سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :3

ميوريل زمين تي ويهي رهي ۽ ڪافي دير تائين رني. مون هن جي لاءِ دلي همدردي محسوس ڪئي، آئون هن کي ڪوبه دلاسو ڏئي نه سگهيس، ٿوريءَ دير کانپوءِ مالڪياڻي جي نوڪرياڻي آئي ۽ کيس چيائين ته ”توکي تنهنجي ماءُ ياد ڪري ٿي ۽ چوي ٿي ته توکي نيپ جي طبيلي ۾ ترسڻ نه گهرجي ۽ نه وري ڪڏهن ٻئي ڀيري اتي وڃڻ گهرجي“ ميورل ڪوبه جواب نه ڏنو پر اٿندي وقت مون کي آخري ڀيرو زور سان ڀاڪر پاتو ۽ هميشھ وانگر چيائين ”منهنجا غريب نيپ! هي نٿا چاهين ته آئون وري توسان ملان“ ۽ جيئن هن مون کي ڀاڪر پاتو، مون هن جي گرم ڳوڙهن کي پنهنجي ڳچيءَ تي ڪِرندي محسوس ڪيو.

هاڻي آئون پوڙهو گڏهه آهيان ۽ جڏهن آئون ماضيءَ تي هڪ نظر وجهان ٿو ته بي اختيار ذهن ۾ اها ڳالهه اچي ٿي ته ميورل پنهنجي ماءُ جي ڏنل لاڪيٽ ۾ منهنجا وار رکي وڏي بيوقوفي ڪئي هئي.

انهيءَ واقعي کانپوءِ ميورل پنهنجي گاڏي ۾ تمام گهٽ سواري ڪئي وڌيڪ ڏک جي ته اها ڳالهه هئي ته هُن جي حالت ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وئي، جيئن سيارو آيو ته سندس نڪرڻ بند ٿي ويو.

هڪ رات جيئن ئي آءٌ ڪچيءَ ننڊ ۾ هئس تيئن ”باه! باه!، جي رڙين تي منهنجي اک کلي. آءُ ڊڄي ويس ۽ پنهنجو پاڻ کي آزاد ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي ڪوشش ۽ زور آزمائي ڪرڻ لڳس پر اهو پٽو جنهن سان آءٌ ٻڌل هوس، ڏاڍو مضبوط هو، خوشقسمتيءَ سان مون کي ان کي چڪ هڻڻ جو خيال آيو ۽ انهيءَ طرح آخرڪار پاڻ کي آزاد ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس. پر انهيءَ وقت تائين سڄو طبيلو دونهين سان ڀرجي چڪو هو ۽ سڙندڙ ڪاٺ جي ڀڄڻ جا آواز، باهه جي شعلن ۽ نوڪرن جي رڙين جا آواز جيڪي بدحواسيءَ ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڀڄي رهيا هئا، ٻڌڻ ۾ اچي رهيا هئا. پر ڪنهن کي به منهنجو خيال نه آيو ۽ ڪير به مون کي بچائڻ لاءِ دروازو کولڻ نه آيو.

(پوءِ ڇا ٿيو، ايندڙ پرچي ۾ پڙهندا)

· پنهور ذوالفقار ”نياز“ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو

حضرت سچل سرمست

حضرت سچل سرمست دولهه درازي سنڌو ماٿريءَ جو سداحيات شاعر ٿي گذريو آهي. سندس مقبرو ضلعي خيرپور ۾ راڻيپور ريلوي اسٽيشن کان اتر –اولهه طرف درازا نالي هڪ ڳوٺ ۾ آهي.

سچل سائين جو اصل نالو عبدالوهاب هو. پاڻ فاروقي خاندان جو چشم و چراغ هو. يعني سندن سلسله نسب پنجٽيهين پشت ۾ حضرت عمر بن خطاب رضه سان ملي ٿو.

