ظهير زرداري
نبي اڪرمﷺ
حضرت محمد ﷺ جن مڪي شريف ۾ ڄاوا. سندن ڏاڏي نالو
”مُحَمّد“ رکيو. سندن والده بيبي آمنه کين ”احمد“
جي نالي سان سڏيو. عرب جي رواج مطابق پاڻ سڳورن ﷺ
کي ٿڃ پيارڻ لاءِ دائي حليمه جي حوالي ڪيو ويو.
پاڻ سڳورا ﷺ جڏهن ڇهن سالن جا ٿيا ته سندن والده
به وفات ڪري وئي. ان کان پوءِ سندن ڏاڏي جي سنڀال
هيٺ رهيا. اڃا اٺن سالن جا مس ٿيا ته سندن ڏاڏو
حضرت عبدالمطلب به وفات ڪري ويو. ان کان پوءِ پاڻ
پنهنجي چاچي حضرت ابو طالب سان گڏ رهڻ لڳا.
پاڻ سڳورا ﷺ ننڍي هوندي کان ئي سلڇڻا، سچار ۽
ايماندار هئا. سدائين عبادت ۾ رهندا هئا. پاڻ ؐ
حضرت ابوطالب سان واپار سانگي شام پئي ويا. واٽ تي
بحيرا نالي راهب مٿن ڪڪر جي ڇانو ڏسي پاڻ سڳورن جي
زيارت ڪئي ۽ سندن پٺيءَ مبارڪ تي نبوت جي مهر ڏٺي
ان کان پوءِ حضرت ابوطالب کي چيائين ته هي ٻار
پيغمبر ٿيندو. پاڻ سڳورا جڏهن چاليهه سالن جا ٿيا
ته کين غار حرا ۾ حضرت جبرائيل امين نبوت جو پيغام
رسايو پوءِ قرآن پاڪ نازل ٿيندو رهيو. پاڻ ڪريم ﷺ
جن پنهنجي نبوت جو اعلان ڪيو ۽ ماڻهن کي اسلام جي
دعوت ڏيندا رهيا. پاڻ سڳورا الله سائين جا آخري
نبي آهن. پاڻ ﷺڏاڍا ايماندار ۽ سچار هئا.
ايمانداري جي ڪري صادق ۽ امين سان سڏيا وڃن ٿا.
مڪي جي ماڻهن پاڻ سڳورن ﷺ کي تڪليفون ڏيڻ لڳا ۽
سندن جاني دشمن ٿي پيا ۽ سندن ساٿين کي به طرح طرح
جون تڪليفون ڏيڻ لڳا آخرڪار پاڻ ﷺ جن الله جي حڪم
سان مڪي مان هجرت ڪري مديني اچي رهيا. مڪي جي
ڪافرن اتي به کين آرام سان رهڻ نه ڏنو پوءِ
ڪيتريون ئي جنگيون لڳيون. جن ۾ بدر، احد، خندق ۽
خيبر مشهور آهن. جڏهن مڪو فتح ٿيو ته پاڻ سڳورن
پنهنجي جاني دشمنن کي به معاف ڪري ڇڏيو ڪنهن کان
ڪوبه بدلو نه ورتائون. سندن شفقت ڏسي ڪيترن ئي
ماڻهن اسلام قبول ڪيو اهڙي طرح سموري عرب ۾ اسلام
پکڙجي ويو.
شهزاد احمد شيخ
قاضي عبدالحئي قائل
قاضي عبدالحئي صاحب هڪ مثالي استاد تعليمدان ۽
شاعر هو. اسان جو اسڪول عبدالحئي قاضي ماڊل اسڪول
به انهيءَ شخصيت جي ياد ۾ قائم ڪيو ويو آهي. قاضي
صاحب جو جنم 17 ڊسمبر 1917ع ۾ ٿيو. قاضي صاحب
ابتدائي تعليم پنهنجي آبائي شهر رتوديرو ۾ حاصل
ڪئي. پاڻ عملي زندگيءَ جي شروعات استاد جي حيثيت
سان ڪئي. ۽ پرائمري استاد ٿي علم جي روشني سان
ننڍڙن ٻارن جي دل ۽ دماغ کي روشن ڪرڻ ۾ مصروف ٿي
ويو. قاضي عبدالحئي صاحب تعليم سان گڏ ٻارن جي
اخلاق تي به خاص توجهه ڏيندو هو. پاڻ پنهنجي دؤر
جو هڪ واحد استاد هو، جيڪو اسڪول جي ٽائيم کان
پوءِ سڄي شهر جو چڪر هڻي ٻارن جي نظرداري ڪندو هو.
