هن دنيا ۾ ربّ پاڪ انسان کي اشرف المخلوقات ڪري
موڪليو. جيئن سندس ڪائنات جي سموري خلقت ۾ هو عظيم
ٿي رهي ۽ خدا جي عظمت جو ذڪر ڪري. اهو سڀ ڪجهه
تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن مخلوق جو تَنِ مَنِ سَگهو
يعني تندرست هوندو. ربّ پاڪ انسان کي عقل ۽ فهم
ڏنو ته هو صحيح ۽ غلط جو فيصلو پاڻ ڪري ۽ پنهنجي
ڏاهپ سان دنيا ۾ رهڻ جا گُر پاڻ تعين ڪري. تنهن
هوندي به ربّ پاڪ پنهنجي بندن کي اڪيلو ۽ راهن ۾
رُليل نه ڇڏيو. کين وقت به وقت پيغمبر موڪلي
هدايتون ڏيندو رهيو، جن خدا جي پيغام سان عوام جي
رهنمائي ڪئي، جن قومن رهنمائي قبول ڪئي، اُهي وڏي
مان ۽ مرتبي تي پهتيون.
اسان کي اهو فخر آهي ته اسان ڪائنات جي پالڻهار جي
انهيءَ نبيءَ جي اُمت آهيون جنهن نبيءَ کي سڀني
نبين جو سردار ڪري موڪليو، اُنهي اسان کي هڪ سٺو ۽
صحتمند سماج جوڙي رهڻ جا طور طريقا ڏَسيا، جيڪڏهن
اسان انهن تي هلون ها ته هن وقت هڪ عظيم قوم ٿي
دنيا جي نقشي تي اُڀرون ها، پر افسوس جو اسان واٽ
ڇڏي پاڻ لاءِ بيمار سماج جوڙيو.
سياڻن سچ چيو ته صحت کان وڏي ٻي دولت نه آهي، پر
اچو ته ڏسون اسان جي صحت جو ڇا حال آهي، خاص طرح
ٻهراڙين جي صحت جي ڪهڙي حالت آهي، پهرين ته سٺي
صحت لاءِ صاف آبهوا هئڻ ضروري آهي پر اڄڪلهه اسان
جي معاشري ۾ ايتري ته آلودگي اچي ويئي جنهن صحت کي
تباهه ڪيو. اُها آلودگي رڳو ڪِن ڪچري جي نه آهي پر
اُها آلودگي آواز جي آلودگي، جنريٽرن ۽ ڪارخانن
مان نڪرندڙ دُونَهن جي آلودگي، ڏينهون ڏينهن وڌندڙ
گاڏين جي دونهين جي آلودگي، فيڪٽرين ۽ گهرن مان
نڪرندڙ گندي پاڻي جي آلودگي ۽ ذهنن ۾ منفي سوچن ۽
خواهشن جي آلودگي به آهي.
جيترو ماڻهو پنهنجي آسائشن لاءِ شين جو استعمال
وڌائڻ لڳو ايترو صحت پوئتي پوڻ لڳي. انسانن مشينون
يا گاڏيون ايجاد ان لاءِ ڪيون ته ٿوري وقت ۾ گهڻو
ڪم ڪري سگهجي ۽ ڪم ۾ آساني به پيدا ڪجي، ان جو
مطلب اهو نه آهي ته ماڻهو مشينن کي رموٽ سان آپريٽ
ڪري ۽ پنهنجي جسم جي عضون جو استعمال بند ڪري، پر
ٿيو اهو آهي جو ماڻهن جسماني ڪم ڪرڻ ته ٺهيو پر
هلڻ کان لاچاري ڏيکاري پاڻ کي معذور بڻائي ڇڏيو.
