الطاف حسين جوکيو (محرابپور)
منهنجو پاليل ڪتو
واهه هي منهنجو ڪُتڙو،
سهڻو، ستابو، ڏاڍو سُٺڙو.
مون سان اٿس ڏاڍي محبت،
ڪندو آهيان مان اُن جي خدمت.
جڏهن آهيان مان گهر ايندو،
مون کي ڏسي آهي پُڇ لوڏيندو.
تعظيم خاطر ايندو هلي،
واهه سندس آهي چال ڀلي.
ماني کائڻ آهيان ويهندو،
ته سامهون اچي آهي بيهندو.
هڏو ڏيندو آهيانس اُڇلي،
ته کائيندو آهي چنبن ۾ جهلي.
ڏسي جي مون کي ٻاهر ويندو،
در تائين گڏجي آهي ايندو.
ڪڏهن جي گهمائڻ وڃانس وٺي،
ته ڪين ڇڏيندو منهنجي پٺي.
واهه هي منهنجو ڪُتڙو،
سهڻو، ستابو ڏاڍو سُٺڙو.
اقصيٰ بيبو چنا (لاڙڪاڻو)
نظم
عجيب آهي هي دنيا جو دستور!
امير کان آهي وقت دور،
غريب کان آهي خوشي دور،
نياڻين کان آهي پڙهائي دور.
عجيب آهي هي دنيا جو دستور!
ڇوڪرن کان آهي راند دور،
پرديسن کان آهي گهر دور،
حق واري کان آهي حق دور!
عجيب آهي هي دنيا جو دستور!
علم حاصل ڪرڻ وارن کان آهي علم دور،
زبان واري کان آهي ڳالهائڻ دور،
انصاف واري کان آهي انصاف دور!
ڊاڪٽر
اسد جمال پلي (عمرڪوٽ)
مڻڪي جو ڌڪ
(cervical
Trauma)
]احتياط
۽ علاج[
سنڌي زبان جي مشهور پِٽ آهي ته
”شل
مُئي جو مڻڪو ڀڄي“.
ماڻهوءَ جي ٽنگ ٻانهن ڀڄڻ جي عيوض مڻڪي جي ڀڄڻ کي
موت سان تعبير ڪيو وڃي ٿو.
اڄ جي ڪچهريءَ ۾ اسين مڻڪي جي ڌڪجڻ جي متعلق خبرون
چارون ڪريون ٿا.
(الف) مڻڪي جي بناوٽ:
مڻڪي جون ست هڏيون ٿينديون آهن. جيڪي دماغ جي
کوپڙي ۽ ڇاتي جي وچ ۾ ڪنڌ ٺاهين ٿيون.هنن هڏين
مان پهرين هڏي کي يونانين ائٽلس ديوتا جي نالي سان
سڏيو آهي. جيڪا زمين جي گولي وانگيان مٿي جو بار
کڻي ٿي.
هنن ستن هڏين جي وچ ۾ سنڌا (joints)
هوندا آهن ۽ هڏن جي پاسي واري سوراخن مان دماغ
ڏانهن رت جون ناليون (vertebral
arteries)
وينديون آهن.هڏن جي مرڪزي سوراخ مان دماغ جو آخري
حصو جنهن کي حرام مغز يا مغزي ڏوري (spinal
cord)
چيو وڃي ٿو اهو لنگهي پوءِ ڇاتي ۽ چيلهه جي هڏن
تائين پهچي ٿو هڏن جي ٻاهران وري گوشت جون مشڪون،
رت جون ناليون، گلي جو غدود (thyroid)
ساهه ۽ کاڌي جون ناليون هجن ٿيون. هنن سڀني کي
ملائي ڪنڌ جو حصو (cervical
region)
چيو وڃي ٿو.
جڏهن مڻڪي کي ڌڪ لڳي ٿو ته مٿيان سڀ حصا سڌيءَ يا
اڻ سڌيءَ طرح متاثر ٿين ٿا.
(ب) سبب:
اڄڪلهه روڊن تي رش ۽ ٽريفڪ قانون جون ڀڃڪڙيون عام
آهن. غير ذميوار ۽ اڪثر اڻ پڙهيل ماڻهو، جن ۾ به
گهڻو تعداد پرديسين جو آهي. جن جا مِٽ مائٽ ويجها
نه آهن اهي اسان جي سوارين جا ڊرائيور آهن. يعني
زندگيءَ جي اهم گاڏيءَ کي ڪاهڻ وارا
تمام
غير اهم ۽ غير ذميوار افراد آهن. جنهن سبب رستن تي
اڪثر حادثا ٿين ٿا.
