سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 4

باب: --

صفحو :3

 

سنڌيڪار: عبدالرزاق شيخ، لاڙڪاڻو

ڪينيڊا جي لوڪ ڪهاڻي

 

سندر گيت

 

[ڪينيڊا جي گهاٽن جهنگن ۾ هڪ ”هرمٽ ٿرش“ نالي جهرڪي آهي، جنهن جو آواز پنهنجو مٽ پاڻ هوندو آهي. هن جهرڪيءَ جي آواز ۾ جو سوز ۽ ميٺاج هوندو آهي، سو گهڙيءَ پلڪ لاءِ انسان کي آرام بخشيو ڇڏي. جنهن به هن جو آواز ٻڌو آهي سو ٻيهر ان جي ٻڌڻ جي سڌ ڪري ٿو. پر هڪڙي ڳالهه مڙئي ڪسي اٿس جو سدائين ڪنهن گهاٽي ٻوڙي ۾ لڪي ڳائيندي آهي. سو ڇو؟ ان باري ۾ ڪينيڊا ۾ هيٺن ڳالهه مشهور آهي.]

ڪينيڊا ۾ ڪجهه عرصو اڳ هڪ گهاٽو جهنگ هوندو هو، جوايترو گهاٽو هو جو ڏينهن جو به رات جو گمان پيو ٿيندو هو. هر طرف جهنگلي جانورن جو راڄ هوندو هو. ان جهنگ م هڪ ڏينهن هڪ وڏي وڻ تي جهنگ جا سڀ پکي اچي گڏ ٿيا ۽ ان ڳالهه تي سوچ ويچار ڪرڻ لڳا ته انسان جا ڏُک ڪيئن دور ڪيا وڃن؟ انهن پکين کي انسانن جو انڪري اونو هو جو هنن انسانن کي پنهنجو سڄڻ ٿي ڄاتو، نيٺ به ته انهن جي محنت سان اپايل ٻنيءَ ۾ چڳندا هئا. هنن ڏٺو ته انسان کي ڏک بي پاڙيءَ وانگر وڪوڙي ويا آهن ۽ هن جا پساهه پورا ٿيڻ وارا آهن، انڪري هنن انسان کي ڏکن کان بچائڻ فرض ٿي ڄاتو.

سڀ پکي مٿا جوڙي اچي ويٺا ته ان جو حل ڳوليو وڃي. ايتري ۾ هڪ پکيءَ رڙ ڪئي:”مان انسان جي ڏکن جو علاج ڄاڻان ٿو.“

اهو آواز هڪ جهور پوڙهي چٻري جو هو، هونئن به پوڙها چٻرا سياڻا ٿين ٿا. اکيون ٻوٽيل هيس ۽ وڏيءَ سوچ ۾ نظر ٿي آيو. هن چيو:” پر اهو ڪم مشڪل آهي، ان کي ڪرڻ جي ڪوشش ڪير ڪندو؟“

سڀني پکين جو ڌيان ان ڏانهن ڇڪجي ويو ۽ ان کان پڇيائون ته تون ان جي باري ۾ ڇاٿو ڄاڻين؟

”ها، مان انسان جي ڏکن جو علاج ڄاڻان ٿو“، چٻري چيو،” ۽ اهو علاج هڪ گيت جي صورت ۾ آهي جو هزارين ميل مٿي گونجندو رهي ٿو. جيڪڏهن ڪو ان گيت کي زمين تي کڻي اچي ته انسان کان سڀ ڏک وسري ويندا. پر ڪهڙي پکيءَ جي پرن ۾ ايتري طاقت آهي جو ان کي کڻي اچي سگهي؟“

ڳالهه واقعي سوچڻ جي هئي، انڪري سڀ پکي ٽٻيءَ ۾ پئجي ويا. اوچتو هڪ ننڍڙي جهرڪيءَ چيو:”مان ٿي آڻيان اهو گيت جو انسان جا ڏُک دور ڪري.“ تنهن تي طوطي”ٽين ٽين“ ڪندي چيو:”مائي، ڳالهه هوش جي ڪر، تنهنجي نازڪ پرن ۾ ايتري سگهه ڪٿان آئي؟“

