سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ فيبروي/اپريل  2019ع

باب:

صفحو:2 

 

چيڪلي پايون

پير گسايون

پير ۾ نُورو

ٻانهن ۾ چُوڙو

ڳچيءَ ۾ هار

آر. وي ٿڌاڻي

ُڦِري ڦِر موٽي

سوني چوٽي

چوٽي چمڪي

ڇير ٿي ڇمڪي

چري ۾ وار

*

گهوٽ ڪَيو گهمسان

چيائين ڪُنواريتن لاتو منهنجو مانُ

سَسَ گهرايس ۽ پَرچايُس

رپيا ڏئي دل هِر کائيس

گهوٽ چيو، هاڻ ڏاڍو وڌيو آهي

منهنجو شان – لالچي گهوٽ جو

ڪوڙو وڌيو شان

*

جهليا ڪئا جهرڪي ٽي

جهرڪ آندو پاڻي

جهرڪي چيو راجا مان

جهرڪي چيو راڻي مان

جهرڪي آهي ڪاڻي

*

ڦتُو ڦِڌو پرڻجڻ آيو

شاديءَ جو ٿيو ڏاڍو سعيو

ڪنوار ڏٺو ته ڦِتو ڦڏو

چيائين مون هي نه کپي

موٽي مون کي گهر پهچايو

*

جهرڪيءَ ٺاهيو آکيرو

جهرڪ ويٺو جهنگ ۾

ڦٽا تنهن ۾ ٽي ٻچڙا

ماڙءَ مٿان مَنگهه ۾

ٽِڪي ٽِڪي ٽِڪي. وي

بڪي- ٽڪي- بڪي- ٽي

جهرڪُ آيو رنگ ۾.

*

جهرڪَ پاتو ٽوپلو

جهرڪيءَ پاتي پوتڙي

هُن کي لڪڻ مٿي تي

هِن کي ڳچيءَ ڳوٿري

چپي- ڪپي- سپي- ٽي

ٽڪي- بڪي- وڪي مِي

جهرڪي آهي دوٽري

*

نانيءَ منهنجي لالَ ڪُنوار

ڳچي ۾ ٿس سونو هارُ

پُڄڻ نه ساڻس ڪنهن جي جاءِ

ننڍيُون نيٽيون پوٽيون ڏهٽيون

نانيءَ اڳيان ڇوٽيون موٽيون

هڪ به نه منجهن- پنهنجي جاءِ

نانيءَ منهنجي لال ڪُنوار

*

اُکري ۾ ڪَڪِڙو

مينهن آيو تڪڙو

وس مِينهن ڏهه ڏينهن

اُٺ، گهوڙا هاٿي، شينهنُ

وساءِ سائين موليٰ

چانديءَ جا گولا

اڌ منهنجا اڌ تنهنجا

کائون اسين لولا

*

ڀتُ رُڌو ديڳ ۾

ڪوئا وڌم سيگهه ۾

اڇا ڪارا ٻه ٽي چار

ناچ نچائون مزيدار

ڀت ٿيو واهه سوادي

جيئي پئي منهنجي ڏاڏي

وڃي کاڌائين کيت ۾

ڪوئا نچيس پيٽ ۾

*

اچو ته يارو کيل ڪِريُون

زمرد کي هڪ ريل ڪريون

انجڻ ڪاري ڪُو ڪُو ڪُو

گاڏي ڇمڪي ڇُو ڇُو ڇُو

بتي سائي جهنڊي سائي

سيٽي هاڻي گارڊ وڄائي

ريل هلي ٿي ڌو ڌُو ڌُو

*

گاڏي ٿورو بيهي ٿي

انجڻ پاڻي پيئي ٿو

ڏسو هاڻي اسٽيشن

جتي ماڻهو لهن ٿا

سِنگلن هيٺ ٿيو نيٺ

بتيون ڏاڍيون ٿيون چمڪن

جهنڊي ڳاڙهي ڏيکاري

کولي هاڻ اٿن

هاڻ لهو – گهر هَلو

ها مائٽن ساڻ ملو

*

موسو واڍو هيرو حَجام

گڏيا يار ڪري سلام

ڀنگ پي ويا جهنگ ۾

رتا پنهنجي رنگ ۾

ڏسي ٻلي چيائون ڪيرُ؟

توبهن توبهن اهڙو قهَر.

