سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ فيبروي/اپريل  2019ع

باب:

صفحو:5 

 

ڇا ڳالهه آهي يوسف پريشان پيو لڳين؟ ممتاز باغيچي ۾ منهنجي ڀرسان ويهي، منهنجي ڪُلهي تي هٿ رکندي پڇيو.

ڪجهه به نه، مون کيس مختصر جواب ڏنو.

پوءِ به يار مان تنهنجو دوست آهيان. ممتاز چيو.

”يار مسئلو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو..! بس ادا منهنجو ننڍڙو ڀاءُ جيڪو اسان کان ميلي ۾ گم ٿي ويو هو ۽ اڄ تائين نه مليو آهي. بس اها ئي پريشاني آهي. گهر ڏي به وڃان ٿو ته هر طرف خاموشي آهي. منهنجي ڪٿي به دل ئي نٿي لڳي.“ مون کيس پنهنجي پريشانيءَ جو سبب ٻڌايو.

”يوسف توکي ته خبر آهي منهنجي هڪ تنظيم سان واسطو آهي ۽ مان سماجي ڀلائي جا ڪم ڪندو آهيان، ۽ منهنجي سڄي شهر ۾ ساک آهي.“

دوست: پنهنجي تعريف ڪرڻ وارا بيوقوف هوندا آهن. چڱو يار، مون کي معاف ڪجانءِ هينئر مون کي هڪ ميٽنگ تي وڃڻو آهي.

”ٺيڪ آهي ادا ڀلي وڃ.“ مون کيس چيو.

ممتاز منهنجو سڀ کان پيارو دوست آهي، ان لاءِ کيس تنگ ضرور ڪندو آهيان. سڄي شهر ۾ سندس ساک هئي ۽ هر ڪنهن جي واتان سندس تعريف ٻڌندو هئس. پر منهنجو اڃا سندس ۾ ڪم نه پيو هو.

هر ڪنهن کي آٿت ضرور ڏيندو هو ۽ ڪنهن سان ته همدردي طور روئي به پوندو هو، اسان جي دوستيءَ کي چار پنج سال ٿيا هئا. پر هڪ ڏينهن ائين ٽٽي ڄڻ هئي ڪونه!

ٿيو هيئن جو هڪ ڏينهن ڪنهن ڪم سان سندس گهر ويس ته هن هڪ ڇهن ستن سالن جي ٻار کي چانهه کڻي اچڻ جو چيو. جيڪو ڊش ۾ چانهه جا ٻه ڪوپ کڻي آيو، چانهه رکي هو ممتاز جي ڀرسان ائين بيهي رهيو، ڄڻ ساڻس ڪجهه ڳالهائڻ چاهيندو هجي.

اڙي وڃ هتي بيهي ڇا ٿو ڪرين. وڃي پنهنجو ڪم ڪار ڪر.

”ممتاز جي ٻار کي ڏنل، جواب تي ڇرڪ نڪري ويو. ڪجهه دير لاءِ مان حيران ۽ پريشان ٿيندي ٻنهي کي ڏسندو رهيس.

”سائين مون کي ڪجهه پئسا گهرجن. امان بيمار آهي، ان لاءِ دوائون وٺڻيون آهن.“
ان ٻار ممتاز کي چيو.

”اڙي ابا! ڳالهه ته ٻُڌ. هڪ ته مان توکي بيروزگار ڏسي ڪري پاڻ وٽ نوڪر ڪري بيهاريو، پر توکي ته اڃا مهينو به پورو ناهي ٿيو. ايتري ۾ مان توکي پئسا ڪيئن ٿو ڏيئي سگهان. ممتاز کيس رُکائي سان جواب ڏنو.