قاضي صاحب جي شخصيت جا ٻيا به ڪيترائي مثال آهن.
پاڻ هڪ سٺو شاعر، مضمون نگار، صحافي ۽ سماجي ورڪر
به هو. قاضي صاحب پڙهائڻ سان گڏ پاڻ به پڙهندو هو،
۽ آرٽ ٽيچر جي حيثيت سان 1975ع ۾ رٽائر ٿيو. قاضي
صاحب 1989ع ۾ حج جي ارادي سان حرم پاڪ جو سفر ڪيو.
۽ حج ادا ڪرڻ کان پوءِ 23 جولاءِ سن 1989ع ۾ مڪي
مڪرمه ۾ وفات ڪئي ۽ جنت الامعاليه ۾ دفن ڪيو ويو.
چوندا آهن ته سٺا ماڻهو جڏهن هي جهان ڇڏي ويندا
آهن، ته انهن جون سٺيون ڳالهيون هميشه ياد رهنديون
آهن. قاضي صاحب جن جون سٺيون ڳالهيون اسان کي
هميشه سندن ياد ڏيارينديون رهنديون.
اهڙي سٺن ماڻهن لاءِ سنڌ جي عظيم شاعر شاهه
عبداللطيف ڀٽائي فرمايو آهي ته:
ماڻهو سڀ نه سهڻا،
پکي سڀ نه هنج،
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه،
اچي بوءِ بهار جي.
نور محمد بوزدار
سراج جي ياد
هن دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا ماڻهو آيا، جن پنهنجي
سموري زندگي پنهنجي قوم جي خوشحالي لاءِ، جدوجهد
ڪندي گذاري ڇڏي. پر پاڻ ڪڏهن به سک سان، شايد ئي
ڪي گهڙيون ..... ويٺا. اهڙن ئي جوڌن جوانن ۾ سنڌ
جو
Famous
ڪهاڻيڪار، ناول نگار، دانشور، اديب، عالم ۽ محقق
سراج الحق ميمڻ به هڪ آهي. جنهن ٻه فيبروري 2012ع
تي، لياقت نيشنل اسپتال ڪراچي ۾ دل جي بيماري سبب،
پرهه ڦٽي کان ٿورو اڳ هن فاني جهان مان لاڏاڻو
ڪيو. هن پنهنجي وفات سان گڏ سنڌ جي، سنڌي ادب لاءِ
پنهنجي غير موجودگيءَ جو هڪ وڏو خال پيدا ڪري
ڇڏيو، جيڪو شايد ئي مستقبل ۾ ڀرجي سگهي.
سراج چوويهه آڪٽوبر 1933ع ۾ ٽنڊو ڄام، ضلعي
حيدرآباد سنڌ ۾، محمد يعقوب ميمڻ جي گهر جنم ورتو.
پاڻ ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان پرائي. جڏهن ته
مئٽرڪ جو امتحان نور محمد هاءِ اسڪول ۾ ڏنو.
جيتوڻيڪ سندن اعليٰ تعليم
M.A
۽
L.L.B
جي ڊگرين سان پُر هئي. نوڪري جي لحاظ کان هن 1953ع
۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾
Duty
شروع ڪئي ۽ 1955ع ۾ ترقي ڪري ساڳئي اداري ۾ اسسٽنٽ
سيڪريٽري جو درجو حاصل ڪيو ان کان علاوه پاڻ ڪجهه
وقت وڪالت به ڪئي. 1971ع ۾ ڪراچي ۾ ”هلال پاڪستان“
اخبار جو ايڊيٽر پڻ ٿيو.
سندن ڪهاڻين جو پهريون مجموعو 1961ع ۾ ”اي درد هلي
آءُ“ ۽ ٻيو مجموعو ”اٺون ماڻهو“ 1985ع ۾ نيو فيلڊس
اداري پاران شايع ٿيو. جڏهن ته سندن پهريون ناول
”پڙاڏو سو ئي سڏ“ 1979ع ۾ نيو فيلڊس اداري شايع
ڪيو. ان کان علاوه سندن ٻيا مشهور ناول. جنهن ۾
”پياسي ڌرتي، رمندا بادل“، ”منهنجي دنيا هيڪل
وياڪل“، ”تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول“ وغيره تمام
مقبول ٿيا. جڏهن ته پاڻ سنڌي ٻولي جو ڊرامه نگار ۽
مترجم پڻ هيو.