هي حادثا جسم جي ٻين حصن سان گڏ مڻڪي کي ڌڪ لڳڻ جو
سبب ٿين ٿا.
ساڳيءَ طرح ٻهراڙي ۾ اُٺن، گهوڙن جا سوار خواهه وڻ
تي چڙهي ڇانگ ڪندڙ ڌنار به جڏهن بي احتياطي يا بد
نصيبي سبب ڪرن ٿا ته ساڳي ڌڪ لڳڻ جو شڪار ٿين ٿا.
اهڙو ئي حشر وري ٻهراڙين کان شهر ايندڙ مزدورن جو
به ٿئي ٿو جيڪي ڪکائن جهوپڙن ۾ رهن ٿا ۽ شهرن ۾
اچي تغاريون ڍوئي فليٽس تعمير ڪندي ڪنهن ڪنهن
مٿانهين منزل تان ڪِري پون ٿا.
هن قسم جا سڀ حادثا ٻين ڌڪن ڦٽن سان گڏ مڻڪي جي
حصي تي اڪثر اثر انداز ٿين ٿا.
مڻڪو صدين کان وٺي ڀڄندو به آيو آهي، ته ڪُسندو ۽
اَڏيون آليون ڪندو به آيو آهي ۽ قربان به ٿيندو
آيو آهي. ڪٽاري ۽ ڪنڌ جو پاڻ ۾ پراڻو رشتو آهي.
ڪڏهن ڪڏهن زندگيءَ سان گهٽ ۽ موت سان وڌيڪ پيار
ڪندڙ ،ماڻهو رسو ڳچيءَ ۾ وجهي پاڻ کي ڪنهن وڻ جي
ٽاريءَ يا ڇت جي پکي ۾ ٽنگي وجهندا آهن.
مذڪوره عمل جي اگر اڌورا رهجي ويا ته بجاءِ موت
جي صرف مڻڪي کي زخمي ڪري وجهندا.انهي کان سواءِ
ڪارتوس ۽ گوليون به هن هٿيارن ڀري سماج ۾ ڪڏهن
ڪڏهن ڪنهن بد نصيب مڻڪي کي چمي وجهنديون آهن ۽
ماڻهو آزارجي پوندا آهن.
(ت) نشانيون:
مڻڪي جي ڌڪ لڳڻ سان هيٺيون نشانيون خاص طرح ظاهر
ٿينديون آهن. جن مان سمجهبو آهي ته همراهه جو
مڻڪو چُري ته نه پيو آهي.
1.
ٻانهن ۽ ٽنگن جي طاقت گهٽجڻ يا صفا ڪنڌ کان هيٺ
سڄي دڙ مان سار ((sensation
ختم ٿيڻ.
3.
پيشاب جو اخراج بند ٿيڻ.
4.
رفع حاجت جو بند ٿيڻ.
5.
بخار جو تيز تيز اچڻ.
6.
ساهه کڻڻ ۾ تمام گهڻي تيزي اچڻ.
7.
کاڌو پيتو ريڙهڻ ۾ تڪليف ٿيڻ.
8.
جسماني حرڪات جو گهٽ ٿيڻ.
ڪجهه ڏينهن گذرڻ بعد ٻيا به ڪيترا عذاب اچيو گڏ
ٿين جيئن دُڏن، ڪُلهن، پيرن، جي کڙين هيٺيان زخم
ٿيڻ، ڦڦڙن جون تڪليفون (نمونيا) ٿيڻ، هاضمي جي
درست نه هجڻ سبب پيٽ ۽ پيشاب جون ڪيئي بيماريون
ٿيڻ وغيره. هنن تڪليفن ٿيڻ سبب ماڻهو ڀٽائي صاحب
جي بيت وانگيان ٿيو پوي ته،
ڄنگهه ڄرڪي وات ۾، سِسي کي سيسار،
لکين چُهٽيس لوهڻيون، ٿيلئون ٿرئون ڌار،
چوڙا ٻيڙا چڪ ۾ ، لڙهه ۾ لڙهيس وار،
مڙيا مَڇ هزار، ڀاڱا ٿيندي سهڻي.
(ث) احتياط:
هڪڙا ٿيا اهي احتياط جيڪي ڌڪ نه لڳڻ لاءِ ڪجن،
مثال طور : حادثا، جهيڙا جهڳڙا۽ بي احتياطيون
وغيره. ٻيا احتياط ٿيا ڌڪ لڳڻ بعد مثال طور: مڻڪي
ڌڪيل همراهه کي سنئون سِڌو سُمهارجي. مريض جي ڪنڌ
کي ڇاتي ڏانهن بلڪل نه مُڙڻ ڏجي بلڪ پوئتي ڇڪي (Extended)
رکجي.
