سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل جون 2022ع

باب:

صفحو:1

 

ايڊيٽر: نجمه پنهور

 

 

9

وَنِيَنِ ۾ وِصالَ جِي تان ڪا ڪانِي پاءِ،

دُوبينَائِي دُورِ ڪَري مَعرفَتَ مَلهاءِ،

سُپيرِيان جي سُونھَ ۾ رُخنو ڪونه رِهاءِ،

اَکِ اَشهَدُ چاءِ، ته مُسلِمانِي ماڻِيين.

سمجهاڻي:

تون محبوب سان وصال (قرب) خاطر پنهنجي اکين ۾ انهيءَ سُرمي جي سَرائي پاءِ جنهن سان تون هڪ بدران ٻه ڏسڻ واري عادت کان ڇوٽڪارو لهين، تڏهن تون معرفت (واري مقام) جي لائق ٿي پوندين. (ياد رک) سپرين جي سونهن آڏو ڪا رڪاوٽ نٿي جڳائي (دوبينائي جو علاج ڪر). مسلمانيءَ جو حقيقي درجو ماڻڻ لاءِ پهريائين هيڪڙائيءَ کي سڃاڻڻ واري اک حاصل ڪر.

]10[

سُرُمو سَياهِيءَ جو رَنُنِ کي رِهاءِ،

ڪانِي ڪارائِيءَ جِي پُرسُ ٿِي مَ پاءِ،

اَکِينِ ۾ اَٽڪاءِ، لالائِي لالَڻ جي.

سمجهاڻي:

ڪاري رنگ وارو سُرمو (جيڪو عام طور سڀ پائن) عورتن کي سونهي ٿو. اها ڪاري رنگ واري سُرمي جي سرائي جيڪڏهن تون مرد آهين ته نه پاءِ. تو کي گهرجي ته پنهنجي اکين ۾ محبوب (روحاني رهبر) جي ڳاڙهاڻ کي لڳائين (تون پاڻ کي هن جي رنگ ۾ رڱ ته تنهنجي اکين ۾ به از خود اهو رنگ نظر ايندو).

]11[

سُرُمو سُفيدِيءَ جو جڏهن پاتو جَنِ،

تَڏِهن ڏِٺِي تَنِ، اَڇائِي عالَمَ جِي.

سمجهاڻي:

جن پنهنجي اکين ۾ (حق ۽ سچ وارن جو) سفيد سُرمو لڳايو، تن کي پوءِ جهان ۾ هر هنڌ سفيدي (حق ۽ هدايت) وارو رنگ ئي نظر آيو (ٻين لفظن ۾ تڏهن هو هدايت وارا ٿيا).

]12[

سُرُمو سَفيدِيءَ جو جڏهن پاتو جَنِ،

تَڏِهن ڏِٺِي تَنِ، رونَقَ ريٽي جِهڙِي.

سمجهاڻي:

جن پنهنجي اکين ۾ ڳاڙهي رنگ جو سُرمو وڌو ته پوءِ انهن کي وري هر طرف ڳاڙهاڻ جهڙي سرخي ڇانيل نظر آئي.

]13[

ڳاڙهو ئِي ڳاڙهو، ڪارو پَسَنِ ڪينَڪِين،

اَکڙِيَنِ پاڙو، وَڃي ڪِئو لاکَ سِين.

سمجهاڻي:

هو (الله وارا) هر طرف ڳاڙهاڻ يا ڳاڙهو رنگ ڏسن ٿا، کين ڪارو (ٻيو ڪو رنگ) نظر نٿو اچي. ڇو ته هنن جي اکين لاک جهڙي ڳاڙهي شيءِ سان وڃي ويجهڙائي ڪئي آهي. انهيءَ ڪري کين هر طرف ڳاڙهاڻ مثل سرخي نظر اچي ٿي.

