ڳالهه ڪندا آهن ته ڪنهن شهر ۾ چار دوست رهندا هئا.
جن مان هڪ پيشگير، ٻيو مزدور، ٽيون واڍو ۽ چوٿون
شاگرد هو. هڪ ڏينهن هنن پاڻ ۾ گڏجي صلاح ڪري چيو
ته، اچو ته پنهنجي هڪ هڪ ڏينهن جو ڀاڳ آزمايون.
جنهن ۾ پهرين پيشگير جو وارو آيو. هو سڌو هوٽل ڏي
ويو، جنهن ۾ هن صبح کان شام تائين نوڪري ڪئي. تنهن
تي سيٺ کيس چار رپيا ڏنا. جنهن تي سندن دوستن چيو
ته ”پيشگير جي هڪ ڏينهن جي ڪمائي چار رپيا آهي.“
ٻئي ڏينهن وري مزدور جو وارو آيو. هو به ويچارو
سڄي شهر ۾ هليو. تان جو گهڻا مزدور ڏسڻ ۾ آيس،
جيڪي هڪ عاليشان عمارت ٺاهي رهيا هئا، اُتي هي به
ڪم تي لڳي ويو. شام جو مزدوري پنج رپيا مليس. ٽئين
ڏينهن وري واڍي جو وارو آيو. واڍو ويچارو پنهنجي
نصيب آزمائڻ لاءِ شهر ۾ هلندو ويو. آخر هن کي کٽ
ٺاهڻ لاءِ ملي. شام جو هن کي ڇهه رپيا مليا. تنهن
تي سندس دوستن چيو ته واڍي جي هڪ ڏينهن جي ڪمائي
ڇهه رپيا آهي. چوٿين ڏينهن شاگرد جو وارو آيو.
جنهن شهر ۾ هڪ خاص اطلاع ٻڌو ته جيڪو به بادشاهه
جي سوال جو جواب ڏيندو ته ان کي بادشاهه جو وزير
بڻايو ويندو. اهواطلاع ٻُڌي شاگرد سڌو بادشاهه جي
درٻار ڏانهن روانو ٿيو. جتي بادشاهه کانئس سوال
ڪيو ته عزت ڇا مان حاصل ٿئي ٿي؟ ڪن چيو ته دولت
سان، ته ڪن چيو ته عقل سان، ڪن چيو ته نوڪريءَ
سان.
جڏهن شاگرد جو وارو آيو، تڏهن هن چيو ته ”علم“ سان
عزت حاصل ٿئي ٿي. بادشاهه کي جواب وڻيو ۽ کيس وزير
مقرر ڪيائين. تنهن تي سندس دوستن چيو ته شاگرد جي
هڪ ڏينهن جي ڪمائي بادشاهه جي وزيري آهي.
]پيارا
ٻارؤ! اسان کي به گهرجي ته دل لڳائي علم حاصل
ڪريون. علم سان ئي عزت، دولت ۽ مانُ مرتبو حاصل
ٿئي ٿو.[
هڪ بادشاهه وڏو رحم دل هو. ان
جي عوام ان مان ڏاڍو خوش هئي. هر شخص ان کي دعائون
ڏيندو هو. پر هڪ ڳالهه جي باري ۾ ماڻهو ڪافي
پريشان هئا. بادشاهه شادي نٿي ڪرڻ گهُري.
هڪ ڏينهن ان جي وزيرن تنگ ٿيندي اچي چيو: جناب
اعليٰ جيڪڏهن اوهان اسان جا بادشاهه رهڻ ٿا چاهيو
ته پوءِ توهان کي شادي ڪرڻي پوندي!“
بادشاهه چيو: ”جيڪڏهن توهان جي اها خوشي آهي ته
مون کي منظور آهي، پر مان شادي اهڙي ڇوڪريءَ سان
ڪندس جيڪا سؤ فٽ جي مفاصلي کان صوف اُڇلائي/ هڻي
منهنجي مٿي تي پيل تاج ڪيرائي ڏيکاري.“
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ وزيرن تمام خوبصورت ڇوڪرين کي
محل ۾ گڏ ڪيو. هر ڇوڪري جي هٿ ۾ هڪ صوف هو. جڏهن
مقابلو شروع ٿيو ته هڪ به ڇوڪريءَ صوف هڻي
بادشاهه جي مٿي تي پاتل تاج کي ڪيرائي نه سگهي.
