سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 4

باب: --

صفحو : 8

 

پرولي ته ڀڃ

 

 

 

عبدالقادر ميمڻ ڏيپلو

1.                  اهو ڪهڙو رنگ آهي، جنهن جو آخري اکر ڪڍڻ سان هڪ مشهور ندي ٺهي پوي.

2.                 اها کاڌي جي شيءِ ٻڌايو، جنهن جي نالي جي اڳيان”ج“ ملائڻ سان هڪ مشهور ملڪ ٺهيو پوي.

3.                 اهو ڪهڙو جانور آهي جو مرڻ کان پوءِ گهڻا پئسا ڪري ٿو.

 

شمس الدين لاکو ڀريا شهر

4.                                اڇي اڇي ٻار، جنهن تي جهرڪي نه جهار.

5.                                ماءَ ويائي ڪڍيائين پٽ پڪو، اها خبر نه هئي ته پٽ به آهي ڊڪو.

6.                                اڌ ڪاٺ جو، اڌ لوهه جي.

7.                                اُس ڏسي اُسريو وڃي. ڇانو ڏسي لڪيو وڃي. واءَ کان پيو ونءَ وڃي.

 

اندر لال جيسراڻي قمبر

8.                               بخمل جهڙي ڳوٿري، جنهن ۾ هاءِ هاءِ جو ٻج.

9.                               وڻن ۾ ٿي واڪا ڪري.

10.                              ستي ته ڇتي، جاڳي ته جن.

 

عبدالوحيد سنڌي لاڙڪاڻو

11.                               رات جو ڪونهي، ڏينهن جو اچي پر هر سال ڪاهي.

12.                             پويان کائي، اڳيان ڪڍي.

13.                             پنج پنا، ٽيهه ڳنا، دل نه چوي هڪ ڀڃان.

14.                             اندر ۾ آوزار، ٻارهن اٿس ٻار، سارو ڏينهن تو سيرو کائي.

15.                            سج لهي سانجهي آيو هرجائين،

هر ڪو منهن مٿو پٽي، ڍور ڍڳي تائين.

16.                        سياري ۾ لڪي وڃي اونهاري ۾ جام،

اهڙا ئي ٽول عام  وڪجن بازار ۾.

 

اڪرام حداد خيرپور

17.                           پاڻ نه کائي پر ٻين کي کارائي.

18.                           پڙهائي ٿو ماستر وانگر ماستر به ناهي، ڳالهائي ٿو ماڻهوءَ وانگر ماڻهو به نه آهي.

19.                           گهر گهر ۾ لال ڪنوار.

 

ايم. يو ،اشرف پنگريو

20.                          ٻه ڌريون، به دروازا، ان جي اندر ٻه رهن صاحبزاده، نه اَن پاڻي ته به تازي جا تازا.

21.                            هڪ صندوق جنهن ۾ ٻارهن خانا. هر خاني ۾ ٽيهه داڻا.

22.                           ڪاٺ مٿان ڪاٺ چڙهيو، تنهن مٿي گل بيگ چڙهيو، واهه واڍا تو گهڙيو.

 

ڀڃڻي

(1)                         نيلو (2) پان (3) هاٿي (4) لوڻ (5) بيضو (6) ڏانٽو (7) پگهر (8) ڳاڙهو مرچ (9) ڪهاڙي (10) ککر (11) رمضان جو روزو (12) ڪتر جي مشين (13)نماز ۽ روزا (14)گهڙيال (15)مڇر (16)وڃڻو (17)چمچو  (18)ريڊيو (19) باهه (20) اکيون (21) سال  (22)گهاڻو.

 

کل ته سهي

 

 

 

لالچند ميرپور بٺورو

زال: (مڙس کي) تنهنجو پٽ ڏس، مون کي امان ڪري نٿو سڏي.

مڙس: آئون کيس اهڙي ته مار ڏيندس، جو هن جو پيءُ به توکي امان ڪري سڏيندو.