اگر ميسر ٿي سگهي ته ڪنڌ جو پٽو (Cervical_
collar)
مريض کي لڳائي ڇڏجي. اسٽريچر نه ملي سگهي ته جاءِ
حادثه تان مريض کي بجاءِ جهولي يا کٽ جي ڪنهن سڌي
ويڪري تختي تي سُمهاري پوءِ اسپتال ڏانهن اماڻجي.
(ج) اسپتال ۾ علاج:
مريض جي نبض، بلڊ پريشر ۽ بخار وغيره تپاسڻ سان گڏ
مريض کي گلوڪوز جي ٿيلهي لڳائي. پيشاب جي نلڪي (catheter)
لڳائجي اگر ڪي ٻيا زخم ڦٽ آهن ته انهن جو
بندوبست ڪجي اگر مريض هوش حواس ۾ آهي ۽ ڪنهن
ايمرجنسي حالت ۾ نه آهي ته پوءِ مريض جا فوٽو (x-rays)
ڪڍرائي مڻڪي جي هڏن جي صحيح ڪيفيت معلوم ڪجي، ان
سان گڏ سور وغيره جون سُيون لڳائجن.
ان بعد فيصلو ڪجي ته مريض کي آپريشن جي ضرورت آهي
يا نه، ڪجهه مريض خالي مٿي تي وزن ٻڌڻ (cervical
Traction)
سان به بهتر ٿي ويندا آهن.
آپريشن:
اهو فيصلو ڊاڪٽر (Neuro
surgeon)
تي ڇڏڻ گهرجي ته هو ڪهڙو آپريشن مناسب ٿو سمجهي ته
خالي هڏن ۾ ڦاٽل رڳون صاف ڪجن، جنهن کي (laminectomy)
چئجي ٿو يا وري ڪڏهن ڪجهه اسٽيل جون راڊون، پٽيون،
۽ تارون به استعمال ڪبيون آهن. ڪڏهن ڪڏهن مڻڪي جي
ٽٽل هڏي جي ٽڪر کي ڪڍي اتي وري چيلهه جي هڏي جو
ٽڪر، ڪپي ملائبو آهي. اهي سڀ فيصلا سرجن جي حوالي
۽ اگر مريض ۾ گهڻيري سهپ آهي ته پوءِ آپريشن کان
پهرين هڪ ٻيو فوٽو جو قسم جنهن ۾ ڪرنگهي ۾ دوا
وجهي (myelogram)پوءِ
فوٽو ڪڍبو آهي. اهو ڪرائڻ گهرجي.
جديد سائنسي دور ۾ هڪ ٻي بهترين ٽيسٽ مقناطيسي
لهرن سان مستفيض ٿيڻ لاءِ پڻ ايجاد ڪئي وئي آهي
جنهن کي (mri)
چئبو آهي. اها ڪرائڻ گهرجي، هن ٽيسٽ ذريعي سڄو
اندر جو احوال ٻاهر اسڪرين تي درج ٿيندو. (mri)
بعد سڀ فيصلا ۽ نتيجا ڊاڪٽر لاءِ واضح ڪرڻ بنهه
آسان ٿيو پون.
خدا ڊاڪٽر جي هٿ کي شفاء ڏئي ۽ مريض جا نيڪ ڪم
سندس صحت جو ذريعو بنجن ته هن قسم جا مريض بسترو
ڇڏي هلي گُهمي سگهندا آهن. بشرطيڪه سندن باقي جسم
نقصان کان محفوظ رهيو هجي.
ياد رکڻ جي ڳالهه هيءَ آهي ته مريض کي جنهن جو
مڻڪو زخمي ٿيل آهي انتهائي احتياط ۽ سمجهداريءَ
سان اسپتال موڪلڻ گهرجي ۽ دماغ ۽ ڪرنگهي جي ماهر
ڊاڪٽر جون خدمتون حاصل ڪرڻ گهرجن پوءِ ويهي
پنهنجين نيڪين جو ڳاڻيٽو ڪجي ته صحت جو پُڙ ازخود
ڳرو ٿي پوندو.
پروليون
1.
لامون جنهن جون لس ۾ پاڙون جنهن جون پاتال ۾، هي
پرولي پڌري جا مير ڀڃيندا مس.
2.
نه پاڻي پسي نه گاهه کائي، کير ڏي بُک تي اوهان
ٻڌايو ڇا آهي.
