڪڪڙوڪو ڇو؟
مامو: ها! محسن ڪڪڙ کي جڏهن آنو لاهڻو هوندو آهي
ته دانهون واڪا پئي ڪندي آهي. جڏهن ان کي ڪنهن
کڏيءَ يا کاري هيٺان ويهاربو آهي ته پوءِ آنو
لاهيندي آهي، پوءِ اهو کڻي سنڀالي رکڻو پوندو آهي
ته ڪو جانور يا ڪانءُ کڻي نه وڃي. سنڌي ٻوليءَ ۾
چوڻي آهي ته:
”ڪڪڙ
کي آنو، وتي ٿي ٽان ٽان ٽان ڪندي.“
محسن: ماما ڪڪڙ ڪيترا آنا لاهيندي آهي، هڪ ڏينهن ۾
گهڻا آنا لاهيندي آهي؟
مامو: ڪڪڙ روزانو هڪ آنو لاهيندي آهي، ڪُل ڏهه
ٻارنهن آنا ڏيندي آهي. ڪڪڙين جا ٻه قسم هوندا آهن:
هڪ اصيل ۽ ٻيو ٽرڙي ڪڪڙ.
ٽرڙي ڪڪڙ پندرهن کان ويهه آنا لاهيندي آهي.
پوءِ انهن تي آرو ڪنديون آهن.
محسن: ماما
”آرو“
ڇا آهي؟
مامو: ها! محسن جڏهن ڪڪڙ ڏهه ٻارنهن آنا لاهيندي
آهي ته پوءِ انهن جي مٿان ويهندي آهي، آنن کي
گرمائش ملندي آهي پوءِ انهن مان ٻچا ڦُٽي نڪرندا
آهن. آرو ايڪويهه ڏينهن ڪندي آهي. گرمين ۾ ڪڪڙ رات
ڏينهن ويهڻ ڪري ٿڪجي پوندي آهي، پوءِ ڪجهه وقت آنن
تان اُٿي داڻو پاڻي چڳي وري وڃي آري تي ويهندي
آهي.
سنڌي چوڻي آهي ته:
”ٻاهر
نڪرين ئي نٿو آري تي ويٺو آهين ڇا؟“
ايڪيهن
ڏينهن کان پوءِ اٺ نو ٻچا ڦٽندا آهن، باقي آنا
خراب ٿي ويندا آهن. گهڻي گرمي هوندي آهي ته گرميءَ
سبب ڪجهه آنا منجهي پوندا آهن، ٻچا مري ويندا آهن.
اهڙي طرح وري سياري ۾ گهڻي سيءَ جي ڪري نه ڦٽندا
آهن.
انهن ننڍڙن چوزن مان ڪجهه نَر هوندا آهن ۽ ڪجهه
مادي جن مان وڏيون ٿي ڪڪڙيون ٿينديون آهن. نَر مان
ٻانگو ڪڪڙ جنهن جي مٿي تي ڳاڙهو موڙ هوندو آهي ۽
اهو ٻانگون ڏيندو آهي ۽ مادي ڪڪڙ ٻانگ نه ڏيندي
آهي، پر آنا لاهيندي آهي ٻچا ڦوڙيندي آهي.
ڪڪڙ سال ۾ ٻه تور ڪندي آهي.
محسن: ماما
”تور“
ڇا آهي؟
اهو ڪيئن ٿيندو آهي؟
مامو: محسن تو ته مون کي لوهه ڪري، سُڪ ڪري ڇڏيو.
سوال مٿان سوال!؟
ڪڪڙ سال ۾ ٻه دفعا آنا لاهيندي آهي، هڪ دفعو سياري
۾ ٻيو اونهاري ۾. انهن ننڍڙن چوزن کي سلامت رکڻ
لاءِ انهن کي پنهنجي ڪوڙي ۾ ڪندي آهي.
محسن: ماما
”ڪوڙو“
وري ڇا آهي؟
مامو: ڪڪڙ پنهنجي ٻچن چوزن کي پنهنجي کنڀن، پرن جي
هيٺان ڪري اهڙي طرح ويهندي آهي جو انهن چوزن تي ڪو
وزن نه پوندو آهي، چوزا ڪانون، ڪُتي، ٻلي گرمي ۽
سيءَ کان ڪوڙي ۾ محفوظ هوندا آهن. ڪڪڙ ٽڪ ٽڪ ٽڪ
ڪري سڏي پنهنجي ڪوڙي ۾ لڪائيندي آهي.
انهيءَ کي
”ڪوڙو“
چئبو آهي، ڪڪڙ جي ڪوڙي ۾ ٻچا تندرست ۽ صحتمند
رهندا آهن.
ڪجهه ڏينهن ۾ چڳڻ جهڙا ٿي ويندا آهن ۽ ڊڪڻ لڳندا
آهن، تيز ڊڪندا آهن جيتن، ڪِولين ۽ ماڪوڙن جو شڪار
ڪندا آهن.
محسن: ها! ماما چوزن جي چون چون چون مون کي ڏاڍي
وڻندي آهي.
ماما چوزا تيز ڇو ڊڪندا آهن؟
مامو: ها! محسن ڇو ته چوزا صحت مند رهندا آهن،
تنهنڪري چُست ۽ چالاڪ، ڊڪڻ ۽ چڳڻ ۾ ڀَڙ هوندا آهن.
ڪڪڙ به پنهنجي ٻچن جو ڏاڍو خيال رکندي آهي، ڪنهن
ماڻهوءَ پکي، ڪتي، ٻلي کي ڀَر ۾ اچڻ نه ڏيندي آهي.