 

 

وري جرسي سوئيٽر پائي تنهن مٿان مون ڪوٽ لڳايو،

پوءِ به کڙ کڙ ڏند وڄن ٿا، ڏاڍو هيل سيارو آيو.

 

ڪوسي ڀلي ماني کائي، چانهن جو آ مون ڊوز لڳايو،

پوءِ به کڙ کڙ ڏند وڄن ٿا، ڏاڍو هيل سيارو آيو.

 

چُلهه تي باهه جو مچ لڳائي، اجرڪ سان مون پاڻ لڪايو،

پوءِ به کڙ کڙ ڏند وڄن ٿا، ڏاڍو هيل سيارو آيو.

 

خط لکي مون ادا وڏي ڏي، ڪوئٽا مان آ ڪمبل گهُرايو،

پوءِ به کڙ کڙ ڏند وڄن ٿا، ڏاڍو هيل سيارو آيو.

 

ڪنڌين بدران ڀتيون ٺاهي، توڙي جاءِ کي در وجهرايو،

پوءِ به کڙ کڙ ڏند وڄن ٿا، ڏاڍو هيل سيارو آيو.

 

سج لٿو آ سيءُ لهي پيو، ڦتو ڦڪڙ راند ڦٽايو،

ڇو جو کڙ کڙ ڏند وڄن ٿا، ڏاڍو هيل سيارو آيو.

 

 

 

رانديون روز رچائي ٿي،

گُڏڙيءَ کي پرڻائي ٿي،

گُڏڙيءَ کي پرڻائي ٿي!

خوب وڄن دهل دماما،

ناچ نچن، چاچا، ماما!

هيءَ سارو راڄ گهرائي ٿي،

گُڏڙيءَ کي پرڻائي ٿي!

گُڏڙيءَ هن جي ”ميڊم“ آ،

نالو به سندس ”ريشم“ آ،

گيت پئي هوءَ ڳائي ٿي!

گُڏڙيءَ کي پرڻائي ٿي!

ليلم، والا ڏاج هن جو،

ٿيندو اڄ ”معراج“ هن جو،

سرتين کي ته ٻُڌائي ٿي!

گُڏڙيءَ کي پرڻائي ٿي.

 

 

 

خاموشيءَ سان لِکي ٿو هر ٻار ڪلاس ۾،

سُهڻا اکر سِکي ٿو هر ٻار ڪلاس ۾.

 

هُو پين کي جَهلي ٿو ڄڻ امن کي سَڏي ٿو،

۽ لاٽ ڏي وَڌي ٿو هر ٻار ڪلاس ۾.

 

مضمون ۽ گرامر استاد ٿو لکائي،

لکيل اکر پُڇي ٿو هر ٻار ڪلاس ۾.

 

معنيٰ سان زندگيءَ کي دلچسپ ٿو بَڻائي،

آواز جو ڪڍي ٿو هر ٻار ڪلاس ۾.

 

اخلاص کي ته ماڻي آداب ڀي سِکي ٿو،

۽ چاهَه سان پڙهي ٿو هر ٻار ڪلاس ۾.

 

آهي ضيا ڪتابن ۾ جرڪي ٿو اندر پڻ،

۽ تارو ٿِي کِڙي ٿو هر ٻارُ ڪلاس ۾.

 

سائنس ۽ دينيات جا پُورا ٿو بُوڪ ڪري،

آئيندي کي پَسي ٿو هر ٻار ڪلاس ۾.

 

هرگز به انگلش ۾ رهندو نه پوئتي آ،

هر ورڊ ڀي لِکي ٿو هر ٻار ڪلاس ۾.

 

ٻولي ته مادري آ سنڌي سلوڻي ساري،

۽ درس ڀي وَٺي ٿو هر ٻار ڪلاس ۾.

