ترجمو:
عبدالواحد سومرو
چاليهه ڳوٺ
هڪ دفعو اڪبر بادشاهه شڪار جي خيال سان هرڻ جي
پويان گهوڙو ڀڄائيندي دوستن کان گهڻو اڳتي نڪري
ويو. اُڃ سبب بادشاهه بي حال ٿي پيو. نڙي سڪي ويس
۽ چپ ڄمي ويا هئس. اوچتو بادشاهه جي نظر هڪ ڌنار
تي پئي جيڪو پنهنجون ٻڪريون چاري رهيو هو. بادشاهه
اڳتي وڌي ان کان پاڻي گهريو. ڌنار ڏٺو ته ڪو امير
ماڻهو آهي ان ڪري هن جلدئي ٻڪري جو کير ڏهي هڪ
پيالو ڀري بادشاهه کي ڏنو. بادشاهه وٺي يڪدم پي
وريو.
بادشاهه جڏهن شامت ۾ آيو ته ان ڌنار کي چيائين:
”تو مون تي وڏي مهرباني ڪئي آهي. مان توکي انعام
ڏيڻ ٿو چاهيان. وڃ ڪاغذ کڻي اچ.“
ڌنار چيو: ”سائين مون وٽ هتي ڪاغذ ڪٿان آيو؟ توهان
کي جيڪو به لکڻو آهي هن پن تي لکي ڏيو.“
اڪبر بادشاهه پن وٺي ان تي پنهنجي صوبيدار جي نالي
هِڪ حڪم لکيو ته: ”منهنجي حڪم سان هن ڌنار کي
چاليهه ڳوٺ ڏنا وڃن.“
ڌنار جڏهن اهو ٻڌو ته ڏاڍو خوش ٿيو ۽ خوشي ۾ نچڻ
لڳو. آخر ٿڪجي پوڻ سبب لکيل پتو سيراندي کان رکي
وڻ جي هيٺان سمهي پيو ۽ سمهندي ننڊ وٺي ويس.
گهڙي کن ۾ هڪڙي ٻڪري ان جي سيرانديءَ کان گذري ته
پن ڏسڻ ۾ آيس سو جهٽ هڻي چٻائڻ لڳي. ان تي ڌنار جي
به اک کلي پئي. هن جڏهن ٻڪري کي پنهنجي سامهون پن
چٻاڙيندي جو ڏٺو ته چرين وانگر رڙيون ڪرڻ لڳو.
”او ڳوٺ وارو! ٻڪري منهنجا چاليهه ڳوٺ کائي وئي!“
ڳالهه جڏهن اڪبر بادشاهه تائين پهتي. ان ترت ڌنار
کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ چاليهه ڳوٺ بخشش طور ڏنا پوءِ
ته ڌنار خوش ٿيندو گهر ڏانهن واپس وريو.
عبيدالله پرهياڙ
سَهو ۽ گڏهه
هڪ گڏهه پنهنجا ڊگها ڪن پاڻيءَ ۾ ڏسي ڏاڍو خوش ٿي
رهيو هو. پنهنجي پاسي ۾ بيٺل هاٿيءَ کي ڏسي چوڻ
لڳو. ڏس منهنجا ڪن ڪهڙا نه سٺا آهن. اهڙا ڪن سڄي
جهنگ ۾ ڪنهن جا به نه آهن. هاٿي چيو ته وڏائي نه
ڪر. وڏائي ڪرڻ سٺي ڳالهه ناهي. الله سائين توکي ڪن
ڏنا آهن ته مون کي سُنڍ ڏني اٿس. ڏس ته ڪهڙي ڀلي
آهي. پر آءٌ ڪڏهن به ڪونه سوچيندو آهيان ته مون
جهڙي سُنڍ ڪنهن وٽ ڪونهي. پر گڏهه جي سمجهه ۾ هيءَ
ڳالهه نه آئي. هو پنهنجي خوشيءَ ۾ مست ٿيندو اڳتي
ويو ته ان کي ڀولڙو نظر آيو. گڏهه ان کي به اهوئي
چيو ته ڏس منهنجا ڪن ڪيترا نه سٺا ۽ ڊگها آهن ۽
تنهنجا ڪن صفا ننڍا آهن. ڀولڙو ڏاڍو هوشيار هو،
فوراً چوڻ لڳو اهڙا ڊگها ڪن ته سَهي جا به آهن.
