شگفته شاهه
دانائي جو سبق
ڪنهن وقت ۾ هڪ وڏو سردار هوندو هو جنهن جا تمام
گهڻا خدمتگار هوندا هئا. سندس ڪي خاص مُشير پڻ
هوندا هئا. جن کان هو اهم ڪمن ڪرڻ بابت صلاح مشورو
ڪندو هو. پر ٿيندو ائين هو ته هو جڏهن به کانئن
صلاح وٺندو هو ته سڀئي سندس خوشامد ڪندي سندس
ارادي جي تعريف ڪندي چوندا هئا:
”واهه! ڪهڙو نه سٺو ارادو ڪيو اٿوَ!“
هو سندس ڪاوڙ کان به ڊڄندا هئا انڪري ڪڏهن به سندس
ڳالهه رد ڪرڻ جي جرائت نه ڪندا هئا پر سندس هڪ
مشير نه ته ها ڪندو هو نه ڪي نه. سردار کانئس
پڇندو به هو ته هو فقط هڪ ئي ڳالهه ڪندو هو:
”هر شيءَ جو اثر ٻي شيء تي پوندو آهي.“
هڪ ڀيري ايئن ٿيو ته سردار سڄي رات ننڊ نه ڪري
سگهيو جو برسات بعد ايڏا ته ڏيڏر نڪري پيا هئا جن
جي گوڙ سبب هو سمهي نه سگهيو. پوءِ ڪيئي راتيون
گذري ويون هو سمهي سٺي ننڊ نه ڪري سگهيو. نيٺ هن
فيصلو ڪيو ته انهن سڀني ڏيڏرن کي ماري ڇڏجي. هن ان
بابت پنهنجي مشيرن سان مشورو ڪيو ته معمول مطابق
هنن سندس ها ۾ ها ملائيندي سندس ان ارادي جي واکاڻ
ڪئي ۽ چيو:
”واهه! ڪيڏو نه سٺو خيال آهي!“
جڏهن ته هڪ مشير وري ساڳي ريت ماٺ رهيو تڏهن سردار
ڪاوڙ مان کيس چيو:
”تنهنجي وات ۾ زبان ڪونهي ڇا جو ڳالهائين؟“
هن ڪجهه لمحا سوچي جواب ڏنو:
”هڪ شيء جو اثر ٻي شيء تي پوندو آهي.“
سردار سوچيو ته هي ان جملي کانسواءِ ٻيو ڪجهه چوڻ
جي ڄاڻ ئي نٿو رکي.
سردار پنهنجن نوڪرن کي ڏيڏرن کي مارڻ لاءِ روانو
ڪيو. هنن چونڊي چونڊي سڀ ڏيڏر ڳولهي ماري ڇڏيا هڪ
به باقي نه رهيو. ان رات سردار ڏاڍي سٺي ننڊ ڪئي ۽
ان بعد ڪيئي راتيون هو گهري ننڊ ستو ۽ ڏاڍو خوش
ٿيو. پر پوءِ ائين ٿيو جو مڇرن جو آزار وڌي ويو
انڪري جو سڀ ڏيڏر ختم ٿي ويا هئا. جيڪي مڇر ۽ مڇرن
جا بيضا کائيندا هئا جنهن سبب مڇر نه ٿيندا هئا.