ايجادون ڪي به خراب نه آهن پر انهن جو استعمال
خراب آهي. ٿوري ٿوري پنڌ لاءِ موٽرسائيڪل جي
استعمال سبب هڪ ته خرچ اچي ٿو ٻيو وري جسماني طور
نه هلڻ سبب جسم تي شگر جو اثر ٿيڻ سان گڏوگڏ ٻين
بيمارين جو حملو پڻ ٿئي ٿو. ان لاءِ پنهنجي صحت
بچائڻ خاطر جسماني ورزش ڪجي، هلجي گهمجي. ان کان
علاوه اسان جي ماڻهن جو گهڻو مسئلو صحت جو آهي،
ٻيون به ڪيتريون ئي بيماريون آهن. جهڙوڪ سائي،
مليريا، ٽائيفائيڊ، ٽي. بي وغيره. انهن جا علاج
مهانگا آهن ته ٻي طرف وري سرڪاري سطح تي ڪي خاص
علاج جون سهولتون نه هئڻ ڪري تمام گهڻو خرچ به اچي
ٿو. هڪ گهر جو ڀاتي بيمار ٿئي ٿو ته سڀئي ڀاتي
پريشان ٿيو وڃن، ان ڪري انهن حالتن کي نظر ۾ رکي
بيمارين کان بچاءُ جا اُپاءُ وٺڻ گهرجن. خاص طرح
پيئڻ جو پاڻي خراب آهي ته ان لاءِ ڪوشش ڪري خرچ
ڪري به سٺو پاڻي واپرائڻ گهُرجي. ظاهري طرح پاڻي
يا خوراڪ تي خرچ ڪرڻ ڏکيو لڳي ٿو پر بيمار ٿيڻ کان
پوءِ علاج جو خرچ انهيءَ کان ڏَهوڻ تي مهانگو
پوندو آهي.
ٻي طرف اسان وٽ بيمارين جي جَڙِ گندگي آهي انهيءَ
تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. گهرن کي صاف هوادار بڻائجي.
گهرن جي سامهون گهٽين ۾ گند ڪچرو اڇلائڻ بدران پري
اُڇلائجي. گهرن ۽ گهٽين کي وڌيڪ
صاف ڪرڻ
گهرجي. جيڪڏهن ميونسپالٽيءَ جو عملو موجود
آهي ته ان کي چئي گند ڪچرو کڻائجي، جتي اهو عملو
نه آهي ته اتي وري ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ ڪري ڪا
تنظيم يا ڪميٽي ٺاهي ٿوري خرچ سان صفائي جو انتظام
ڪن ته به ڪافي بيمارين کان بچاءُ ٿي سگهي ٿو.
اصل مسئلو اهو آهي ته اسان جي عوام ۾ شعور يا
جاڳرتا نه آهي ان ڪري جتي به ڪجهه ماڻهو علم وارا
۽ سٺي سوچ رکندڙ آهن ته اُهي ملي ڪري ڪميٽيون ٺاهي
ماڻهن کي جاڳرتا ڏين، ڇو جو رڳو هتي جا ماڻهو
بيمار نه آهن، پر هي پورو سماج بيمار آهي ان جو
علاج دوائن سان نه پر علم سان ڪرڻ جي ضرورت آهي.
خاص طرح عورتن ۽ ٻارن ۾ بيمارين جو تناسب وڌيڪ آهي
ڇو جو اسان جي ملڪي نظام ۾ وڌيڪ ڪم ۽ ٻارن جي
پالنا عورتن جي حصي ۾ اچي ٿي ته وڌيڪ صحت خراب به
انهن جي ٿئي ٿي.
ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پڙهيل عورتون
ڊاڪٽر، انجنيئر يا ٻين کاتن ۾ ڪم ڪندڙ ڪجهه وقت
ڪڍي سنڌ جي ٻهراڙين ۾ وڃي عورتن ۾ شعور ڏين،
اسڪولن ۾ اهڙا ليڪچر ڏين، ٻارن کي تربيت ڏين، اسان
رڳو حڪومتن جي آسري تي نه ويهون، پاڻ خود گڏجي
ڪجهه نه ڪجهه ڪريون. تڏهن اسان صحتمند سماج ٺاهي
پنهنجي مستقبل جي معمارن کي سگهارو ڪري هڪ سگهاري
قوم تشڪيل ڪرڻ لاءِ اڳڀرائي ڪري سگهنداسون.
. دل هڪ آئينو آهي پر بُرائيءَ کان پاڪ هجي.