3.
پاڻ ڳاڙهي ۽ پُٽ ڪارو ڄڻي.
(ڪيلاش رام ڏهرڪي)
4.
هڪ وڻ ان کي پنج ٽاريون.
(اياز علي کوکر سکر)
5.
پٺي اٿس ڪاٺ جي پيٽ تي اٿس وار، ڪم ڪري ٿي صفائي
جو ، نالو ٻڌايو ڪهڙو اٿس ٻار.
(بشير احمد شاهه سيتا روڊ)
6.
اُٺ وهنتا وڃن، دلا ڪين ٻُڏن، پکي ويچارا اُڃ مرن.
(لعل چند ميرپور بٺورو)
7.
هڪ عورت کي ٻه ٻالڪ ٻئي هڪڙي ئي انگ هڪ بيهي ٻيو
هلي ته به هميشه ساٿ سنگ.
(اڪرم سومرو خيرپورميرس)
8.
رينگٽ ڪري نار وانگيان پر نار به نه آهي، جُهولي
ٿو جِنُ وانگيان پر جِنُ به نه آهي، ماڻهو مٿس
چڙهي ته جانور به نه آهي.
(گمکداس
’ديوان‘
ميرپور بٺورو)
جواب:
1.
ڊڀ
2.
اڪ
3.
باهه
4.
نماز
5.
برش
6.
ماڪ
7.
ٽنگون
8.
پينگهه
سنڌيڪار: فقير ڪرم علي اسراڻ (ڄام شورو)
]مشهور صوفي برزگ[
حضرت جُنيد بغداديرحمة
الله
حضرت
جنيد بغدادي رحه جي ولادت بغداد (عراق) ۾ ٿي. پاڻ
ولي ڪامل ۽ صاحب طريقت بزرگ هئا. پاڻ شريعت جا
پابند ۽ فيض و برڪات جو سرچشمو هئا. سندن خطابات
۽ لقبن ۾
”لِسان
القوم“
به مِلي ٿو.
حضرت جنيد بغدادي رحه، مشهور صوفي درويش حضرت سري
سقطي رحه جا ڀاڻج ۽ مريد هئا. خلافت جي بيعت
پنهنجي مامي شيخ سري سقطي رحه کان حاصل ڪئي. حضرت
جنيد بغدادي رحه پنهنجي وقت جو بادشاهي پهلوان هو.
سندس خانداني اسم شريف
’جنيد‘،
پيءُ جو اسم محترم
’محمّد‘
۽ ڏاڏي جو نالو به
’جنيد‘
هو. سندن ڪُنيت ابو القاسم هئي. تذڪره نويسن سندن
پيدائش جي تاريخ وارو سال
215هه
لکيو آهي. سندن ابن ڏاڏن جو تعلق نهاوند سان هو.
حضرت جنيد بغدادي رحه جو والد آئينه ساز ۽ شيشي جي
اوزارن ٺاهڻ جو واپار ڪندو هو. پاڻ بغداد ۾ پيدا
ٿيا ۽ اُتي ئي عمر ڀَر رهيا. تنهن ڪري بغدادي سڏيا
ويا. حضرت سيد مخدوم علي هجويري رحه عرف داتا گنج
بخش لاهوري رحه سندن اسم گرامي هنن لفظن سان بيان
ڪيو آهي: شيخ المشائخ، اهل طريقت، امام الائمه ابو
القاسم جُنيد بن محمد بن جُنيد بعدادي رحه. سندن
لقب سيد الطائفه هو. پاڻ ٽين صدي هجري ۾ اُن وقت
پيدا ٿيا، جڏهن اسلامي علوم بُلند سطح تي پهتل هئا
۽ عباسي بادشاهه مامون رشيد جي ديني مجلسن جي سبب
وڏا وڏا عالم ۽ فاضل موجود هئا. سندن تعليم ۽
تربيت سندس مامي شخ سرّي سقطي رحه ڪئي. شيخ سرّي
سقطي رحه جو خيال هو ته پاڻ فڪر ۽ سُلوڪ جون
منزلون طئي ڪرڻ سان گڏ هڪ زبردست ديني عالم ۽
فقيهه به ٿين. تنهنڪري ويهن سالن جي عمر ۾ حضرت
جنيد بغدادي رحه هڪ سُٺا فقيهه ۽ مُفتي بڻيا. ديني
علوم جي تڪميل حاصل ڪرڻ کان پوءِ سائين جن زُهد ۽
عبادت جو لُطف حاصل ڪيو ۽ اُن سان گڏ ڪاروبار ۾
مصروف رهيا. شيشي جو ڪاروبار کين ورثي ۾ مليل هو ۽