مڇرن جو آزار ايڏو وڌيو جو سردار ڳڻتيءَ ۾ پئجي
ويو. تڏهن هن پنهنجن نوڪرن کي حڪم ڏنو ته هو مڇرن
کي مارين. نوڪرن ڏاڍا حيلا هلايا پر مڇر ايڏا ته
گهڻا هئا جو مارڻ کان ٻاهر هئا. آخر سردار پنهنجن
مشيرن کي سڏي ان مسئلي بابت صلاح ڪئي پر هو ڪجهه
چئي نه سگهيا ته سردار کين داٻا ڏيندي چيو:
”جڏهن مون اوهان کان ڏيڏرن کي مارڻ بابت مشورو
ورتو ته اوهان منهنجي ارادي جي تعريف ڪئي جڏهن ته
ان مهل اوهان کي چوڻ گهربو هو ته ڏيڏرن کي نه
ماريو نه ته مڇر وڌي ويندا. توهان مان فقط هڪ ڄڻي
دانائي جي ڳالهه ڪئي جنهن تي مون کي ويچارڻ گهربو
هو پر مون ائين نه ڪيو جنهن سبب اڄ هن مصيبت ۾
ڦاسي پيا آهيون. هن چيو هو ته:
”هر شيء جو اثر ٻي شيء تي پوندو آهي.“
گلشن سنڌو
انمول مُرڪَ
آڪٽوبر جو مهينو هو تيز برسات پي پئي ڄڻ لڳي پيو
ته ڪڪر به پنهنجي موٽ تي راضي نه هئا رات به ڪافي
گذري چڪي هئي. هڪ ڇوڪري، بند دڪان جي شٽر وٽ اداس
۽ پريشان ويٺل هئي سندس ننڍڙا هٿ برسات ۾ ڀڄڻ سبب
ڏڪي رهيا هئا هوءَ ڪير هئي؟ ڪنهن جي نينگري هئي ڪا
خبر نه هئي برسات سبب گهٽي به سنسان لڳي پئي هئي
تڏهن اوچتو چاچا جمن چوڪيدار جو اتان گذر ٿيو اٺن
سالن جي لڳ ڀڳ عمر واري ڇوڪريءَ کي ڏسي پريشان ٿي
ويو ته آّخر هوءَ ڪير آهي؟ ڪٿان آئي آهي سندس مائٽ
ڪٿي آهن؟ هو ان ڇوڪريءَ ڏانهن وڌيو ۽ سوالنامون
شروع ڪري ڏنائين ”پٽ! تون ڪير آهين هتي ڇا پئي
ڪرين تنهنجا والدين ڪٿي آهن؟ ڇوڪري بس موڳن وانگر
تڪڻ لڳي ۽ ڪجهه به نه ڪُڇيائين،آخر چاچا جمن کيس
پنهنجو اجرڪ اوڍايو ۽ پنهنجي گهر وٺي آيو. پاڻ بي
اولادي هجڻ سبب چاچا جمن وٽ اولاد جو ڪجهه زياده
قدر هو سندس زال به ڇوڪريءَ کي ڏسي ڏاڍي خوش ٿي ۽
ائين ڪافي ڏينهن گذري ويا پر ان ڇوڪريءَ جي مائٽن
جي ڪابه خبر نه پئجي سگهي آخرڪار پندرهن ڏينهن کان
پوءِ هڪ ڏينهن هن ڳالهايو ته سڄي دنيا کي خاموش
ڪرائي ڇڏيائين هن پنهنجي ڪَٿا ٻنهي زال، مڙس کي
روئاري ڇڏيو، هن پنهنجو نالو ڀاڳڀري ٻڌايو اهڙي
ڀاڳڀري جنهن جو نالو ته مائٽن سوچي سمجهي رکيو پر
قسمت سندس ساٿ نه ڏنو سندس مائٽ ڳوٺ ۾ رهندا هئا
هن کي هڪ ڀيڻ ٻي به هئي. جيڪا ٽن سالن جي عمر ۾ بک
وگهي مري ويئي هئي هوءَ ۽ هن جي ماءُ وڏيريءَ وٽ
گهر جو ڪم ڪار ڪنديون هيون ان دوران ڀاڳڀري ۽ سندس
ماءُ کي ڏاڍي ذلت کي منهن ڏيڻو پوندو هو ننڍين
ننڍين ڳالهين تان وڏيري سندن ڏاڍي بي عزتي ڪندي
هئي. غلطيءَ سان ڪو ٿانءُ ڀڄي پوندو هو ته سندن
پگهار مان پئسا ڪٽيندي هئي ڀاڳڀري وڏيريءَ کي
پينگهي ۾ لوڏيندي ذهن ۾ اُڀرندڙ انيڪ سوالن کي