2. جنهن شيءِ جي توکي خبر نه هجي اها نه چئو.
3. چڱي ڳالهه جيڪو به چئي ان کي غور سان ٻُڌ.
4. جنهن شيءِ جي ضرورت نه هجي ان جي جستجو نه ڪر.
چئن شين کي سنڀالي رکو
1. نماز ۾ دل کي، 2. اڪيلائي ۾ سوچ کي، 3. محفل ۾
زبان کي، 4. رستي ۾ نگاهه کي.
خوشبوءِ
1. خوشبو جڏهن قرآن مان نڪرندي آهي ته روح کي پاڪ
ڪري ڇڏيندي آهي.
2. خوشبو جڏهن نماز مان نڪرندي آهي ته مومن جي
معراج بڻجي ويندي آهي.
3. خوشبو جڏهن واعظ مان نڪرندي آهي ته محبت جا گل
بڻجي ويندي آهي.
4. خوشبو جڏهن دل مان نڪرندي آهي ته دنيا کي جنت
بڻائي ڇڏيندي آهي.
هڪ سهڻو محبت ڪندڙ ۽ هر دل عزيز موسمي پرديسي
پکيئڙو آهي.
سنڌ جي لوڪ شاعريءَ ۾ سڀ کان گهڻي جاءِ والاريندڙ
ڪونج پکي اصل ۾ روهه جو پکي آهي، جيڪو پهاڙن ۽ پٽن
۾ گذاري.
اسان جي سنڌ ۾ جڏهن ساريون نسري هيڊو سنگ
جهلينديون آهن ته پوءِ ڪونجون به اچي ڪڙ ڪنديون
آهن. لڳندو آهي ته ڄڻ پهاڙي پٽن ۾ پڙهو گهمايو ويو
هجي، ڪونجڙيون ويچاريون سڄو سال سارين جون سِڪايل
پنهنجا پَر اُڏامڻ لاءِ سوئينديون ۽ نيٺ سنڌ جي
ساريلي علائقي ڏاهن ڪوهن جا ڪوهه کنڀڙاٽيون
هڻنديون هيج مان مٺيون ٻوليون ڪنديون نيٺ اچي
سارين جي پوک ڀيڙيون ٿينديون ۽ رات جي ٽاڻي ڪنهن
نه ڪنهن پوک تي لهنديون ۽ ڪو داڻو کائي پنهنجي سِڪ
لاهينديون.
ورلڊ ڪرين فائونڊيشن، آءِ يو سي اين
(IUCN)
۽
WWF
پاران پڌري ڪيل هڪ رپورٽ مطابق ڪونج پکي سنڌ ۾
هزارين سالن کان بنا ڪنهن وقفي جي ايندو رهي ٿو.
پراڻن وقتن کان وٺي دنيا جي ڪيترن ئي ثقافتن ۾
ڪونج پکيءَ کي پنهنجي حُسن ۽ وڻندڙ تاج جي ڪري
تمثيلي علامتي حيثيت حاصل رهي آهي. چين، ڪوريا،
جاپان، ويٽنام، اتر آفريڪا، عربستان جي ڏاکڻن
علائقن ۽ سنڌ ۾ ڪونج پکيءَ جي ڏندڪٿائي ۽
ديومالائي حيثيت گهڻو مڃيل آهي.
اسلام کان اڳ مڪي ۾ لات، منات نالي تي بُت رکيل
هوندا هئا. انهن بُتن کي ٽي اعليٰ مرتبت ڪونجون
سڏيو ويندو هو. اهو پڻ مشهور هو ته اهي ٽئي ڪونجون
آهن.
“The
History of Animals”
۾ ارسطوءَ ڪونجن جي هجرت جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي.