سندن اهم تصنيف ”سنڌي ٻولي“ 1964ع ۾ ڇپي، جيڪا
ڏاڍي زبردست مشهور ٿي. سندس انهي تصنيف کي پاڪستان
رائيٽرس گُلڊ پاران انعام پڻ مليو، بعد ۾ هن تصنيف
کي انگريزي ۾ پڻ ترجمو ڪيو ويو.
اڄ سراج اسان وٽ ته ناهي، پر سندس خوشگوار ۽ نيڪ
يادون هميشه اسان سان گڏ رهنديون. آمين
آخر ۾ آءٌ پنهنجي پاران سراج جي دل ڏکائيندڙ وفات
تي، هيٺين بيت تي کيس ڀيٽا پيش ڪريان ٿو.
خزاں نے ہنس کے کہہ دیا بھار گلشن سے
مجھے معلوم ہے، تیری زندگی طویل نہیں۔
منظور علي پيارو عباسي
يوم مئي
هر سال سموري دنيا ۾ مئي مهيني جي پهرئين تاريخ تي
پورهيتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو وڃي ٿو، ان ڏينهن
تي آمريڪي رياست شڪاگو جي شهيد پورهيت اڳواڻن ۽
شهيد پورهيتن پاران پنهنجن مطالبن جي مڃتا لاءِ
ڏنل قربانين جي ياد ۾ اهو ڏهاڙو تڏهن کان پيو
ملهايو وڃي، انهيءَ ڏهاڙي سموري دنيا ۾ عام موڪل
هوندي آهي ۽ دنيا جا پورهيت وڏا جلسا ۽ ريليون ڪڍي
شهيد پورهيتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي سندن پاران
ڏنل قربانين کي سهڻن لفظن سان ياد ڪندا آهن. ته
جيئن دنيا جي پورهيتن جو مان مٿانهون رهي ۽ انهن
کي منظور ڪيل قاعدن ۽ ضابطن هيٺ سڀئي جائز سهولتون
ملنديون رهن.
اڄ اسان جديد ٽيڪنالوجي واري دؤر مان گذري رهيا
آهيون اسان وٽ چؤڌاري امن جهڙيون حالتون موجود
آهن. اسان کي گهرجي ته پنهنجي ملڪ جي پورهيتن کي
سندن جائز حق ڏياريون ۽ خاص ڪري اهڙن ٻارن کي
تعليمي سهولتون وٺرائي ڏيون جيڪي پنهنجي گهريلو
معاشي حالتن سبب تعليم کان محروم آهن. ۽ صبح کان
شام تائين پنهنجي پيٽ گذر لاءِ صرف پورهيو ڪرڻ ۾
مصروف آهن.
اڪثر ڏٺو ويو آهي ته غريب عوام وارو طبقو پنهنجي
جياپي لاءِ پورهئي ڪرڻ ۾ ايترو ته رڌل آهي جو هو
تعليم يا ٻئي ڪنهن پائدار هنر جي حاصلا لاءِ سوچي
به نٿو سگهي، غريبن جا ٻار صرف اهو ٿا سوچين ته
پڙهنداسين ته پوءِ ماني ڪٿان کائينداسين. جنهن ڪري
هو صرف روزي ڪمائڻ کي ئي اوليت ڏين ٿا، هجڻ ته
ائين گهرجي جو پورهيتن جا ٻار پنهنجي شروعاتي عمر
جي ارڙهن سالن تائين فقط تعليم ۽ ترقي جهڙا ٻئي
هنر باقاعدگي سان حاصل ڪن جنهن لاءِ کين سڀئي
سهولتون مهيا ڪري ڏنيون وڃن ته جيئن ملڪ ۾ پائدار
امن ۽ خوشحالي قائم ٿي سگهي.
اسان وٽ پورهيت جو قدر ئي ناهي هو سدائين
سرمائدارن ۽ ڀوتارن جي ڏاڍ هيٺان پيڙهجندو رهي ٿو،
دنيا جي ترقي يافته ملڪن تي نظر وجهو ته ملڪ اهوئي
خوشحال ڏسڻ ۾ ايندو جنهن جا پورهيت سکيا ۽ ستابا
آهن. اسان جي ملڪ جو سرمائدار ۽ زميندار طبقو
پنهنجي ڪڙمين ۽ پورهيتن کي سندن پورهئي جو جائز
اجورو ڏئي ۽ انهن جي ٻارن جي تعليم ۽ علاج وغيره
جو خرچ برداشت ڪري ۽ خاص ڪري خوشي واري مذهبي
ڏهاڙن تي خاص مراعتون ڏئي ته پورهيت ۽ انهن جا ٻار
هميشه لاءِ باوقار زندگي گذاري سگهندا.