اُسرڻ نه ڏيندي هئي. ڇو ته کيس خبر هئي ته جيڪي
زيور ۽ قيمتي ڪپڙا وڏيري پائي ٿي اُهي ڪڏهن به
سندس ماءُ جي نصيب ۾ نه هوندا جن رانديڪن سان
وڏيريءَ جا ٻار کيڏن ٿا اهي هوءَ صرف خواب ۾ ئي
ڏسي پئي سگهي انيڪ خواهشون هن جي اندر ۾ دٻيل هيون
”پر... پٽ! توسان اهڙي ڪهڙي ويڌن ٿي جو تون پنهنجو
ڳوٺ، گهر ڇڏي گمنام رستن تي اڻ ڄاتل منزل جي ڳولا
ڪرڻ لڳينءَ....“؟ چاچا جمن اچرج وچان ڀاڳڀريءَ کان
سوال ڪيو ”چاچا.... وڏيرن جا ٻيا ظلم ته ٿيندا هئا
پر هاڻ ته انهن اسان کي بي گهر ڪري ڇڏيو هو خدا جي
زمين تي اسان جو به ڪکائون گهر هو جيڪو وڏيري اهو
چئي ڊاهي ڇڏيو ته هيءَ زمين منهنجي آهي ۽ آءٌ هتي
پنهنجي لاءِ اوطاق ٺهرائيندس وڏيري اسان جو ڪکائون
گهر ڇا ڊاٿو ڄڻ ته اسان جي قسمت ئي ڊاهي ڇڏيائين
ان ڪکائين آستاني سان گڏ امڙ جو جنازو به کڄيو
بابا ويچارو امڙ جي غم ۾ ايترو ته چريو ٿي ويو جو
مون کي به نه ٿو سڃاڻي پنهنجي بابا جي اها حالت
مون کان ڏٺي نه ٿي ڪو آشيانو نه هجڻ سبب آءٌ گمنام
پکي وانگر گمنام آکيرا ڳولڻ لڳيس، اسان جي جهوپڙي
سميت وڏيري ٻين به ڪيترن ئي ماڻهن جا اجها کسي
ڇڏيا هئا ۽ اهڙو ڪوبه گهر نه هيو جتي آءٌ رهي
سگهان. منهنجي وجود کي ڏاڍي تڪليف محسوس ٿي رهي
هئي مون کي خبر نه پئي ته آءٌ ڪيڏانهن پئي وڃان بس
مون کي ته پنهنجي ڳوٺ کان فرار حاصل ڪرڻو هو. سو
بنا ڪنهن منزل جي ڄاڻ جي سفر شروع ڪيم ۽ رستي ۾
آسمان به منهنجي ڏکن ۾ روئي ڏنو ڇو ته آءٌ بي يارو
مددگار آسمان جي ڇپر ڇانءَ ۾ هيس. بس چاچا هينئر
آءٌ اوهان جي اڳيان آهيان. هيءَ هئي منهنجي جيون
ڪٿا. چاچا.......چاچا جهوپڙيءَ ۾ رهڻ وارن کي
قيمتي زيور، قيمتي ڪپڙا پائڻ جو ڪوبه حق ناهي....؟
ڇا جهوپڙيءَ ۾ رهڻ وارن ٻارن کي حق ناهي ته هو به
يونيفارم پائي سٺن اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪن.....؟
ڇا! غريب کي اهو حق ناهي ته هو به سٺا سٺا طعام
رڌي کائين....؟؟ ڀاڳڀريءَ جي دل ڀرجي آئي هوءَ
سڏڪا ڀري روئڻ لڳي تڏهن چاچا جمن جي گهر واري سندس
ڀر ۾ اچي کيس سيني سان لاتو هوءَ بي اولاد هئي هن
کان وڌيڪ اولاد جو قدر ڪير پيو سمجهي سگهي. هن
سندس ننڍڙن ڳلن تان ڳوڙهن کي خشڪ ڪندي چيو ته
”پٽ!... توکي اسان سٺا ڪپڙا وٺي ڏينداسين، رانديڪا
وٺي ڏينداسين توکي اسڪول ۾ پڙهائينداسين تون بس
خوش رهه.“ اهو ٻُڌي ڀاڳڀريءَ جا ته ڄڻ ڀاڳ کُلي
پيا سندس چپن تي مرڪ اچي ويئي جيڪا ”انمول مرڪ“
هئي.
روشن آرا بتول
سلڇڻي نينگري
ننڍڙي عليزه تمام گهڻي خوش هئي ڇو ته کيس ٻه مهينا
گرمين جون موڪلون ملڻ واريون هيون.