جيڪڏهن ڪانون سندس ٻچو کڻي ويندو آهي ته ان جي
پويان ڊوڙندي ويندي آهي، ڪانوَ سان ويڙهاند ڪندي
آهي، پر ڪانوَ اُڏامي ويندو آهي، ڪڪڙ اُڏامي ڪونه
سگهندي آهي، پوءِ واڪا ڪندي آهي پنهنجي ٻچن جي
بچائڻ لاءِ وس ڪندي آ، آخر واڪا ڪري احتجاج ڪندي
دنيا کي ٻڌائيندي آهي ته مون سان ناحق ٿيو آهي.
”ويڙهه
بنا ٻي ڪانهي واهه،
واڪا ڪرڻ مون وس.“
ڪڪڙ پنهنجي ٻچن کي وڏو ڪري پوءِ انهن کي دنيا سان
مُنهن ڏيڻ لاءِ ٺونگا هڻي ڊڪائيندي آهي ۽ وري ٻئي
تور جي تياري ڪندي آهي. اهڙي طرح پنهنجو نسل
بچائيندي ۽ وڌائيندي آهي. ڪڪڙ گهرن ۾ پالڻ جا
ڪيترائي فائدا آهن، اسان انهيءَ جا آنا ۽ گوشت
کاڌي جي ڪم آڻيندا آهيون ۽ جڏهن ڪو مهمان وغيره
ايندو آهي ته ڪڪڙ ڪُهي ان کي کارائيندا هئاسون
انهي ڪري چوڻي آهي ته:
ماسات مٺي ذات،
ڪڪڙ ڪُهه ته کائون رات.“
اهڙيءَ طرح سبق ٿو ملي ٿو ته پالتو جانور يا پکي
انسان کي فائدو پهچائين ٿا.
محمد
صالح کهڙو
قاضيءَ جو انصاف
پيارا ٻارو! اڄ کان ڪافي سال اڳ ڪورٽن جا چڪر ڪونه
هوندا هئا، نه وري فيصلي کي ڊگھو ڪيو ويندو هو. بس
هڪ قاضي هوندو هو، جيڪو فيصلي کي جلد مڪمل ڪري
فتوى ڏيندو هو.
اسلامي تاريخ ۾ قاضي عياض جو نالو مشهور آهي، جنهن
جا فيصلا تاريخ جي سنهري اکرن ۾ ڄاڻايل آهن.
هڪ دفعي ڇا ٿيو؟ جو هڪ شخص ڪنهن جھنگ ۾ پنهنجو
ڪافي سون پوري ڇڏيو ۽ پوءِ وڃڻ لڳو. انهيءَ شخص کي
زمين ۾ سون پوريندي، هڪ ٻئي شخص ڏسي ورتو. اهو ڏسي
سون جي مالڪ انهيءَ ڏسندڙ شخص کي چيو ته
“جيڪڏهن
هي سون غائب ٿيو ته پوءِ توکي واپس ڪرڻو آهي،
ڇاڪاڻ ته هيءُ سون پورڻ واري جڳهه تو کان سواءِ
ڪنهن نه ڏٺي آهي.“
اها ڳالهه ٻڌي سون ڏسڻ واري شخص به مڃي ورتي.
ڪجھه ڏينهن گذرڻ کان بعد سون جي مالڪ اتي وڃي ڏٺو،
جتي سون پوريو هئائين ته سون ته غائب آهي، ڪاريءَ
وارا ڪک پيا آهن. سون جي مالڪ جون هيٺيون هيٺ ويون
۽ مٿيون مٿي ويون. سندس سڀ ڪجھه هليو ويو.
اهو ڏسي هي انهيءَ، وقت جي قاضي عياض ڏانهن سون جي
چوري ٿيڻ جي دانهن کڻي ويو ۽ کيس سموري ڳالهه
ٻڌايائينس.
انهيءَ ماجرا ٻڌڻ کان پوءِ قاضي صاحب انهيءَ سون
جي پورڻ واري هنڌ جي ڏسڻ واري کي پاڻ وٽ گھرايو ۽
کيس چيائين ته
”فلاڻي
جھنگ ۾ هن شخص پنهنجو سون پوريو هو، اتان تو
چورايو آهي.“
انهيءَ شخص وراڻيو ته
”اهو
جھنگ الائي ڪٿي آهي؟ مون اهو جھنگ نه ڏٺو آهي ۽ نه
وري ٻڌو آهي، ته پوءِ مون اهو سون ڪيئن چوري ڪيو
آهي؟“
اهو ٻڌي قاضي صاحب سون جي مالڪ کي چيو ته
”هن
شخص کي ته انهيءَ جھنگ جي ئي خبر نه آهي، جنهن ۾
تو سون پوريو آهي ته پوءِ هن وري اهو سون ڪيئن
چورايو آهي؟ هاڻي هيئن ٿيندو ته تون انهيءَ جھنگ ۾
وري وڃ ۽ سون کي تلاش ڪر. شايد ائين هجي، جو سون
ئي ٻئي ڪنهن هنڌ پوريو هجي، توکان سون جي پورڻ
واري جڳهه وسري وئي آهي.“
قاضي صاحب جو حڪم ٻڌي سون جو مالڪ جھنگ ڏانهن
روانو ٿيو ته شايد مون کان ڀُل چُڪ ٿي وئي آهي.
مون سون شايد ٻئي ڪنهن هنڌ پوريو آهي.