 

ٻالڪ رَکي رياضيءَ ۾ شوق ٿو سدائين،

هر مشق ڀي ڪري ٿو هر ٻار ڪلاس ۾.

 

اردوءَ جا پڻ نظم ڏاهپ سان ياد ڪندي،

منزل تي پوءِ رَسي ٿو هر ٻارُ ڪلاس ۾.

 

محنت ۽ عظمتن جو قائل به ٻارُ ٿي پيو،

سائين ڪري سَڏي ٿو هر ٻارُ ڪلاس ۾.

 

ويٺو آ ويس پهري ڊيسڪ تي خوبصورت،

فطرت جو رنگ لڳي ٿو هر ٻارُ ڪلاس ۾.

 

استاد کان سِکي پيو اخلاق، ماڻهپو،

۽ مانُ ڀي لَهي ٿو هر ٻارُ ڪلاس ۾.

 

اسڪول ڪوٽ اختر مشهور پڙهائيءَ ۾،

پوزيشن جو کڻي ٿو هر ٻار ڪلاس ۾.

 

 

1947ع ۾ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ ٻاراڻن رسالن جي اشاعت جو سلسلو هڪدم رڪجي ويو، پر 1950ع ۾ ’گلستان‘ رسالو ٻيهر جاري ڪيو ويو. گلستان کان علاوه ’ڦولستان‘ ۽ ’دل بهار‘ نالي پراڻا رسالا شروع ڪيا ويا. بدقسمتيءَ سان انهن رسالن جي اشاعت جو سلسلو گهڻو وقت جاري نه رهي سگهيو.

ڊسمبر 1951ع ۾ ’سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ‘ کي ”سنڌي ادبي بورڊ“ جو نالو ڏنو ويو، جنهن جي قيام جي مقصدن مان هڪ مقصد ”ٻارڙن لاءِ صالح ۽ صحتمند ادب پڌرو ڪرڻ“ به هيو. ان مقصد کي عملي صورت ڏيندي ويهين صديءَ جي ڇهين ڏهاڪي جي پڇاڙيءَ ۾ جنوري 1959ع ۾ ماهوار ’گل ڦل‘ سنڌي ادبي بورڊ پاران جاري ٿيو. ان ڏس ۾ گل ڦل جو پهريون ايڊيٽر غلام رباني آگرو لکي ٿو ته، ”سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري سائين جويو صاحب هيو ۽ مان اسسٽنٽ سيڪريٽري هيس. تڏهن بورڊ جون آفيسون ڪراچيءَ ۾ بندر روڊ تي اين. جي. وي هاءِ اسڪول جي عمارت ۾ هونديون هيون. هڪ دفعي ائين واتين ويڻين ٻڌڻ ۾ آيو ته بورڊ ٻه نوان رسالا ڪڍي رهيو آهي. هڪ عورتن جو رسالو ۽ ٻيو ٻارن جو رسالو. هڪ ڏينهن جويي صاحب مون کي چيو ته، ”ٻارن جو رسالو تون ڪڍ“. مون وٽ اسسٽنٽ سيڪريٽريءَ جي عهدي جي لحاظ کان فقط دستوري ڪم هوندو هو. سو گل ڦل جو اضافي ڪم مليم ته پاڻ کي هڪ قسم جي خوشي ٿيم.“