عليزه انهن ٻارن مان نه هئي جيڪي پنهنجو موڪلون
صرف گهمڻ، ڦرڻ ۽ وقت وڃائڻ ۾ گذاري ڇڏيندا آهن.
عليزه اڳ ۾ ئي سوچي ڇڏيو هو ته کيس موڪلون ڪيئن
گذارڻيون آهن. عليزه پنهنجي گهر ۾ سڀني کان ننڍي
هئي. کيس تمام گهڻو پيار ملندو هو ۽ پنهنجي عمر
کان وڏا ڪم ڪرڻ تي کيس دڙڪا به ملندا هئا. موڪلون
شروع ٿيڻ جي پهرين ڏينهن ئي هن پنهنجي گهرجي وڏي
اڱڻ ڏانهن رخ ڪيو. ڇو ته کيس پنهنجي منصوبي کي
عملي جامو پارائڻو هو. مٽي کوٽڻ لاءِ هن رنبي به
ڳولهي لڌي هئي. جيتوڻيڪ عليزه جي گهر ۾ وڏا وڏا وڻ
پوکيل هئا پر ننڍا گل ڦل ۽ ٻوٽا ڪونه هئا ۽ اها
ڳالهه عليزه کي نه پئي وڻي ته سندس گهر بي رونق
لڳي. انڪري صبح جو سوير ئي سوير هن مٽي کوٽڻ واري
رنبي کنئي ۽ مٽي کوٽڻ شروع ڪئي. جيئن هڪ ننڍڙو
باغيچو ٺهي سگهي. زمين ڪٿان سخت هئي ۽ ڪٿان نرم پر
عليزه کي ڪنهن شيء جي پرواهه نه هئي. هوءَ بس هڪ
ئي سوچ ۾ هئي ته کيس هڪ خوبصورت باغيچو ٺاهڻو آهي.
گهر جي ڀاتين جڏهن کيس ڪم ڪندي ڏٺو ته کيس ڪافي
ڀيرا منع ڪيائونس ته عليزه اهو ڪم ڇڏ. ڇو ٿي اجايو
پنهنجو وقت وڃائين. سندس بابا جيڪو ڪافي دير کان
عليزه کي ڏسي رهيو کيس مٽي کوٽڻ کان منع ڪيائين.
عليزه پاڻ به ٿڪجي پئي هئي. ان لاءِ پيشانيءَ تان
پگهر اگهندي هو گهر اندر هلي آئي. سندس وڏي ڀيڻ
عليزه لاءِ ليمي جو شربت ٺاهي کڻي آئي جيئن ئي
عليزه ليمي جو ٿڌو شربت پيتو ته سندس سمورو ٿڪ لهي
ويو.
ڪيترائي ڏينهن کيس باغيچي کي ٺاهڻ ۾ لڳي ويا هئا.
عليزه کي اڪيلو ڪم ڪندو ڏسي سندس امڙ ۽ ڀينرن به
گڏ ڪم ڪرائڻ شروع ڪيو ته عليزه تمام گهڻي خوش ٿي
جو هاڻي هوءَ اڪيلي نه هئي. هڪ جي جاءِ تي چار ڄڻا
ڪم ڪن ته يقيناً ڪم جلدي ٿي ويندو آهي. ڪجهه ئي
ڏينهن ۾ هڪ خوبصورت باغيچو تيار ٿي ويو. باغيچي کي
وڌيڪ خوبصورت بنائڻ لاءِ عليزه ڪيترن ئي ٻوٽن جا
ٻج پوکيا. جن ۾ نازبوءِ، وڏف ۽ ٻيا موسمي گل شامل
هئا. ڪجهه ئي ڏينهن کان پوءِ ننڍا ننڍا ساوا پن
نڪرڻ شروع ٿي ويا ۽ موسمي گلن گل ڪرڻ شروع ڪيا.
سندس ننڍڙو خوبصورت باغيچو ڏسي سڀني گهر ڀاتين کيس
ساراهيو. عليزه تمام گهڻي خوش هئي جو هن جون
موڪلون اجايون ڪونه گذريون. ۽ سندس گهر به خوبصورت
لڳي رهيو هو. ان ڪري پيارا ٻارو اسان کي به گهرجي
ته اسين پنهنجو وقت اجايو وڃائڻ بدران عليزه وانگر
مصروف گذاريون.