هيڏانهن سون جو مالڪ جھنگ جي طرف روانو ٿيو ۽ ٻئي
شخص کي، جنهن سون پوريندي ڏٺو هو، ان کي قاضي صاحب
پاڻ وٽ ويهاريو.
ڪجھه وقت کان بعد اوچتو قاضي صاحب انهيءَ ويٺل شخص
کان پڇا ڪئي ته
”ڇا
اهو سون جو مالڪ انهيءَ جھنگ تائين پهچي ويو
هوندو؟“
انهيءَ شخص جلديءَ ۾ جواب ڏنو ته
”نه
سائين.“
اهو جواب ٻڌي قاضي صاحب انهيءَ شخص کي چيو ته
”هڪ
طرف تون چوين ٿو ته توکي انهيءَ جھنگ جي خبر ئي نه
آهي ته پوءِ مفاصلي جي معلومات توکي ڪيئن ٿي ته
سون جو مالڪ اڃا تائين پورڻ واري جڳهه تي ڪونه
پهتو آهي. هاڻي شرافت انهيءَ ۾ آهي ته سون، انهيءَ
سون جي مالڪ کي واپس ڪر، تو ئي انهيءَ جو سون
چورايو آهي.“
تنهن کان پوءِ انهيءَ شخص سون واپس ڪري ڇڏيو.
حفصه ڪنڀر (پنوعاقل)
ڄاڻ جي کاڻ
* سيرت طيبه جي معنيٰ آھي سيرت معنيٰ طريقو يا
عادت ۽ طيبه معنيٰ پاڪ. مطلب ته نبي پاڪ صلي الله
عليه وسلم جي پاڪ عادتن ۽ طريقن کي سيرت طيبه سڏجي
ٿو.
* وحيّ جي معنيٰ اشارو ڪرڻ آھي.
* فاروق جي معنيٰ حق ۽ باطل ۾ فرق ڪرڻ آھي.
* چمڙو
مئمل پکي آھي.
* ستن آسمانن جي مٿان آخري ڇيڙي تي ٻير جو وڻ آھي
جنھن کي سدرة المنتھيٰ سڏجي ٿو.
* سنڌ ۾ وڏي ٻوڏ سال
2010ع
۾ آئي.
* استاد بخاري جو نالو احمد شاهه آهي.
مايا ساگر اوڏ
]مختصر ڪھاڻي[
جوڳيئڙا هن جوءِ جا
ھوءَ روزانو چوندي هئي ته منهنجي گھر اچ يا مونسان
گڏ ھل پنهنجي امي سان توکي ملايان، پر ھر دفعي
سندس ڳالهه ٽاريندي رھيس ته نه تنهنجي امي جي چڪر
۾ منهنجي امي مونکي دڙڪا ڏيندي.
آئون ۽ مارئي تمام سٺيون سرتيون ھيونسين ان کان
علاوه ڪلاس فيلو پڻ اسان ٻنهي جي ڳوٺ ۾ ھاء اسڪول
نه ھئو انهيَ
ڪري اسان سميت ٻيا شاگرد ۽ شاگردياڻيون به
پنهنجي پنهنجي ڳوٺان ايندا ھئاسين، ڪي گھوڙي گاڏي
تي ڪي سائيڪلن تي ڪي جيپن تي ته ڪي وري اسان جھڙا
مزدورن جا ٻچڙا پيادل، مارئي اڪثر منهنجي گهر
ايندي رھندي ھئي ڇاڪاڻ جو اسان جي ڳوٺ ۾ سندس
ناناڻا رھندا ھئا.
مارئي جي ڀيڻ جي شادي ھئي مون کي دعوت ته ملي، پر
آئون وڃي نه سگهيس کوڙ احتجاج ڪيم پر گهر وارن جي
طرفان اجازت نه ملي ھئي.
مون محسوس ڪيو مارئي پنهنجي ڀيڻ جي شادي کان پوءِ
مون کان ڏاڍي ناراض ھئي
مارئي
کي مون پنهنجي مجبوري به ٻڌائي ھئي پر ان جي ڪاوڙ
به جائز ھئي.
ھن مونسان ڳالھائڻ ته ڇڏي ڏنو ھو، پر من ۾ لڪيل ھن
جو پيار اھو ئي ساڳيو ھو، ھن کي جيڪا ڳالهه چوڻي
ھوندي ھئي ھڪ چٺي لکي منهنجي اڳيان اڇلائيندي ھئي
سندس پھرين چٺي مون وٽ اڄ به سنڀاليل آهي جنهن ۾
لکيل ھو،
پياري آرتي!
توسان منهنجي ڪَٽي، مون پنهنجي سڀني ھڪ جيڏين
سرتين کي ٻڌايو ھو ته منهنجي ھڪ ھندو سرتي آهي ادي
شھناز جي شادي تي ايندي آئون توهان سڀني سان
ملائينديس پر تون نه آئين ھر دفعي امي نٿي ڇڏي جو
بھانو.
خدا حافظ
چٺي پڙھندي منهنجي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا ھئا آئون
روئان تنهن کان اڳ منهنجي ڪلاس فيلو فرزانه آئي
چوڻ لڳي آرتي! ھاڻي بريڪ ختم ٿي وئي ميم ڏسي تنهن
کان اڳ ھلي ڪلاس ۾ ويھون.