پاڻ لکي ٿو ته ”ڪونجون سياري جي موسم ۾ نيل نديءَ
تي گهڻو اينديون آهن. نيل ندي سندن پسنديده ندي
آهي.“ ارسطو وڌيڪ لکي ٿو ته ”ڪونج جي پيٽ ۾ هڪ پٿر
پيل هوندو آهي، جنهن وسيلي سچي سون جي پرک ڪري
سگهبي آهي.“
سنڌ جي لوڪ ڪهاڻين ۽ قصن ۾ اها ڳالهه لکيل آهي ته
جڏهن ڪونجون سنڌ ڏانهن هجرت ڪنديون آهن ته اهي پاڻ
سان ڪنهن وڏي عمر جي ڪونج کي سنتري يا چوڪيدار
مقرر ڪنديون آهن. اها سنتري ڪونج پنهنجي چنبن ۾ هڪ
پٿر کڻي هلندي آهي ۽ اهو ڏسندي آهي ته جيڪڏهن ڪا
ڪونج ننڍاکڙي آهي ته پوءِ ان کي هوشيار رکڻ لاءِ
اهو پٿر هڻي ڪڍندي آهي.
چين ۾ ڪونج کي آسماني پکي سمجهيو ويندو آهي ۽ کيس
آسمان تان ڏاهپ کڻي ايندڙ تصور ڪيو ويندو آهي. اهو
پڻ چيو ويندو آهي ته قديم دؤر ۾ چين جا بزرگ ڪونجن
جي پٺيءَ تي ويهي آسمان جا سير سفر پيا ڪندا هئا.
چين، جاپان، ڪوريا ۽ ويٽنام ۾ ڪونج کي ڀلي ڀاڳ ۽
ڊگهي ڄمار جي نشاني سمجهيو ويندو آهي. ويٽنام جا
ماڻهو ڪونج کي پنهنجي ثقافت جو مکيه حصو سمجهندا
آهن.
جاپان ۾ جاگيرداراڻي دؤر ۾ جاگيردارن پاران ڪونج
کي گهڻو تحفظ ڏنو ويو ۽ هارين تي اهو لازم قرار
ڏنو ويو ته اهي پنهنجي فصل مان ڪجهه حصو ڪونجن کي
به کارائين. 19هين صديءَ جي دؤر ۾ جڏهن جاگيرداري
نظام جاپان مان ختم ڪيو ويو ته ڪونج کي بچائڻ جون
ڪوششون ڪيون ويون. جاپان پنهنجي سيٽلائيٽ جو نالو
پڻ تِسُورو يعني ڪونج رکيو آهي. جاپان ۾ اها روايت
پڻ مشهور آهي ته جيڪو به بيمار ماڻهو هڪ هزار
ڪونجن کي ڏسندو ته پوءِ جلد ئي خوش چڱو ڀلو ٿي
پوندو.
ڪونج هڪ وڏو ڊگهين ٽنگن ۽ چهنب وارو پکي آهي ۽
جنهن جو تعلق پکين جي ”گرويئدا“ ڪٽنب سان آهي. هن
وقت سڄي دنيا ۾ ڪونج جا ڪُل پندرهن قسم ملن ٿا.
ناسي تاج واري ڪونج
ڪاري تاج واري ڪونج
ڳاڙهي تاج واري چيني ڪونج
وڏي سرمائي ڪونج
ننڍي سرمائي ڪونج
ريگستاني ڪونج
هُڪڻ ڪونج
سارس ڪونج
برونگا ڪونج
عظيم سائيبريائي ڪونج
سفيد جهالر واري ڪونج
ڇٽيءَ واري ڪونج
ڪاري ڳچيءَ واري ڪونج
نيري ڪونج
ڳاڙهي ڪونج.
انهن ڪونجن مان عظيم سائيبريائي ڪونج سڀني کان وڏي
آهي. ان جو رنگ اڇو ۽ وزن ڏهه ڪلو کان به مٿي
ٿيندو آهي. اڄڪلهه ان ڪونج جو نسل چند هزارن تائين
وڃي بچيو آهي. اها ڪونج هر سال سائيبريا کان چين
جي ”پوپانگ ڍنڍ“، سنڌ جي منڇر ۽ لنگهه ڍنڍ ۽
هندستان جي صوبي راجستان ۾ موجود ڀرت پور ۽ سلطان
پور جي ڍنڍن ڏانهن هجرت ڪندي آهي.