حضرت سچل سرمست رحه سن 1125هه مطابق 1839ع ۾ ميان صلاح الدين بن خواجه محمد حافظ عرف ميان صاحبڏنه جي گهر ۾ پيدا ٿيو. ميان صلاح الدين، خواجه صاحب جو وڏو فرزند هو. سچل سائين جو نالو عبدالوهاب رکيو ويو. جيئن ته پاڻ ننڍپڻ کان ئي سچ ڳالهائيندا هئا. ان ڪري کين محبت مان ”سچو“ ۽ ”سچيڏنو“ چيو ويندو هو. انهيءَ ڪري پاڻ شاعري لاءِ  ”سچو“   ” سچيڏنو“  ۽ ” سچل“ تخلص اختيار ڪيائين. جڏهن ته فارسي ڪلام ۾ سندس تخلص. آشڪار ۽  ”خدائي“  آهن.

والد جي انتقال کانپوءِ سچل رحه جي تعليم ۽ تربيت جون ذميداريون خواجه عبدالحق جي حوالي ٿيون. پاڻ مختصر عرصي ۾ قرآن پاڪ حفظ ڪيائون. ان کانپوءِ خواجه عبدالحق خود کين عربي ۽ فارسي پڙهائڻ شروع ڪئي. ظاهري علمن جي تحصيل کانپوءِ، پاڻ پنهنجي چاچي کي ئي پنهنجو مرشد
 



ڪري ورتائين ۽ ان جي نظرداريءَ هيٺ علم تصوف کانسواءِ معرفت جا ڏاڪا به ڪاميابيءَ سان طئي ڪيائين.

سرمست سچل سائين ننڍپڻ کان ئي خلوت پسند هو. اڪيلو جهنگلن ۽ ويرانين ۾ گهمندو رهندو هو ۽ خاموشيءَ سان ذڪر ۽ فڪر ڪندو هو. هنن پنهنجي سڄي زندگي ۾ نه ڪو شڪار ڪيو ۽ نه ئي پنهنجي هٿن سان ڪنهن جانور کي ذبح ڪيو.

جوانيءَ جي ڏينهن ۾ پاڻ پنج ئي وقت نماز جو سخت پابند هو. گهڻو وقت عبادت ۾ مشغول رهندو هو،  جڏهن سندن عمر پنجاهه ورهيه ٿي، تڏهن اڪثر وقت موج، مستي ۽ استغراق ۾ رهڻ لڳو.

سندن صحت ڏاڍي سٺي  هئي. جوانيءَ ۾ به پنهنجي نفس تي ڏاڍو قادر هو، ڪڏهن به شرع جي خلاف ڪو ڪم ڪونه ڪيائين، ۽ نه ڪڏهن شرڪ ۽ بدعت جي ڪمن جي ويجهو ويو.

خواجه عبدالحق پنهنجي نياڻيءَ جي شادي سچل سائينءَ سان ڪرائي. جنهن مان کين هڪ فرزند پيدا ٿيو. جيڪو ننڍپڻ ۾ ئي فوت ٿي ويو. ان کانپوءِ کين ڪوبه اولاد ڪونه ٿيو. ڪن روايتن موجب سچل کي شروع کان ئي ڪو اولاد ڪونه ٿيو هو.

سچل سرمست رحه سير ۽ سياحت گهٽ ڪئي. پاڻ سنڌ کان ٻاهر ڪڏهن ڪونه ويو. ايتريقدر جو سکر، روهڙي، شڪارپور،لاڙڪاڻي جهڙن ويجهن شهرن ۾ به هڪ اڌ ڀيرو مس ويل هو.

سرمست سچل سائين وچولي قد جو هو. رنگ صاف ۽ اڇو، نڪ ۽ پيشاني جي بيهڪ به سهڻي هئي. مٿي تي وڏا وار رکندو هو. مٿي ۾ قلندرن وانگر سائي رنگ جي ٽوپي پائيندو هو. گهڻو ڪري اڇو پهراڻ ۽ گوڏ ٻڌندو هو. ڪڏهن ڪڏهن پيرن اگهاڙو گهمندو هئا. گهڻو ڪري فرش تي ويهندو ۽ سمهندو هو. راڳ ۽ ويراڳ جو کيس ڏاڍو شوق هوندو هو.