اسان سڀئي انسان آهيون. اسان ۾ ڏک سور سهڻ جو مادو
به هڪجهڙو ئي آهي. اسان کي يوم مئي جو اصل مقصد
سمجهڻ گهرجي ۽ هڪٻئي سان ڏکن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ
گهرجي يوم مئي اسان کي واضح طور للڪاري ٿو پيو ته
اسان پاڻ ۾ ٻڌي ۽ ڀائچارو قائم ڪري پنهنجن حقن
لاءِ جاکوڙيون ۽ ڏاڍ ۽ جبر جي پرواهه نه ڪندي
پنهنجي خوشحالي لاءِ پاڻ پتوڙيون، عوام خوشحال ته
ملڪ به خوشحال اِهوئي آهي يوم مئي جو اصل پيغام .
حاڪم مهر
سنڌ ۾ پهرين ٻاراڻي تحريڪ
ٻالڪن جي ٻاري انٽرنيشنل
تنظيم، فرد جي ذاتي توڙي اجتماعي زندگيءَ لاءِ
نهايت ضروري آهي. جيڪا انسان يا انساني معاشري ۾
نظم ۽ ضبط پيدا ڪري ٿي. انسان ته اشرف المخلوقات
آهي. پر غور ڪبو ته تنظيم پکين ۽ جانورن ۾ به نظر
ايندي. ڪونجن جون قطارون، ڪوِلين ۽ ماڪوڙين جو
هڪٻئي پٺيان هلڻ، ماکيءَ جو مانارو، چؤپائي مال جا
ڌڻ ۽ وڳ. اهي سڀ هڪ قسم جي تنظيم ڏانهن اشارو ڪن
ٿا. ڪجهه انسان به جڏهن هڪ تنظيم جي لڙهيءَ ۾
پوئجن ٿا ته موتين جي مالها بڻجي پون ٿا ۽ هڪٻئي
جي ذاتي توڙي اجتماعي ڪمن ڪارين ۾ آسانيون پئدا ڪن
ٿا. جيڪو ڪم اڪيلي سر نه ٿي سگهي ته اهو گهڻا
ماڻهو گڏجي سولائيءَ سان ڪري سگهن ٿا. مختلف قسمن
جون تنظيمون ٺاهڻ جو اهوئي ڪارج آهي.
تنظيمون مختلف نوعيت جون هونديون آهن. ڪي علمي،
ادبي ته ڪي سياسي ۽ سماجي وغيره. انهن ۾ وري ڪي
تنظيمون مردن لاءِ ته ڪي عورتن لاءِ. ڪي بزرگن
لاءِ ته ڪي نوجوانن لاءِ. ڪي قومي ته ڪي بين
الاقوامي. هاڻي ته آزاد ۽ سڌريل ملڪن ۾ ته ڌرتي ۽
جهنگلي جيوت کي بچائڻ لاءِ به تنظيمون وجود ۾ اچي
چڪيون آهن. هن ڌرتيءَ تي مختلف ملڪن ۽ قومن ۾ ٻارن
جي ڀلائيءَ لاءِ مختلف وقتن تي مختلف تنظيمون
تحريڪون وجود ۾ اينديون رهيون آهن. انهن ۾
اسڪائوٽنگ ۽ گرلس گائيڊ پوري دنيا ۾ ٻارن جون
مشهور تحريڪون آهن.
ٻارن جون تنظيمون گهڻو ڪري علمي، ادبي ۽ ثقافتي
نوعيت جون هونديون آهن ته جيئن ٻارن ۾ ٻالڪپڻ کان
ئي علم، ادب، فن، ثقافت ۽ ساڻيهه سان سُٻنڌ پئدا
ڪري سگهجي. ڪنهن معاشري ۾ جيڪڏهن سٺا عالم، اديب ۽
فنڪار پئدا ڪرڻا آهن ته اتي نئين نسل کي ٻاروتڻ
کان ئي اهڙي سکيا ڏيڻي پوندي آهي. ان مقصد لاءِ
سنڌ ۾ به اهڙيون ڪيتريون ئي تنظيمون وجود ۾ آيون
آهن. جهڙوڪ: ٻارن جي ٻاري، چڻنگ سنگت، ساٿي ٻارڙا
سنگت، گل گلابي ٻارڙا سنگت، سجاڳ ٻار تحريڪ، لطيف
سنگت، سنڌ، ماروئڙا ٻالڪ سنگت، سنڌ دوست ٻالڪ
تنظيم، گل ڦل ٻارڙا سنگت، ٻالڪ ادبي فورم وغيره.