مارئي مون کان تمام گهڻي ناراض ھئي آئون ۽ مارئي
ھاءِ اسڪول کان وٺي ڪاليج تائين گڏ پڙھيونسين،
بلڪل سڳين ڀينرن
جيان، شروع
شروع ۾ جڏهن مون ھاءِ اسڪول ۾ پير رکيو
اتان جون کوڙ ساريون ڪلاس واريون ڇوڪريون ھندو
ھندو ڪري طنز ڪنديون ھيون، پر مارئي کين چوندي هئي
ته ڪنهن تي به ٽوڪ نه ڪجي ھر ڪنهن جو پنهنجو مذهب
آهي اسان کي ھر مذهب
جو احترام ڪرڻ
کپي. بحرحال ھن جي جائز ناراضگي ھئي پر منهنجي به
مجبوري ھئي.
ھڪ ڏينهن موڪل جو ڏينهن ھو، امي منهنجي مٿي کي
ڦَڻي ڏئي رهي ھئي سندس موڊ به سھي لڳو، مارئي جي
ناراضگي ٻڌايم پھرين ته امي نصيحت جو سبق ٻڌايو.
ڏس آرتي پنهنجي خاندان مان ڪابه ڇوڪري پڙهي ناهي
توکي پڙھي لکي ڪجهه بڻجڻو آهي، مائٽن جي عزت ئي سڀ
ڪجهه آهي ماڻهو ڇا چوندا ھنن جي ڇوڪري پڙھي لکي
کري وئي آهي. ھاڻي ھڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ ٿي وڃي سماج
۾ عزت به گھٽجي ويندي آ، الائي ڇا ڇا چيائين مون
پنهنجا ٻئي ھٿ ڪنن تي ڏئي ڇڏيا.
مارئي کي ڪلاس ۾ اداس ڏسي مون به کيس چٺي لکي
سڀاڻي موڪل جو ڏينهن آهي آئون تنهنجي گهر اينديس
تنهنجي ڀيڻ جي لاءِ تحفو کڻي، معذرت ادي جي شادي ۾
نه اچڻ لاء مون چٺي ۾ لکي سندس اڳيان اڇلائي ھئي
ھوءِ چٺي پڙھندي خوشي ۾ جھومڻ لڳي اڙي آرتي سچ تون
سڀاڻي منهنجي گهر ايندي خوشي ۾ سڀ ناراضگيون وساري
اچي ڀاڪر پاتو ھئائين.
شام جو گهر جي آڳر تي ڪتاب کڻي پڙهي رھي ھيس ۽
سوچي به رهي ھيس ته مون مارئي کي راضي ته ڪري ورتو
پر امي جي موڪل به ناممڪن آهي، ھن کان موڪل وٺڻ ڄڻ
ٻٻرن کان ٻير گهرڻ... اڙي واهه آرتي ھي طريقو
درست آهي مون پنهنجي پاڻ سان مخاطب ٿيندي ڳالھايو
ڪجهه سوچڻ سان اميد جاڳي پئي ٿي واقعي به...
پوءِ سڀ ڪتاب کٽ تي ڇڏي اچي ابو ڏانهن ڊوڙ پاتم.
ڪتاب پينون سڀئي کٽ تي وکريون پيون آهن، اوچتو
مھمان مِڙو، اچي سڄو گهر ئي ڪٻاڙو پويان، امي جون
رڙيون ٻڌندي اَڻ ٻُڌيون ڪري ڇڏيم.
ابو جيڪو ڪمري ۾ ستل ھو، منهنجي سڏن تي سندس اک
کلي وئي ابو او ابو منهنجي سڏن تي ابو چيو ڇاھي
چيم ابو توهان ڏاڍا سٺا آھيو.
پھرين چانهه پيار پوءِ اھو مسڪو ھڻجانءِ.
ابو کان اجازت وٺڻ لاءِ جلدي جلدي چانهه تيار ڪرڻي
پئي ھيم.
ابو چانهه جو خالي ڪوپ ڏيندي پڇڻ لڳو، ڏي خبر ڇا
کٽو اٿئي گھڻا پيئسا کپن.
ابو پئسا ڪونه ٿا کپن.
اڇا! ابو حيران ٿي ويو، ڇاڪاڻ جو پھرين دفعي مون
کيس پئسا ڪونه ٿا کپن چيو ھو.
ابو مارئي جي ڀيڻ جي شادي ھئي ڪونه ويس ان ڪري
سڀاڻي ان جي گهر وٺي ھلو پنهنجي ڀر واري ڳوٺ ۾ رھي
ٿي.
پھرين ابو جواب ڏنو ته مون کي ڪم آهي پوءِ چيائين
ٺيڪ آ ڀلا اتي ڳوٺ ۾ مون کي ڪم آهي سڀاڻي ٿئي پوءِ
ڏسون ٿا.
ابو جي ھاڪار تي آئون خوش ٿيڻ لڳس، تڏهن امي چوڻ
لڳي ته نه نه ماڻهو ڇا سوچيندا ھڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ
وڃڻ سھي ناھي.
تڏهن ابو چوڻ لڳو، ھنن جي به نياڻي اچي ٿي، ظاھر آ
نياڻين وارا ھوندا پڙھيل لکيل ماڻهو آهن، تڏهن ته
سندن نياڻيون به پڙھن ٿيون، ٻه درجا پڙھي ھا ته
سوچ بدلي ھا.
پر زمانو امي ايئن چوندي خاموش ٿي وئي.
ابو چيو زماني کي ڇڏ، عزت ڏيڻ وارو مالڪ آهي اھو
نياڻين جي لڄ رکندو اسان کي پنهنجي اولاد تي پورو
اعتماد آهي.
