سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل مارچ  2020ع

باب:

صفحو:5 

 

هڪ جهنگ ۾ هڪ باندر رهندو هو، جيڪو هڪ وڻ تي رهندو هو. وڻ هڪ نديءَ جي ڪناري تي هو، وڻ ۾ ڳاڙهي رنگ جا صوف ٿيندا هئا، باندر انهن کي کائي خوش ٿيندو هو.

هڪ ڏينهن ماگرمڇ نديءَ ۾ ترندو وڻ وٽ آيو، هو بکايل هو، هن باندر کي چيو، مان تمام گهڻو بکايل آهيان، تو وٽ گهڻائي صوف آهن. تون مون کي ڪجهه صوف ڏي، مان کائيندس.

باندر ماگرمڇ کي ڪجهه صوف ڏنا، ماگرمڇ انهن کي کائي خوش ٿيو، هن چيو پيارا بندر تون ڏاڍو سٺو آهين. ڇا مان تو وٽ صوف کائڻ ايندو رهان؟ باندر وراڻيو جڏهن تنهنجي دل چوي هليو اچ! آئون هر وقت توکي صوف ڏيندو رهندس. ماگرمڇ اهو ٻُڌي ڏاڍو خوش ٿيو.

ماگرمڇ ٻئي ڏينهن باندر وٽ موٽي آيو ۽ صوف وٺي کائي ڇڏيا. اهڙيءَ طرح هو هر روز باندر وٽ ايندو هو ۽ صوف وٺي کائيندو هو. هاڻي هو ٻئي دوست ٿي ويا هئا.

دوست ٿيڻ کان پوءِ باندر ۽ ماگرمڇ پاڻ ۾ ڪچهري ڪرڻ لڳا، ماگرمڇ باندر کي ٻڌايو.هن کي هڪ زال آهي ۽ هن جو گهر نديءَ جي ٻي ڪناري تي آهي. هڪ ڏينهن باندر ماگرمڇ کي ڪجهه صوف گهر کڻي وڃڻ لاءِ ڏنا، ماگرمڇ انهن کي گهر کڻي ويو ۽ پنهنجي زال کي ڏنا. هن جي زال مزيدار صوف کائي ڏاڍي خوش ٿي. هن پنهنجي مڙس کي چيو ته هو روز هن جي لاءِ صوف کڻي اچي.

اهڙيءَ طرح ڏينهن گذرندا ويا، ماگرمڇ ۽ باندر جي دوستي پڪي ٿي وئي. هو ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي ڪچهريون ڪندا ها. ماگرمڇ گهڻو وقت باندر سان گڏ رهندو هو. هن جي زال کي اها ڳالهه نه وڻندي هئي. هن کي ان ڳالهه تي ڪاوڙ اچڻ لڳي. هن سوچيو ته باندر ۽ ماگرمڇ جي دوستي ختم ٿئي.

هن هڪ ڏينهن ماگرمڇ کي چيو، ماگرمڇ ته باندر جو دشمن آهي، هو باندر کي کائي ڇڏيندو آ. هن باندر سان تنهنجي دوستي مون کي عجيب ٿي لڳي!

 

ماگرمڇ جواب ڏنو، تون اجايو ٿي اسان جي دوستيءَ تي شڪ ڪرين. اسان پڪا دوست آهيون. هڪ ٻئي کي ڪڏهن به تڪليف نه ڏيندا آهيون.

ماگرمڇ جي زال چيو، تون اهي سڀ ڳالهيون ڇڏ، تون پنهنجي دوست کي گهر دعوت تي گهراءِ. ماگرمڇ سوچ ۾ پئجي ويو. هن کي فڪر ٿيو ته ڪٿي هن جي زال هن جي دوست کي نه کائي ڇڏي. هن جواب ڏنو، ڏس باندر نديءُ جي هن ڪناري تي ٿو رهي، توکي خبر آهي ته نديءَ ۾ گهڻو پاڻي ٿيندو آهي. اسان ته ماگرمڇ آهيون اسان ته ان پاڻي ۾ تري ٿا سگهون، باندر ته هن پاڻيءَ ۾  ٻُڏي ويندو.