گڏهه اتان جلدي سَهي وٽ ويو. ۽ ڏٺائين ته سَهو ستو
پيو آهي. پر واقعي ان جا به ڪن ڊگها آهن. اها
ڳالهه گڏهه کي نه وڻي. گڏهه سوچيو ته سهي جا ڪن
ڪهڙي به طريقي سان ننڍا ڪرڻ گهرجن. ڊگهن ڪنن وارو
صرف آءٌ آهيان. ٻيو ڪير به نه هجي. گڏهه جلدي
لومڙيءَ وٽ ويو. ۽ ان کان پڇيائين ته ڀيڻ توهان ۾
هڪ ڪم پيو آهي. لومڙي جي پڇڻ تي گڏهه ٻڌايو ته
خرگوش جا ڪن ڪٽڻا آهن. لومڙي چيو ته: اها ڪهڙي
ڳالهه مشڪل ڳالهه آهي. بگهڙ وٽ وڃ ۽ ان کي چئو ته
سهي جا ڪن ڏاڍا مزيدار ۽ ذائقيدار ٿيندا آهن هو
هينئر ستو پيو آهي تون وڃي ان جا ڪن کاءُ. گڏهه
فوراً بگهڙ وٽ ويو. ۽ ان کي اهائي ڳالهه چيائين.
بگهڙ راضي ٿي ويو. ۽ خوشيءَ مان گڏهه سان گڏ سهي
وٽ پهتو. سهو ته ستو پيو هو. پر ان جون اکيون
کليون پيون هيون بگهڙ چيو ته جاڳي پيو. گڏهه چيو
ته: بگهڙ ڀاءُ، پاڻ هتي بيهي انتظار ڪريون ٿا.
جئين ئي هي سمهندو. تون ان جا ڪن کائي ڇڏجان. گڏهه
۽ بگهڙ ٻئي بيهي انتظار ڪرڻ لڳا. هو ٻئي سڄي رات
بيٺا رهيا. پر سهو اکيون کولي انهن کي ڏسندو به
رهيو ۽ بلڪل خاموش هو. سُتل نه هو. بگهڙ کي ڪاوڙ
آئي. ان دل ۾ سوچيو سهو ته سمهي ئي نه ٿو. گڏهه کي
ئي شڪار ٿو ڪريان. ان گڏهه کي ويجهو سڏيو ۽ اوچتو
حملو ڪري. ان جو هڪ ڪن کائي ڇڏيائين. گڏهه سُور
کان تڙپڻ لڳو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ جڏهن گڏهه جو
ڪن ڪجهه ٺيڪ ٿيو. ته ان هڪ ڏينهن سهي وٽ وڃي. سڄي
ڪهاڻي ٻُڌائي. پوءِ چوڻ لڳو. سَها ڀاءُ مون کي
سمجهه ۾ اچي ويو. ته جيڪو ٻين کي ڪيرائڻ لاءِ کڏ
کوٽيندو آهي ته پهرين پاڻ وڃي ان ۾ ڪرندو آهي. پر
هڪ ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي اچي. پڇيو اها ڪهڙي؟ گڏهه
چوڻ لڳو: تون ان رات ڇو نه سُتين؟ توکي ان رات ننڊ
ڇو نه آئي؟ ڇا توکي خبر هئي ته بگهڙ تنهنجا ڪن
کائيندو.
سهو کلندي چوڻ لڳو، منهنجا ڀاءُ گڏهه، اهڙي ڪا
ڳالهه ناهي. آءٌ ان رات ستو ئي پيو هئس پر،
اصل ۾ الله سائين مون کي ٺاهيو ئي اهڙو آهي. ته
جڏهن آءٌ سمهندو آهيان ته منهنجون اکيون کليل
محسوس ٿينديون آهن. پوءِ انهن ٻنهين جي پاڻ ۾
دوستي ٿي وئي. هڪ ڏينهن سهو گڏهه کي چوڻ لڳو ته
خبر اٿئي مون کي خرگوش به چوندا آهن ۽ منهنجي نالي
جي شروع ۾ ”خر“ آهي. خبر اٿئي ته خر ڪنهن کي چوندا
آهن. گڏهه وراڻيو نه مون کي خبر ناهي خرگوش چيو ته
خر فارسي ٻولي جو لفظ آهي. ان جي معنيٰ آهي گڏهه.