اسان جي ۽ مارئي جي ڳوٺ ۾ ٻن ميلن جو فاصلو ھو،
پر آئون ڪڏهن به سندس گهر نه وڃي سگهيس، ڇاڪاڻ جو
اسان جنهن ڳوٺ ۾ رھندا ھئاسين ان ڳوٺ جي نياڻين
کي گهر ٻاھر قدم رکڻ جي اجازت به نه ھئي، آئون
پھرين ڇوڪري ھيس جنهن پنج درجا پاس ڪرڻ کانپوءِ
ھاءِ اسڪول ۾ قدم رکيو ھو.
ٻئي ڏينهن ابو اسان کي مارئي جي ڳوٺ وٺي ھليو، اھو
به سائيڪل تي سندس گهر ڏٺل نه ھو اتان سندس والد
جي نالي سان پڇا ڪئي پوءِ اڳتي وڌياسين، پري کان
ھڪ گهر محل جو ڏيک ڏئي رھيو ھو، انهيءَ جي چوڌاري
ھڪ عاليشان اوڏڪي ڀت ھئي اھا به ٽي يا چار فوٽ
ويڪري، جنهن جي ڊيگهه ڏھ يارنھن فوٽ، ابو سندس
دروازي تي مارئي جي پيءَ کي سڏ ڪيو. ھڪ ننڍڙو
ڇوڪرو
6
يا
7
سالن جو آيو، چوڻ لڳو چاچا ابو ٻنيءَ تي ويو آهي،
اچڻ وارو آهي، پوءِ ابو اسان کي اتي ڇڏي پاڻ
پنهنجي دوست وٽ ھليو ويو.
اسين گهر اندر داخل ٿياسين، ماشاء الله ڇا ته محل
ھو، ٻاھران در دريون. مارئي جي نظر پوندي ڊوڙندي
آئي، مون سان گلي ملي منهنجي ننڍڙي ڀاءُ سان ھٿ
ملايائين.
امي
او امي! ڏس ڪير آيو آهي، مارئي جي امي ڀاڪر پائي
ملي ۽ پوءِ رڌڻي ۾ ھلي وئي، ڪجهه دير کانپوء مارئي
کي سڏ ڪيائين.
ورانڊي جي خوبصورتي، ديوارن ۾ وڏا وڏا ڪٻٽ به اھڙا
شاندار ھئا، ڄڻ صدين جا ساهه ڀريل ھجن، منهنجي نظر
چوڌاري سندس محل نما گهر تي ھئي، وڏو عاليشان گهر
جنهن تي ايتري ته چٽسالي ٿيل ھئي جو انهن تي ڪجهه
ھندي رام رام لکيل ھو ڪٿي پون پتر بجرنگ بلي جون
تصويرون ته ڪٿي ٻين ديوتائن جون تصويرون، ڪٿي ته
پوري رامائڻ ڪٿا جي چٽسالي جنهن به ٺاھيو ھوندو
اھو ڪاريگر ڪو عام نه پر وڏو ڪاريگر ھوندو، آئون
ته اھڙي خوبصورتي ڪنهن گهر ۾ نه ڏٺي اڄ تائين.
ڇا پئي سوچين ھي پنهنجي پڙهڻ کان زور آهي، الائي
ڪھڙي ٻولي آهي مارئي منهنجي ۽ منهنجي ڀاءُ جي
اڳيان ماني رکندي چوڻ لڳي.
وراڻيم ڪجهه به نه... ڪجهه به نه مون ڳالهه کي
ٽاريو.
ماني کائو.
تون به اچ نه.
ايئن آئون مارئي ادا ماني کائڻ لڳاسين، ايتري ۾
مارئي جي امي آئي، امي اچو ماني کائو کيس صلاح ڪئي
ھيم.
ڌيءَ بسم الله، مون کاڌي آھي توهان کائو. مارئي جي
امي اسان کي ٻڌايو ته، ڌيءَ ھي گهر اصل ھندن جا
آهن، جڏهن سنڌي ماروئڙن کي ڏيهه نيڪالي ڏني وئي،
تڏهن ھي محل توڙي ٻيون ملڪيتون واڻيا اسان جي وڏن
جي حوالي ڪري ويا ھئا، ڇاڪاڻ جو اسان جا وڏا انهن
وٽ ملازمت ڪندا ھئا، تنهنڪري انهن ويندي ويندي اھو
چيو ته ڌاريا ھن ديس ۾ اچي ھي ويڙھو وسائن ان کان
بھتر آهي توهان ھن محل ۾ رھو اسان جون نشانيون نه
ڊاھجو ان ڪري اھائي چِٽسالي اھائي ھندن جي گهر جي
سڃاڻپ اڃان تائين برقرار آهي، ڏاڍو پراڻو محل آهي
پر سھڻو به، منهنجو سھرو ته ھن گهر کي مندر جيان
مقدس سمجهندو ھو ۽ سنڌي ھندن جو سيوڪ سڏائيندو
ھو. ھوءَ چوندو ھو ته اسان پوري زندگي ھندوئن جو
نيمڪ کاڌو آهي، ھو سنڌ ڌرتي جي اصل وارث ھندوئن کي
سنڌ جو سڄڻ سمجھندو ھو.
اھو ٻڌندي منهنجي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي ويا، ھڪ ٿڌو
ساهه ڀري مارئي جي امي سان مخاطب ٿيس.