گل ڦل جي جاري ٿيڻ جو سڀ کان وڏو مقصد سنڌي ٻارڙن کي نون علمن ۽ نون لاڙن کان سونهون ڪرائڻو هو. نون علمن ۽ نون لاڙن مان مراد سنڌي ٻارڙن کي سائنسي ۽ جديد مغربي علمن ۾ آيل ترقيءَ کان آگاهي ڏيڻ هئي. تنهنڪري ٻارڙن جي ذهني سطح ۽ دلچسپيءَ کي آڏو رکندي مغربي ٻالڪ ادب مان اهڙيون لکڻيون ترجمو ڪري نمايان طور تي شايع ڪيون ويون ته جيئن ٻارڙن ۾ شعوري سجاڳي پيدا ٿي سگهي. ان سلسلي ۾ غلام رباني آگري لکيو آهي ته، ”بورڊ جي آفيس صبح نائين کان شام چئين تائين کليل هوندي هئي. شام جو آفيس مان نڪري وڪٽوريا روڊ ۽ ايلفيءَ ۾ ڪتابن جي دڪانن تي ويندو هئس. اتي انگريزي زبان ۾ مغربي ملڪن مان آيل ٻارن جا رسالا ۽ ڪتاب رکيا هوندا هئا. انهن جا نمونا جاچيندو هوس ته ڪيئن ايڊٽ ٿيل آهن؟ ڪو ڪتاب يا رسالو ڏاڍو وڻندو هو ته خريد به ڪندو هوس. لنڊن مان ٻارن جي پندرهن روزه اخبار ‘Children’s Newspaper’ نڪرندي هئي. ان جي ايڊيٽر سوسن بِرڊن سان دوستي ٿي وئي. وڏي پڙهيل هئي. سوسن گاهي ماهي پنهنجي ٻارن جي اخبار جا پرچا به موڪليندي هئي. ولايت مان ٻارن جا جيڪي رسالا نڪرندا هئا، تن ۾ جيڪي مضمون گل ڦل لاءِ موزون هوندا هئا، سي ترجمو ڪري منجهس شايع ڪندو هيس ته سنڌ جي ٻارن جو شعور وڌايان.“

غلام رباني آگرو هڪ روشن خيال اديب، ڏاهو شخص ۽ هڪ ذهين ايڊيٽر هيو، تنهنڪري هن گل ڦل جهڙي اثرائتي پليٽ فارم کي ٻارڙن ۾ علم ۽ ادب جي پکيڙ ۽ واڌاري ۽ سندن وندر ورونهن وارو ڪم وٺڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي ۽ ان رسالي کي سنڌي ٻارڙن جي ذهني ۽ سماجي تبديليءَ جو هڪ مکيه ذريعو بنائڻ جي ڏس ۾ وَسان ڪين گهٽايو. تنهنڪري وڏي اعتماد سان چئي سگهجي ٿو ته ”گل ڦل“
 جي جاري ٿيڻ کان پوءِ سنڌ ۾ جيڪي ٻاراڻا رسالا ڇپجڻ شروع ٿيا، سي گهڻي ڀاڱي گل ڦل کان ئي متاثر نظر اچن ٿا.

گل ڦل رسالي جي جاري ٿيڻ جو مقصد علمي ۽ ادبي هيو. تنهنڪري اهو جلد ئي سنڌ جي ٻارڙن جي علمي ۽ ادبي ذوق جي آبياريءَ جو هڪ اهم ذريعو بنجي ويو ۽ گڏوگڏ سندن سوچ کي بدلائڻ ۽ ڌرتيءَ سان سندن ڳانڍاپي جهڙن مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ بيحد گهڻي سرگرمي ڏيکاري. نه رڳو ايترو پر هي رسالو جلد ئي وڏن لاءِ لکندڙ وڏن اديبن ۽ شاعرن جي دلين ۾ پڻ گهر ڪري ويو.

گُل ڦُل نون علمن ۽ نون لاڙن جو هڪ سرچشمو ٿي اڀريو. ان وسيلي سنڌ ۾ ٻارڙن جو هڪ اهڙو طبقو پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جيڪو علمي ۽ ادبي حوالي سان مالا مال هجي ۽ گڏوگڏ پاڻ ۾ هڪ اهڙي سگهه ۽ صلاحيت پيدا ڪري ته جيئن اهو سينيئر ليکڪن ۽ شاعرن جو هڪ سگهارو ۽ باوقار تسلسل به بنجي سگهي.

جيئن ته گُل ڦُل جي نوعيت خالص علمي ۽ ادبي هئي، تنهنڪري ان ٻارڙن جي ادب جي واڌ ويجهه ۾ بيحد اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. گل ڦل هڪ اهڙو اجتهاد هيو، جنهن کي سنڌ جي مڙني ڏاهن، اديبن ۽ قلم ڌڻين قبول ڪري ورتو. گل ڦل سنڌي ٻارڙن جي علمي ۽ ادبي تحريڪ جو واحد نمائندو هيو. جيتوڻيڪ شروعاتي دؤر ۾ گل ڦل جي اشاعت محدود هئي، تنهن هوندي به ان جي اثر جو حلقو چڱو چوکو وسيع هيو. تنهنڪري هڪ پرچو ڪيترن ئي هٿن ۾ گردش ڪندو رهندو هيو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ٻين شهرن مان گهرائي يا دوستن کان وٺي ٻارڙن کي پڙهايو ويندو هو...