منهنجا ڪن به تنهنجي ڪنن جهڙا آهن. ان لاءِ سڀ مون
کي خرگوش يعني گڏهه جي ڪنن جهڙو چوندا آهن. گوش
معنيٰ ڪن. خرگوش جي ڳالهه ٻُڌي گڏهه ڏاڍو کلڻ لڳو.
گلاب خان سولنگي
ننڍي ٻار جو
وڏن لاءِ سبق
هڪ شام خديجه پنهنجين ٻارن کي اسڪول جو هوم ورڪ
ڪرائي رهي هئي، هن پنهنجي چئن سالن جي پُٽ کي هڪ
ڪاپي ۽ پينسل ڏني ته جيئن هو ڪم ۾ مشغول رهي ۽ ٻين
ٻارن جي پڙهائي ۾ رخنو نه وجهي. اچانڪ خديجه کي
ياد آيو ته هن اڃا تائين پنهنجي پوڙهي سُهري لاءِ
رات جو کاڌو تيار ناهي ڪيو جيڪو گهر سان گڏ گڏ
حويليءَ جي هڪ ڪمري ۾ اڪيلو پنهنجي زندگيءَ جا
آخري ڏينهن گهاري رهيو هو ۽ هو هلڻ ڦرڻ کان به
قاصر هو. خديجه وس آهر پنهنجي سُهري جي خدمت ڪندي
رهندي هئي. ان جو مڙس پنهنجي والد جي خدمت مان هن
سان راضي هيو.
خديجه جلدي ۾ پنهنجي سُهري ڏانهن کاڌو پهچايو ۽ ان
کان ٻين ضرورتن جو پُڇي واپس آئي. هوءَ جڏهن ٻارن
وٽ آئي ته ڏٺائين ته هن جي ننڍي پٽ ڪاپيءَ تي گول
چورس دائرن ۾ ننڍا ننڍا نشان ٺاهيا هئا، ماءُ
پڇيو: ”منهنجا پيارا پٽ هي ڇا ٺاهي رهيو آهين؟“
ننڍي ٻار معصوميت مان جواب ڏنو ته: ”هي مان پنهنجي
گهر جو نقشو ٺاهيو آهي، جڏهن مان وڏو ٿيندس ته
شادي ڪري ان ۾ رهندس.“ ماءُ کي تعجب لڳو ۽ پڇڻ
لڳي: ”چڱو ٻُڌاءِ تنهنجو بيڊروم ڪهڙو آ ۽ ڊرائنگ
روم ڪٿي هوندو؟“ ٻار هر هڪ دٻي تي اشارو ڪندي چيو
ته: ”هي منهنجو بيڊروم آ، هي منهنجو ڪچن آ ۽ هي
منهنجو ڊرائنگ روم آ.“ گهر جي ڪمرن بابت جيتري کيس
ڄاڻ هئي هن انهن جا نالا وٺي ٻُڌايا. هن گهر جي
چار ديواريءَ کان الڳ هڪ ڪنڊ ۾ هڪ ڪمري نما ڌٻو
ٺاهيو هو ان دٻي کي ڏسي ماءُ کي ڏاڍي حيراني لڳي ۽
پڇڻ لڳي: ”منهنجا پيارا ٻچا، گهر جي چار ديواريءَ
کان ٻاهر ٻين ڪمرن کان الڳ هي ڪنهن جو ڪمرو ٺاهيو
اٿئي؟“ ٻار جواب ڏنو: ”هي اوهانجو ڪمرو آهي.“ هتي
توهان رهندا جيئن هاڻي منهنجو ڏاڏو الڳ رهندو
آهي.“ اهو جواب ٻڌي ماءُ گهري سوچ ۾ گم ٿي وئي،
پوءِ چوڻ لڳي: ”ڇا مان گهر کان الڳ ڪمري ۾ رهنديس،
مان پنهنجن پوٽن ۽ پوٽين کان الڳ ڪيئن رهنديس ۽
ٻڍاپي ۾ اڪيلي ڪيئن رهنديس. معصوم ٻار جي ذهانت هن
کي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو. خديجه جلدي جلدي
نوڪرن کي گهرايو ۽ ڊرائنگ روم مان سامان کڻائي
پنهنجي سهري جو پلنگ اتي رکرايو.