گهڻا پئسا کپنئي پُٽ؟

مون کانئس پڇيو، ڇو ته هاڻي منهنجي لاءِ اها ڳالهه ناقابل برداشت ٿي چڪي هئي ته مان ائين ئي تماشائي بڻجي کين ڏسندو رهان..!“

اڙي چريو ٿيو آهين، ڇا..! هي غريب وڏا ٺڳ ۽ مڪار اٿئي. متان ڪڏهن ڌوڪو کائين. ممتاز منهنجو کيسي ڏانهن وڌندڙ هٿ روڪي چيو.

اڇا، يوسف مون کي هڪ اهم ميٽنگ تي وڃڻو آهي. تون هنن غريب ۽ نڀاڳن جي ڳالهين تي نه لڳندو ڪر. ائين چئي ممتاز ٻاهر هليو ويو.

ننڍڙو ٻار روئيندي زمين تي ويهي رهيو، مون کي به ڪجهه سمجهه ۾ نه پيو اچي. هوش حواس خطا ٿي ويا ۽ اندازو ٿي ويو، ته ٻاهران پشم دل ڏسجندڙ وارا اندروني طور پٿر به ٿي سگهن ٿا، ڪنهن صحيح چيو آهي ته ”هر چمڪندڙ شيءِ، سون ناهي هوندي.“

 

 

شاهد تمام نيڪ ڇوڪرو هو، ماءُ- پيءُ ۽ استادن ۾ عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. هو پنج وقت نماز پابندي ۽ جماعت سان پڙهندو هو. هو صبح جو اسڪول ويندو هو ۽ ٻنپهرن جو اسڪول کان اچي ماني کائي پوءِ نماز تي هليو ويندو هو. اتان اچي ٿوري دير آرام ڪندو هو. عصر جي نماز کان پوءِ راند ڪرڻ هليو ويندو هو. مغرب جي نماز کان پوءِ هو اسڪول جو ڪم ڪندو هو. رات جي ماني کان پوءِ عشاء جي نماز پڙهڻ هليو ويندو هو. واپس اچي سوير سُمهي رهندو هو. جيئن هو فجر جي نماز تي اُٿي سگهي. هن جو پيءُ آفيس مان ايندو هو ته هو پنهنجي پيءَ سان گڏ نماز پڙهڻ ويندو هو.

اگر هن جو پيءُ هن کي عشاءَ جي نماز پڙهندي نه ڏسندو هو ته تاڪيد ڪندو هو ته پٽ نماز پڙهندو ڪر. شاهد جي عمر ڪا گهڻي وڏي ته ڪونه هئي پر هو تمام ذهين ۽ ڏاهو ٻار هو. هن جي گهر کان مسجد پري ڪونه هئي پر رستي ۾ ڪجهه دڪان هئا. اڪثر هو پنهنجي پيءُ کان پڇندو هو ته بابا هي دڪاندار ۽ ٻيا ماڻهو نماز ڇو نٿا پڙهن. تڏهن هن جو پيءُ هن کي چوندو هو ته بابا اڄ ڪلهه جي ماڻهن ۾ عبادت واري ڳالهه ناهي رهي، ماڻهو سائنسي دور جا آهن. سڀ ماڻهو هڪٻئي کان اڳيان نڪرڻ جي چڪر ۾ آهن. غريب ۽ امير سڀ پئسي جي ڊوڙ ۾ شامل آهن. پٽ دعا ڪر ته ماڻهو نيڪي جي راهه تي هلن  هو دعا ڪرڻ لڳو.

ڪجهه ڏينهن کان شاهد جي ماءُ اها ڳالهه نوٽ ڪئي ته شاهد نماز پڙهي دير سان گهر اچي ٿو ۽ وڃي به جلدي ٿو.

هن جي ماءُ اها ڳالهه هن جي پيءَ کي ٻڌائي ته هُن ان ڳالهه جي پرواهه نه ڪئي ڇو ته هن کي يقين هو ته شاهد عام ٻار نه آهي.