 

رياض انور ٽنڊوڄام

پيءَ: (پٽ کي) توکي سڀني استادن مان ڪهڙو استاد پسند آهي؟ پٽ: جيڪومون کي پئسا ڏيئي بازار لاءِ هاج چوندو آهي.

 

عفيفه رحيم قاضي حيدرآباد

هڪ ڳوٺاڻو کٽون ٺاهي، مارڪيٽ ۾ وڪڻڻ لاءِ رکيو ويٺو هو. ته هڪ شخص وٽس آيو، جيڪو سنڌي ڪونه ڄاڻندو هو. ان اردوءَ ۾ چيس” مجهي دو چارپايان“ تنهن تي ڳوٺاڻي وراڻيس ته مون اڃا ايترو ڪمايوئي ڪونهي جو اوهان جهڙن پينن کي به ڏيندو وتان.

 

خورشيد نوشيه صديقي

هڪ بيوقوف، پنهنجي پيشانيءَ تي ٽڪلي هڻي، پوسٽ جي دٻي ۾ منهن وجهي ويهي رهيو. هن خيال ڪيو ته جڏهن خط، ٽڪلي هڻڻ سان وڃي سگهي ٿو ته ماڻهو به هليو ويندو. ٽپالي، جڏهن خط ڪڍڻ آيو ته هن کي چور سمجهي، جتي لاهي اچي ورتائينس. جڏهين پادرن جو وسڪارو ٿي ويو ته ان بيوقوف، دٻي مان منهن ٻاهر ڪڍي ٽپاليءَ کي چيو ته”بس! بس! وڌيڪ ٺپا نه هڻ“.

 

هڪ عورت کي هر ڳالهه ۾ مثال ڏيڻ جي عادت هوندي هئي، هڪ دفعي چوڻ لڳي”نيم حڪيم خطره جان“. ان عورت جي پٽ به بيٺي ٻڌو ۽ چوڻ لڳو ته: امان ان جو مطلب ته مون کي به اچي ٿو. ماڻس پڇيس ٻڌاءِ. چيائين: ان جو مطلب آهي ته اي حڪيم، تون نم جي وڻ هيٺان ويٺو آهين ۽ تنهنجي جان خطري ۾ آهي.

 

اسرار اعوان جيڪب آباد

اعجاز: ظفر توکي ڪيترا دفعا چيو اٿم ته گوڙ نه ڪر نه ته تنهنجي ڄڀ ڪپي ڇڏيندس.

ظفر: ان کان ته بهتر آهي ته تون پنهنجا ڪن ڪپي ڇڏ. نه هوندا نه گوڙ ٻڌندا.

 

خليل احمد شيخ لاڙڪاڻو

ماءُ: (ڌي کي) ڪڪڙ جي مٿان گرم پاڻي ڇوٿي هارين؟

ڌي: امڙ! ته جيئن ڪڪڙ جيڪو آنو لاهي، اهو بوائل ٿيل هجي.

 

شهنواز بلوچ جهڏو

احمد: ادا عمر، تون ڪڏهن ڄائو هئين.

عمر: شايد، آچر ڏينهن ڄائو هوس.

احمد: هل ڙي ڪوڙا، آچر جي ڏينهن ته موڪل هوندي آهي.

 

قيمتراءِ ٽنڊو محمد خان

ماءُ: (پٽ) ابا، ڀر واري ڪمري ۾ ڪير پيو روئي.

پٽ: امان، روئي ته ڪير ڪونه ٿو،پر بابا دوستن کي گانو ٻڌائي رهيو آهي.