 

اگر مان هن کي پنهنجي پٺيءَ تي ويهاري کڻي به اچان ته پوءِ به مشڪل ٿيندي، ماگرمڇ جي زال چيو اها ڪهڙي ڳالهه آ، تون ايترو وڏو آهين ۽ طاقتور به، تون هن کي پنهنجي پٺيءَ تي ويهاري ضرور کڻي اچي سگهين ٿو.

 

ماگرمڇ چيو ڇڏ اهي ڳالهيون. آئون نٿو چاهيان ته منهنجي دوست کي تڪليف ٿئي. تون ائين ڪر جو منهنجي دوست لاءِ سٺو کاڌو تيار ڪر. مان هن کي ڏئي ايندس. هو اهو کائي ڏاڍو خوش ٿيندو، ماگرمڇ جي زال چُپ ٿي وئي.

ڪجهه ڏينهن گذريا. هڪ ڏينهن ماگرمڇ گهر پهتو ڏٺائين ته هن جي زال بستري تي سمهي پئي هئي ۽ مٿي تي پٽي ٻڌل هئي، ماگرمڇ اهو ڏسي ڏاڍو پريشان ٿيو. هُن پنهنجي زال کي چيو، لڳي ٿو ته تون بيمار پئي آن، حڪيم وٽ وڃي ڪا دوا وٺي اچان. سندس زال پاسو بدلائيندي چيو مان حڪيم وٽ وئي هيس. هن منهنجي بيماريءَ جي باري ۾ پڇيو، مون هن کي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو. هن چيو ته باندر جي دل کائيندينءَ ته خوش ٿيندينءَ. ماگرمڇ اهو ٻڌي سخت پريشان ٿي ويو. هن چيو ماگر مان باندر جي دل ڪٿان آڻيان...؟ هن کي سندس زال چيو. هو تنهنجو دوست آهي نه تون ان جي دل ڪڍي اچ. آخر دوست ئي دوست جي ڪم ايندو آهي.

ماگرمڇ کي اُهو ٻڌي پگهر اچي ويا. هن سوچيو ته هو پنهنجي دوست باندر کي ڪيئن ٿو ماري سگهي. هو ته هن کي تمام گهڻو پسند آهي. هن وري سوچيو ته اگر هن باندر جي دل نه آندي ته سندس زال مري ويندي.

ماگرمڇ باندر وٽ آيو. هن باندر کي چيو تون منهنجو دوست آهين، منهنجي زال به توکي تمام گهڻو پسند ڪندي آهي. هن توکي دعوت تي گهرايو آهي. اسان جي گهر، توکي دعوت کائڻ لاءِ هلڻو پوندو.

باندر دعوت جو ٻُڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ماگرمڇ سان گڏجي هن جي گهر هلڻ لاءِ تيار ٿي ويو. ماگرمڇ باندر کي پٺيءَ تي ويهاريو ۽ نديءَ جي ٻي پاسي هلڻ لاءِ ترڻ لڳو.

هو جڏهن نديءَ جي وچ تي پهتو ته ماگرمڇ نديءَ ۾ هيٺ لهڻ لڳو. باندر کي لڳو ته هو مري ويندو، هو هُل ڪرڻ لڳو. باندر جو هُل ٻڌي ماگرمڇ رهندو هيٺ ٿيڻ لڳو. باندر ماگرمڇ کان پڇيو.

ادا! تون ڇو ٿو پاڻيءَ ۾ ٻڏڻ لڳين؟ توکي ته ڪجهه نه ٿيندو، مان پاڻيءَ ۾ ٻُڏي ويندس. ماگرمڇ وراڻيو آئون اهو سڀ ڪجهه ڄاڻي ٻجهي ڪري رهيو آهيان. منهنجي زال سخت بيمار آهي ۽ اها تنهنجي دل کائي ٺيڪ ٿي ويندي. هن کي ان لاءِ حڪيم چيو آهي. باندر جلد ئي جواب ڏنو. مگر ڳالهه اها آهي ته آئون پنهنجي دل صوف واري وڻ وٽ رکي آيو آهيان.

اگر تون مون کي چوين ها ته مان گڏ کڻي اچان ها، ماگرمڇ ڳالهه ٻڌي جلدي صوف واري وڻ ڏانهن ورڻ لڳو ۽ تيزيءَ سان ترڻ لڳو. جڏهن هو صوف واري وڻ وٽ پهتو ته باندر ٽپ ڏئي وڻ تي وڃي ويٺو.