شاهه جو رسالو

]سُر آسا- داستان چوٿون، محقق: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سمجهاڻي ۽ مفهوم: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ[

 

 

غلام محمد ڀٽي

نعت

مٺڙي  مديني مان وڃان وڃان،

آس  اندر ۾ آھي  اڃان اڃان،

وڃي مديني کي چمان چمان.

اتڙي خوشبوءِ ھير وسي ٿي،

گھٽڙيون بار بار گھمان گھمان،

گناھن کي بخشرائڻ لاءِ مان.

راتيون ڏينھنان روئان روئان،

محبتن جا اڏيل  مينار آھن،

ٻھاري اتڙي مان ڏيان ڏيان.

ڪٿي سڪون ڪونھي اڄ،

خوش مان اتي ٿيان ٿيان،

من مان مير ڪڍان  ھتڙي.

اندران سڄو ڌوئان ڌوئان،

خزانن ۾ ڪمي ناھي تو وٽ،

معافيون ٿو گھران گھران.

صدمن سھڻ جي طاقت نه آ،

عاجزيون نيازيون ڪيان ڪيان،

سڪ تنھنجي جو پياسو آھيان.

زم زم تڏھن ٿو مان پيان پيان،

ڀٽي تو در کڻندو رھندو  ھٿڙا،

 سور تو سان ٿو سليان سليان.


 

احمد خان آصف مصراڻي

 

ڀيڻ

ننڍڙي ڀاڳن واري ڀيڻ، توکي ڏسندي ٺريا نيڻ،

اهڙي تنهنجي صورت آهه، جهڙي چنڊ جي مورت آهه.

 

تون ئي ٻولين جيڪي ٻول، آهن موتي ڄڻ انمول،

مائٽ مِٽ توتان ٻلهار، ڀائر تنهنجا خدمتگار.

 

ٿيندءِ عمر جڏهن پنج سال، مڪتب ۾ وڃجان هرحال،

پڙهڻ لکڻ سان رکجان چاهه، علم پڙهڻ ۾ ناهه گناهه.

 

موٽي گهر ۾ پائين پير، پاڻ کي رڌپچاءَ تي هير،

خوش ٿي گهر جو ڪج ڪم ڪار، سبڻ ڀرڻ ۾ ٿئي هوشيار.

 

پياري ڀاڳن واري ڀيڻ، توکي ڏسندي ٺريا نيڻ،

ٿيندءِ سورهن سال ڄمار، ڀيڻ اسان کان ٿيندءِ ڌار.

 

عرض ڪري ٿو توکي ڀاءُ، ڌارج ڌيرج شرم حيا،

چوکي رکجان پنهنجي چال، لڄ پت ست ۽ سِل سنڀال.

 

سُهريجن جو رکجان شان، پيڪن جو به مٿي ڪر مان،

داغن کان رک دامن پاڪ، گهر گهر ٿيندي تنهنجي هاڪ.

پياري ڀاڳن واري ڀيڻ، ڪين ورائج ڪنهن کي ويڻ.

 


 

صاحب خان سورهه ميراڻي

محنت

اگر ڪوبه محنت ڪري ٿو،

وڏو مان جڳ ۾ لهي ٿو.

 

اٿڻ سان پڪاري خدا کي،

اهو مطمئن ئي رهي ٿو.

 

چڱائي ڪري، سو چڱو آ،

سدا سو دعائون کٽي ٿو.

 

سچو ساڻ سنگتي هجي پو،

سڄو درد گهٽجي وڃي ٿو.

 

اهو ئي ته غاصب ٿيو آ،

پرائو حق جو کسي ٿو.

 

مٽن مائٽن سان چڱو هل،

خدا ڀي اهو ئي چوي ٿو.

 

مري جو به سورهه ويو آ،

اهو ڪونه موٽي اچي ٿو.

 

ڪوثر ٻرڙو

اَمن

امن ۾ مزو آ بغاوت بُري آ،

خاموش رهجي شرارت بُري آ.

 

ٻڌي ايڪو هميشه هجي،

ڀلا ڪير چوندو جماعت بُري آ.