غلام مصطفيٰ سولنگي
موڪلون تباهه ٿي
ويون!
پهرين جون کان ٻه مهينا گرميءَ جون موڪلون مليون.
مان ڏاڍو خوش ٿيس جو موڪلون ته مليون. هاڻ آرام
ڪنداسين ۽ گهمندا وتنداسين. پر قسمت ۾ ڪجهه ٻيو ئي
لکيل هو.
موڪل جي ٻئي ڏينهن مان صبح جو ساڍي نائين بجي اٿڻ
جي تياري ڪري رهيو هوس ته اسان جي ماسي، جنهن کي
اسان سڀئي، ”ماسي قيامت“ چوندا آهيون، پنهنجي ٻارن
سميت اسان جي گهر اچي ڪڙڪي.
هوءَ اڃا گهر جي مکيه دروازي وٽ ئي هئي ته، ”اي
منهنجا راڻل پٽ.... منهنجا سوڍل ٻچا.... ڪٿي آهين
تون...؟“ جو ورد ڪرڻ لڳي. مون کي جيتريون دعائون ۽
جيتريون آيتون ياد هيون، سي پڙهي پنهنجي مٿان ڦوڪي
ڇڏيم ۽ قسمت کي پٽ پاراتا ڏئي چادر مٿان وجهي
ڇڏيم. پر منهنجو دماغ 101 ڪلوميٽر في منٽ جي رفتار
سان پيش ايندڙ ڀيانڪ حالتن جي اڳ ڪٿي ڪري رهيو هو.
ان دؤران ماسي قيامت جي سوا ڊزن فوج، گوڙ گهمسان
ڪندي، منهنجي ڪمري ڏانهن وڌي رهي هئي. مان ڏاڍو
حيران ۽ پريشان ٿي ويس. کيس مٿان ايندو ڏسي مان
زور سان چادر جون ڪنڊون جهلي ورتيون، ڇو جو مون کي
خبر هئي ته هاڻي ڇا ٿيڻ وارو آهي.
۽ پوءِ ٿوريءَ دير کان پوءِ اهو ئي ڪجهه ٿيو، جنهن
جي باري ۾ مان سوچي رهيو هوس. سڀ کان ننڍي ڇوڪري
ناصر منهنجي چادر کي پڪڙيو ۽ الائي جي ڪهڙن عضون
کان ڪم وٺندي هن زور سان ڇڪيو ته چادر جو هڪ حصو
الله سائينءَ کي پيارو ٿي ويو.
مون کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. سوچيم ته هن کي ٻه-ٽي
چماٽون وهائي ڪمري مان ڪڍي ڇڏيان، پر ان وقت ماسي
قيامت واءُ مينهن هڪ ڪيو، منهنجي ڪمري ۾ داخل ٿي ۽
مون کي سيني سان لڳايائين. مجبوريءَ وچان مون کي
به ساڻس مسڪرائي ملڻو پيو. ڀلو ٿئي باجيءَ جو،
جنهن دروازي مان جهاتي پائي منهنجي حالت جو اندازو
ڪري ورتو ۽ ماسيءَ کي ڪنهن ڪم جي بهاني ٻاهر
سڏيائين.
مان سک جو ساهه کنيو ۽ ٻارن جي لشڪر کان پاڻ
بچائيندي بورچيخاني ۾ پهتس. نيرن ڪرڻ ۾ ڏاڍي دير
ٿي وئي هئي. پيٽ ۾ ڪوئا ڊوڙي رهيا هئا. سوچيم ته
ڍءُ ڪري نيرن کائبي، پر جڏهن بورچيخاني ۾ پهتس ته
کاڌي نالي واري ڪابه شيءَ اتي هئي ئي ڪونه! مان
باجيءَ کان نيرن جو پڇيو ته هن ڏکوئيندڙ خبر
ٻڌائي، ”تنهنجي نيرن ته ببلي کائي وئي.