چين جي ڳاڙهي تاج واري ڪونج سڄي دنيا ۾ مشهور آهي.
چين جي لوڪ ادب ۾ هن ڪونج جو ڀرپور ذڪر ملي ٿو ۽
چين ۾ ئي هن پکيءَ جي اُڏام، رقص ۽ مختلف اندازن
کي زبردست نموني مصوريءَ ۾ آندو ويو آهي. ڪونجون
بلنديءَ تي هڪ خاص نظم ۽ ضبط سان قطار ٺاهيو
اڏامنديون آهن. اهو نظارو ڏسڻ وٽان هوندو آهي.
سيارو ٿيندي ئي ڳاڙهي تاج واري ڪونج کان علاوه
گهڻو ڪري ٻن قسمن جون ڪونجون سنڌ جي ڍنڍن، ڍورن،
ڌٻڻين ۽ وارياسن پٽن ۾ نظر اينديون آهن. انهن مان
وڏي سرمائي ڪونج جو قد چار فٽ ۽ وزن ساڍا پنج ڪلو
تائين ٿيندو آهي. سڄي دنيا ۾ ڪونج جو تعداد ٻن کان
ٽن لکن تائين ٿيندو. ٻئي قسم جي ننڍي سرمائي ڪونج
سنڌ ۽ خاص ڪري ڪاڇي جي پَٽ ۾ ايندي آهي. ان جو قد
ٽن فوٽن تائين ٿيندو آهي. سڄي دنيا ۾ انهن جو
تعداد ٻن کان اڍائي لکن تائين هوندو. ڪونج هڪ
موسمي پکي آهي، پنهنجي خوراڪ به موسم آهر کائيندي
آهي، خاص ڪري جهنگلي ڪوئا، ڏيڏر، مڇي، جيت، جَڻا،
ساريون، ٻير ۽ ڪچڙن گؤنچن وارا ٻوٽا ڪونج جي
پسنديده خوراڪ آهي.
هي پکي انٽارڪٽيڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا کان سواءِ سڄي
دنيا ۾ موجود آهي، ڪي ڪونجون ڏورانهن ماڳن تائين
سفر ڪنديون آهن ۽ ڪي وري هجرت بنهه ڪونه ڪنديون
آهن.
حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائيرح سنڌ سان گڏ
دنياجو عظيم شاعر آھي جنھن سنڌي ٻولي کي دنيا ليول
تي متعارف ڪرائڻ جو وڏي ۾ وڏو ڪردار نڀايو آھي.
جنھن پنھنجي شاعري ۾ ڪائنات جي حسين رنگن، رازن
رمزن، منظرن، ٻولي، جاگرافي، رھڻي ڪھڻي، ثقافت،
تاريخ ۽ تھذيب کي لفظن ۾ سمايو آھي ۽ جيڪو پيار
محبت پکين جانورن پورھتين جوڳين وطن توڙي انسان جو
ذڪر پڻ ڪيو آھي. جنھن جي
شاعري
۾ اُھي سڀ قدرتي رنگ شامل آھن ۽ جنھن جي شاعري کي
پڙھڻ سان وڌيڪ ڄاڻ جو خزانو ۽ خوشبوءِ جو واس اچي
ٿو ۽ پيار ڪندڙ ڪردارن ليلان چنيسر، مومل راڻو،
عمر ماروي، سسئي پنھون، سھڻي ميُھار، نوري ڄام
تماچي ۽ ٻين کي پنھنجي شاعري ۾ ھميشه لاءِ امر
بڻايو اٿس. انھن لفظن کي مالھائن ۾ بند ڪيو آھي
اھي رنگ منظر جيڪي ڪڏھن به ميرا يا ڪومائجي نٿا
سگھجن. ڇو ته شاھ لطيفرح جي شاعري اسان
انسانن لاءِ رھبري رھنمائي جو درس ڏئي ٿي ۽ مايوس
ٿيڻ بدران