شام جو سليم جڏهن گهر آيو ته نئين تبديلي ڏسي
حيران ٿي ويو، سليم جو پوڙهو پيءُ پلنگ تي ويٺو هو
۽ ننڍا ٻار هن جي چوڌاري ويهي ڳالهيون ڪري رهيا
هئا. سليم ۽ ان جي زال خديجه کان خوشي ۽ پڇتاءُ جا
ڳوڙها وهي رهيا هئا، سليم پنهنجي پيءُ کان معافي
ورتي ۽ پاڻ ۾ گڏجي سڏجي رهڻ لڳا.
ٻارو! هڪڙي ننڍڙي ٻار جي معصوم شرارت ان جي والدين
جي زندگي بدلائي ڇڏي، اسان کي به گهرجي ته پنهنجي
والدين سان سهڻو سلوڪ ڪيون. دين اسلام به والدين
سان سهڻي سلوڪ جو تاڪيد ٿو ڪري.
منير احمد سومرو
“پوپٽ”
پيارا ٻارو.....!
مون کي چوندا آهن ”پوپٽ“
مون کي به الله سائين پيدا ڪيو آهي. جنهن توهان کي
پيدا ڪيو آهي، اهڙي طرح مالڪ سائين مون کي خوبصورت
رنگين پوشاڪ ڏني آهي. اهڙو سهڻو رنگ دنيا جو ڪوبه
انسان يا درزي ڪپڙي تي نٿو ٺاهي سگهي.
توهان پنهنجي اسڪول يا گهر جي باغيچي ۾ گلن جي پنن
تي چنبڙيل ننڍڙا گول داڻا ته ڏٺا هوندا، اهي بيضا
هوندا آهن. مان انهن بيضن مان جنم وٺندو آهيان.
هن ننڍڙي گهر ۾ منهنجو ساهه بلڪل نٿو گهٽجي نه ئي
گهٻرايان ٿو. ڇو ته مون کي خبر آهي ته دنيا ۾
روشني، گرمي، هوا ۽ شور ڇا آهي؟ ڪجهه ڏينهن کان
پوءِ ايترو وڏو ٿي وڃان ٿو جو ان گهر ۾ منهنجو
ساهه گهٽجڻ لڳندو آهي ۽ پوءِ ان گهر کان ٻاهر نڪري
پوندو آهيان. جنهن وقت مان هڪ ننڍڙي ڪيڙي جي شڪل ۾
خاموشي سان پنن تي پيو هوندو آهيان. ان وقت منهنجو
رنگ به پنن جهڙو هوندو آهي بلڪل ڏسڻ ۾ ناهيان
ايندو ڇو ته مالڪ سائين منهنجي حفاظت جو سٺو
انتظام ڪيو آهي. نه ته باغ جون هي بلبلون ۽
جهرڪيون ته منهنجيون اصل دشمن آهن. جتي ڏسن پوءِ
دير ئي نه ڪن، جهٽ ۾ مون کي کائي هضم ڪري ڇڏين.
پنن ۾ لڪي وڌندو رهندو آهيان. آهسته آهسته منهنجون
اکيون، ٽنگون ۽ پَر ظاهر ٿيندا آهن. مان پنن تي
هلندو رهندو آهيان. پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي منهنجي
پرن تي رنگ ۽ چٽ ظاهر ٿيندا آهن ۽ مان انهن رنگن،
چٽن کي ڏسي پيو خوش ٿيندو آهيان. آخر خوش ڇو نه
ٿيان؟
توهان جڏهن سٺي پوشاڪ پايو ٿا ته خوش ٿيو ٿا.
توهان جي پوشاڪ ته ميري به ٿيندي آهي. پراڻي ٿي
ڦاٽي به پوندي آهي ته درزي کي مرمت لاءِ ڏيندا
آهيو پر مون کي الله سائين اهڙو ته سٺو ۽ بهترين
رنگن وارو ٺاهيو آهي جو ان ٺاهيندڙ تان قربان ٿيڻ
تي دل چوندي آهي. هي لباس مون کي زندگي ڀر لاءِ
هوندو آهي نه ميرو ٿئي نه رنگ لهي، نه ئي وري ڦٽي
ٿو. جڏهن مان مري ويندو آهيان تڏهن به منهنجو لباس
ائين چمڪندڙ، چٽدار نظر ايندو آهي. ۽ ماڻهو مون کي
خوبصورت شيء سمجهي پاڻ وٽ سنڀالي رکندا آهن.