ان مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ٻارڙن جي ادب سان واڳيل ماڻهن ۽ قلم ڌڻين جي گُل ڦُل ۾ تمام گهڻي دلچسپي ۽ ڳانڍاپو رهيو آهي. مطلب ته گل ڦل کي سنڌي ماڻهن ۽ ٻارڙن جو بيحد سرگرم سهڪار حاصل رهيو، تنهنڪري گل ڦل مستقبل جي ٻاراڻي سنڌي ادب لاءِ زرخيز زمين تيار ڪئي ۽ 1959ع کان پوءِ جيڪي به سنڌي ٻاراڻا رسالا پڌرا ٿيا، تن جا وڻ ۽ ٻوٽا گل ڦل جي گهڙيل زمين مان ئي ڦُٽي نڪتا.

گل ڦل جو ادبي پاسو تمام گهڻو سگهارو رهيو آهي. ان جي ليکڪن ۾ سنڌ جا سمورا اديب، شاعر، محقق وغيره شامل رهيا آهن، جهڙوڪ: محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز، غلام رباني آگرو، ڊاڪٽر تنوير عباسي، استاد بخاري، غلام محمد گرامي، مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ، شمشير الحيدري، ڊاڪٽر نواز علي شوق، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، خير النساء جعفري، نور الهديٰ شاهه، زرينه بلوچ، سوسن مرزا، ج-ع منگهاڻي، جي. ايم. مهڪري، شوڪت حسين شورو، ڊاڪٽر محمود مغل، ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، ڊاڪٽر ادل سومرو، نياز پنهور، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، نثار بزمي، طارق عالم ابڙو، انور هالائي، اڪبر جسڪاڻي، امداد حسيني، فيروزه سما، شگفته شاهه، فقير شهمير چانڊيو، پروفيسر عبدالرحمان جتوئي، امام راشدي، عزيز ڪنگراڻي، اياز گل، نصير مرزا، مختيار ملڪ وغيره.

انهن مڙني سرجڻهارن جي لکڻين جي ڪري گل ڦل ايترو ته مقبول ٿيو جو پير حسام الدين راشدي، مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ، ڊاڪٽر اين ميري شمل ۽ رضا علي عابدي به ان جي واکاڻ ڪندي نه ٿڪبا هئا. ان ڏس ۾ پروفيسر عبدالرحمان جتوئيءَ جي راءِ بيحد وزن رکي ٿي ته، ”مڙني سنڌي اديبن ۽ شاعرن جي سهڪار ڪري گل ڦل ٻارڙن جي ادب ۽ ٻارڙن جي جذبن جي اظهار جو هڪ اهم ذريعي سان گڏ سنڌ جي ٻاراڻي ادب جي تاريخ جو هڪ مستند ۽ شانائتو دستاويز آهي.“

مطلب ته گل ڦل سنڌي ٻارڙن جي ادبي ۽ تهذيبي تاريخ جو هڪ بنيادي ماخذ آهي. ان ۾ شامل مواد مان ادبيت جي جهلڪ نظر ايندي آهي. گل ڦل جا اثر ايترا ته ڏور رس آهن جو اهو چوڻ نهايت مناسب رهندو ته ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ٻاراڻي ادب پنهنجي اک ماهوار گُل ڦُل جي هنج ۾ کولي. گل ڦل کي پالي تاتي وڏو ڪرڻ ۾ محمد ابراهيم جويو، غلام رباني آگرو ۽ بعد ۾ آيل ٻين ايڊيٽرن جو هڪ تاريخي ڪردار رهيو آهي. انهن سڀني ايڊيٽر صاحبان گل ڦل کي قومي ۽ تهذيبي مقصدن لاءِ ئي ڪتب آندو ۽ مجموعي طور تي اها ڪوشش ڪئي ته ٻارڙن جي دلچسپين، ڄاڻ ۽ سندن ذهني لاڙن کي آڏو رکندي اهڙي ادب کي اهميت ڏني وڃي، جيڪو سنڌي ٻارڙن کي بُلند تهذيبي ۽ اعليٰ علمي سطح تي آڻڻ ۾ هڪ وسيلي طور ڪم اچي.