سچل سرمست، سخي ميان قبول محمد پهرين مسند نشين جي زندگيءَ ۾ وفات ڪئي.

سچل سائين جي خاندان جا ميرن سان سٺا تعلقات هئا. مير سهراب خان ۽ ان جو فرزند مير رستم خان هن خاندان جا ڏاڍا عقيدتمند هئا. درگاهه تي پهريون مقبرو به مير رستم خان 1225هه ۾ تعمير ڪرايو هو.

· محمد علي پٺاڻ لاڙڪاڻو

چالاڪ لومڙي

ڪنهن جهنگ ۾ هڪ شينهن رهندو هو.هو روزاني جي جانورن مان هڪ نه هڪ شڪار ڪندو هو ۽ کائي ڇڏيندو هو.هڪ ڀيري جهنگ جي سڀني جانورن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته شينهن کي هلي چئجي ته اوهان کي جانورن ڳولڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي، ان ڪري اسان اوهان کي روز هڪ جانور ڏياري موڪلينداسين. اها رٿ رٿي سڀئي گڏجي شينهن وٽ آيا ۽ کيس پنهنجو فيصلو ٻڌايائون. شينهن راضي ٿيو. اهڙي ريت روز ڪنهن نه ڪنهن جانور جو وارو ايندو هو. نيٺ هڪ ڀيري هڪ لومڙيءَ جو وارو آيو پر هوءَ تمام چالاڪ هئي. هن دل ۾ هڪ رٿ رٿي ۽ شينهن وٽ دير ڪري آئي. شينهن کي ان مهل ڏاڍي بُک لڳي هئي هن جون اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون ۽ گجگوڙ ڪرڻ لڳو ته ايتري ۾ لومڙي به اچي پهتي. شينهن رڙ ڪندي پڇيس ته اي لومڙي تون ايترو دير ڪري ڇو آئي آهين؟ لومڙيءَ ڪنبندي جواب ڏنو ته اي بادشاهه آءٌ ته جلد اچان ها پر ڇا ڪيان جو هڪ ٻيو به شينهن جهنگ ۾ پيدا ٿيو آهي ۽ ڀر واري کوهه ۾ رهي ٿو، هن مون کي روڪي ڇڏيو. مشڪل سان ان مان جند ڇڏائي اٿم.

شينهن، ٻئي شينهن جو نالو ٻڌي اچي ڪاوڙيو لومڙيءَ کي چيائين ته مون کي هلي ڏيکار. لومڙيءَ شينهن کي آڻي هڪ کوهه جي مٿان بيهاريو، شينهن کوهه ۾ پنهنجو پاڇو ڏسي سمجهيو ته شايد ٻيو شينهن آهي، سو وٺي گجگوڙ ڪرڻ لڳو ته پاڇو به ساڳيو نقل ڪرڻ لڳس، جنهن تان شينهن کي ويتر مٺيان لڳي ۽ الر ڪري کوهه ۾ ٽپو ڏنو، مڄاڻ جو کوهه ۾ پاڻي اونهو هو، جنهن  ۾  شينهن گهوتا کائي مري ويو.

لومڙي پنهنجيءَ چالاڪي تي خوش ٿي، شينهن جي مرڻ جي خبر سڄي جهنگ جي جانورن کي ٻڌائي. جيڪي ڏاڍا خوش ٿيا ڇاڪاڻ ته هنن جي هميشھ لاءِ هڪ مصيبت مان جند ڇٽي پيئي.