هڪ ڏينهن جڏهن هو نماز پڙهي اچي رهيو هو ته هن ڏٺو ته شاهد هڪ دڪان تي ويٺو هو. هو ڏاڍو حيران ٿيو پر ڪڇيو ڪجهه به نه گهر اچي ويو، هِن پنهنجي گهر واريءَ سان ڳالهه ڪئي. هوءَ به حيران ٿي وئي پوءِ شاهد جي پيءُ کي ياد آيو ته شاهد اها ڳالهه ڪئي هئي ته دڪان تي هڪ پوڙهو شخص ويهي ٿو اهو دڪان ۾ ئي نماز پڙهي ٿو. اڄ مون شاهد کي دڪان تي ويٺل ڏٺو آهي. ڀلي شاهد اچي ته پُڇون ٿا.

ڪجهه دير کان پوءِ شاهد به اچي ويو ۽ سلام ڪري پنهنجي پيءُ وٽ ويهي رهيو. پوءِ هن جي پيءُ ڳالهه شروع ڪئي.

ڇا ڳالهه آهي پُٽ! اڄڪلهه تون جلدي نماز تي وڃين ٿو ۽ دير سان اچين ٿو؟

بابا! ڳالهه اِها آهي ته مسجد جي رستي ۾ هڪ دڪان آهي. اهو پوڙهو چاچو دڪان ۾ نماز پڙهندو آهي. هڪ ڏينهن آءٌ ان جي دڪان تي ويس ۽ کيس چيم ته توهان مسجد ڇو نٿا وڃو؟ تڏهن هن جواب ڏنو ته منهنجي دڪان تي ڪير ويهڻ وارو ڪونهي ۽ آءٌ ڪمزور ماڻهو آهيان دڪان کولڻ ۽ بند ڪرڻ جي همت مون ۾ ناهي. ان ڪري آءٌ دڪان ۾ نماز پڙهندو آهيان. دڪان جو سامان وٺڻ ويندو آهيان ته دڪان بند ڪندو آهيان.

مون سندس ڳالهه ٻڌي ته کيس چيم چاچا هاڻ مان روز نماز پڙهڻ ويندو آهيان، واپسي تي توهان جو دڪان سنڀاليندس. توهان ڀلي مسجد ۾ نماز پڙهڻ وڃو. هاڻ مان روز چاچا جي دڪان تي ويهندو آهيان ۽ هو نماز پڙهڻ ويندو آهي ۽ ماني به گهر وڃي کائي ايندو آهي.

شاهد معصوميت سان پڇيو: ڇا بابا مان ٺيڪ ٿو ڪريان؟

 

 

(چرٻٽ راجا جي درٻار ۾ هڪ ڀڳل ميز اڳيان هڪ ڇنل ڪرسي پيل آهي. جنهن تي چرٻٽ راجا ويهي انصاف ڪري رهيو آهي. ٻين وزيرن اميرن لاءِ ڇنل کٽون پيل آهن، جن تي هو ويٺل آهن، هيٺ ڇنل تڏي تي ٻيا عام ماڻهو.)

دربان: (زور سان)با ادب، با ملاحظه، هوشيار. سلطان انڌير نگري چرٻٽ راجا، ٽڪي سير ڀاڄي ٽڪي سير کاڄا، جن تشريف فرما ٿي رهيا آهن.

(چرٻٽ راجا ڊوڙندو ٽهڪ ڏيندو اچي ڪرسيءَ تي ويهي ٿو.) حڪم! فرياديءَ کي هڪدم حاضر ڪيو وڃي!

فريادي: (ڊڄندي ڊڄندي) چرٻٽ راجا جي راجائي سلامت رهي، اجازت ملي ته عرض ڪريان.

چرٻٽ راجا: (ٽهڪ ڏيندي) اجازت... ڪنهن جي اجازت... ڇا جي اجازت... ها ها ها، ٺيڪ آ... ٺيڪ – اجازت آهي، اجازت آهي.