مون کي ببليءَ تي ڏاڍي چڙ آئي، ”نڀاڳي ڪنهن جاءِ
جي....! بکي....! اچڻ سان ئي منهنجي نيرن هڙپ ڪري
وئي....“
مان ماٺ ڪري ڪمري ۾ اچي ويهي رهيس. پر بک ته ويهڻ
ئي ڪونه ٿي ڏنو. نيٺ خيال آيو ته اسد جي گهر وڃي
ڪجهه پيٽ پوڄا ڪري اچان. اسد منهنجو پيارو دوست ۽
ڪلاس فيلو آهي.
مان ڊڄندي ڊڄندي امان وٽ ويس ۽ اسد جي گهر وڃڻ جي
موڪل گهريم. ان وقت ماسي قيامت پاڙي جي ڀرواري گهر
ويل هئي، جو هن جي ساڻن عليڪ سيلڪ هئي. مان ڏاڍو
خوش ٿيس، پر ان ئي مهل ماسي قيامت پنهنجي فوج سان
گڏ مارچ پاسٽ ڪندي گهر ۾ داخل ٿي. کيس ڏسي دماغ
مان اها ڳالهه به نڪري وئي ته مان هتي ڪهڙي ڪم سان
آيو هوس. پر ڪجهه دير کان پوءَ منهنجي غيرت مون کي
للڪاريو، ”جيڪڏهن تون بزدل ٿي ويهي رهندين ته پوءِ
بک مري ويندين.“
مان همت ڪئي ۽ پنهنجو مقصد امان جي خدمت ۾ پيش
ڪيم. امان موڪل ته ڏني، پر منهنجي خوشيءَ کي ان
وقت نظر لڳي وئي، جڏهن ماسي قيامت وڏي پيار مان
چيو، ”ٻچڙا! اڪيلو نه وڃ.... سليم کي به گڏ وٺي
وڃ....! ٻارڙو.... ويچارو... دل وندري پوندس.“
مان منهن ڪِنو ڪيو... نڪ چٻو ڪيو... ڏند ڪرٽيا، پر
ڇوٽڪارو نه ملي سگهيو ۽ نيٺ سليم کي ساڻ ڪري اسد
جي گهر روانو ٿيس.
اسد وڏي پيار مان مليو ۽ وٺي ڊرائنگ روم ۾
ويهاريائين. سليم ڪمري مان ٻاهر نڪري ويو. مان
ڏاڍو خوش ٿيس ته هن منهنجي جان ڇڏي ۽ هاڻي آرام
سان ويهي نيرن ڪندس.
”ڌڙ......ڌڙ.....ڌڙام.....ٺا....“ اوچتو آواز
گونجڻ لڳو.
”اوهو....!.... هي ڇا ٿي ويو.....؟“ اسد جو وات
پٽجي ويو ۽ اکيون ڦاٽي ويون. بورچيخاني ۾ قيامت
اچي وئي هئي.
ڇا توهان کي اهو ٻڌائڻ مناسب آهي ته سليم ڪهڙو ڪيس
ڪيو هو؟ هن قيمتي ۽ نازڪ ٿانون سان ڀريل هڪ شوڪيس
ڪيرائي وڌو هو.
اسد جي دل تي جيڪا گذري هوندي، تنهن جي ته کيس ئي
خبر، پر منهنجي حالت رحم جوڳي ٿي چڪي هئي. بس! مان
هيم ۽ شرمندگيءَ جو سمنڊ-ايڏي ته پشيماني ٿي جو
ٻه مهينا اسد سان مليس ئي ڪونه.
امام راشدي
خليل ويسارو
خليل هڪ ڦڙت ۽ هوشيار ڇوڪرو آهي. اٺ درجا پڙهي بس
ڪيائين. پر جهڙو پڙهيو تهڙو نه پڙهيو. اسڪول سان
گهٽ پر ڪم ڪار ۾ وڌيڪ دلچسپي رکندو آهي. جڏهن کان
پڙهڻ ڇڏيائين تڏهن کان گمبٽ واري مصري شاهه جو
مريد ٿيو آهي. ڪافي وقت کان مصري شاهه ڳوٺ ڦلپوٽا
۾ اچي آستانو قائم ڪيو آهي. جتي ٻڪريون، ڪڪڙ،
ڪبوتر ۽ ڪُتا بيهاريا آهن. اتان کان وٺي ٻڪريون
خليل جي حوالي ٿيل آهن. انهن کي گاهه پاڻيءَ سان
گڏ جهنگ ۾ چاري به ايندو آهي.