 

جڏهن آهيون آدم جو اولاد سڀ،

اُخوت هجي هر عداوت بُري آ.

 

وطن سان جنهن کي محبت هجي،

رهزن تنهن جي رفاقت بُري آ.

 

ڪيل جيڪو ڪوثر نه ٿو مڃي،

ڪرڻ تنهن تي ڪوثر عنايت بُري آ.


 

اياز عالم ابڙو (ڄام شورو)

مان موهن جي دڙي جو ٻار

]ڏيڍوڻا[

مونکي ياد چٽِي

موهن دڙي جا پتڻَ پيچرا، پاڙو گھرُ گھٽِي

 

سڙهه  لهندي چڙهندي

اَکٽُ ڏٺا ها سنڌوءَ بندر تي جيڏن راند ڪندي

 

ٻيڙا لکَ هزار

مال مڏيون،بندرَبازارون مڇين جا انبار

ڍوئن انَ ڍڳا

گاڏيون چِيڪيون جُوالَ ڀرائي،

اجهو پتڻ پُڳا

 

ڀرِ ۾ ڪڙمُ ڪنڀار

مٽيءَ سان ٿي راند رچايم، گڏ پاڙي جا ٻار

ڏئي گھوماٽيون

چڪَ تي ويٺي جوڙيا ڪنڀر، مٽَ دلا چاڏيون

 

آويءَ ۾ چاڏيون

مون ٿي جوڙيا ڏاندن جوڙا، گُهگُهڙا ۽ گاڏيون

پاڻ ٿو وندرايان

جوڙو جوٽي پاڃاريءَ ۾ گاڏي ڊوڙايان

 

واهَه تي وهنجاري

 

ڏاها ڏاندَ ڀلوڙَ ڀٽارا، گهر ايندس وَاري

 

ويندو هيس مڪتب

جيڪو سکيو سوئي لکيو،

ڌرتيءَ سانڍيو سڀ

 

پئي ڪلَ نه ڪا

رهجي ويا سي موهنَ دڙي ۾،

منهنجا رانديڪا

 

گھرَ تڙَ مالَ مڙها

دفن ٿياسي موهن دڙي ۾ گاڏيون ۽ گهگهڙا

 

اچي گھمو ٻارو

لاڙڪاڻي ۾ موهن جو دڙو، ماڳ آ ناميارو

 

ڏسو عجائب گهر

اُتڙِي منهنجا رانديڪا  هِن،

شهر ۾ هڪڙو گهرُ.


 

ثناءُ الله عتيق چنجڻي

انب

ديسي سنڌي انبڙا،

ڏسي ٻهڪيا اَدڙا.

 

کائڻ آ خُوب لذيذ،

ننڍڙن- وڏڙن کي عزيز.

 

مِٺو جهڙو ماکي آهي،

خوشين جو ساکي آهي.

 

کائي ڏِسجان ڀائرن سان،

وڻندو آهي چانورن سان.

 

سُڳداسين سان اهڙو ٺَهي،

سِنڌڙي انب لک لَهي.

 

سِنڌڙي انب جي ڇا ساراهه،

سڀ ڪو چوي ٿو واهه، واهه.


 

مهر فقير

گيت

رکو علم سان ياري ٻارو،

آهي علم سان بهاري ٻارو.

 

آهي علم ٻاٽ ۾ لاٽ،

پيو ڏيکاري منزل لاءِ واٽ،

سدا ٿو جيون سنواري ٻارو.

 

رب زدني علما نبيﷺ فرمايو،

پينگهي کان قبر تائين پرايو،

گُسايو نه ڪنهن واري ٻارو.

 

آهي علم ئي نور نظرن لاءِ،

آهي علم ئي سگهه ڏٻرن لاءِ،

آ علم جي طاقت سگهاري ٻارو.

 

چئي مهر فقير وقت نه وڃايو،

پاڻ پڙهو ۽ ٻين کي پڙهايو،

ها ڪريو ختم انڌاري ٻارو.


