گذارش
پيارا ٻارو؛
هن پرچي شايع ٿيڻ سان گڏوگڏ اسان مسلمانن جو مبارڪ
مهينو رمضان شريف به شروع ٿي ويو آهي، جيڪو برڪتن
۽ ڀلاين جو مهينو آهي. رمضان المبارڪ جي چوڏهين
تاريخ تي سنڌ جي هفت زبان شاعر حضرت سچل سرمست جو
ٻارهو پڻ ملهائجي رهيو آهي، جنهن مناسبت سان مضمون
ٻارن جي معلومات لاءِ هن پرچي ۾ ڏنو اٿئون.
اڄڪلهه سنڌونديءَ ۾ پاڻي جي چاڙهه ۽ لاڳيتين
برساتن جي ڪري، سنڌ ۾ ڏاڍا نقصان ٿيا آهن؛ خاص ڪري
اتر سنڌ جي لاڙڪاڻي ۽ دادو ضلعن ۾ جيڪا تباهي آهي،
ان ساريءَ سنڌ کي ڏاڍو ڏک رسايو آهي. برساتون ۽
ٻوڏون قدري آفتون آهن. حڪومت هن سلسلي ۾ تمام گهڻي
مدد ڪري رهي آهي، ان هوندي به سنڌ جي هر رهاڪوءَ
کي، هنن ٻوڏ جي ستايلن ۽ ڏتڙيلن جي مدد ڪرڻ گهرجي.
اسين گل ڦل جي پڙهندڙن ۽ سنڌ جي ٻارن کي گذارش ٿا
ڪريون ته هو پنهنجي حال سارو، پنهنجي خرچيءَ مان
ڪوئي سوئي ڪجهه بچائي، هنن بيواهن ۽ بي وسيلن جي
مدد ڪن، جيڪي نه رڳو پنهنجي اجهي کان محروم ٿي ويا
آهن، پر لٽي ۽ اٽي لاءِ به وٽن ڪي ڪينهي.
اسين اميد ٿا ڪريون ته اسان جا ٻارڙا، پنهنجي
ويجهي ۾ ويجهي امدادي مرڪز ۾ ڪانه ڪا امداد ڏيئي،
پنهنجي محب وطنيءَ ۽ انساني همدرديءَ جو ثبوت
ڏيندا. جيڪڏهن سنڌ جا ٻار، پنهنجي خرچيءَ مان
ڪجهه، ٻوڏ جي ستايلن جي امدادي فنڊ ۾ ڏين ته گهڻي
تائين هنن جي تسليٰ به ٿي ويندي ۽ ٻارن کي به اهو
احساس ٿيندو ته واقعي هنن هڪ اهڙيءَ نيڪي ۾ هٿ وڌو
آهي، جيڪا نه رڳو سندن آئيندو اجرو ڪندي پر سندن
دنيا ۽ آخرت پڻ موچاري ٿيندي.
اوهان جو ڀاءُ
انور هالائي
·
اياز گل
هي
گيت گلن جا
اچو ته گڏجي راند رچايون
گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ گوڙ مچايون.
ڪَمون ٻوڙو
ٺوڙهو پڪوڙو
جمعي جو شُغن
ٻارن ڪيو سوڙهو..... اچو ته گڏجي راند رچايون.
هاري ڙي هاري
اڇي ڪين ڪَاري
ڇا تون کڻندين
لاٽون ڪن لاري.... اچو ته گڏجي راند رچايون.
اچي مِڙو ٻارو
سجُ، چنڊَ تارو
ٻارَ سڀ پيارا
اڇو توڙي ڪارو..... اچو ته گڏجي راند رچايون.
مکڻ جي چاڏي
ولوڙي ٿي ڏاڏي
ڀائو کائي ڀَتُ
ڀري ويٺو کاڏي..... اچو ته گڏجي راند رچايون.