منزل تي رسائي ٿي. شاهه لطيفرح
مزاحمتي شاعرآھي، جنھن پيار توڙي ٻين موضوعن سان
گڏوگڏ ريتن رسمن کي بهتر نموني سان شاعري ۾
مختلف
احساسن جذبن، ڪيفيتن، خواھشن ۽ خوبين ۾ اتساهه ڏنو
آھي ۽ ان ۾ رنگ ڀريا آھن ۽ مختلف قصن ڪھاڻين کي به
بيان ڪيو آھي، جڏھن ته سموري شاعري اسان لاءِ معشل
راهه ۽ محبت جو پيغام
بڻيل
آھي. جنھن کي اسان ماضي حال مستقبل جو شاعر چؤن ته
ان ۾ ڪوبه وڌاءُ نٿو ٿئي ۽ شاهه عبداللطيفرح
اسان سنڌين جي دنيا ۾ سڃاڻپ ڪرائي آھي ۽
دنيا ۾ جيڪي به رنگ منظر
آھن
انھن سڀني جو ذ ڪر ڪيو اٿس. شاهه لطيفرح
جي شاعري جو ڪوبه ماپو نٿو ڪري سگھجي، جنھن مان
اسان کي وڌ کان وڌ رھنمائي وٺڻ گھرجي، جڏھن ته شاھ
لطيفرح جا ھزارين بيت ۽ وايون ٽيهه
سُرن ۾ محفوظ ٿيل آھن ۽ شاهه لطيفرح جو
(1689ع) ۾ جنم ٿيو ۽ پاڻ (1752ع) ۾ وفات ڪري ويا.
پرپنھنجي شاعري واري فن ذريعي اڄ به زندهه آھي.
جنھن جي شاعري جو ڪڏھن به خاتمو نٿو اچي سگھي.
جيستائين دنيا قائم رھندي تيستائين شاهه لطيفرح
جو نالو نٿو مٽجي سگھجي. ڇو ته شاهه لطيفرح
آرٽسٽ جيان شاعري ۾ اھڙا رنگ ڀريا جيڪي ڪڏھن به
مرڻا ناھن ۽
لطيفرح دنيا جو مڃيل شاعرآھي، جنھن
دنيا جي سموري رنگن، آوازن، ڪيفيتن، احساسن کي
شاعري ۾ فوڪس ڪيو آھي. جنھن جي شاعري ۾ لفظن جون
مالھائون جوڙيل آھن، جيڪي ڪڏھن ڀي ٽٽي نٿيون سگھجن
ڇو ته وقت حالتن تحت دنيا جي تاريغ چٽي اٿس، ڇو ته
جنھن کي پڙھڻ ڏسڻ ۽ مطالعو ڪرڻ سان بھترين ڄاڻ ملي
سگھي ٿي. شاهه لطيف جي شاعري حالتن سان سدائين
ٺھڪندي اچي ٿي ۽ ان جي بهترين شاعري ۾ سدائين
ساڳيو جوڀن رھي ٿو. ان جي شاعري ۾ سدائين مٺاس دل
کي سڪون ڏئي ٿو. ڇو ته شاهه لطيفرح جي
شاعري ۾ ڪائنات جي سمورن رنگن ۽ چرندڙ پرندڙ منظرن
کي شاعري جي ويس ۾ توڙي لفظن ۾ سمايو اٿس. جيڪي
ڪڏھن به مري نٿي سگھي، جيڪي ھميشه لاءِ پڙھندڙن
لاءِ ڄاڻ جو خزانو بڻيل آھي. اسان ان جي جيتري
گھرائي ۾ وينداسون. اوترو ئي ان مان فائدو حاصل
ڪنداسون،
ڇو ته لطيف سرڪار پيرين پنڌ سڄي دنيا جي ملڪن ۾
گھمي ڦري انھن خيالن رنگن منظرن حالتن کي لفظن ۾
سمايو اٿس. جڏھن ته شاهه لطيف پيار، محبت، حسن،
سڪ، سچائي ۽ ھمت افزائي سان دل کولي اظھار ڪيو
آھي، مايوس ٿيڻ بدران جدوجھد ڪرڻ جو درس ڏنو آھي.
