گذارش
پيارا ٻارو؛
گذريل مارچ جي مهيني ۾” سنڌ صدين کان“ جي
موضوع تي ڪراچيءَ ۾ هڪ عظيم الشان سيمينار ٿي
گذريو. هي سيمينار سنڌ سرڪار جي ڪوششن سان
منعقد ٿيو. جنهن ۾ دنيا جي جدا جدا ملڪن جا
محقق، عالم، دانشور، اديب ۽ زباندان شريڪ ٿيا
هوا. ڪيترن ئي ملڪي، ۽ غير ملڪي عالمن هن
سيمينار ۾ حصو ورتو، جن سنڌي ٻولي، تهذيب،
ثقافت، تاريخ، ادب ۽ جاگرافيءَ تي مقالا
پڙهيا. ان موقعي تي ڪراچيءَ ۾ هڪ نمائش جو
انتظام پڻ ڪيو ويو هو، جنهن ۾ جيتوڻيڪ سيمينار
هڪ هفتو کن هليو پر اها نمائش اٺ ڏهه ڏينهن
ٻيا به جاري رهي. غير ملڪي عالمن، ڀنڀور،
مڪلي، موهن جو دڙو، سيوهڻ، حيدرآباد، ڀٽ شاهه
۽ هالا جو دورو ڪيو ۽ سنڌي تهذيب، ثقافت ۽
ڪاريگريءَ جو مشاهدو پڻ ڪيائون. سنڌ
يونيورسٽيءَ طرفان، سنڌي ٻوليءَ جي بي لوث
خدمت جي اعزاز ۾ ٻن غير ملڪي عالمن کي؛ ڊاڪٽرن
جون اعزازي ڊگريون پڻ ڏنيون ويون. جن مان هڪ
جرمنيءَ جي ڊاڪٽر اينيمري شمل آهي ۽ ٻيو ڊاڪٽر
اُنجهاني ايڇ -ٽي سورلي. جنهن جي ڌيءَ مسز اين
او مبورن کي اها ڊگري ڏني ويئي. سنڌ کي، دنيا
روشناس ڪرائڻ جي هن باوقار تقريب جي ڪري،
مستقبل ۾ سنڌ تي تحقيق ۽ کوجنا جو سلسلو اڃا
به گهرو ٿيندو، ان کان سواءِ اسان جي ملڪي
عالمن جا، انهن غير ملڪي عالمن سان جيڪي
لاڳاپا وڌندا، اهي يقينن سنڌي ٻولي، تهذيب ۽
ثقافت لاءِ نهايت ڪارآمد ثابت ٿيندا.
هي پرچو
هن کان اڳ ڪيل وعدي مطابق صحيح وقت تي هي پرچو
شايع نه ٿي سگهيو آهي. ان لاءِ ڪي اڻٽر
مجبوريون هيون. ادو شوڪت حسين شورو، استعيفا
ڏيئي، ادارو ڇڏي ويو آهي، ان جو خال ڀرڻ لاءِ،
سنڌي ادبي بورڊ طرفان مون کي اوهان جي خدمت
لاءِ چونڊيو ويو آهي. تڪڙ تڪڙ ۾ هن پرچي کي
ايڊٽ ڪري، اوهان جي هٿن تائين پهچائڻ ۾، مون
وسان ڪونه گهٽايو آهي. اگرچ هن پرچي ۾ فوٽا
گهٽ ۾ گهٽ استعمال ڪيا ويا آهن، پر اوهان جا
ليک هن سان ملو ۽ ٻيو مواد گهڻي ۾ گهڻو شايع
ڪيو ويو آهي. جيئن ٻارڙن کي پنهنجو مواد دير
سان شايع ٿيڻ جي شڪايت نه رهي. ان هوندي به
اسان وٽ مواد گهڻو آهي. ۽ اڃا اچي رهيو آهي.
اوهين يقين رکو ته اهو سمورو مواد شايع ڪيو
ويندو. هن پرچي ۾ جتي جتي اوهان لاءِ صلاحون
ڏنيو ويون آهن، انهن تي ضرور ڌيان ڏجو. اوهان
جي ساٿ ۽ سهڪار کان سواءِ ڪجهه به ممڪن ڪونهي.
انڪري اوهين پنهنجي مواد سان گڏ سٺين صلاحن ۽
مشورن سان پڻ نوازيندا ته گل ڦل کي سينگاري
سرفراز بنائڻ ۾ دقت ڪانه ٿيندي.