خليل هونئن ته سٺو ڇوڪرو آهي پر ويسر جي بيماري
آهي. يعني هن کان ڪم اڪثر وسري ويندو آهي تنهنڪري
اُبتا سُبتا ڪري ايندو آهي. مثال طور: دڪان تان
کنڊ وٺڻ لاءِ موڪلبو ته چانور وٺي ايندو. صابڻ
لاءِ موڪلبس ته مرچ ورتيون ايندو. جتي لاهيندو ته
پائڻ وسري ويندس يا ٻي پايون ايندو. ان ڪري پيرين
اگهاڙو گهمندو آهي. ائين وري گوڏ ۽ گنجي پائيندو
ته قميص پائڻ رهجي ويندس. ٻڪريون چارڻ ويندو ته
اتي ننڊ ڪندو آهي. پوءِ ڀلي ٻڪريون ڪنهن جي پوک
کائن يا ٻيو ڪو زيان ڪن. پر هن کي ڪا به پرواهه نه
هوندي آهي. مال چاري موٽندو ته هڪ-ٻه ٻڪري پوئتي
رهائي ايندو. جڏهن پڇا ٿيندس ته پوءِ ڀڄندو جهنگ
ڏي ۽ ٻڪري ڳولهي موٽي ايندو. نيت جو صاف آهي ڪم
ڪار ته فضيلت سان ڪندو رهندو آهي پر نقصان به ضرور
ڪندو آهي. مصري شاهه جو پيارو هجڻ ڪري کيس هاري
ناري ڪجهه به نه چوندا آهن. البت هر ڪم وسري وڃڻ ۽
اڪثر زيان ڪرڻ جي سبب ڳوٺ وارن هن جو نالو ”خليل
ويسارو“ ۽ زيان خور“ رکيو آهي.
سيد جي مٿس نگاهه آهي تنهنڪري ڪو غلط ڪم نه ڪندو
آهي. هي الهڙ جوان سدائين پنهنجي ڌُن ۽ مگن ۾
رهندو آهي. ڪتابن پڙهڻ جو شوق اٿس. پر ٻڪريون
چاريندي فرصت ڪانه ٿي ملي. چڱيون چڱيون ڳالهيون نه
صرف پڙهندو ۽ ٻُڌندو آهي، پر اهي ٻين کي به
ٻڌائيندو آهي. گهروارن کي پيارو ته ڏاڍو آهي پر
پاڻ انهن کان بيزار آهي. ڀاتين جي هر وقت چئه چوان
تي هن جو موڊ خراب رهندو آهي. انڪري گهر ۾
ڳالهائيندو به گهٽ آهي. خليل جو ته گهر گهاٽ ۽ ابو
امان سڀڪجهه مصري شاهه آهي. سيد سان محبت اٿس
تنهنڪري ان ذات ۾ وڃي لڪو آهي.
خليل مست الست ۽ بي پرواهه آهي. ڪابه ڳالهه يا
نياپو سنيهو وغيره وسري ويندا آهن ۽ گهڻي دير کان
بعد يادگيرو ايندو آهي. گهر کان ٻاهر نڪرندو ته
اها خبر نه پوندس ته ڪاڏي ٿو وڃان. جڏهن کان مصري
شاهه وٽ قابو ٿيو آهي تڏهن کان ويسر گهڻي گهٽجي
وئي اٿس. گهروارن هن تان سڀ ڪم معاف ڪري ڇڏيا آهن.
ايتري تائين جو شهر ۾ کير ڏيڻ لاءِ به ڪونه
موڪليندا آهن. ڇو ته هن جي حالت اها هئي جو هڪ
دفعي ڪتابن جي ڀري مٿي تي رکي گهران هليو. ٻاهر
نڪتو ته اهو خيال ئي رهيس ته اسڪول وڃي رهيو آهي.
سمجهائين ته شهر هوٽل واري کي کير ڏيڻ پيو وڃي ۽
مٿي تي کير جي ڀريل چؤنري رکيل آهي. انهيءَ سوچ ۾
اچي شهر پهتو. هوٽل واري کي چيائين ته کير وٺو!