پر ڪڏھن به پوئتي ھٽڻ جو نه چيو آھي. منزل ڏانھن
وڌڻ جو ئي درس ڏيندو رھي ٿو. ڇو ته لطيفرح
جي شاعري سان ئي اونداهه کي ختم ڪري روشني طرف
تيزي سان وڌي سگھون ٿا. ڇو ته جنھن کي جيترو
پڙھنداسون اوتروئي اسان جي ڄاڻ ۾ اضافو ٿيندو
رھندو. ان جي شاعري ۾ ئي سماج جي ڀرپور عڪاسي ٿيل
آھي، سجاڳي جو پيغام ڏنل اٿس، شاهه لطيفرح
جي شاعري ڏاڍ ظلم خلاف جھاد ڪري ٿي ۽ مايوسن ٿيڻ
بدران حوصلن کي اتساهه بخشي ٿي. جنھن جي شاعري
واري پورھيئي مان ئي گھڻو ڪجهه سکي سگھون ٿا. شاهه
لطيفرح چوي ٿوته
.
محبت پائي من ۾ رنڊا روڙيا جن،
تن جو صرافن اڻ توريو ئي اگھايو.
توهان پنهنجي اولاد کي ڪهڙي تعليم ڏياري آهي يعني
روزگار ڪمائڻ جو علم کين سيکاريو اٿوَ يا نه! ٻيو
دولت جي خرچ ڪرڻ ۽ ان مان پوري آرام حاصل ڪرڻ جو
علم سيکاريو اٿوَ يا نه. ٽيون علم انشا يعني خطن
پٽن يا ٻي لکپڙهه جو فن کين پوري طرح پڙهايو اٿوَ
يا نه. چوٿون علم شاعري مان به انهن کي واقف ڪيو
اٿوَ يا نه. پنجون علم حساب جو جنهن کان هو پنهنجي
گهر جو جمع خرچ سنڀالي سگهن ۽ ڏيتي ليتي ۾ ليکي
چوکي جي داخلا رکي سگهن پڙهايو آهي يا نه. ڇهون
علم دين جو سکيا آهن يا نه جنهن کان پنهنجي ايمان
کي سلامت رکن ۽ حلال حرام چڱي مَٺي ڪم جي خبر
پَوينِ. ستون علم اخلاق جو به پرايو اٿن يا نه.
جنهن کان هو بُڇڙي عادتن کان پرهيز ڪن ۽ چڱيون
عادتون حاصل ڪن. اهڙيءَ طرح علم ادب مان به واقف
آهن يا نه. جنهن کان هو ننڍي وڏي ۽ ماءُ پيءُ يا
اُستاد جي پوريءَ طرح سانڃهه رکي سگهن جي ڪڏهن
اوهان جو جواب آهي ته اسان اُهي علم نه پڙهيا آهن
ته جلد پڙهائڻ جي ڪوشش ڪريو. ننڍا ته آساني سان
پڙهي ٿا سگهن مگر وڏا به ڪوشش سان ڪجهه اُنهن علمن
مان واقف ٿي ٿا سگهن. بشرطيڪه ان کي اوهان پنهنجو
ضروري فرض سمجهو ۽ اُن ڌاران اوهان يقين ڄاڻو ته
ڄڻ اوهان جي اولاد ئي ڪانهي يا اوهان پنهنجو فرض
نه پاڙيو. جنهن جو اوهان کي سخت جواب ڏيڻو پوندو.
بي علمي جي ڪري اوهان جي اولاد کان جيڪي گندا ڪم
ٿيندا تنهن بابت اُنهن سان گڏ اوهين به جوابدار
رهندؤ جنهن جو اوهان کان پُڇاڻو ضرور ٿيندو ان
لاءِ تيار رهو. پر جيڪڏهن اوهان جو جواب آهي ته
اوهان جي اولاد اهڙي تعليم وٺي ٿي ته اوهان تي
لازم آهي جو انهن کان هر هڪ علم ۾ هيٺين طرح سوال
ڪريو ۽ امتحان وٺو يا اُنهن علمن مان ڪوبه رهيل
آهي ته اُهو کين پڙهايو.