مون کي يقين آهي ته اسان جا پيارا ٻارڙا
پنهنجي تعاون سان گل ڦل جي همت افزائي ڪري،
اسان کي پر خلوص خدمت ڪرڻ جو موقعو ڏيندا.
آخر ۾ آءُ گل ڦل جي نگران جناب غلام رباني
صاحب جو ٿورائتو آهيان، جنهن صاحب جي سهڻين
صلاحن ۽ مشورن، منهنجي وڏي رهنمائي ڪئي آهي، ۽
پريس مئنيجر مسٽر الله بچايو يوسف زئي ۽ پريس
جي ڪارڪنن جو به شڪرگذار آهيان، جن جي تعاون
سان پرچو سهڻو ۽ معياري ڇپجي سگهيو آهي.
اوهان جو ڀاءُ: انور هالائي.
شاهه ڪري جا بيت
(1)
تّون چَوءُ اللهُ هيڪڙو، وائي ٻِي مَ سِکُ،
سَچو اَکَر ُ مَنَ ۾، سوئِي لِکِئو لِکُ.
(2)
هنِيو ڏِجي حَبيبَ کي، لِڱَ گَڏِجن لوڪَ،
کُڏِيون ۽ کَروتؤن، اي پِڻِ سَڳَرَ ٿوڪُ.
(3)
جِي جاڳَندي مَنَ ۾، سُتي پُڻِ سيئي،
مَنُ پِريان نيئي، پَڳِهيِون پاڻَ ڳَري.
(4)
وَرَ وِسَريءَ تَه ڪوههَ؟ پَروَرُ نه
وِسَرئوسِ،
ڪونهَ چُوَندو ڪڏهن، تَه اَڱَڻُ اُنڌاهوسِ.
(5)
پاڻيِهارِيَ سِرِ ٻَهڙو، جَرَ تي پکي جِيَنءَ،
اَسان سَڄَڻُ تِئنءَ، رَهيو آهي رُوحَ ۾.
(6)
نيہُ نِياپي نه ٿِئي، سَڌين سيڻَ نه هُوَنِ،
ڪارِيين راتين رَتَ ڦُڙا، جان جان نيڻَ نه
روُن.
(7)
جي لِياڪا لوڪَ ڏون، جان جان سي لقاءِ،
تان تان ٿِئي نه ماءِ، پورو پَسَڻُ پِريَ
سيِن.
(8)
اَسِين تِتان آئِيوُن، جِتِ کّنهبو ناههِ،
جي وَڃُون ساءِ، تهَ پُڻَ مَٿِئوُن لوئيون.
(9)
سوئِي هيڏانهن، سِوئي هوڏانهنُ، سوئي مَنِ
وَسي،
تِهينِ سَندي سوجهَري، سوِئي سو پَسجي.
(10)
جي پُڇڻا سي نه مُنجهِڻا، جي پُڇَن سي وِيرَ،
جو لکَڻَ مَنَجهه مَاڙُوئين، سو مَکڻُ مَنجهِه
کِيرَ.
(11)
قُربُ ۽ ڪِبرِياءُ، ماءِ مُلاقي نه ٿِئي،
صوفيءَ جي صُبحَ ۾، پوري اِي پرِياءُ.
(12)
پَرِ ۾ پَچي پِرَي کي، پَسَجي پَرڏَيههُ،
جِتي ساڄَڻ سَپِجي، ساههَ کي سو ساڙيههُ.
(13)
ڪاڪِ وَڻَن ساڻُ، اوٺيين نه اورڳي،
جي گُڻُ هُوُنَ گهڻا، ته به راڻا توءِ رَوئندا
وِئا.
(14)
ڏوهه نه ڏمرِئوءِ ، ڏِٺُءِ جي ڏاتارَ مُوهه،
ساڻِيڪين هَٿَ ڀري، پاڻا آڏو اُسِرَئوءِ.
(15)
ڪَاجاَ پَر پِرينِ، نَه سا ٻُڌي نه سُئي،
مَتِيوُن سَڀِ مُنَجهَنِ، اِنهي ڏٺي قضيي.
(16)
اَسين سِڪُون جِن کي، سي تان اَسين پاڻ،
هاڻي وَڃُ گُماَنَ، صَحيح سُڃَاتو سين
سُپَرين.