جن پنهنجي دؤر ۾ ٻارڙن ۾ سجاڳيءَ لاءِ بهتر ڪم ڪيو
آهي. ۽ ڪي اڃا تائين ڪن به پيون.
سنڌ ۾ سڀ کان پهرين ٻارن جي تحريڪ ”ٻارن جي ٻاري“
نالي سان وجود ۾ آئي. جنهن جو باني ڪراچي سنڌ جو
رهاڪو دادا شيوَڪُ ڀوڄراج هو ويهين صدي عيسويءَ جي
اڳياڙيءَ ۾ ٻارن جي ٻاريءَ جو بنياد به ڪراچيءَ ۾
سنڌ ۽ هند جي ورهاڱي کان اڳ پيو.
سنڌ ۾ هن تنظيم جون پاڙون پختيون ڪرڻ ۾ دادا شيوَڪ
سان گڏ ٻين به ڪيترن ئي سنڌ جي سڄڻن ڪردار ادا ڪيو
پر انهن ۾ دادي پاروَتي گدواڻيءَ جو ڪردار به
وسارڻ جوڳو نه آهي.
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي پهرئين جلد (آگسٽ
2009ع) ۾ ٻالڪن جي ٻاريءَ جي سرگرمين جو ذڪر ڪندي
مختصر طور لکيل آهي ته ”ننڍڙا ٻار، ٻالڪ، ٻالڪيون
آچر ڏينهن صبح جو سنڀري، چاهه مان ٻالڪن جي ٻاريءَ
جي سنيٽر تي ويهندا هئا. اتي ڪلاڪ ٻه پاڻ کي
وندرائي، پوءِ گهر موٽندا هئا. وندر سان گڏ کين
سکيا به ملندي هئي. ٻاريءَ ۾ ٻالڪن ۾ ڦڙتي پئدا
ٿيندي هئي. راڳ لاءِ منجهن شوق جاڳندو هو ۽
آکاڻين، پرولين ۽ ڳجهارتن لاءِ منجهن چاهه وڌندو
هو. راند روند سان منجهن بدني ڦڙتائي ۽ شڪتي وڌائي
ويندي هئي، ادب، انداز ۽ ضابطو سيکاريو ويندو هو،
ٻالڪن جي ٻاري شهرن ۽ ڳوٺن ۾ چڱيءَ ريت هلندي
هئي.“
ڪامريڊ برڪت علي آزاد (1998ع-1917ع) جيڪو پڻ ٻالڪن
جي ٻاريءَ جو 1926ع کان سرگرم ميمبر ۽ اڳواڻ هو،
راقم الحروف کي هڪ ملاقات ۾ هن بابت تفصيل
ٻُڌائيندي چيو ته: ”ٻالڪن جي ٻاري سنڌ جي پهرين
ٻالڪ تحريڪ آهي. هن جي پهرين ڪانفرنس 1926ع ۾
لاڙڪاڻي جي پرائمري اسڪول ۾ ڪوٺائي وئي هئي.“
سندس چواڻي ته هو پاڻ به پنهنجي اٺن ورهين جي
ننڍڙي ڄمار ۾ هن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو هو ۽ هن تنظيم
جو باقاعده ميمبر به ٿيو هو. ان وقت ٻالڪن جي
ٻاريءَ جو صدر مشهور شاعر ڪشنچند ”بيوس“ ۽ سرپرست
حاتم علي علوي هو. (علوي صاحب سنڌ جي عظيم محب وطن
شخصيتن مان هڪ هو جيڪو ڪراچي ڪارپوريشن جو ميئر پڻ
ٿي رهيو آهي.)