· مشتاق احمد قريشي ميرپورخاص

عجيب انعام

ڳالهه ڪندا آهن ته جنهن شخص شطرنج جي راند ٺاهي هئي، ان کي هڪ ڏينهن دل ۾ خيال آيو ڇو نه بادشاهه کي راند ڏيکاريان ۽ کانئس انعام وٺان. انهيءَ بهاني سان هو محلات ۾ ويو ۽ بادشاهه کي هي عجيب راند ڏيکاريائين ۽ ڪجهه وقت بادشاهه سان راند به ڪيائين. بادشاهه اُن شخص کان ڏاڍو خوش ٿيو. جنهن وقت اهو شخص اُٿڻ لڳو ته بادشاهه کيس چيو ته تو هي دلچسپ راند ايجاد ڪئي آهي، توکي جيڪو انعام گهر جي سو تون گهر. پهريائين ته اُن شخص انعام وٺڻ کان انڪار ڪيو پر بادشاهه جي زور ڪرڻ تي انهيءَ شخص وراڻيو ته مان جيڪو انعام گهران ٿو سو اوهان جي بادشاهي ۾ به نه آهي. تنهن تي بادشاهه چيو تون چئه ته سهي. تنهن تي انهيءَ شخص چيو شطرنج ۾ 24 خانا آهن. اوهان پهرين خاني ۾ هڪ چانور ٻئي ۾ ٻه ۽ ٽئين ۾ چار ۽ چوٿين ۾ اٺ يعني اهڙي طرح جو هر خاني کان ٻيڻا ٻئي خاني ۾ .... اڃا ان شخص ڳالهائي بس ڪيو ته بادشاهه ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ چيائين ڇا ايترا به چانور اسان جي سلطنت ۾ نه هوندا. وڌ ۾ وڌ 6 سير چانور ٿيندا، تنهن تي انهيءَ شخص چيو ته بادشاهه سلامت پهريان ئي حساب ڪري ڏسو پوءِ ڀلي مون تي ڪاوڙجو. جڏهن حساب ڪيو ويو ته الائي ڪيترا هزار ٽن چانورن جا ٿيا، جيڪي اُن وقت سندس بادشاهي ۾ نه هئا. بادشاهه ڏاڍو شرمندو ٿيو ۽ کيس پنهنجي شان مطابق انعام ڏنائين.

· عبدالعليم ميمڻ ٽنڊوالهيار

ظلم جو حساب

هڪ جهنگ ۾ هڪ رڇ ۽ هڪ چيتو گڏ رهندا هئا. هڪ ڏينهن ٻئي گهمي رهيا هئا ته رڇ ڏٺو ته هڪ وڻ تي جهرڪين جو هڪ ننڍڙو آکيرو ٺهيل هو. رڇ کي شرارت ڪرڻ جو خيال آيو، سو چيتي کي چيائين: ڏس ته هاڻي هنن ٻچن جو ڪهڙو ٿو حال ڪريان؟ چيتي، رڇ کي گهڻو ئي سمجهايو، پر رڇ چيو ته اڄ آءٌ هنن جي چڱي طرح خبر وٺندس.

رڇ وڻ تي چڙهي پنهنجي ٺونٺ (ٻانهن) جهرڪين جي آکيري وٽ رکي ويچارا جهرڪين جا ٻچا اچي هيٺ پٽ تي ڪِريا ۽ چِين چِين ڪرڻ لڳا. رڇ هليو ويو. رڇ کي چيتي چيو: تو هي ڪم ڪري وڏو گناهه ڪيو آهي. پاڻ کي هن جهنگ ۾ رهڻو آهي، ان ڪري سڀني سان مِٺ محبت سان هلڻ گهرجي، ڪنهن کي به نه رنجائجي. تنهن تي رڇ چيو: هون! هي جهرڪيون مون کي ڇا ڪنديون؟ مون کي ڪو هنن مان ڊپ آهي ڇا؟

چيتي جي سمجهاڻيءَ هوندي به هو اهڙيون حرڪتون ڪندو رهندو هو، جنهن ڪري جهنگ جا جانور ۽ پکي پکڻ رڇ جا دشمن ٿي پيا.  پکين هڪ رٿ رٿي، ان موجب جيڏانهن به رڇ ويندو هو، اوڏانهن هن جي مٿان پيا اڏامندا هئا ۽ رڙيون ڪندا رهندا هئا ته جهنگ جي ٻين پکين کي خبر پوي ته رڇ هينئر ڪهڙي جاءِ تي آهي، جيئن ٻيا پکي ان کان بچي سگهن.