پر امي جيڪي اھڙو شاندار محل ڇڏي ويا انهن جي ڇا
حالت ھوندي.
بس پٽ، اسان جا وڏڙا ٻڌائي ويا آهن ته انهن کي
ايترو ڏک پنهنجن ملڪيتن جو به نه ھو جيترو ڏک سنڌ
ڌرتي کي ڇڏڻ جو ھو.
آئون وڌيڪ ماني نه کائي سگهيس الائي ڇو!
ڪجهه دير کان پوءِ ابو اسان کي وٺڻ آيو، مارئي جو
ابو به اچي چڪو ھو، ھن منهنجي مٿي تي ھٿ رکي چيو،
ڌيءَ تون به اسان لاءِ مارئي جيان آهين، مارئي جي
ابو منهنجي ابو کي چانهه پيئڻ کان بغير نه ڇڏيو.
ايئن مارئي چانهه ٺاھي آئي اسين گڏجي چانهه پيتي،
چانهه پيئڻ کان پوءِ اسين گهر ڏانهن روانا ٿياسين،
جيئن سائيڪل جا ٽائر ڦرندا رھيا تيئن منهنجو دماغ
به ڦرندو رھيو ان ڏينهن کانپوءِ مارئي جي گهر وڃي
سنڌ ڌرتي جي اصل دربدر وارثن جو محل ڏسڻ جي ھمت
مون ۾ نه ٿي.
ريان يونس پنهور (پراڻي ميرپور)
سهڻا موتي
·خيانت
ڪندڙ شخص فقط اهو نه آهي جيڪو امانتون کائي وڃي
بلڪ اهو به آهي جيڪو ڪنهن جي ڳالهه ٻين سان ڪري.
2.
پنهنجو پاڻ کي داناءُ نه سمجهه بلڪ اهو اندازو
لڳائيندو ڪر ته تو ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون نادانيون آهن.
3.
شاهوڪار ان
شخص کي نه چئبو آهي جنهن وٽ گهڻي دولت هجي بلڪ
قنايت ڪرڻ واري کي به شاهوڪار چئبو آهي.
4.
بيوقوف فقط اهو ناهي جيڪو جاهل هجي، بلڪ اهو به
آهي جيڪو پئسي جي لاءِ جان قربان ڪري ۽ ان کي خرچ
نه ڪري.
5.
غريب اهو نه آهي جنهن کي دولت نه هجي پر غريب اهو
آهي جنهن کي ڪو دوست نه هجي.
6.
فقط اڻپڙهيل بيوقوف نه هوندا آهن، پر اهي پڙهيل به
بيوقوفن ۾ شمار ڪبا آهن جيڪي علم کي صحيح استعمال
ڪرڻ نه ڄاڻن.
7.
ڪتاب پڙهڻ وقت تون ان جي زبان ۽ گرامر ڏانهن ڌيان
نه ڏي بلڪ ان جي خيالن ڏانهن پورو ڌيان ڏيندو ڪر.
سُڪار
جاکرو
مورڙو ۽ مانگرمڇ
اڄ ڪراچيءَ واري جنهن علائقي کي توهان ماڙي پور جي
نالي سان سڃاڻو ٿا ان جو اڳوڻو نالو مورڙو هو جنهن
کي انگريزن جي زماني ۾ موري پور سان مٽايو ويو ۽
هاڻي اهو ماڙيپور سڏجي. انهي ئي علائقي ۾ گل ٻائي
چوڪ تي گلٻائي واري پل جي هيٺيان شاهه عبداللطيف
ڀٽائي جي سورمن مورڙي ۽ سندس ڀائرن جون قبرون آهن.
مورڙو ڪلاچي واري علائقي جي سون مياڻي ۾ وسندڙ
اوڀايي نالي هڪ بهادر انسان جو پٽ هو. جيڪو ذات جو
بهليم هو. پر جڏهن سندس ماءُ پي اباڻا پڊ ڇڏي اچي
مياڻي ۾ ويٺا ته کانئن پويان اوڀائي به مڇي مارڻ
جو ڌندو اختيار ڪيو ۽ ان مياڻي ۾ ڏاڍو نالو ۽ ناڻو
ڪمايو. تان جو ان مياڻي جو نالو ئي سندس ماءُ جي
نالي تو سونمياڻي پئجي ويو.
مورڙي کي ڇهه سڳا ڀائر پَنهير، اڱاريو، مانجهاندو،
لَلو، سانئر ۽ هنجهه هئا ۽ هڪ سڳي ڀيڻ سيرهين هئي.
مورڙي جا ڇهه ئي ڀائر وڏا سورهيه ماڻھو هئا. سندن
ٽولي مياڻيءَ ۾ ڇُڳير جي نالي سان مشهور هئي. هي
ڇهه ئي ڀائر شڪار ڪندا هئا. جڏهن ته مورڙي کي منڊي
هئڻ سبب گھر جي سارسنڀال لاءِ ڇڏيو ويندا هئا.