ماگرمڇ کي چيائين تون هاڻي واپس پنهنجي گهر وڃ ۽ پنهنجي زال کي چئجان ته تو هن دنيا جي سڀ کان وڏي بيوقوف سان شادي ڪئي آهي.

 

شيخ سعدي رحه شيرازي جي سبق آموز ڪهاڻي

خراسان جا رهندڙ ٻه درويش گهڻي عرصي کان گڏ رهندا هئا؛ انهن مان هڪ صابر، شاڪر ۽ گهٽ کائيندڙ هو. بک ۾ به گهٽ کائيندو ۽ زياده وقت عبادت ۽ رياضت ۾ گذاريندڙ ۽ ٻي جي حالت هن کان بلڪل مختلف هئي؛ هُو گهڻو کائيندڙ ۽ گهڻو آرام ڪندڙ هو، انهن مختلف طريقن جي ڪري هڪ ڪمزور ۽ ٻيو هٽو کٽو هو.

هڪ دفعي ٻئي درويش هڪ شهر ۾ آيا ته ان شهر جي فوجين هنن کي ان شڪ تحت گرفتار ڪيو ته شايد هي دشمنن جا ڪي جاسوس آهن. ٻنهي کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. حاڪم سرسري ڪيس ٻڌڻ بعد ٻنهي کي مجرم قرار ڏئي جيل موڪلي ڇڏيو ۽ حڪم ڏنو ته هنن کي هڪ ڪال ڪوٺڙي ۾ بند ڪري ان جو دروازو سرن سان لمبي ڇڏيو. حاڪم جي حڪم موجب ٻنهي درويشن کي ڪال ڪوٺڙي ۾ بند ڪيو ويو.

ليڪن بعد ۾ ڪجهه عرصي کان پوءِ انهن جي حالت تي غور ڪرڻ جو يادگيرو آيو ۽ جڏهن پوري طرح تحقيق ڪئي وئي ته معلوم ٿيو ته ٻئي درويش بي گناهه آهن. آخر انهن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ٿيو. ڪال ڪوٺڙي جو دروازو کوليو ويو ته ”ماڻهو هي ڏسي حيران ٿي ويا“ ته ڏٻرو سنهڙو درويش زند هو ليڪن ٿلهو تازو توانو درويش دنيا کان موڪلائي يعني مري چڪو هو!!

سبق

پيارا ٻارؤ! هن حڪايت ۾ شيخ سعدي رحه شيرازي سختي واري زندگي گذارڻ کي زندگي جي فائدن ۾ شامل ڪيو آهي ۽ هڪ تاريخي سچائي ته جيستائين ڪنهن قوم جا ماڻهو مضبوط ۽ محنتي رهندا آهن انهن ۾ شجاعت قائم رهندي آهي ۽ زندگي جي هر ميدان ۾ ڪاميابيون حاصل ڪندا آهن. پر اُهي ماڻهو جيڪي حرص ۽ طمع جو شڪار هوندا آهن اهي ندي آهي ۽ زندگي جي هر ميدان ۾ ڪاميابيون حاصل ڪندا آهن. ه جيستائين ڪنهن قوم جا ماڻناڪام رهندا آهن.