”ٻالڪن جي ٻاري“ جي باني دادا شيوڪ ڀوڄراج ٻارن ۾
تعليمي چاهه پئدا ڪرڻ لاءِ هڪ ڪتاب ”ٻالڪاڻي ٻاري“
پڻ لکيو جيڪو 1962ع ۾ ڇپيو. ان کان سواءِ هن
”گلستان“ نالي ٻارن لاءِ رسالو پڻ جاري ڪيو. جيڪو
ٻارن ۾ تمام گهڻو پسند ڪيو ويندو هو. 1947ع ۾ گڏيل
هندستان جي ورهاڱي کان بعد دادا صاحب سنڌ ديس ڇڏي
وڃي ڀارت جا ڀاڻ وسايا. ان کان پوءِ ”گلستان“
رسالو بند ٿي ويو پر ”ٻالڪن جي ٻاري“ کي اتي به
جاري رکيائين. ويتر ان جو دائرو وڌائي ”ٻالڪن جي
ٻاري انٽرنيشنل“ بڻايائين.
ڪامريڊ برڪت علي آزاد جي بقول اها ٻارن جي بين
الاقوامي تحريڪ اڃا تائين هلي رهي آهي ۽ سڄي دنيا
۾ ان جا ميمبر ۽ همدرد موجود آهن.
ڪامريڊ آزاد چواڻي: ”ٻالڪن جي ٻاري انٽرنيشنل“ جي
هاڻوڪي صدر اقوام متحده جي اڳوڻي صدر ۽ پنڊت جواهر
لعل نهروءَ جي ڀيڻ ”وجيا لڪشمي پنڊت“ آهي. پاڪستان
۾ ان جا ميمبر (نمائندا) سکر جو ڪامريڊ برڪت علي
آزاد ۽ لاهور جو ڊاڪٽر شير محمد هئا. ٻالڪن جي
ٻاري انٽرنيشنل جو هاڻوڪو هيڊڪوارٽر هندستان جي
شهر ممبئي جي ڀرسان آهي. جنهن جو نالو ”ٻاپُو
گائون“ (Father’s
of the Nation)
آهي. هن مرڪز ۾ 700 ٻار رهن ٿا. انهن ۾ 400 مستقل
۽ 300 غريب ٻار تعليم ۽ تربيت وٺڻ لاءِ رهندا آهن.
اهي ٻار گهڻو ڪري گهٽ ذاتين (آدي باسي) وارا يعني
معاشري جا ڌڪاريل ٻار هوندا آهن. هن ڳوٺ/مرڪز ۾
ورڪشاپ پڻ آهن. جن ۾ ٻارن کي فني سکيا سان گڏ کين
ڊيري فارم ۽ زراعت جي سکيا پڻ ڏني ويندي آهي. کين
اسڪولي تعليم به ان ئي مرڪز ”ٻاپُو ڳائون“ ۾ ملندي
آهي. سندن تعليم ۽ تربيت جو خرچ تنظيم ۽ پبلڪ
ڀريندي آهي. ڪامريڊ برڪت علي آزاد وڌيڪ ٻُڌايو هو
ته 84-1983ع ۾ هو هندستان جي سرڪاري دعوت تي ممبئي
۾ ”انٽرنيشنل سنڌي ڪانفرنس“ ۾ شرڪت لاءِ ويو هو ته
کيس ٻالڪن جي ٻاريءَ جو هيڊڪوارٽر پڻ گهمايو ويو
هو.
بيهار لال مينگواڙ
زندگي
زندگي الله تعاليٰ جي طرفان ڏنل هڪ املهه تحفو ۽
امانت آهي. ان ۾ خيانت نه ڪرڻ گهرجي ۽ زندگي کي
صحيح معنيٰ ۾ گذارڻ جي ڪوشش ڪجي اڄڪلهه گلوبل دور
۾ زندگي ڏاڍي پياري آهي. زندگي انجواءِ جو ٻيو حصو
آهي. زندگي ٽرين جو سفر آهي جنهن ۾ هر هڪ مسافر
پنهنجي اسٽاپ تي لهندو ويندو آهي ۽ اها زندگي جي
ٽرين قيامت تائين هلندي رهندي زندگي واقعي هڪ
مختصر آهي. جنهن مان مڪمل فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي.
زندگي هڪ خواب وانگر آهي. پورائي لاءِ پتوڙيندڙ ۽
مذهبي حوالي سان به آهي. آخرت جي کيتي آهي مطلب ته
هن دنيا ۾ جيڪو ڪجهه پوکيندؤ اهو ئي کڻڻو پوندو
زندگي ڏکن ۽ سکن جو ميلاپ آهي جنهن ۾ هرهڪ کي
پنهنجي حصي جا ڏک سور برداشت ڪرڻا پوندا آهن مفڪرن
جي چوڻ موجب زندگي هڪ کليل ڪتاب آهي. جنهن کي پڙهڻ
جو موقعو ملي ٿو. زندگي هڪ آئيني مثال به آهي.