”طاقت هجي يا نه، پر مان ضرور وينديس ۽ گيت کڻي اينديس،“جهرڪيءَ پڪي ۽ پختي ارادي سان چيو، جنهن ۾ هماليه جبل جهڙو اٽل ارادو شامل هو، سڀ پکي هن جي چريائپ تي کلڻ لڳا. آخر ۾ پکين پاڻ مان عقاب کي ان مقصد لاءِ چونڊيو، جو ان جا پر ايترا ته مضبوط ٿين ٿا، جو ايترو مفاصلو آسانيءَ سان اڏامي سگهي ٿو.

ٻئي ڏينهن تي جڏهن صبح جو سج به پنهنجي سفر تي روانو ٿيوته عقاب به الله توهار ڪئي، پر ننڍڙي جهرڪي ان جي پرن ۾ اهڙيءَ طرح لڪي ويٺي جو ان کي خبر نه پئي ڪلاڪ بدلجي ڏينهن ٿيا ۽ ڏينهن بدلجي هفتا ٿيا، پر عقاب پنهنجي منزل ڏانهن هڪ جوش ۽ جذبي سان وڌندو رهيو. آخر جڏهن ٻن ٽن ڪلاڪن جو سفر باقي وڃي بچيو ته جهرڪي ان جي پرن مان نڪري ساڳي پاسي اڏامڻ لڳي. هاڻي عقاب ٿڪجي پيو هو انڪري آهستي پئي اڏاميو. هوڏانهن جهرڪي ٿڪل ڪونه هئي. انڪري عقاب کان اڳ منزل تي وڃي پهتي ته برابر اتي هڪ سريلو گيت پيو گونجي. ڄڻ ته قدرت جي سموري رنگيني ۽ مستي ان هڪ ئي گيت ۾ سمايل هئي. گيت نه هو، بلڪه جادو هو!ان کي ٻڌي جهرڪي پنڊ پهڻ ٿي وئي. پر پوءِ جهرڪي کي ان گيت کي ياد ڪرڻ جو خيال آيو ۽ ڌيان سان ٻڌڻ لڳي. ايتري ۾ عقاب به سهڪندو اچي پهتو ۽ هن به گيت کي چڱيءَ طرح ياد ڪرڻ شروع ڪيو. جڏهن اها پڪ ٿيس ته هاڻي ڪين وسرندو، ته موٽڻ جا سانباها ڪيائين. جهرڪي به وجهه وٺي سندس پرن ۾ لڪي ويٺي. هاڻي عقاب تمام تيز واپس موٽڻ لڳو، ڇو جو هاڻي زمين جي طرف اڏامڻو هوس.

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ جڏهن زمين جي ويجهو پهتو ته جهرڪي، عقاب جي پرن مان نڪري تيز اڏامندي ان ساڳي جهنگ جي ساڳي وڏي وڻ جي ويجهو هڪ ٻوڙي ۾ اچي لڪي ويٺي. ويرم ئي ڪانه گذري ته عقاب اچي ٺڪاءُ ڪيو. سڀ پکي ان جي اوسيئڙي ۾ ويٺا هئا ۽ خوشيءَ وچان مٺيون لاتيون لنوڻ لڳا.

عقاب خوشيءَ مان وڏي واڪي ٻڌايو ته مان اهو گيت کڻي آيو آهيان ۽ پکين جو اتساهه ڏسي ٻڌائڻ تي تيار ٿي ويو. پر جڏهن پکين اهو گيت ٻڌو ته سڀني جو منهن ٽپهريءَ جهڙو ٿي ويو ۽ ڏک وچان منهن هيٺ ڪري ڇڏيائون ڇو ته عقاب جي وات مان سريلي گيت بدران هڪ ڪڙو آواز نڪرڻ لڳو.

اصل ۾ ڳالهه اها هئي جو عقاب گيت ته چڱيءَ طرح ياد ڪيو هو، پر ان کي ڳائي نه پئي سگهيو، ڇوته خدا ان کي اهو سوز ۽ سُر ڪونه ڏنو هو جو هو ڳائي سگهي.