اُهو ئي شروع ڪيائون. پاڻ رياضت ۽ مجاهدا ڪيائون ۽
دنيوي ڪمن ۾ به مصروف رهيا. انهن مڙني شرعي حدن کي
سامهون رکندي فرمائيندا هئا ته تصوف، قرآن ۽ سُنت
جو ترجمان آهي، جو شخص قرآن، حديث ۽ سُنت کان واقف
ناهي، اُهو پيروي جي لائق ناهي. هڪ وقت آيو جو شيخ
سري سقطي رحه پنهنجي خواهش پوري ٿيندي مشاهدو حاصل
ڪري ورتو. ربّ پاڪ حضرت جنيد بغدادي رحه کي
روحانيت جي ايڏي وڏي مرتبي تي پهچايو جو حضرت سرّي
سقطي رحه جهڙو ڪامل بزرگ به کانئن راءِ ۽ صلاح
مشورو وٺڻ لڳو. ٽين صدي هجري، تصوف کي مڪمل ڪرڻ جي
صدي آهي. هن سڄي صديءَ کي حضرت جنيد بغدادي رحه جي
صدي قرار ڏنو وڃي ته اُن ۾ ڪو وڌاءُ نه ليکبو. ٽين
صدي هجري ۾ علماءِ و فقيهه، اديب ۽ شاعر، صوفي ۽
عارف ۽ اولياءَ جو اڳواڻ حضرت جنيد بغدادي رحه ئي
هو، سندن ذات ۽ زندگي هن پوري صديءَ لاءِ ڪافي ۽
برڪتن ڀري صدي آهي. هن صديءَ جي شروعات ۾ سندن
ولادت باسعادت ۽ آخر ۾ وصال باڪمال ٿيو. هڪ حديث
شريف جو مفهوم آهي ته
”ربّ
پاڪ جنهن ٻانهي کي جنهن ڪم لاءِ پيدا ڪري ٿو، اُهو
ڪم اُن بندي لاءِ آسان ڪري ٿو ڇڏي.“
ربّ پاڪ کي حضرت جنيد بغدادي رحه کان تصوف جي
واڌاري لاءِ عظيم خدمت وارو ڪم وٺڻو هو. اُن ڪري
کين اهڙي گهراڻي ۾ پيدا فرمايو، جنهن جا افراد
تقويٰ و پاڪائي ۽ علم و عمل جي زيور سان سينگاريل
هئا. حضرت جنيد بغدادي رحه فرمائين ٿا ته
”مون
شخ سرّي سقطي رحه جي هدايت موجب سڀ کان پهريان
حديث ۽ فقه جو علم حضرت سفيان ثوري رحه کان حاصل
ڪيو“
۽ اَٺ سال سندن خدمت ۾ رهيا. پوءِ تصوف جي تعليم
حاصل ڪرڻ خاطر شيخ ابو عبدالله حارث محاسبي رحه جي
خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ ٽن سالن تائين سندن صحبت کان
فيض ياب ٿيڻ بعد پنهنجي حقيقي مرشد جي بارگاهه ۾
حاضري ڏنائون. حضرت سرّي سقطي رحه جي دست حق تي
باقاعده بيعت ڪيائون. حضرت فريد الدين عطار رحه
سندن مجاهدا بيان ڪندي لِکن ٿا ته حضرت جنيد
بغدادي رحه صوفياءِ ڪرام جو رهبر هو، اُهو کين
صوفين جو سردار چوندو هو ۽ طائوس العلماءِ ۽
سُلطان المحققين جي لقب سان لکندا هئا. پاڻ شريعت
۽ حقيقت تي باقاعده منزل ماڻيائون، زهد ۽ عشق ۾
بيمثال ۽ طريقت ۾ رهبر جو درجو رکندا هئا. حضرت
جنيد بغدادي رحه جي ذات بابرڪات عالمن ۽ فقيهن،
شاعرن ۽ اديبن، صوفين ۽ ولين جي وچ ۾ روشن سج
وانگر آهي، جنهن جي روشنيءَ مان هر هڪ فيض حاصل
ڪري ٿو. حضرت جنيد بغدادي رحه لاءِ هڪ اعليٰ خراج
عقيدت هيءُ آهي ته تصوف جا سڀ سلسلا کين پنهنجو
پيشوا ٿا تسليم ڪن. هر زماني جا صوفي حضرات پنهنجو
تعلق اُنهيءَ سان ئي جوڙيندا رهيا آهن. |