هوٽل وارو ڏسي وائڙو ٿي ويو. چيائينس ته: ڇا جو
کير، ڪاٿي آ کير. ڪتابن جي بڊ مٿي تي رکي ٿي اسڪول
وڃ! پوءِ ته خليل سرت ۾ آيو ۽ پيشمان ٿيو.
هڪ ڀيري ڏاڏو فوت ٿي ويس. گهروارن خليل کي معتبر
سمجهي چيو ته پنجوديري مائٽن کي اطلاع ڏئي آ. ٻاهر
نڪتو ته سونل گاڏي وارو مليو. ان چيس ته، هلي آ ته
ابراهيم شاهه جي ميلي تي هلئون. خليل به ٽپ ڏئي
گاڏي تي چڙهيو ۽ وڃي نڪتو ميلي تي. اتي ڪنهن
سنگتيءَ ياد ڏياريو ته، ڏاڏو مري ويو ٿي ۽ تون
ميلا ٿو گهمين! پوءِ ته پگهر لهي پيس ۽ ڏاڍو
پريشان ٿيو ۽ گهر موٽي آيو. هن ڇٽيهه لکڻي جي ڪهڙي
ڳالهه ڪجي. هڪ دفعي موٽر سائيڪل تي شهر ويو ته،
اها اتي دڪان تي بيهاري گهمڻ ويو ۽ موٽي پنڌ ڳوٺ
آيو. جڏهن موٽر سائيڪل جو پڇيو ويو ته صفا وٺجي
ويو ۽ شهر ڏي ڀڳو شڪر ٿيو جو موٽر سائيڪل بيٺي
هئي. ٻئي ڀيري وري گڏهه گاڏو ڪاهيون پئي ويو گاهه
تي. هلندي هلندي گاڏي تي ننڊ وٺي وئي ۽ گڏهه
پنهنجي ليکي هلندو هلندو هڪڙي گهر ۾ لنگهي ويو ۽
آڳر ۾ پيل گاهه کي گڏهه کائڻ لڳو. مالڪن ڏٺو ته
وٺي هڪلون ڪيائونس. سجاڳ ٿيو ته ڏاڍو لڄي ٿيو ۽
اکيون مهٽيندو گاڏو ڪاهي نڪتو. وري هڪ ڀيري ٻنيءَ
تي ماني کڻي ويو. موٽندي بالٽي هٿ ۾ کنيائين ۽ ان
جو ڍڪ مٿي تي رکيون پئي آيو. جڏهن گهر جي ويجهو
پهتو ۽ نظر بالٽيءَ تي پيس ته سمجهائين ته بالٽيءَ
جو ڍڪ ٻنيءَ تي وسري ويو آهي. اهو خيال ايندي ئي
اتان موٽيو. ٻنيءَ جي ڀرسان پهتو ته ناليءَ تان
ٽپو ڏنائين ته مٿي تي رکيل ڍڪ اچي اڳيان ڪريو.
پوءِ ته ڏاڍو پيشمان ٿيو ۽ پاڻ کي گهٽ وڌ
ڳالهائيندو گهر آيو. هڪ ڀيري تازيون ۽ گرم سرون
پئي کنيائين ته هڪڙي سر هيٺ ڪري پئي ۽ ٻه اڌ ٿي
وئي. اندران ڪوئي جا چار ٻچڙا جيئرا جاڳندا نڪري
آيا. قدرت جو اهو معجزو سڀني ڏٺو ۽ حيران ٿي ويا
ته، ڪيئن ڪوئي جا ٻچا مٽيءَ ۾ ڳوهجي سر ۾ آيا ۽
اها باهه ۾ پچي آئي پر خدا جي قدرت سان انهن کي
ڪجهه به نه ٿيو. سبحان الله. خليل انهن ٻچڙن کي
کڻي ڇانو ۾ رکيو پر چند منٽن کان پوءِ سڀ مري ويا.
ربّ العالمين جي انهيءَ معجزي ڏيکارڻ کان پوءِ
خليل ڏاڍو حساس ۽ رحمدل بڻجي ويو آهي. |