گل ڦل هڪ بيحد سگهارو رسالو هجڻ سان گڏ هڪ سگهارو آواز پڻ رهيو آهي. امام راشديءَ چواڻيءَ، ”ان چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته سڄي سنڌ جي ٻارڙن ۾ سوچ جي تبديلي، ڄاڻ جي پکيڙ ۽ ترقي گل ڦل جي جاري ٿيڻ سان شروع ٿي. گل ڦل ۾ ڇپجندڙ مواد هڪ آواز آهي ۽ اهو ڪو معمولي آواز ناهي. گل ڦل جو آواز اهو آواز آهي، جنهن کي سنڌ جي هر ننڍي توڙي وڏي اديب غور سان ڪَنايو آهي. ان کان سواءِ گل ڦل قومي، علمي ۽ اخلاقي مقصدن جو امين رهيو آهي ۽ اهڙو ادب پيش ڪيو اٿائين، جيڪو ٻالڪ- سُڌارڪ رهيو آهي.“

محمد ابراهيم جويي ۽ غلام رباني آگري ماهوار گل ڦل جا جيڪي مقصد ۽ مول متا مقرر ڪيا هئا، تن کي حاصل ڪرڻ جي ڏس ۾ هن رسالي بيحد گهڻي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. حقيقت ۾ گل ڦل هڪ مقصد ۽ هڪ لاڙو آهي. گل ڦل پنهنجي شان جو هڪ ڌار، خاص ۽ روشن نمونو آهي. گل ڦل ۾ شايع ٿيندڙ علمي مواد، مضمون، ڪهاڻيون، شاعري، ترجما ۽ ٻيا ليک بيحد لاڀائتا آهن. تنهنڪري گل ڦل سنڌي ٻاراڻن رسالن جي قافلي جو سرواڻ رهيو آهي.

 

 

