گوگل ڊجيٽل دنيا جي معلومات، شيون، تصويرون ۽ کوڙ 
								ساريون شيون ڳولڻ جو سرچ انجڻ آهي. هي سرچ انجڻ 
								مختلف ويب سائيٽس، نقشا ۽ سوالن سان متعلق معلومات 
								ڪجهه سيڪنڊن ۾ گڏي ڪري ۽ انٽرنيٽ صارف جي سامهون 
								کڻي اچي ٿي. 
								
								
								هن کي مفيد ۽ مؤثر انداز ۾ استعمال ڪرڻ جي لاءِ ان 
								کي هميشه ڪي ورڊ 
								
								(Keyword) 
								جي چونڊ ڪريو. 
								
								
								دنيا ۾ ڪُل ڇهه هزار پنج سؤ زبانون ڳالهايون وڃن 
								ٿيون ۽ هاڻي گوگل سنڌي ۽ اردو زبان به سمجهي ويندو 
								آهي. 
								
								
								
								گوگل محققن اهو انڪشاف ڪيو آهي ته ”گوگل ايشيا جون 
								مختلف 10 ٻوليون سڃاڻي سگهندو آهي“ جنهن ۾ هندي، 
								مراٺي، اردو، بنگالي، تامل، تيلگو، ڪنٽرا، مليالم، 
								گجراتي ۽ سنڌي شامل آهن. گوگل آمريڪا جي هڪ ملٽي 
								نيشنل ٽيڪنالاجي ڪمپني آهي جيڪو انٽرنيٽ سان متعلق 
								مصنوعات، آن لائن بزنس، سافٽ ويئر ۽ هارڊ ويئر 
								ڪاروبار ڪرڻ تي مهارت رکي ٿو. 
								
								
								گوگل ڊاٽ ڪام 
								
								(www.google.com)  
								دنيا جي سڀ کان وڌيڪ وزٽ ڪرڻ واري ويب سائيٽ آهي. 
								
								
								ليري پيچ ۽ سرجي برائين جيڪي 
								
								Ph.D 
								جا طالبِ علم هئا. گوگل انهن جو تحقيقي پروجيڪٽ 
								هو. جنهن کي انهن ٻنهي جنوري 1996ع ۾ بنايو. انهن 
								هڪ ٽئين باني اسڪاٽ حسن کي پروگرام جي سربراهه طور 
								شامل به ڪيو هو. 
								
								
								گوگل جي هيڊ آفيس، مائونٽين ويو، ڪيليفورنيا، 
								يونائيٽيڊ اسٽيٽس ۾ واقع آهي. 
								
								
								گوگل پنهنجي نالي کي بطور ”گوگل 
								
								Google“ 
								15 سيپٽمبر 1998ع ۾ رجسٽر ڪرايو. 
								
								گوگل دنيا جي وڏي ٽيڪنالاجي ڪمپنين مان هڪ آهي ۽ 
								ڪمپيوٽر صارفين جي لاءِ هميشه نت نئين مصنوعات 
								متعارف ڪرائڻ ۾ مصروف رهندو آهي.
								
								  
								
								  
								
								  
								
								  
								
								  
								
								  
								
								  
								
								   |