 

ياسين ڪنڀر (پنوعاقل)

قومي نظم

ڪينجھرَ ۾ سنڌي ٻولي، منڇر ۾ سنڌي ٻولي.

ٿرَ برَ ۾ سنڌي ٻولي، گھرگھر ۾ سنڌي ٻولي.

 

ھر ڳوٺ ۾ شھر ۾، ۽ ترَ ۾ سنڌي ٻولي،

سنڌوءَ جي سونھن واري، منظرَ ۾ سنڌي ٻولي.

 

ٺل، خيرپورِ، مِٺي ۾، سکر ۾ سنڌي ٻولي.

ٿرپارڪر ڪراچي، قمبرَ ۾ سنڌي ٻولي.

 

چَپَ چَپَ تي چاههُ چَمڪِيو، اندَرَ ۾ سنڌي ٻولي.

سومر اڱاري اربع، ڇنڇرَ ۾ سنڌي ٻولي.

 

اپريل سيپٽمبر،  نوَمبَرَ ۾ سنڌي ٻولي.

ھوشو ۽ ھيمون دودي، ڪونڌرَ ۾ سنڌي ٻولي.

 

اخبار ۾ ڪُتُبَ ۾، دفترَ ۾ سنڌي ٻولي.

بزمي“ ”رفيق،َ گُلَ ۽، جوھرَ ۾ سنڌي ٻولي.

ياسينَ ٽولي ٽولي، لشڪر ۾ سنڌي ٻولي.


 

وفا ماٺيڻو اوٺو

پورهيت

جيئي سنڌ جيئي پورهيت،

جنهن جي اونچي عظمت.

 

سردي گرمي کي نه ڏسي ٿو،

جس لهي ٿي تنهن جي محنت.

 

پگهر وهائي روز ڪمائي،

روز وسي تنهن تي رحمت.

 

هن وٽ ڪنهن لاءِ نه آهي نفرت،

مُنهن تي مُرڪون من ۾ چاهت.

 

سو هر ڪنهن جو محتاج وفا،

جنهن کي پورهئي کان آهي نفرت.


 

اعجاز علي پتافي (جهڏو)

ديس

مون کي اهڙو ديس کپي،

جتي پيار ئي پيار هجي.

نه ظلم هجي نه ستم هجي،

نه ڪي ڪو لاچار هجي.

جتي ٽوڪ نه ڪي روڪ هجي،

مون کي اهڙو ديس کپي.

هر ٻار جي هٿ ۾ ٿيلهو هجي،

وقت تي تيار ويلو هجي.

هتي بُک وگهي نه مُنهن ڀيلو هجي،

هر ماڻهوءَ وٽ ڪم ڪار هجي.

ڪنهن جي مٿان نه بار هجي،

هِت چوڪيدار نه ڪمدار هجي.

مون کي اهڙو ديس کپي،

نه ڪو رشوت جو وهنوار هجي.

هر ماڻهو مڻيادار هجي،

مون کي اهڙو ديس کپي.


 

امان ميتلو (خيرپور)

ٻالڪ جي ٻولي

ٻُڌ هي ٻالڪ جي ٻولي،

ڪيڏي آهي صاف ۽ سوَلي.

ڪتاب ڏسي چئي مان پڙهان،

زوريءَ کسي ته مان کِلان،

جاڏي سنڀران چئي مان هلان،

ڳالهه نه آهي سوَلي.

مٿي تي ويهي ٺاهي ڇا ڇا،

بک لڳيس ڪري الا،

مون کي ڏي کير ۽ پاپا،

سارو ڏينهن ويٺو راند ڪري،

حاصل ٿيس مٽيءَ جي جهولي.

پري کان ڏسي ڊوڙون پائي،

ڀرسان اچي سينو لائي،

هر هر مُرڪي دل پرڀائي،

روئي پوي ته پرچڻ مشڪل،

ڦاڙيندو نيٺ پنهنجي چولي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org