نيڪ ۽ صالح اولاد رب پاڪ جو وڏو انعام آهي، صالح اولاد جي لاءِ رب پاڪ جي نبي حضرت زڪريا عليه السلام دعا گهري هئي. قرآن پاڪ ۾ ارشاد آهي: ”اي منهنجا رب، مون کي پاڪ اولاد ڏيڻ فرماءِ.“ (سورة آل عمران) ۽ خليل الله حضرت ابراهيم عليه السلام به پنهنجي ايندڙ نسلن کي نيڪ ڪرڻ لاءِ هن طرح دعا گهري! اي منهنجا رب مون کي نماز پڙهڻ وارو ڪر ۽ منهنجي اولاد کي.“ (سورة ابراهيم) اُهائي صالح ۽ نيڪ اولاد آهي، جيڪا دنيا ۾ پنهنجي والدين جي لاءِ راحت ۽ اکين جي ٿڌاڻ جو سبب ٿيندي آهي، نيڪ اولاد ننڍي هوندي پنهنجي والدين جي لاءِ دل جو سرور، جوانيءَ ۾ اکين جو نور ۽ پوڙهي ٿيڻ وقت انهن جي خدمت جي ڪري، سهارو ٿيندي آهي، پوءِ جڏهن والدين هن دنيا فاني مان گذاري ويندا آهن، تڏهن هي نيڪ اولاد پنهنجي والدين جي لاءِ بخشش جو سبب ٿيندي آهي، جيئن ته حضور صلي الله عليه وآله وسلم جن جو فرمان آهي: ”جڏهن ماڻهو گذاري ويندو ته ان جي اعمالن جو سلسلو ختم ٿي ويندو آهي، باقي ٽن ڪمن ڪرڻ جي ڪري اهو سلسلو هلندو رهندو آهي (1) صدقو ڏيڻ (2) اهو علم جنهن سان ماڻهن کي فائدو ٿئي (3) نيڪ اولاد جيڪو ان جي حق ۾ دعا گهري.“ (صحيح مسلم). هڪ ٻئي هنڌ نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو: ”جنت ۾ انسان جو مقام (درجو) وڌايو ويندو آهي، اهو بندو چوندو آهي، منهنجي حق ۾ هي ڪهڙي سبب ٿيو آهي؟ ان جو جواب رب پاڪ طرفان هي ڏنو ويندو ته اهو هن ڪري جو تنهنجو پُٽ تنهنجي لاءِ مغفرت جي دعا گُهرندو آهي. (ابن ماجه). تفسير ڪبير ۾ هڪ واقعو بيان ڪيو ويو آهي ته حضرت عيسيٰ عليه السلام هڪ قبر جي ڀرسان گذريو ته ان قبر تي عذاب نازل ٿي رهيو هو، ڪجهه وقت گذرڻ بعد وري رب پاڪ جو نبي حضرت عيسيٰ عليه السلام جن جو ان ساڳي قبر وٽان گذرڻ ٿيو، ڇا ڏسن ته ان قبر جي مٿان نور ئي نور وسي رهيو آهي ۽ رحمت الاهي جي برسات ٿي رهي آهي، ان تي حضرت عيسيٰ عليه السلام حيران ٿي ويا ۽ رب جي درٻار ۾ عرض ڪيو ته، اي منهنجا رب پاڪ! مون کي هن راز بابت ٻڌايو وڃي؟ رب پاڪ جو فرمان ٿيو: اي عيسيٰ! هي وڏو گنهگار هو، انهيءَ ڪري هن جي مٿان عذاب ٿي رهيو هو، هن جي مرڻ کان پهريان هن جي زال پيٽ سان هئي، جنهن کي پٽ ڄائو، اڄ ان کي مدرسي ۾ موڪليو ويو، استاد ان کي بسم الله جو سبق ڏنو آهي، ان ڪري مون کي رحم اچي ويو ته مان (رب) قبر ۾ ان ماڻهو کي عذاب ڏيان، جنهن جو پٽ اڄ زمين تي منهنجو نالو وٺي رهيو آهي، پڪ سان اِهائي اولاد آخري زندگيءَ لاءِ نفع بخش ثابت ٿيندي، جيڪا نيڪ ۽ صالح هوندي.

هيءَ حقيقت به ڪنهن کان لڪل ناهي ته اولاد کي نيڪ يا بد ڪرڻ ۾ والدين جي تربيت جو وڏو عمل دخل هوندو آهي، موجوده دجالي دؤر ۾ ته ادب، اخلاق، وڏ ننڍائي جو احترام ختم ٿيڻ ڪنهن کان لڪل ڳالهه ڪانهي، نيڪي ڪرڻ جو ڪم تمام ڏکيو ٿيندو پيو وڃي ۽ گناهه ڪرڻ تمام آسان ٿيندو پيو وڃي ۽ عام طور تي انسان ان کان نفرت نٿا ڪن. هن وقت انساني ضرورتن ۽ آرام واري زندگي گذارڻ لاءِ هرڪو ماڻهو فڪرمند رهي ٿو ۽ آخرت جي زندگيءَ کان غافل ٿيندو وڃي ٿو..! انهن سڀني مسئلن جو هڪ وڏو سبب والدين جو پنهنجي اولاد جي تربيت کان هميشه غافل رهڻ آهي، ڇو ته هڪ فرد مان وڌيڪ فرد پيدا ٿين ٿا ۽ فردن مان وري اخلاق معاشرو ٺهندو آهي، جنهن کي اسلامي معاشرو چيو ويندو آهي.