ستئي ڀائر پرڻيل پڻ هئا. جڏهن مورڙي جي زال ڀاڄاين
کان مڙس جي پتي وٺڻ ويندي هئي ته مورڙي جون ڀاڄايو
کيس مهڻا ڏيندا هيون، هڪ ڀيري چيائونس ته،
”تنهنجو
مڙس ڪمائي ته ڪونه پر ڀائرن جي ڪمائي مان ٻين کي
ٿو کارائي سخي ٿو سڏائي.“
جنهن تي مورڙي جي زال کين چيو ته،”مورڙو
به مفت ڪونه ٿو کائي پويان گھر سنڀاليو ويٺو آهي.“
جنهن تي ڀاڄاين کلي چيس،”منڊا
به ٿا گھر سنڀالين.“
هن ويچاريءَ اچي مورڙي کي دانهن ڏني ته،”تنهنجون
ڀاڄايون مون کي تنهنجي نڪمي ۽ جڏي هئڻ جا مهڻا
ٿيون ڏين.“
مورڙي ڪاوڙ ۾ چيس،”تون
انهن ڳالھين ۾ نه پئو. آءٌ ڄاڻان منهنجا ڀائر
ڄاڻن.“
پر هڪ ڏينهن پنهنجن ڪنن سان ڀاڄائين جا مهڻا
ٻڌائين ته ڪاوڙجي پيو ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو رڇ کڻي
شڪار تي نڪتو. سيرهين کي جڏهن خبرپئي ته ڊوڙي وڃي
وڏن ڀائرن کي ٻڌايائين،”ادا،
ڀاڄايون مورڙي کي طعنا ٿيون ڏين سو هو شڪار تي پيو
وڃي.“
انهي تي ڀائر ڊوڙي وٽس ويا ۽ کيس سونهن قسم ڏئي
پرچائي رستي تان موٽائي آيا.
جنهن کان پوءِ ڪجهه ڏينهن سکيا گذريا پر نيٺ وري
به ڀاڄاين کي ڪنهن کي اهو چوندي ٻڌو ته مورڙو ته
سخي مڙس آهي. غريبن جو ڏاڍو خيال رکي ٿو ته ان
ڳالهه تان وري به انهن مورڙي جي زال کي مهڻو ڏنو
ته،”پرائي
مال تي سخاوت ڪندي ڪو ڦڪو نه نٿو ٿئي.“
انهي مهڻي کان پوءِ ته مورڙو صفا چڙي پيو ۽ زال کي
ساڻ ڪري دلو راءِ جي نگري ڏانهن روانو ٿيو.
جيتوڻيڪ پيءُ ۽ ڀائرن گھڻو جھليس پر هن ڀيري هي نه
مڙيو.
دلو راءِ جي نگري ۾ هي مسواڙ تي رهڻ لڳو پر هڪ
ڀيري شڪار تي ويندي بادشاهه جي نظر مٿس پئي ته هن
کيس سڃاڻي ورتو ته هي ته اوڀائي جو پٽ آهي جنهن
ڪنهن زماني ۾ سندس نگري ۾ ماڻهن کي ستائيندڙ مانگر
مڇ جو آنو ڦيهي ان کي اتان ٽاريو هو سو مورڙي کي
نوڪر ڪري رهائڻ لڳو.
رقيه محمد اسماعيل (حيدرآباد)
کل ته سهي
ڪنهن ٻڪرار هڪڙي ڇوڪر کي پنهنجو ڌڻ چارڻ لاءِ ڏنو،
سو ٻڪريون ڪاهي پئي ويو ۽ واٽ تي هڪ هاتڪ گڏيس،
تنهن چيس ته
”ابا،
هيءُ هڪ ٽڪو اٿئي، ٻيو ڪجهه به ڪين ٿو گهران،
جيڪو ننڍي ۾ ننڍو ڇيلو هجئي، سو کڻي ڏيم، ڀل توکي
ڪسر هجي. ڇوڪر ڀانئيو ته پاڻ مالڪ کي ٿو فائدو
پوي. سو ٽڪو وٺي هڪ ننڍو ڇيلو ڪاهي ڏنائينس. اڃان
اڳڀرو ويو ته وري
”هو،
چوڻ لڳس ته ڀلا اهو ٽڪو به ڦٻيو ۽ ڇيلو به وٺ. مون
کي هن کان ٿورڙو وڏو ڇيلو ڏي.ڇوڪر ڀانئيو ته ڇيلو
مفت ۾ ٿو مليم سو وڏيرڙو ڇيلو ڪاهي ڏنائينس. ٿورو
اڳڀرو وڌيو ته اهو ساڳيو هاتڪ چوڻ لڳس ته چڱو ڀلا
ٽڪو به توکي ڦٻيو ٻئي ڇيلا به توکي. مون کي هي
وڏيرڙو ٻڪر ڏي، ڇوڪر هاڻ به ائين ڪيو تان جو اهو
چور سڄي ڌڻ مان وڏي ۾ وڏو ٻَڪر وٺي هلندو ٿيو. شام
جو جڏهن ڇوڪر موٽي ويو تڏهن مالڪ کي هڪل ڪري چوڻ
لڳو ته سائين ٽڪو به کڻي آيو آهيان ۽ هڪ ٻڪر به
پٺيان ميڙيو اٿم. مالڪ ڏاڍو خوش ٿيو ته هڪ هڪ ڪري
ڇيلا ۽ ٻڪر ڳڻڻ لڳو پر ڏسي ته هن چرئي
5
رپين وارو ٻڪر ٽڪي ۾ ڏئي ڇڏيو، پوءِ هن ٿڦڙ هڻي
پاڻ وٽان ڪڍي ڇڏيائينس.
محترمه ايڊيٽر صاحبه
گذارش هيءَ آهي ته هن کان اڳ ۾ توهان ڏانهن ڪجهه
ڪهاڻيون گُل ڦُل ۾ شايع ٿيڻ لاءِ موڪليون هيم،
هاڻي وري ڪجهه ٻيون ڪهاڻيون موڪلي رهيو آهيان،
مهرباني ڪري اهي ڪهاڻيون به ماهوار
”گُل
ڦُل“
۾ شايع ڪرڻ جي عنايت ٿئي. مان توهان جو نهايت
ٿورائتو رهندس.