توهان به ڪيترن ئي ٻارن کي ڏٺو هوندو ته هو پنهنجن
ڪتابن ۾ منهنجا خوبصورت پر گڏ ڪندا آهن.
منهنجي هميشه خوش رهڻ تي منهنجي زبان به پنهنجي
مالڪ جي ڪاريگري جي تعريف ڪندي رهندي آهي.
هل......!
توهان سان ڳالهيون ڪندي ڪندي مون کي ڪيتري دير ٿي
وئي آ.....
هو ڏسو.... پريان منهنجون سهيليون نچي ڪُڏي رهيون
آهن. انهن جهڙو ناچ توهان به سکي سگهو ٿا. پر
توهان انهن جو آواز ٻُڌي نٿا سگهو.
هو مون کي سڏين پيون.....!
ٺيڪ مان هلان ٿي.....!
فهيم نوناري
گُلن جهڙا ٻار
سياري جي مند سبب ٻارڙا هڪ هٿ ڪوٽ جي کيسي ۾ ته ٻي
هٿ ۾ ڦرهيون ۽ ڪتاب کڻي اسڪول ڏانهن وڃي رهيا هئا.
ٻئي طرف ڳوٺ جا عام ماڻهو ڪرت ۽ ڪم لاءِ
ڀرواري/ويجهي شهر وڃڻ جا سانڀاها ڪري رهيا هئا.
اصل ۾ هن ڳوٺ جي ڀرپاسي ۾ گلاب جي گلن جي پوک عام
هئي. جنهن جي سنڀار ڳوٺ جا ٿورڙا مرد، اڪثر عورتون
۽ ٻار ڪندا هئا. باقي مرد ماڻهو ڀرپاسي واري شهر ۾
وڃي روزاني مزدوري وارو ڪم ڪندا هئا، البته ڪجهه
ماڻهن وٽ سفر لاءِ ٽانگا ۽ گڏهه گاڏا هئا جيڪي هنن
جي گذر سفر جو وسيلو به هئا. جيڪي ڳوٺ کان شهر
تائين سواري لاءِ هلندا هئا.
زندگي پنهنجي رواني سان جاري ساري هئي. سياري جي
مند پنهنجي موج تي هئي. دينو پٽيوالي اسڪول جو گيٽ
کولي ڪلاس ۽ ميدان کي ٻهارو ڏيئي ڪلاس جي ڇنڊ ڦوڪ
ڪئي. ٺيڪ نائين وڳي دينو اسڪول کُلڻ جو گهنڊ
وڄايو. دينوءَ جي چوڻ مطابق ته منهنجو پڙاڏو ڪوه
کن تائين ٻُڌو ويندو آهي.
پتڪڙا ٻار هڪ هڪ ٿي اسڪول ۾ داخل ٿي رهيا هئا.
استاد ولي محمد اسڪول ۾ سويري پهتو هو. سڀئي شاگرد
ڪلاس ۾ ويٺا ته استاد واري سان نالو وٺي رجسٽر تي
روزانه وانگي حاضري ڀرڻ شروع ڪئي. استاد جڏهن
هيرانند جو نالو پڪاريو ته ڪوبه جواب ڪونه مليو.
استاد هڪ نهار سڀني شاگردن ڏانهن نهاريو. هن جي
نگاهه سنڌي ٽوپي پهريل بچل تي وڃي بيٺي. جيڪو
هيرانند جو پاڙيسري هو. استاد هن کان پڇا ڪئي ته
هيرانند ڪٿي آهي؟ ڇا توکي هيرانند بابت ڄاڻ آهي؟
بچل چيو: سائين! هن جو پيءُ حادثي ۾ زخمي ٿي پيو
آهي. جيڪو ٽانگو هلائيندو هو. تنهنڪري هيرانند هاڻ
پنهنجي پيءُ جو ٽانگو هلائي گهر جو اڌو گابرو خرچ
ڪڍي ٿو. ماستر بچل کي سمجهايو ته پٽ! هيري کي وڃي
چئو ته پورهيو ڪرڻ عيب نه آهي. پر پڙهڻ معنيٰ ٽيئن
اک حاصل ڪرڻ آهي. سو صبح جو اسڪول اچي شام جو ڀلي
ٽانگو هلائي گهر جو خرچ پکو ڪڍي.