اهڙي بهترين اسلامي معاشري کي خراب ٿيندڙ معاشري کان ڪهڙيءَ طرح بچائي سگهون ٿا؟ جنهن معاشري ۾ والدين جو مقصد رڳو پئسا ميڙڻ، آرام ڪرڻ، عيش عشرت جي زندگي گذارڻ هجي ته اُهي والدين اولاد جي ڪهڙي تربيت ڪندا؟! جيڪي اولاد جي تربيت کان لاپرواهي ۽ ڇڙواڳي ڪن ٿا، جن جا اثرات اڳتي هلي سامهون ايندا آهن، ته والدين مجبور ٿي ڪنهن مائٽ مٽ ۽ يار دوست جي اڳيان پنهنجي اولاد جي نه سُڌرڻ جو پِٽڪو پيا پٽيندا ۽ اڪثر ائين ڏٺو ويو آهي، اڻ سڌريل اولاد جا والدين پنهنجو پاڻ کي ذميوار ڪرڻ بجاءِ پاڻ ۾ (زال مڙس) هڪ ٻئي کي پيا قصور وار ڪندا، پاڻ کي ٻئي ڌريون ذميوار نه سمجهنديون، ياد رکڻ جي ڳالهه اِها آهي ته اولاد جي تربيت ۽ پرورش صرف ماءُ جي ناهي بلڪه ٻنهي فردن جي هڪ جيتري ذميواري آهي.

رب پاڪ جو فرمان آهي ته: ”اي ايمان وارؤ! پنهنجي جان ۽ پنهنجي گهر وارن کي هن باهه کان بچايو، جنهن جو ٻارڻ ماڻهو ۽ پٿر آهن، ان تي وڏا طاقتور فرشتا مقرر ٿيل آهن، جيڪي رب پاڪ جي حڪم کان انڪار نه ٿا ڪن ۽ جيڪو انهن کي حڪم آهي اهو ئي ڪندا آهن.“ (سورة تحريم)

جڏهن نبي صلي الله عليه وآله وسلم جن هيءَ آيت مبارڪه صحابه ڪرام رضي الله عنهم  جي اڳيان تلاوت ڪرڻ فرمائي ته اهي عرض ڪرڻ لڳا! يا رسول الله صلي الله  عليه وآله وسلم اسان پنهنجي اهل و عيال کي جهنم جي باهه کان ڪيئن بچائي سگهون ٿا؟ سرڪار مدينه صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو: ”توهان پنهنجي گهر وارن کي انهن ڳالهين جو حڪم ڏيو جيڪي رب پاڪ کي پسند آهن ۽ انهن ڪمن کان منع ڪيو جيڪي رب پاڪ کي ناپسند آهن. (الدرالمنشور)

رب پاڪ قرآن ڪريم ۾ هڪ جڳهه تي فرمايو آهي ته: ”۽ پنهنجي گهر وارن ۽ اولاد کي نماز جو حڪم ڏيندا رهو ۽ پاڻ به ان جا پابند ٿي وڃو.“ (سورة طھٰ) حضور صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو:
”پنهنجي اولاد کي ٽي ڳالهيون سيکاريو: حضور صلي الله عليه وآله وسلم ۽ ان جي اهلبيت رضي الله عنهم سان محبت ۽ قرآن جي تلاوت ڪرڻ (طبراني) قرآن ڪريم جي تعليم ۽ حضور صلي الله عليه وآله وسلم جن جي فرمان (حديث نبوي) جي رهنمائي جي ڪري هر دؤر ۾ تربيت ڪرڻ وارا نيڪ استاد ٻارن جو تمام گهڻو خيال رکندا اچن پيا، ۽ والدين جي اهم ذميواري آهي ته پنهنجن اولاد لاءِ تمام هوشيار، محنتي ۽ قابل استادن جي چونڊ ڪري تعليم ڏياري وڃي، ته جيئن اُهي (استاد) ٻارن کي صحيح دڳ، راهه، عقيدو ۽ اخلاق سيکارين، ته جيئن اهي ماءُ پيءُ ۽ معاشري جي خدمت ڪري پنهنجو مان مٿانهون ڪن ۽ رب پاڪ انهن ڳالهين جي ڪري راضي ٿيندو. ماءُ پيءُ جي بخشش جو سبب پڻ اولاد ٿيندو آهي.

(روزاني جنگ تان ورتل)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org