هڪ ڏينهن ڪي شڪاري جهنگ ۾ بندوقون کڻي آيا ۽ اچڻ شرط انهن ڏٺو ته هڪ جاءِ تي پکي اڏامي رهيا آهن ۽ رڙيون ڪري رهيا آهن. شڪاري سڌا ان جاءِ تي آيا، جتي پکي اڏامي رهيا هئا. شڪارين ڏٺو ته هڪ رڇ آهي، جو ٿَمَ ۾ لڪو ويٺو آهي. شڪارين نشانو ٻڌي، رڇ کي اتي ئي ماري ڇڏيو. ٻي هنڌ چيتو به لِڪو ويٺو هو، پر پکين کي ان سان دشمني ڪانه هئي، ان ڪري هو انهيءَ وقت ئي اڏامي هليا ويا ۽ شڪارين کي چيتي جي لِڪڻ جي جاءِ معلوم ٿي نه سگهي ۽ هُو بلڪل محفوظ رهيو. رڇ جيتوڻيڪ پکين کان وڌيڪ طاقتور هو پر ظلم جو حساب ضرور ڏيڻو آهي، ان ڪري چوندا آهن ته پاڻ کان هيڻن تي ظلم نه ڪجي.

·  اقبال احمد سومرو

ڪنجوسيءَ جي سزا

 

ڪنهن شهر ۾ هڪ وڏو شاهوڪار، پر ڪنجوس شخص رهندو هو. اُن وٽ تمام گهڻي دولت هئي، جا سون جي شڪل ۾ هئي، جنهن کي هن هڪ ڪپڙي جي ٿيلهيءَ ۾ لڪائي رکي ڇڏيو هو.

هڪ ڏينهن ان ڪنجوس کي خيال آيو ته سون چوري ٿي نه وڃي، ان ڪري ان کي ڪٿي لڪائي رکڻ گهرجي. اُن زماني ۾ بئنڪون وغيره ته هونديون ئي ڪونه هيون، جو ڪنجوس شخص اُتي پنهنجو سون جمع ڪرائي. ڏاڍي سوچ ويچار کانپوءِ هن جي دماغ ۾ هڪ ترڪيب آئي. جڏهن شام ٿي ته ڪنجوس شخص ٿيلهي ڪپڙن ۾ لِڪائي ڀر واري جهنگ ڏانهن ويو. جهنگ ۾ هڪ ٽٽل ڦٽل جهوپڙيءَ جي ويجهو هڪ وڻ جي هيٺان کڏ کوٽي، ان ۾ سون سان ڀريل ٿيلهي لڪائي، گهر واپس آيو. پوءِ روزانو اتي وڃي ڏسندو هو ته سون کڏ ۾ موجود آهي يا نه.

جنهن جهوپڙيءَ جي ويجهو هي سون لڪل هو، ان جهوپڙيءَ ۾ ٻه غريب زال مڙس رهندا هئا.هڪ ڏينهن انهن ان وڻ هيٺان تازي واريل مٽي ڏٺي، سو بنا ڪنهن دير جي اها مٽي هٽائي زمين کوٽيائون ته کين هڪ ٿيلهي نظر آئي. انهن ان کي کولي ڏٺو ته ان ۾ سون ڀريل هو. هنن ڇا ڪيو جو سون ڪڍي، ان ٿيلهيءَ ۾ پٿر ڀري زمين ۾ اڳ وانگر لڪائي زمين برابر ڪري ڇڏيائون. ٻئي زال مڙس ڏاڍا خوش ٿيا ته گهر ويٺي ايتري دولت ملي ويئي. صبح ٿيو ته هو ڪنهن ٻئي شهر هليا ويا، جتي هنن اهو سون وڪڻي ڌنڌو شروع ڪيو ۽ ڏاڍي ٺاٺ سان رهڻ لڳا.