(چرٻٽ راجا جي درٻار ۾ هڪ ڀڳل ميز اڳيان هڪ ڇنل ڪرسي پيل آهي. جنهن تي چرٻٽ راجا ويهي انصاف ڪري رهيو آهي. ٻين وزيرن اميرن لاءِ ڇنل کٽون پيل آهن، جن تي هو ويٺل آهن، هيٺ ڇنل تڏي تي ٻيا عام ماڻهو.)

دربان: (زور سان)با ادب، با ملاحظه، هوشيار. سلطان انڌير نگري چرٻٽ راجا، ٽڪي سير ڀاڄي ٽڪي سير کاڄا، جن تشريف فرما ٿي رهيا آهن.

(چرٻٽ راجا ڊوڙندو ٽهڪ ڏيندو اچي ڪرسيءَ تي ويهي ٿو.) حڪم! فرياديءَ کي هڪدم حاضر ڪيو وڃي!

فريادي: (ڊڄندي ڊڄندي) چرٻٽ راجا جي راجائي سلامت رهي، اجازت ملي ته عرض ڪريان.

چرٻٽ راجا: (ٽهڪ ڏيندي) اجازت... ڪنهن جي اجازت... ڇا جي اجازت... ها ها ها، ٺيڪ آ... ٺيڪ – اجازت آهي، اجازت آهي.

فريادي: (روئندي) اوهان جي بادشاهيءَ ۾

چور پيا چوريون ڪن. رات منهنجي چوري ٿي ويئي منهنجو گهر ڦرجي ويو، آءٌ سيءَ مري ويندس. چورن منهنجي گهر ۾ رلي به ڪانه ڇڏي. (روئي ٿو)

چرٻٽ راجا: (زور سان) وزير بي پير!

وزير: جي حضور بي شعور!

چرٻٽ راجا: (عجب مان) چوري! اسان جي ملڪ مان چوري، انڌيرنگري مان چوري! (زور سان) حڪم! منهنجا ڪن هي ڇا ٻڌي رهيا آهن. چور کي هڪدم حاضر ڪيو وڃي.

وزير: حضور! پوليس چور کي سڳ سميت گرفتار ڪري آئي آهي. حڪم ڪريو ته حاضر ٿئي.

چرٻٽ راجا: حڪم!

وزير: حضور، اجهو چور حاضر آهي.

چرٻٽ راجا: (زور سان) چور چور چور! اڙي تون چور آهين؟

چور: نه حضور! آءٌ غريب آهيان.

چرٻٽ راجا: تون غريب آهين ته پوءِ اسين چور آهيون؟

چور: نه حضور.

چرٻٽ راجا: (چٻرا ڏيندي) نه حضور. پر تو هن فرياديءَ جي رلي ڇو چورائي؟

چور: حضور! ڪالهه رات مون کي ڏاڍو سيءُ ٿيو هو- ٻيو ڪو رستو نه ڏسي لاچار مون رلي چورائي.

چرٻٽ راجا: سڄي شهر ۾ توکي ٻيو ڪوبه گهر ڏسڻ ۾ ڪونه آيو!

چور: نه حضور!

چرٻٽ راجا: وزير بي پير!

وزير: جي حضور بي شعور!

چرٻٽ راجا: شهر مان ماڻهو لڏي ويا ڇا؟

وزير: نه حضور.

چرٻٽ راجا: (چور کي) توکي ٻيا گهر ڇو ڏسڻ ۾ نه آيا؟

چور: حضور! سيءُ منهنجا حوصلا خطا ڪري ڇڏيا هئا.

چرٻٽ راجا: (عجب مان) سيءُ تنهنجا حوصلا خطا ڪري ڇڏيا! پر ڪالهه ته سيءُ اسان جا به حوصلا خطا ڪري ڇڏيا، پوءِ اسين به چوري ڪريون. (زور سان) رلي ڪٿي آهي؟

وزير: حضور، اجها رلي.

چرٻٽ راجا: (رلي ڏسي) واهه واهه رلي ته ڏاڍي سُٺي آهي. هيءَ رلي هڪدم اسان جي محل ۾ پهچائي وڃي. اسان کي رات به سيءُ ٿيو هو.