انهن کي اهو خوف هو ته صوف بادشاهه جي منهن تي وڃي
نه لڳي. ان جي ڪري اهي صوف درست نشاني تي نه هڻي
سگهيون.
جڏهن سموريون ڇوڪريون ناڪام ٿي ويون ته اوچتو هڪ
ڊگهي قد واري ڇوڪري اڳتي وڌي آئي. اُن ٿُلهي چادر
ويڙهي رکي هئي ۽ ان جي هٿ ۾ صوف هو ۽ هيرن جو ٺهيل
هو. هوءَ سو فٽ جي مفاصلي تي ٿي بيٺي. نشانو وٺي
صوف هنيو. بادشاهه جي مٿي تان تاج اُڏامي وڃي ٻئي
پاسي تي ڪِريو. سمورن ماڻهن خوشيءَ مان تاڙيون
وڄايون هر بيٺل شخص ان ڇوڪريءَ کي شاباش ڏيڻ جي
لاءِ اڳتي وڌيا. پر ڇوڪري اوچتو هڪدم غائب ٿي وئي.
بادشاهه حڪم ڏنو ته ترت ان ڇوڪريءَ جو پتو لڳايو
وڃي. وزيرن ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر ۾ سپاهي موڪليا پر
ڇوڪري جو ڪٿي به ڏس پتو ملي نه سگهيو.
ٻن ٽن مهينن بعد بادشاهه وري ٻيهر خوبصورت ڇوڪرين
کي گڏ ڪيو. پر ڪابه ڇوڪري ان جو تاج ڪيرائڻ ۾
ڪامياب نه ٿي سگهي. ايتري ۾ وري اها ئي ڊگهي قد
واري ڇوڪري سامهون آئي. ان هيرن جو ٺهيل صوف هڻي،
بادشاهه جو تاج ڪيرائي وڌو ۽ غائب ٿي وئي. بادشاهه
جي سپاهين ان جي ڳولا ڪئي پر ان جو پتو نه ملي
سگهيو.
ڪجهه ڏينهن بعد بادشاهه وري ڇوڪرين کي سڏايو. ڪابه
ڇوڪري بادشاهه جي مٿي تي پاتل تاج کي ڪيرائي نه
سگهي. اوچتو اهائي ڇوڪري سامهون آئي ۽ ان هيرن جو
صوف هڻي بادشاهه جو تاج ڪيرائي وڌو. بادشاهه جا
سپاهي ڇوڪريءَ کي پڪڙڻ لاءِ ڊوڙ پاتي پر ڇوڪري هرڻ
جهڙيون ڇالون هڻي نظرن کان غائب ٿي ويئي.
هاڻ بادشاهه اُداس رهڻ لڳو. هو هر ڏينهن صبح جو
اڪيلو شڪار ڪرڻ لاءِ نڪري ويندو هو، ورندي شام جو
واپس ايندو هو.
هڪ ڀيرو هو جهنگ ۾ شڪار ڪندي گهڻو اڳتي هليو ويو.
شام ٿي چڪي هئي، اوچتو هن کي پاسي کان هلڪي
روشنيءَ جي لڪير نظر آئي. هو ان طرف وڌڻ لڳو. هيءُ
هڪ پوڙهي عورت جو گهر هو. ان عورت کي ٻه ڌيئر
هيون، اهي ٻئي بدصورت هيون. بادشاهه ڇوڪرين کان
گهر جي اندر داخل ٿيڻ جي اجازت گُهري. ڇوڪرين صاف
انڪار ڪيو. ايتري ۾ انهن جي ماءُ اچي ويئي. ان
بادشاهه کي سڃاڻي ورتو. هوءَ ان کي اندر ساڻ وٺي
آئي. ان جي لاءِ هڪ صاف سٿرو هنڌ وڇايو.
رات جو بادشاهه سُمهڻ لڳو ته ان کي ڀر واري ڪمري
مان ان پوڙهي عورت جو زور زور سان ڳالهائڻ جو آواز
ٿي آيو. هوءَ ڪنهن ڇوڪريءَ تي ناراض ٿي رهي هئي.