سائين ربّ جي نالي تي خيرات ڏيو. سائين امام حسين جي نالي تي خيرات ڏيو. هو هر ڪنهن جي اڳيان هٿ ڊگهيڙيندو به رهيو ۽ چوندو به رهيو. صبح کان وٺي شام تائين هن جي اها ئي وندر هئي. هن بابت ڪنهن کي به ڪا ڪَل ڪانه هئي ته ڪير آهي. ڪٿان جو آهي ايترو خوبصورت عمر تقريباً ڏهه سال اٿس. اسڪول ۾ پڙهي ڇو نه ٿو ۽ پني ڇو ٿو؟ ڪن ماڻهن ترس کائي هن معصوم جي ڪشڪول نما هٿن ۾ ڪو سڪو ڏنو پئي ته وري ڪن ماڻهن ائين چئي پنهنجي جان پئي ڇڏائي ته فقير معاف ڪر. مون اهو سارو لڪاءُ پنهنجي اکين سان ڏٺو پئي ۽ اهو به سوچيم پئي ته هڪ ننڍڙو ٻار ۽ ٻيو شڪل ۽ صورت ۾ به خوبصورت پيو لڳي. آخر هي اسڪول پڙهڻ لاءِ ڇو نٿو وڃي ۽ اهڙي ڪهڙي مجبوري آهي، جيڪا هن کي ٻين جي اڳيان هٿ ٽنگڻ تي مجبور ٿي ڪري. مان اهڙن سوچن جي سمنڊ ۾ گوتا کائي رهيو هئس ته اوچتو هن منهنجي اڳيان معصوم هٿ ٽنگيندي اهو چيوته سائين خدا جي نالي خيرات ڏيو. جڏهن هن معصوم جا اهي جملا منهنجي ڪنن ۾ گونجڻ لڳا ته مان خيالن جي سمنڊ مان ڇرڪ ڀري ٻاهر نڪري آيس ۽ پنهنجي کيسي ۾ هٿ وجهي ڏهن روپين جو نوٽ ڪڍي هُن جي هٿ ۾ ڏنم ۽ اهو چيومانس ته پُٽ چانهه پيئندين؟ هُن ڪنڌ لوڏيندي ها ڪئي. مان هُن سان گڏجي ڀر واري هوٽل ۾ ويس اسان ٻئي اڃان هوٽل ۾ ويٺا ئي مس هئاسين ته مٿان هوٽل وارو پاڻي کڻي آيو، مون کيس ٻن چانهن جو آرڊر ڏنو. مون هُن فقير ڇوڪر کان حال احوال وٺڻ شروع ڪري ڏنا. سڀ کان پهريائين سندس پنڻ جو سبب معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم. پهريائين ته هُن ڳالهه کي ٽارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مون تمام گهڻو ضد ڪيو. نيٺ منهنجي ضد ڪرڻ تي هو پنهنجي زندگيءَ جو قصو ٻڌائڻ تي راضي ٿيو.

منهنجي پيءُ- ماءُ کي چار نياڻيون

هيون، پر پُٽ جي تمام گهڻي خواهش هُين ۽ ها منهنجي پيءُ- ماءُ کي پنڻ وارن فقيرن تي تمام گهڻي ڪاوڙ ايندي هئي. منهنجو پيءُ هڪ سرڪاري ملازم به هو. اسان جو گهراڻو مڇي ماني جي لائق هو، ڪنهن شيءِ جي اسان جي گهر ۾ ڪمي نه هئي ۽ ها اگر جي منهنجي والدين کي ڪمي هئي ته اها هڪ پُٽ جي هئي. هڪ ڏينهن منهنجو پيءُ گهر ۾ موجود هو ته هڪ فقير جو آواز اسان جي دروازي تي منهنجي پيءُ جي ڪنن تي پيو. اهو فقير چئي رهيو هو ته خدا جي نالي هڪڙي ماني ڏيو. آئون تمام گهڻن ڏينهن جو بُکيو آهيان، پر منهنجو پيءُ ڪاوڙ ۾ اچي ڪري ان فقير کي ماني ڏيڻ بجاءِ ڌڪا ڏيڻ ۽ چنبا هڻڻ لڳو. تنهن تي فقير وراڻيس ته خدا ڪندو توکي به هڪ پُٽ ڄمندو ۽ اهو به مون وانگر پنندو. اهڙي قسم جي بددعا ڏيئي فقير ڀڄي پنهنجي جان ڇڏائي.