عبدالرحمٰن جتوئي
ڀٽي محلو، صدر روڊ، شڪارپور
محترمه ايڊيٽر صاحبه
اميد ته خيريت هوندي مطلوب المقصد. جيئن ته آئون
پنهنجي ٻن ڏوهٽين سعديه ۽ عائشه جو گڏيل گروپ فوٽو
موڪلي رهيو آهيان. اميد آهي ته ماهوار گل ڦل ۾
شايع ڪنديون ته اوهان جا احسان مند رهنداسين.
سجاد علي
ڳوٺ الهڏتو چانڊيو، حيدرآباد
ادي، السلام عليڪم!
اميد ته توهان ۽ گل ڦل جي سموري ٽيم خوش هوندي.
ادي، مهرباني ڪري گلن جهڙي
”گل
ڦل“
رسالي کي هر مهيني وقت تي شايع ڪنديون ڪريو. ادي،
اسين ته هر مهيني
”گل
ڦل“
جو انتظار ڪري ڪري ٿڪجي پوندا آهيون.
ادي،
”گل
ڦل“
ماشاء الله تمام گهڻو خوبصورت رسالو آهي، پر مسلسل
ليٽ شايع ٿيڻ جي ڪري پنهنجي حسناڪي وڃائي رهيو
آهي. ادي، اميد ته گلن جهڙي
”گُل
ڦُل“
رسالي کي هر مهيني وقت تي شايع ڪري کيس پنهنجي
حُسناڪي موٽائي ڏينديون. مان ڪجهه مواد موڪلي رهي
آهيان اهو واري ملڻ تي شايع ڪندايون ته مهرباني
ٿيندي.
عبدالغفار شيخ
حيدرآباد
مانواري ڀيڻ
السلام عليڪم!
بعد خيريت جي ته، گل ڦل لاءِ ٻالڪ شاعري موڪلجي
ٿي. اميد ته معيار تي لهندي، جيڪڏهن اوهان گُل ڦُل
۾ شايع ڪنديون ته دعاگو رهندس.
وفا منظور چوهاڻ
ڪاليج روڊ، شڪارپور، سنڌ
مئي
2022ع
جي ماهوار شماري ۾
”لطيفي
لات“
جي سلسلي ۾ ڏنل بيت
”سُر
ڪلياڻ“
جي داستان ٽئين جو نائون نمبر بيت آهي.
بيت جي سمجهاڻي ۽ مفهوم:
سلوڪ واري واٽ ۾ (حق تائين پهچڻ خاطر) دوئي (توحيد
جي ضد) پاڻ هڪ قسم جي مدد (ضرورت) آهي. جيئن
روشنيءَ جو ضد اونداهي آهي (ڇو جو اونداهيءَ کان
سواءِ روشنيءَ جي خبر نه پوندي). هيءَ ڳالهه صفا
چٽي پيئي آهي، پر انهن کي نظر ايندي يا سمجهه ۾
ايندي جن جي اکين تي الف يعني توحيد جي عينڪ لڳل
آهي. (مطلب هيڪڙائي حق) واري عينڪ مان هيڪڙائي ۽
وحدانيت صاف چٽي نظر ايندي.
بيت جي صحيح معنيٰ لکندڙن جا نالا:
* محمد يوسف ڀٽي: ڪلاس ڏهون، گورنمينٽ بوائز هاءِ
اسڪول ٽنڊو محمد خان.
* حسان نوشاد ڀٽي: گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو
محمد خان.
* اذان علي: گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول، مرزا
قليچ بيگ، حيدرآباد.
* حاشر علي: گورنمينٽ نور محمد هاءِ اسڪول،
حيدرآباد.
* زوهيب رند: ڪلاس ڏهون، گورنمينٽ بوائز هاءِ
اسڪول ٽنڊو محمد خان.
* پپو: ڪلاس ڏهون، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول
ٽنڊو محمد خان.
* گل محمد ميرجت: ڪلاس ڏهون، گورنمينٽ بوائز هاءِ
اسڪول ٽنڊو محمد خان.
* عبدالحميد رند: ڪلاس ڏهون، گورنمينٽ بوائز هاءِ
اسڪول ٽنڊو محمد خان.
* پرڀو ٺاڪور: ڪلاس ڏهون، گورنمينٽ بوائز هاءِ
اسڪول ٽنڊو محمد خان.
* حسنين ابڙو: ڪلاس ڏهون، گورنمينٽ بوائز هاءِ
اسڪول ٽنڊو محمد خان.
* محمد ياسين پليجو: ڪلاس ڏهون، گورنمينٽ بوائز
هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان.
* محمد مدثر دايو: ڪلاس ڏهون، گورنمينٽ بوائز
هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان.
* دليپ هيمراج: ڪلاس ڏهون، گورنمينٽ بوائز هاءِ
اسڪول ٽنڊو محمد خان.
* اوشاق سهتو: ڪلاس ڏهون، گورنمينٽ بوائز هاءِ
اسڪول ٽنڊو محمد خان.
بيت جي صحيح معنيٰ لکي موڪليندڙن مان محمد
ياسين پليجو جو ڪُڻو نڪتو آهي، کيس سنڌي ادبي
بورڊ پاران گُل ڦُل جي ڪاپي موڪلجي ٿي.
|