فريادي: حضور مون کي رلي ڪانه ملي! منهنجو انصاف ته ڪونه ٿيو!

چرٻٽ راجا: انصاف ڪيئن نه ٿيندو- انصاف ضرور ٿيندو (عجب مان) هان! تنهنجو مطلب آهي ته اسان وٽ بي انصافي آهي. (زور سان) حڪم! هن فرياديءَ کي هڪدم ڦاسي ڏني وڃي.

وزير: حضور! عرض آهي.

چرٻٽ راجا: اسان جو حڪم ڪنهن به عرض مڃڻ لاءِ تيار نه آهي.

وزير: حضور! هن فرياديءَ جي چوري ٿي آهي، هن کي ڦاسي نه ملڻ کپي.

چرٻٽ راجا: ٺيڪ آ، ٺيڪ آ، پوءِ ڪنهن کي ڦاسي ڏيڻ گهرجي؟

وزير: حضور! چور کي ڦاسي ڏيڻ گهرجي.

چرٻٽ راجا: (زور سان) حڪم! هن چور کي ڇهه مهينا ڦاسيءَ جي سزا ڏجي ٿي، هن کي هڪدم ڇهه مهينا ڦاسي ڏني وڃي.

]منظر ٻيو[

(چرٻٽ راجا جي درٻار جي ڀرسان ٻٻر جي وڻ ۾ رسو ٻڌو پيو آهي. جنهن جي ذريعي چورن کي ڦاسي ڏني وڃي ٿي. سپاهي چور کي وٺي آيا آهن. ٻيا درٻاري، امير وزير خود چرٻٽ راجا به انصاف ڪرڻ لاءِ موجود آهي. سپاهي چور جي ڳچيءَ ۾ ڦاسي وجهن ٿا.)

وزير: حضور! چور ايترو ته ڏٻرو آهي جو ڦاسي سندس ڳچيءَ ۾ پوري نٿي ٿئي ۽ نڪري وڃي ٿي.

چرٻٽ راجا: (عجب مان) ڦاسي پوري نٿي ٿئي، ته پوءِ پڪ ئي پڪ هي چور نه آهي. (چور کي) پر تون ايترو ڏٻرو ڇو آهين؟

چور: حضور، آءٌ غريب آهيان-بکون ڪاٽي ڪمزور ٿي ويو آهيان. سيٺ سيڌو نٿو ڏي، جنهن ڪري روز ڪمزور ٿيندو وڃان ٿو.

چرٻٽ راجا: (زور سان) حڪم! سيٺ کي هڪدم حاضر ڪيو وڃي.

(سپاهي وڃن ٿا ۽ سيٺ کي هڪدم حاضر ڪن ٿا)

وزير: حضور! سيٺ حاضر آهي.

چرٻٽ راجا: تون هن کي سيڌو ڇو نٿو ڏين؟ هي چور ايترو ڪمزور آهي جو کيس ڦاسي پوري نٿي پوي! جلد ٻڌاءِ، اسان جي انصاف ۾ دير ٿي رهي آهي.

سيٺ: حضور! آءٌ سيڌو ڇو ڏيانس هي غريب ۽ کٽل ماڻهو آهي، منهنجا اڳ ۾ ئي پئسا کائي ويو آهي. آءٌ کيس سيڌو ڪونه ڏيندس.

چور: حضور، ڏسو اوهان جي اڳيان ڪوڙ پيو ڳالهائي- پئسا ڪير کائيندو. کائڻ لاءِ سيڌو به ڪونه ٿو ڏي پئسا کائڻ لاءِ ڪيئن ڏيندو.

چرٻٽ راجا: (زور سان) حڪم! سيٺ کي ڦاسي ڏني وڃي.

(سيٺ کي آڻين ٿا، پر هو ايترو ٿُلهو آهي جو ڦاسي سندس ڳچيءَ ۾ نٿي پوي.)