جنهن ۾ هر ڪنهن کي ڏسڻ جو موقعو ملي ٿو. ڪيترن ئي
مذهبن ۾ زندگي ڏاڍي حسين آهي جنهن جو هر سيڪنڊ به
ملهائتو آهي. جنهن جي ڪابه قيمت نه آهي زندگي غفلت
بدران هاڪاري ۾ گذاريون. ته جيئن الله تعاليٰ جي
طرفان ڏنل هڪ امانت ۾ خيانت نه ٿي سگهي زندگي جو
جاني دشمن موت آهي. جيڪو زندگي کي مات ڏئي ٿو وڃي
تڏهن ته ”شاهه“ سائين چيو آهي. ”اڙي موت توتي ڪهڙي
ميار تون آئين اوچتو“ حسابي طريقي سان زندگي هڪ
فارمولو آهي هونئن ته زندگي جي باري ۾ هر ڪنهن جا
مختلف جواب هوندا آهن. اگر ڪنهن ”انجينئر“ کان
پڇجي ته جواب اهو ملندو ته زندگي تجربن ۽ مشاهدن
جو ٻيو نالو آهي.
ممتاز ڪُنڀر
جبل، انساني ضرورتون ۽ ماحولياتي اثر
پيارا ٻارو! اڄ اسان ڌرتي جي سونهن بڻيل جبلن جي
باري ۾ پڙهنداسين جيڪي ماحولياتي نظام جو حصو آهن.
ماحول:
انساني ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو اڄ ڌرتي جي
سونهن بڻيل ٻيلا، ڍنڍون ۽ جابلو
سلسلا مختلف مسئلن جو شڪار آهن، هي وسيلا قدرتي
نعمتون آهن جيڪي تفريح مهيا ڪرڻ سان گڏوگڏ مالي
فائدا به پهچائين ٿا. جابلو سلسلا ڌرتي جي سونهن
وڌائڻ ۾ جتي اهم ڪردار ادا ڪن ٿا ته اُتي انسانن،
جانورن ۽ پکين وغيره لاءِ پڻ جياپي توڙي کاڌ خوراڪ
جي حوالي سان وڏي اهميت رکن ٿا.
اهي جابلو سلسلا گذريل ڪجهه سالن کان موسمي نظام ۾
ٿيل ردو بدل جو شڪار آهن. ڌرتي تي وڌندڙ گرمي پد
جي ڪري هزارين لکين سالن کان ڄميل برف پگهرجڻ شروع
ٿي آهي ۽ اها برف پاڻي جي صورت وٺي، دريائن ۾ داخل
ٿي رهي آهي اهو پراڻي برف جو پاڻي نه صرف دريائي
وهڪرن کي وڌائي ٻوڏون آڻي رهيو آهي پر انهي سان
گڏوگڏ سمنڊ جي سطح پڻ وڌي رهي آهي. جنهن سان
مستقبل ۾ سمنڊ جي ساحل سان لڳو لڳ شهرن لاءِ
”سونامي“ جهڙا خطرا وڌي ويا آهن.
دنيا جي بگڙجندڙ ماحولياتي توازن انهن جبلن لاءِ
مسئلا پيدا ڪيا آهن جيڪي پنهنجي اندر ۾ معدنيات ۽
ظاهري طرح سان هزارين قسمن جون جڙي ٻوٽيون پيدا ڪن
ٿا. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته وقت سان گڏ اهي
جڙي ٻوٽيون به ختم ٿي رهيون آهن، جن مان ڪيترن ئي
قسمن جي بيمارين جون دوائون ٺاهي انسان صحتمند
زندگي جو مالڪ بڻجڻ سان گڏوگڏ پنهنجو روزگار پڻ
ڪندو رهيو آهي جبلن مان اسان کي چشمن ذريعي مٺو ۽
صاف سٿرو پاڻي حاصل ٿئي ٿو جنهن سان نه صرف اسان
پنهنجي اُڃ اجهايون ٿا پر گڏوگڏ پنهنجي زرعي
ضرورتن کي پڻ پورو ڪريون ٿا.
هماليه دنيا جي اهم جابلو سلسلن مان هڪ آهي. جتي
8000 ميٽر کان وڌيڪ جبلن جون بلند چوٽيون ۽ دنيا
جا پنج وڏا گليشيئر موجوده آهن انهي جابلو سلسلي
مان پاڻي جا وڏا درياء ڀارت، بنگلاديش ۽ پاڪستان
مان ٿيندا عربي سمنڊ ۽ بنگال واري نار ۾ شامل ٿين
ٿا. انهيءَ جابلو سلسلي ۾ ڪيترن ئي قسمن جون قيمتي
ٻوٽيون ختم ٿي وڃڻ جون خبرون مِليون آهن.