 

عبدالغفور ميمڻ دڙو

هڪ ڀيري ٻن ڪنجوسن جو اچي پاڻ ۾ مقابلو ٿيو، هڪ چوي ته آءُ وڌيڪ ڪنجوس. ٻيو چوي ته آءُ، پهرئين چيو ته آءُ ٻوڙ ۾ مک ڪرندي آهي ته ان کي چوسي پوءِ اڇليندو آهيان. ٻئي چيو ته آءُ ايترو ڪنجوس آهيان جو ٻوڙ ۾ مک ڪري پوي ته اها ٻوڙ سان گڏ کائي ڇڏيندو آهيان.

 

اڪرم سومرو خيرپور ميرس

هڪ ڏينهن هڪ شاگرد اسڪول ۾ دير سان آيو، ماستر دير لاءِ سبب پڇيس. شاگرد جواب ڏنو ته: سائين، توهان ڪالهه چيو هو ته تڪڙ ڪم شيطان جو، انڪري آءُ آهستي آهستي پئي آيس متان شيطان نه ٿي پوان.

 

اعجاز احمد شيخ لاڙڪاڻو

ٻه آفيمي رات جو گهمڻ وڃي رهيا هئا، هڪڙي ٽارچ ٻاري، ان جو منهن آسمان ڏي ڪيو ۽ ٻئي کان پڇيو ته تون روشنيءَ جي ڪرڻن تي چڙهي ويندين؟ ٻئي جواب ڏس ته آءٌ ڪو بيوقوف آهيان ڇا؟ جي تون ٽارچ وسائي ڇڏين ته اچي پٽ تي ڪران.

 

عبدالعزيز کٽي بدين

جج:(چور کي) تون هر ڀيري اچين ٿو ۽ سزا کائين ٿو پر چوريءَ کان نٿو مڙين. هي ڏهون دفعو آهي، هاڻي تون ٻڌاءِ ته تو کي ڪهڙي سزا ڏجي.

چور: سائين، جيڪو روز جو گراهڪ هجي. ان سان رعايت ڪندا ڪريو.

 

لڇمڻ داس مٺي

دڪاندار: (سيٺ کي) سائين. آءُ گهڻو ڪري ڏسندو آهيان ته اوهان جو پٽ فرسٽ ڪلاس ۾ مسافري ڪندو آهي پر اوهان ته ذري ذري شيءِ تي ريڙه پيڙه پيا ڪريو.

سيٺ: ادا ڇا ڪريان، هن جو پيءُ ته آهي لکاپتي، پر منهنجو پيءُ ته غريب هو نه!

 

خادم ڀٽو سکر

حنيف:(حبيب کي) يار، احمد ڪالهه جيڪو لطيفو ٻڌايو، اهو کلڻ جهڙو ته هو پوءِ تون ڇو نه کلئين؟

حبيب: لطيفو ته سٺو هو پر اڄ ڪلهه آءُ احمد سان ڪونه ڳالهائيندو آهيان انڪري ان لطيفي تي گهر وڃي کليس.

 

ارشاد راهي شڪارپور

ڊاڪٽر: (مريض کي) صبح جو ڪجهه کاڌو اٿئي.

مريض: جي ها.

ڊاڪٽر: ڇا؟

مريض: زال جو هڪ سئنڊل.

 

عبدالعزيز رنگريز ميرپور بٺورو

استاد: (شاگرد کي) ٻڌاءِ ته انبن پٽڻ لاءِ، سڀ کان سٺو وقت ڪهڙو آهي؟ شاگرد: سائين، جنهن مهل مالهي گهر ويل هجي.

 

ڪهاڻي

جڏهن به لکو ته اهو ضرور خيال رکڻ گهرجي ته:

1-اها ڪنهن سنڌي ڪتاب يا رسالي تان نقل ٿيل نه هجي 2- ترجمي جي صورت ۾ اصل رسالي يا ڪتاب ۽ لکندڙ جو حوالو ضرور ڏيو. 3- پنهنجن وڏڙن، مائٽن کان ۽ ڪچهرين ۾ ٻڌل ڪهاڻيون، ياد ڪري لکي موڪليو. ايڊيٽر

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com