وزير: حضور، سيٺ ايترو ته ٿُلهو آهي جو ڦاسي سندس ڳچيءَ ۾ نٿي پوي.

چرٻٽ راجا: (عجب مان) ڦاسي سندس ڳچيءَ ۾ پوري نٿي پوي! ته پوءِ هڪدم کيس ٽنگ ۾ ڦاسي ڏني وڃي. پر تون ايترو ٿُلهو ڇو آهين؟

سيٺ: حضور، حڪيم منهنجو علاج نٿو ڪري.

چرٻٽ راجا: حڪم! حڪيم کي حاضر ڪيو وڃي.

(سپاهي وڃن ٿا ۽ حڪيم کي وٺي اچن ٿا.)

وزير: حضور! حڪيم حاضر آهي.

چرٻٽ راجا: تون حڪيم آهين؟ چڱو منهنجي نبض ڏسي ٻڌاءِ ته منهنجي زال کي ڪهڙي بيماري آهي. (هٿ اڳتي وڌائي ٿو) ڏس ڏس، چڱيءَ طرح ڏس. حڪم! ڏسڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي اسان جي زال پاڻيهي چاق ٿيندي. تون سيٺ جو علاج ڇو نٿو ڪرين؟

حڪيم: حضور! سيٺ سراسر ڪوڙ پيو ڳالهائي، ڪڏهن به دوا لاءِ ڪونه آيو. سڄو ڏينهن دڪان تي گڏهه جيان چري ٿو، پوءِ ٿُلهو ڪيئن نه ٿيندو!

چرٻٽ راجا: سيٺ کي هتان اُگهاڙي پيرين ڪڍيو وڃي، ۽ سندس جُتيون سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪيون وڃن. ها، پر هڪ ڳالهه جو خاص خيال رکيو وڃي، جو هن جا پادر دورازي جي ڀرسان رکيا وڃن، جيئن اسين ٻاهر ويندي پائي ڏسون.

(زور سان) حڪم! سپاهيو، ٻڌو! هينئر ئي شهر ۾ وڃو، جيڪو ماڻهو منهن سامهون ڏسو تنهن کي پڪڙي اچو.

(سپاهي وڃن ٿا، رستي ۾ چاڪي کين ملي ٿو، ۽ سپاهي کيس وٺي اچن ٿا.)

وزير: حضور! سپاهي چاڪيءَ کي وٺي آيا آهن، چاڪي هي سامهون بيٺو آهي.

چرٻٽ راجا: تون چاڪي آهين، ڪيڏانهن ٿي وئين؟ سپاهين کي رستي ۾ ڇو ملئين؟

چاڪي: حضور! آءٌ گهاڻي ڏانهن پئي ويس ته سپاهي مون کي پڪڙي آيا.

چرٻٽ راجا: (زور سان) اسان کي ڦاهيءَ تي چاڙهڻ لاءِ هڪڙو ماڻهو کپي، ڇو ته اسان کي انصاف ڪرڻو آهي. حڪم! هن کي هڪدم ڦاهيءَ تي چاڙهيو وڃي.

چاڪي: حضور! مون سان نسورو ظلم آهي، انڌير آهي... انڌير آهي.

چرٻٽ راجا: خاموش! هي اسان جو حڪم آهي، اسان کي انصاف ته ڪرڻو آهي، پوءِ ’چور نه ته چاڪي سهي....!‘

(چاڪيءَ کي ڦاسيءَ تي چاڙهين ٿا، سڀ امير، وزير، سپاهي چرٻٽ راجا سميت گهر روانا ٿين ٿا. دربان ڪَن تي هٿ رکي چوي ٿو: باادب با ملاحظه هوشيار، سلطان انڌير نگري، چرٻٽ راجا، ٽڪي سير ڀاڄي ٽڪي سير کاڄا جن وڃي رهيا آهن.)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org