نيٺ سال ڏيڍ کان پوءِ مون هن ڌرتيءَ تي اک کولي. هڪ پاسي منهنجي والد صاحب کي منهنجي پيدائش جي تمام گهڻي خوشي ٿي، پر وري جڏهن فقير جا چيل جملا ذهن تي تري ٿي آيس ته افسوس ڪري ڏکارو ٿي پئي ويو. خدا کان پنهنجي ڪيل گناهه جي معافي وٺندو رهيو، پر چوندا آهن ته ڪنهن مظلوم جي دل مان نڪرندڙ آهه ڪڏهن به واپس نٿي ٿي سگهي، ان تي ڇوڪري وڏو شوڪارو ڀريندي اهو پڻ چيو ته ڪاش انسان جي پنهنجي گناهه جي سزا ان جي اولاد کي نه ملي. منهنجا والدين منهنجي پيدائش تي تمام گهڻا خوش ٿيا هئا. ڇاڪاڻ ته تمام عرصي کان پوءِ انهن جي پُٽ واري خواهش پوري ٿي هئي. ان لاءِ منهنجي پرورش ڏاڍي لاڏ ڪوڏ، پيار ۽ نازن سان ٿيڻ لڳي. مون کي منهنجي ماءُ- پيءُ ۽ ڀينرن ايترو پيار ڏنو جو مان پاڻ کي دنيا جي سڀني ڇوڪرن مان خوش نصيب ڇوڪرو سمجهڻ لڳس، پر مون کي اها خبر نه هئي ته اهي سڀ خوشيون ٿوري عرصي لاءِ ٿيون ملن. مون کي منهنجي ماءُ فقير وارو سڄو قصو به ٻڌائي ڇڏيو هو. وقت گذرڻ سان گڏوگڏ آئون ڇهين ڪلاس ۾ داخل ٿي ويس. منهنجي خوبصورتي ۽ ذهانت جي ڪري استاد به منهنجي تمام گهڻي عزت ڪندا هئا.

هڪ ڏينهن منهنجي زندگيءَ ۾ اهڙو به آيو جنهن منهنجي قسمت تبديل ڪري ڇڏي. ائين کڻي چوان ته جنهن قسمت مون کي تخت مان کڻي فرش تي اُڇلي ڇڏيو. ان ڏينهن کان پوءِ پنهنجا هميشه هميشه جي لاءِ پري ٿي ويا، ان ڏينهن کان پوءِ منهنجون سڀ خوشيون مون کان هميشه هميشه جي لاءِ رُسي ويون. ٿيو ڪجهه ائين ته هڪ ڏينهن آئون اسڪول جي موڪل کان پوءِ پنهنجي گهر واپس اچي رهيو هئس ته گس ۾ ڪو ماڻهو مون کي مليو، تنهن مون سان پيار ڪرڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ مون کي هن مٺائي ڏني مون اها مٺائي وٺي کائڻ شروع ڪئي، خبر ناهي ته ان مٺائي ۾ ڇا هو آئون بيهوش ٿي ويس. جڏهن مون کي هوش آيو ته اهڙن ماڻهن وٽ موجود مون پاڻ کي ڏٺو جيڪي ٻارڙن کان پنهنجون معصوم خوشيون کسي ڪري ٻين جي اڳيان هٿ ٽنگڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندا آهن. مون کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي ٻار هنن وٽ موجود هئا. اهي مون کي پنهنجي نگراني ۾ مختلف شهرن ۾ پنڻ لاءِ ڇڏيندا آهن. مون هنن کان ڀڄڻ جي به ڏاڍي ڪوشش ڪئي آ، پر ناڪام ويو آهيان. مون کي پنهنجا والدين يعني ماءُ پيءُ ۽ ڀينرون تمام گهڻيون ياد اينديون آهن. ڪاش منهنجا پنهنجا جي مون سان گڏ هجن ها ته هي ڏينهن مون کي نه ڏسڻا پون ها. هو اُداس ٿي ويو ۽ اکين مان لڙڪن جون قطارون وهي نڪتس ۽ هو زارو قطار روئڻ لڳو. منهنجي اکين مان به لڙڪ لڙي پيا. نيٺ مون هُن کي ڪوڙي آٿت ڏيڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي، پر هُن تي ڪوبه فرق ڪونه پيو ۽ روئيندي روئيندي ائين چوڻ لڳو ته ڪڏهن ڪڏهن مون کي فقير جي بددعا ياد ٿي اچي ٿي ته خدا کي آئون ائين چئي مخاطب ٿيندو آهيان ته خدارا ”ڪن هڪڙا ۽ لوڙين ٻيا“ ائين چئي تڪڙو موڪلائڻ بنا اٿيو ۽ سنهي نڙي ائين چوندو ويو ته هو اچن پيا، هُو ته هليو ويو پر مان اُتي ويٺو ئي رهجي ويس. سوچن جي سمنڊ ۾ گوتا کائيندي اهو سوچيم پئي ته مون ته هن کان اهو به ڪونه پڇيو ته پٽ تنهنجو نالو ڇا آهي ۽ تنهنجي والد جو نالو ڇا آهي ۽ اصل ڪٿي جا رهاڪو آهيو. سوچي سوچي نيٺ مون به هوٽل مان اُٿڻ جي ڪئي.