بچل وڃي هيرانند ۽ ان جي پيءُ کي استاد جو نياپو
ڏنو. پيءُ هيري کي هدايت ڪئي ته تون اسڪول ضرور
وڃ. پڙهي وڏو ٿي اسان جي اکين ۾ سمايل خوابن کي
عملي شڪل ڏي. اهو ڏينهن اهو شينهن هيرانند ڪڏهن به
اسڪول کان ڪين گسايو هو.
مٽي جا ڪڪر اڏائيندي جيپ اچي سڌو اسڪول جي دروازي
تي بيٺي. صاحب جيپ مان لهي سڌا ڪلاس ۾ آيا. حاضر
شاگردن سلام جو جواب ڏنو. ڪلاس ۾ حاضري شاگردن جي
بنهه گهٽ هئي. صاحب کي استاد رجسٽر ڏيکاريا. آفيسر
شاگردن جي حاضري گهٽ ڏسي ڏاڍو ناراض ٿيو. هن ڪاوڙ
مان پڇاڻو ڪيو ته حاضري ڇو گهٽ آهي؟ ان تي استاد
جواب ڏنو ته: ”سائين گلابن وارا ٻار اڃا نه آيا
آهن“. صاحب عجب ۾ پئجي ويو. سائين: ڇا؟ ماستر
وراڻيو: ”سائين غريبن جا ٻار آهن صبح جو وڃي گلابن
جي باغ ۾ گل چونڊي ڪجهه ڏوڪڙ ڪمائيندا آهن بعد ۾
11 وڳي تائين اسڪول پهچي اسڪول جي پڙهائي ڪندا
آهن“. اهو ٻڌي صاحب جو ناراض چهرو گلاب جي گل جيان
ٻهڪي ٽڙي پيو ۽ بي اختيار هن جي واتان اهي لفظ
نڪتا ته بابا! پورهئي ۾ ئي عظمت آهي، جن انسانن
پورهيو ڪيو، اوجاڳا ڪيا ۽ محنت ڪئي تن عظيم مرتبو
ماڻيو. توهان به گلاب جا گل آهيو. جيڪي هن وطن جا
عظيم سرمايو آهيو. بس دل لڳائي پڙهو.
الطاف حسين باگراڻي
سچي دوستي
ابو سفيان ۽ نصر الله پاڻ ۾ گهاٽا دوست ۽ عزيز به
هئا. سندن والدين گورنمينٽ اسڪول ۾ استاد هئا. ابو
سفيان انٽر سائنس ۾ ۽ نصر الله اٺين ڪلاس ۾ پڙهندو
هو. هڪ ڏينهن ابوسفيان پنهنجي گهر آيو ته پڻس پڇيو
ته نصرالله ٻن ڏينهن کان اسڪول ڪونه آيو آهي. ڇا
توهان جي انهي وقفي دوران ملاقات ٿي آهي. ابوسفيان
جواب ڏنو ته: نه...! بابا! توهان پريشان نه ٿيو
آءٌ وڃي پڇي ٿو اچان. ائين چئي، هو سندس ناني جي
گهر ويو. گهر ۾ گهڙندي ئي ناني کي پريشان ڏسي کيس
پڇڻ لڳو ته: ”ناني خير ته آهي.“ تون پريشان پئي
ڏسجين ڇا سبب آهي. ۽ نصر الله به ٻن ڏينهن کان
اسڪول ڪونه ٿو وڃي؟
ابوسفيان جي پڇڻ تي نانهيس جا ٻه ڳوڙها اکين مان
ڪري پيا ۽ ڏکيري ٿي چيائين ته ابا! نصر الله جو
پيءُ ٻن ڏينهن کان سنڌ ميڊيڪل سينٽر ۾ داخل آهي.