ڏک ته عقاب کي به ٿيو هو، جو سڄي محنت بيڪار وئي هئي، جهرڪي، جنهن اهو سمورو ڏيک ڏٺو پئي، تنهن خيال ڪيو ته مان ٿي وڃي گيت ٻڌايان. پر ضمير ملامت ڪيس ۽ دل چيس:”ڇا تون اهو گيت کڻي آئي آهين جو هلي آهين سرخرو ٿيڻ؟ محنت عقاب ڪري ۽ کٽيو تون کائين! توکي ان ڳالهه جو ڪو به حق نه آهي.“ اهو خيال ايندي ئي جهرڪيءَ سوچيو ته واقعي ڪم سڄو عقاب ڪيو آهي، انڪري مون کي ڪڏهن به ان جي سامهون نه اچڻ کپي جو ٻين کي تعريف ڪرڻ جو موقعي ملي.

اهو پور پچائي جهرڪيءَ ان ٻوڙي مان ئي لڪي گيت ڳائڻ شروع ڪيو. ان گيت کي ٻڌي سڀ ساهه وارا جيت، جڙا ڍور ڍڳا، ماڻهو توڙي مرون بت بنجي ويا. ڄڻ ته ڪو مٺي رس سندن ڪنن ۾ اوتي رهيو هو. انهن اهڙو مڌر ۽ سندر گيت سڄي جيون ۾ ڪونه ٻڌو هو. ان گيت کي ٻڌي انسان دنيا سان گڏ ان جي ڏکن کي به وساري ويٺو.

 ان ڏينهن کان پوءِ هيءَ جهرڪي سڀ کان لڪي، ڪنهن ٻوڙي ۾ يا وڻ جي گهاٽن پنن ۾ ويهي ڳائيندي آهي. انسان جڏهن هن کي ڏسڻ گهرندو آهي ته ڳوليو ڪونه لڀندي آهي. خبر اٿو اها جهرڪي ڪير آهي؟ اها اٿو” هرمٽ ٿرش“.

 

اتحاد ۽ اتفاق

ايڪو ۽ اتحاد، هڪ ٻي سان محبت ۽ خلوص کان سواءِ قائم ٿي نٿو سگهي، انهيءَ ڪري حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو آهي. ”توهان مان ڪو به شخص، ان وقت تائين ڪامل مومن ٿي نٿو سگهي، جيستائين هو پنهنجي ڀاءُ  لاءِ اهڙي ڳالهه پسند نه ڪري، جيڪا هو پنهنجي لاءِ پسند ڪري ٿو.“

يرموڪ جي جنگ جو واقعو آهي. مسلمان زخمي حالت ۾ جنگ جي ميدان ۾ پيا آهن. هڪ مسلمان پنهنجي سئوٽ لاءِ پاڻيءَ جي مشڪ ڀري آيو. سندس سئوٽ زخمي حالت ۾ پيو آهي  ۽ گهڙي پلڪ جو مهمان آهي ساڻس گڏ هڪ ٻيو مجاهد به پيو آهي،  ۽ پوين سپاهين ۾ آهي. هو پنهنجي سئوٽ کي اشارو ڪري ٿو ته پهريائين انهيءَ کي پاڻي پيار جڏهن ان وٽ پاڻي پهچي ٿو، ته هو وري ٻئي مجاهد لاءِ اشارو ڪري چويس ته پهريائين هن کي پاڻي پياڻِي اهڙي طرح هو پاڻي کڻي ستن مجاهدن تائين ڦرندو رهيو. جڏهن ستين مجاهد وٽ پهتو ته هن جو دم پروزا ڪري ويو. هو پوئتي موٽيو ۽ ڇهين مجاهد وٽ پهتو، ته ڏٺائين ته ان جو دم به پرواز ڪري ويو. اهڙيءَ طرح سمورا مجاهد، مرڻ وقت به قربانيءَ جو عملي مظاهرو ڪري هن جهان مان موڪلائي ويا. حقيقت اها آهي ته اهڙي نموني جي قرباني، اتحاد ۽ اتفاق ۾ ئي اسانجي ترقيءَ جو راز لڪل آهي. (قومي اتحاد تان ورتل)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com