صبح جو جڏهن بادشاهه وڃڻ لڳو ته ان پوڙهي عورت کان
پڇا ڪئي: ”رات اوهان ڪنهن تي ناراض پئي ٿيا؟“
پوڙهي عورت چيو: ”منهنجي هڪ ماٽيجي ڌيءُ آهي. وڏي
ٽوٽي ۽ هڏ حرام آهي. پنهنجو پاڻ کي گهڻو خوبصورت
سمجهندي آهي. رات جو ان ماني جا گرهه ٺاهيا. چيو
پئي ته پوڙهي چٻري کي کارائيندس. ڇو ته چٻري ان کي
ٽي اهڙا صوف ڏنا آهن جن ۾ هيرا جُڙيل آهن.“
بادشاهه جڏهن اهو ٻڌو ته ان جي دل جهومڻ لڳي. ان
چيو: اي پوڙهي عورت- ان ڇوڪري کي سڏ ڪرينس، مان ان
کي ڏسڻ ٿو گهران.
پوڙهي سڏ ڪيس، ”او ڏائڻ، هيڏانهن اچ!“ اوچتو
دروازو کليو. ۽ هڪ ڇوڪري چتين واري ڪپڙن ۾ ٻاهر
آئي. اها چنڊ کان به وڌ سهڻي هئي. بادشاهه ان کي
ڏسي خوشيءَ مان رڙ ڪئي. ”تون ته اها ساڳي ڇوڪري
آهين! اڄ- مون سان گڏجي هل- مان توکي پنهنجي راڻي
بڻائيندس.“
بادشاهه ڇوڪريءَ کي پاڻ سان گهوڙي تي کڻي اچي محل
پهتو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ٻنهي جي شادي ٿي ويئي ۽
باقي زندگي خوشيءَ سان گذارڻ لڳا.
”ها! ابا هن ٻڪريءَ جو گهڻو وٺندين؟“
عيد الضحيٰ جي موقعي تي قربانيءَ لاءِ ٻڪريءَ جي
خريدار ٻڪريءَ جي مالڪ کان پڇيو.
”جي اوهان کان فقط 10 هزار رپيا وٺبا.“ ٻڪرار جواب
ڏنو.
خريدار به ڪو خفتي هو. هڪدم پڇيائين: ”ٻئي ڪنهن
کان هن ٻڪريءَ جو هوند گهڻو وٺندين؟
”چار سؤ.“
”مهرباني، ڀلا چؤ، مون سان هيءَ رعايت (ضرورت)
ڇو؟“
”اوهان شريف ٿا ڏسجو نه؟“
ميان صاحب! اسين ماڻهوءَ کي سڃاڻي وٺندا آهيون؟“
ٻڪرار صفائي بيان ڪندي چيو.
”چڱو ڀلا پري کان ئي جانچي ٻڌاءِ ته هن ٻڪريءَ ۾
وزن ڪيترو ٿيندو؟“ خريدار چيو.
”پندرهن سيرن کان گهٽ نه ٿيندو!“
مالڪ وڏي فخر سان چيو.
”مارڪيٽ ۾ وڍيل ڪٽيل صفا ٿيل گوشت ملي ست سؤ رپيا
ڪلو جي حساب سان، باقي هن ٻڪريءَ ۾ کل ۽ منڍي کان
وڌيڪ رکيو ڇا آهي؟“
جنهن جا ايترا پئسا ٿو وٺين... قيمت وٺڻ مهل ڪو
حساب به ته ڪندا ڪريو.“ خريدار بحث جي انداز ۾
چيو: هزار نه ٻه هزار نه چار، پنج هزار وٺ پر يڪا
10 هزار ڪهڙي حساب سان ٿو وٺين؟
ميان هيءَ ٻڪريءَ جي قيمت ڪانهي، قرباني ڪرڻ وارا
10 هزار ته ڇا پر وڌيڪ ڏيڻ ۾ به دير نه ڪندا آهن.
گوشت کپئي ته مارڪيٽ پيئي اٿئي، باقي قربانيءَ ڪرڻ
وارا قيمت کي نه ڏسندا آهن. ائين چئي ٻڪرين وارو
ٻڪريون ڪاهي هلڻ لڳو.
خريدار کي سوچڻ کان پوءِ سمجهه ۾ آيو ته عيد جي
موقعي تي هر شيءَ جي قيمت ۾ واڌارو رڳو ان محبت جي
جذبي جو ڪرشمو آهي.
دڪاندار: ”چور بازاري يا نفع خوري“ ڪونه ڪندا آهن،
پر رڳو ان جذبي جو امتحان وٺندا آهن. |