سندس حالت تمام ڳڻتي جوڳي آهي. اها ڳالهه ٻڌندي ئي
ابو سفيان سڌو اسپتال ڏانهن ويو. اتي پهچندي ئي
نصرالله کي پريشان ڏسي کيس دلداري ڏيندي چيائين ته
تون ڪوبه فڪر نه ڪر، الله مڙئي خير ڪندو، پر اهو
ٻڌائي ته ڊاڪٽر ڇا ٿا چون. مٿان ڊاڪٽر به مريض کي
تپاسڻ لاءِ آيو، جنهن ٻڌايو ته مريض کي رت جي سخت
ضرورت آهي. جيڪو ايني هائو نه مليو ته مريض اوهان
جو نه ٿيندو. اهو ٻڌي ابو سفيان چيو ته آءٌ حاضر
آهيان. پهريائين منهنجي رت ڪڍو، باقي رت لاءِ بابا
کي فون ڪيائين ته: بابا جاني! رت جي سخت ضرورت
آهي. نصر الله جو پيءُ اسپتال ۾ داخل آهي. تمام
ڳڻتي جوڳي حالت اٿس. جيترو جلد ٿي سگهي عرفان ۽
زين العابدين کي موڪليو. مون هڪ بوتل رت جي ڏني
آهي. اڃا به ڇهن ستن بوتلن جي ضرورت آهي. اڃا فون
بند ڪيائين ته علي اڪبر ۽ بهرام پهچي ويا جن به هڪ
هڪ بوتل رت جي ڏني. اهڙي طرح ٽي بوتلون رت جون ملي
ويون.
ائين عرفان، زين، امتياز، ستار ۽ ٻين جي رت ملڻ
سان مريض جي حالت سڌرڻ لڳي. هڪ هفتو اسپتال ۾ رهڻ
کان پوءِ واپس ڳوٺ آيا ۽ ابو سفيان پڻ ساڻن گڏ هو.
اهڙي طرح ابو سفيان پنهنجو رت ڏيئي پنهنجي ماما جي
جان بچائي. سچي دوستي جو ثبوت ڏنو.
پيارا ٻارو! توهان به ابو سفيان وانگر پنهنجن
دوستن جي ڏکي وقت ۾ مدد ڪري سچي دوستي جو ثبوت
ڏيندا.
فيبروري، اپريل
2013ع جي شماري ۾ لطيفي لات جي سلسلي ۾ ڏنل بيت،
’سُر ديسي‘ جي ٽئين داستان جو ٽيون نمبر بيت آهي.
بيت جي صحيح معنيٰ:
ڪيچ کان سهڻي رونق سان هِڪ شاهي قافلو آيو. اُٺن
جي ڳچيءَ ۾ موڙ ۽ جهاٻا سونهن لايو بيٺا هوا. مان
پاڻ کي ”دولت“ نالي سان خسيس ٻانهي چوايان، جي مون
کي پاڻ سان وٺي هلو. (اڳي ٻانهين تي سهڻا نالا
مثلاً: چنبلي، گلبوءِ ۽ دولت وغيره رکندا هوا.)
بيت جي صحيح معنيٰ لکندڙن جا نالا:
* شهزاد شيخ: المنظر رتوديرو.
* سويرا نور چنا: المنظر رتوديرو.
* قرة العين قاضي: المنظر رتوديرو.
* نورالعين قاضي: المنظر رتوديرو.
* صفدر علي شاهه: عبدالحئي قاضي ماڊل اسڪول
رتوديرو.
* امداد نصيراڻي: بلوچ ميڊيڪل اسٽور اسٽيشن روڊ
شڪارپور
* شاهين عبدالغني بروهي: پناهه علي شاهه ماڊل
اسڪول ڄام شورو.
* مهوش سهارڻ: پناهه علي شاهه ماڊل اسڪول ڄام
شورو.
* شفا ڀٽي: پناهه علي شاهه ماڊل اسڪول ڄام شورو.
* ڪوثر پروين: پيراڊائيز اڪيڊمي نور اسلام ڪالوني
حيدرآباد.
بيت جي صحيح معنيٰ لکي موڪليندڙ ٻارن مان ڪوثر
پروين جو ڪڻو نڪتو آهي کيس سنڌي ادبي بورڊ پاران
ٻاراڻي ادب تي شايع ڪيل ڪتاب جي ڪاپي موڪلجي ٿو.
|