هوڏانهن ڪنجوس دستور موجب جڏهن شام جو اُتي آيو ۽ زمين کوٽي ٿيلهي ڪڍي کوليائين ته ڏٺائين ته ان  ۾ پٿر ڀريا پيا آهن ۽ پوءِ ته اتي ئي ويهي روئڻ لڳو. ايتري ۾ هڪ مسافر اچي اتان لنگهيو. ڪنجوس کي روئندي ڏسي کانئس روئڻ جو سبب پڇيائين؟ ڪنجوس سڄي ڳالهه ٻڌائي، مسافر چيو: اگر تون سون کي استعمال نه ڪندو هئين ته ان مان ڪهڙو فائدو؟ انهن پٿرن کي سون سمجهه ۽ چپ ٿي وڃ. ان ڪنجوسيءَ جي توکي اهائي سزا ملڻي هئي. هميشھ پنهنجي دولت جو صحيح استعمال ڪرڻ گهرجي، جيڪا مالڪ کي ۽ ٻين کي به فائدو پهچائي سگهي ٿي.


 

·  محمد خان ابڙو                              اخلاق سبق

 

برڪتن ۽ ڀلاين جو مهينو

پيارا ٻارو! اِها ته اوهان کي خبر آهي ته اسلامي سال، جنهن کي هجري سن به سڏجي ٿو، تنهن ۾ ٻارهن مهينا آهن. جن مان هڪ جو نالو رمضان المبارڪ آهي. ان مهيني جا ڏينهن ۽ راتيون برڪتن ۽ ڀلاين سان ڀرپور آهن.

اسان جي پياري نبيءَ سڳوري جو فرمان آهي ته جنهن وقت رمضان شريف جي پهرين رات اچي ٿي ته شيطان ۽ سرڪش جن قيد ڪيا وڃن ٿا ۽ دوزخ جا دروازا بند ڪيا وڃن ٿا ۽ ان جو ڪو به در کليل ڪونه ٿو رهي. اهڙي طرح بهشت جا سڀ دروازا کوليا وڃن ٿا ۽ ان جو ڪوبه در بند نٿو رهي. هڪ اعلان ڪرڻ وارو اطلاع ڪري ٿو ته اي نيڪي جا طالب، تون نيڪي ڏي ڌيان ڌر. اي بڇڙائي جو ارادو رکڻ وارا، تون ان کان پاسو ڪر. اسان جيڪڏهن ان ڳالهه تي غور ڪريون ته جنت جا سڀ دروازا کوليا وڃن ٿا، جنهن رستي مان کپيو، ان مان جنت ۾ وڃو. تنهن جو مطلب آهي ته خير خيرات جي رستي پهچي سگهو ٿا ته خير خيراتون ڪريو. جيڪڏهن هڪٻئي جي همدردي ۽ خير خواهي جي رستي پهچي سگهو ٿا ته ائين ڪريو. خدا تعاليٰ جي خوشنودي جي رستي سان جنت ۾ اچڻ گهرو ٿا ته اهو رستو به کليل آهي. الله پاڪ جي حڪمن تي عمل ڪريو ۽ جنت ۾ اچو.

پيارا ٻارو! رمضان المبارڪ جو سڄو مهينو رحمتن ۽ چڱاين جو مهينو آهي. اهو مهينو مسلمانن جي واسطي ڄڻ ته تربيت جو مهينو آهي. خدا تعاليٰ پنهنجن ٻانهن تي هن مهيني ۾ لڳاتار رحمتون موڪليندو رهي ٿو ۽ عام معافيءَ جو اعلان ڪري ٿو. ان ڪري اسان کي به گهرجي ته خدا تعاليٰ جي حڪمن تي هلون ۽ ان جو خوف ڪريون. ان مبارڪ مهيني جي تربيت کي ان وقت ڪامياب سمجهيو ويندو، جڏهن ان مبارڪ مهيني جي وڃڻ بعد به اسان الله پاڪ جي حڪمن تي اهڙي طرح عمل ڪريون، جيئن رمضان شريف ۾ ڪريون ٿا.

 

اوهان جو امتحان

ماهه جولاءِ ۾ ڏنل امتحان جو صحيح جواب هن ريت آهي.

پهرين وڻ تي 3 پکي

ٻئي وڻ تي 7 پکي

5= 2  x  3  ۽ 5 =2-7

8 =1 x  7 ۽ 2 = 1- 3

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com