(1) علم معيشت مان هي سوال ڪيو ته دولت ڪمائڻ جا
ڪهڙا رستا ۽ وسيلا آهن ۽ انهن سڀني مان ڪهڙو رستو
چڱو آهي، جيڪڏهن توکي ڪنهن شهر ۾ ڏوڪڙ پئسي يا ثمر
کان سواءِ ڇڏي ڏجي ته جيڪر ڪهڙي طرح پيٽ پالين ۽
قوت گذران ڪرين يا جيڪڏهن توکي سؤ يا ٻه سؤ رپيا
ڏئي ماءُ پيءُ ڌار ڪري ته اُن مان تون پنهنجي
گذران لاءِ ڪهڙي ترڪيب سان اُهي پيسا وڌائين ۽ ڪم
آڻين.
(2) علم معاشرت مان هي سوال ڪيو ته گهر جو انتظام
ڪهڙي طرح رکجي ۽ اُن جو خرچ ڪيئن هلائجي ۽ گهر ۾
ڪهڙا ڪم سڌاري جي لائق آهن جيڪڏهن تو وٽ هزار يا
ٻه هزار رپيا اچي وڃن ته تون اُن کي ڪهڙي ڪمن ۾
خرچ ڪندين يا اُهي ڪهڙا ڪم آهن جن ۾ پيسو وڃائڻ
اجايو آهي.
(3) جيڪڏهن تو علم انشا پڙهيو آهي ته فلاڻي رئيس
کي جو پُٽ ڄائو آهي تنهن جو مبارڪ نامه لکي ڏيکار
۽ فلاڻو صاحب مري ويو آهي تنهن جو تعزيت نامون لک.
ڊپٽي صاحب کي هڪ درخواست ڏيڻي آهي تنهنجو نقل لکي
ڏيکار وڪري جو دستاويز ڪيئن لکجي. اي-ميل ڪيئن ڪجي
تنهنجو مختصر مضمون لک. فلاڻي ڪتاب جي عبارت جا
چئن ورقن ۾ آهي تنهنجو مطلب ڪِن سِٽن ۾ مختصر لکي
ڏيکار يا هن مختصر عبارت کي ڊگهو ڪري لک.
(4) علم شعر جو ڪجهه سِکيو آهي ته ٻُڌاءِ ته شعر ۾
رواجي بحر ڪيترا آهن قافيه ڇا کي چئجي ۽ رديف ڇا
کي چئجي يا اُن ۾ ڪهڙا ڪهڙا هنر آهن هيٺين بيت جي
تقطيع ڪري ڏيکار.
(5) جيڪڏهن تو حساب سکيو آهي ته ڀَلا ٻُڌاءِ ته
في سيڪڙو ڏهين سؤ رپيا وياج سان پنجن هزارن جو
وياج ڏهن سالن ۾ ڪيترو ٿيندو.
(6) جيڪڏهن تو علم دين جو پڙهيو آهي ته ٻُڌاءِ وضو
۾ ڪيترا فرض آهن ۽ غسل ۾ تيمم ۾ ڪيترا نماز ۾
ڪيترا. شِرڪ ڇا کي چئجي ڪفر ڇاکي چئجي بدعت ڇاهي
ڪبيرا گناهه ڪهڙا آهن ۽ صغيرا گناهه ڪهڙا آهن.
(7) جيڪڏهن تو علم اخلاق ۽ ادب پڙهيو آهي ته ماڻهو
۾ ڪهڙيون خوبيون آهن ۽ عيب ڪهڙا آهن ماءُ پيءُ جا
اولاد تي ڪهڙا حق آهن ۽ اولاد جا ڪهڙا. زال جو مڙس
تي ڇا حق آهي ۽ مڙس جو زال تي ڪهڙو. مائٽن، دوستن
۽ پاڙيچن جا ڪهڙا حق آهن بادشاهه جو رعيت تي ڪهڙو
حق آهي ۽ رعيت جو ڪهڙو. هندو مسلمانن جو پاڻ ۾
ڪهڙو ڀيد آهي ۽ اُنهن کي پاڻ ۾ ڪيئن هلڻ گهُرجي.
|