پيارا ٻارؤ! هي هئي هڪ معصوم فقير جي ڪهاڻي جيڪو هڪ اهڙي گناهه جي سزا ڪاٽي رهيو هو جيڪو گناهه هُن ڪيو ئي ناهي. خير ٻارو مون مسڪين جو به توهان کي هڪ نماڻو عرض آهي ته ڪنهن فقير يا مظلوم کي ڪڏهن به نه ڏکائجو ٻيو ته ڪنهن اڻ واقف ماڻهو جي ڏنل ڪابه شيءِ ڪڏهن به نه کائجو. ٺيڪ آ...

 

 

نور محمد سان منهنجي ننڍپڻ کان دوستي هئي. ائين چئجي ته هو منهنجو گهاٽو دوست هو. اسان ٻئي ڄڻا هڪڙي ئي پاڙي ۾ رهندا هئاسون. ائين اسان گڏجي اسڪول ويندا هئاسون، پڙهندا هئاسون، راند ڪندا هئاسون ۽ گڏجي کلندا ۽ روئيندا هئاسون. نور محمد هڪ ذهين ۽ هوشيار شاگرد هوندو هو ۽ آءٌ هڪ رواجي شاگرد. مئٽرڪ جي امتحان ۾ نور محمد سڄي ڪاليج ۾ پهريون نمبر آيو ۽ مان جيئن تيئن ڪري پاس ٿي ويس.

ليڪن افسوس! نور محمد امتحان ۾ پهريون نمبر ايندي به وڌيڪ پڙهائي جاري رکي نه سگهيو. ڇاڪاڻ ته هن جو سهارو سندس والد وڇڙي ويو هو. هن جي بيواهه ماءُ پٽ جو گذارو ڪندي هئي ۽ بيمار به رهندي هئي. گهر جو خرچ پکو هلائڻ لاءِ نور محمد کي ڪيئن به ۽ ڪٿي به نوڪري ڪرڻي هئي. هن هڪ ڀيرو مون سان به ڳالهه ڪئي هئي. مون کان منهنجي دوست جو ڏک برداشت نه ٿيو. ان وقت آءٌ ڪاليج ۾ داخلا وٺي چڪو هئس. اسان جي ڪاليج ۾ هڪ پٽيوالي جي جڳهه خالي هئي. مون پنهنجي پرنسپال کي چئي کيس پٽيوالي جي نوڪري وٺي ڏني. نور محمد ان ۾ خوش هو.

هينئر اسين به هم ڪلاس نه هئاسين، پر شاگرد ۽ پٽيوالو ٿي روز ڪاليج وڃڻ لڳاسون. نور محمد وقت کان اڳ ۾ ئي پنهنجو ڪم پورو ڪري وٺندو هو ۽ پوءِ اسان جي ڪلاس جي دروازي تي بيهي، جيڪي اسان کي پروفيسر پڙهائيندو ۽ سمجهائيندو هو، سو ڪن ڏيئي ٻُڌندو هو. ڪڏهن ڪڏهن هو مون کان ضروري نوٽ ۽ ڪتاب به گهُري وٺندو هو ۽ آءٌ کيس اُهي خوشيءَ سان ڏيندو هئس.

نيٺ امتحان ويجهو آيو ته فارم ڀرجڻ لڳا. نور محمد به پنهنجي بچيل پئسن مان في جمع ڪرائي. پر ڏاڍي مٿا ڪٽ بعد! امتحان شروع ٿيا ۽ ختم به ٿي ويا. پر جڏهن نتيجو ظاهر ٿيو تڏهن اسان سڀني جي حيرت جو ٺڪاڻو نه رهيو. نور محمد اُهو ئي پٽيوالو سڄي ڪاليج ۾ پهريون نمبر آيو هو. ڪهڙي نه حيرت انگيز ڳالهه آهي ته نور محمد منهنجو دوست جنهن جو دماغ ڪيڏو تيز فهم هو. اڳتي به هو پٽيوالي جي نوڪري ڪندي فرسٽ ۽ سيڪنڊ پوزيشن کڻندو رهيو ۽ ڪاليج ۾ پوزيشن کڻندو رهيو. اڄ اسان جي ئي ڪاليج ۾ پروفيسر آهي ۽ مان…!!!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org