دنيا جي انهن جبلن ۾ ڪيترائي ميدان ۽ ڍنڍون پڻ آهن
جن سان لکين انسان توڙي جانورن ۽ پکين جي زندگي
سلهاڙيل آهي جيڪا هاڻي خطري هيٺ آهي. معدني دولت
سيهو، ٽامو، جست، چن جو پٿر، گرينائيٽ ۽ سنگ مرمر
جا پٿر وغيره انهن جبلن مان نڪري ٿو جيڪو اسان جي
صنعتي ترقي ۽ رهائشي ضرورتن جي لاءِ وڏي اهميت رکي
ٿو جنهن ذريعي اسان چڱو ناڻو پڻ ڪمايون ٿا.
جابلو سلسلن ۾ ڪيترن ئي قسمن جا وڻ پڻ موجود آهن
جيڪي هن وقت ماحول دشمنن جي ور چڙهيل آهن. لالچي
واپاري انهن وڻن کي وڍرائي وڪڻي، پنهنجن علائقن ۾
ماحولياتي بگاڙ پيدا ڪري رهيا آهن. وڻن جي وڍجي
وڃڻ کان پوءِ طوفانن ۽ برساتن جو منهن ڏسن ٿا سندن
چوپايو مال خوراڪ کان محروم ٿئي ٿو ۽ پوٺا ٿي وڃڻ
ڪري سندن زرخيز زمين جي مٽي نئين ذريعي وهي وڃي
ٿي.
اسان وٽ ڪارونجهر جبل کان ويندي، چترال، ڪالاش ۽
گلگت جون خوبصورت واديون، ڪوه مري، ڪاغان،
بلوچستان، خيبرپختونخواه، اسلام آباد، گورک هل،
مڪلي، ڄامشوري ۽ دادو وارن جابلو علائقن ۾ انيڪ
تفريحي ماڳ موجوده آهن سوات جون خوبصورت واديون
جيڪي هزارين سالن جي تاريخي تهذيب رکن ٿيون. جتي
ملالا جهڙيون نياڻيون تعليم لاءِ پنهنجي زندگي
قربان ڪرڻ کان نه ٿيون ڪيٻائين.
ڪالاش جي خوبصورت وادين ۾ هر سال مختلف جشن ملهائي
مقامي هنرن ۽ کاڌن جون نمائشون ڪيون وڃن ٿيون..
ڇوڪريون مند جا پهريان گل پٽينديون آهن ۽ ماڻهو
کير مان ٺهيل شيون هڪ ٻئي کي تحفي ۾ ڏيندا آهن
انهن وادين ۾ جون، انگورن، اخروٽن جي پيداوار ۽
لابارن وقت مقامي ماڻهو لوڪ گيتن تي خوبصورت رقص
ڪندا آهن دهلن ۽ بانسرين جي آلاپن تي جهمريون
پائيندا آهن ۽ دستڪارين جون بازارون لڳايون وڃن
ٿيون. جبلن تان تيزي سان لهندڙ پاڻي ڍنڍون ۽ آبي
ذخيرن جي صورت اختيار ڪري ٿو اهي پاڻيءَ جا ذخيرا
۽ ڍنڍون مختلف ملڪن جي سياحن لاءِ ڏسڻ وٽان آهن
سياح هتي اچي تفريح حاصل ڪن ٿا مقامي ماڻهن لاءِ
روزگار جا موقعا پيدا ٿين ٿا. مقامي هنر جي
پذيرائي ۽ مارڪيٽنگ ٿئي ٿي.
دنيا جي انهن جابلو سلسلن سان هزارين سالن جي
تهذيب ۽ تمدن وابسته آهي منجهن موجوده غارن ۾ قديم
مذهبن ۽ تهذيبن جنم ورتو هو اڄ جڏهن موسمي تبديلين
جي اثرن کان هي جبل به محفوظ ناهن رهيا تڏهن ضرورت
انهي ڳالهه جي آهي ته ماڻهن ۾ ماحول جي گدلاڻ ختم
ڪرڻ لاءِ شعور بيدار ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن جبلن جي
اهميت ۽ افاديت بابت سجاگي پيدا ڪئي وڃي. |