رهي سنڌ سائي، رُت ماءُ آئي
ڀڄو هلون گهر، اسان راند ڦٽائي
·
ناشاد
پاري
ننگر-سنڌ جو قديم بندرگاهه
زمين جي مٿاڇري تي شروع کان وٺي، جاگرافيائي اُٿل
پٿل ۽ قدرتي حادثن سبب ڪيئي بندر ۽ بازاريون، شهر
۽ وسنديون، وهڪرا ۽ واهه، نديون ۽ نالا، ڍنڍون ۽
ڍورا، هڪڙا پئي تباهه ۽ برباد ٿيا آهن ته ٻيا وري
نئين سر پئي نروار ٿيا آهن. قدرت جي اٽل قانون تحت
اسان جي سنڌ ۾ به هزارين سالن کان وٺي مٿيون فطري
عمل ڪارفرما رهندو آيو آهي. سنڌ جا ڪيئي قديم
بندرگاهه مختلف دورن ۾ زلزلن ۽ برساتن، ٻوڏن ۽
طوفانن، درياهن جي رخن بدلجڻ ۽ مختلف سماجي ۽
معاشي سببن ڪري ماڻهن جي لڏپلاڻ جي نتيجي ۾ ويران
۽ ڀڙڀانگ ٿي ويا، جن مان ڪن جا فقط ڪي آثار نظر
اچن ٿا، ته ڪن جا وري تاريخن ۾ نالائي ملي سگهيا
آهن. اهڙن تباهه ٿيل قديم بندرگاهن مان ”پاري
ننگر“ به هڪ ملڪان ملڪ مشهور بندر هو، جنهن جي اوج
۽ عروج جو زمانو عيسوي پهرين صديءَ ۾ معلوم ٿئي
ٿو.
سنڌ جو نقشي تي نظر وجهڻ سان ڏسڻ ۾ ايندو ته اُن
جي ڏکڻ- اوڀر ڪنڊ تي ڪارونجهر ٽڪرين جي گود ۾
ننگرپارڪر جو شهر آهي، جنهن جي اُتر ۾ ٿرجو
وارياسو علائقو آهي ۽ ڏکڻ ۾ ڪڇ جو رڻ آهي.
تاريخدان متفق آهن ته موجوده ننگرپارڪر ۽ ڪڇ رياست
جي وچ ۾ جيڪو ست هزار چورس ميلن جو رڻ سڃ لڳائي
بيٺو آهي، اُهو قديم زماني ۾ پاڻيءَ هيٺ هو ۽ عربي
سمنڊ جو اٿاهه ساگر اُتي موجزن هو. جهاز ۽ ٻيڙا
اُهو پاڻي جهاڳي اچي پاري ننگر جي بندر تي لنگر
انداز ٿيندا هئا. انهيءَ آمدرفت لاءِ اها کاري پار
ڪرڻي پوندي هئي، جنهن ڪري چوندا هئا ”پاري کاري“
يا ”پار اُڪر“، جنهن مان بدلجي ”پار کار“ ٿيو ۽
اڳتي هلي اهو لفظ ”پارڪر“ جي صورت اختيار ڪري
بيٺو.
1847ع ۾ ڪئپٽن اسٽئنلي ريڪس، ڪڇ ڀڄ ۾ اسسٽنٽ
پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ٿي آيو. ٿر ۽ پارڪر جو سمورو
علائقو سندس انتظام ۾ ڏنو
ويو. هن صاحب ٿر ۽ پارڪر جي حالتن تي 1856ع ۾ هڪ
ڪتاب لکيو،جو
1859ع
۾ بمبئي سرڪار شايع ڪيو اهو پهريون ڪتاب آهي، جنهن
۾ هن علائقي جي قدامت جي قدري تفصيلي احوال ملي
ٿو. ريڪس جي تحقيق موجب، پارڪر ۾ هڪ شاندار سلطنت
جا اُهڃاڻ نظر اچن ٿا، جنهن جو مکيه شهر ۽ بندر
پاري ننگر هو. هو اُن جو بنياد عيسوي پهرين صدي
قرار ڏئي ٿو.
پاري ننگر جا قديم آثار ۽ کنڊر هن وقت موجوده ننگر
پارڪر شهر کان اُتر طرف چوڏهن ميلن جي مفاصلي تي،
ويرا واهه شهر کي ويجهو نظر اچن ٿا. هن وقت اتي
لوهه جا وڏا وڏا ٽڪر ۽ پٿرن جا ڍير موجود آهن، جي
وسيع ايراضيءَ ۾ جابجا نظر اچن ٿا. سنگتراشي ۽
اُڪر جو ڪم ڏسي، انهيءَ زماني جي فنڪارن جي مهارت
۽ هنرمنديءَ جو داد ڏيڻو پوي ٿو. ڪن هنڌن تي، صدين
گذرڻ پڄاڻا مندرن جي بتن جي حالت بوسيده ٿي چڪي
آهي ۽ اهي سڙيل ۽ دونهاٽيل صورت ۾ ڏسجن ٿا. پنج
مندر خسته حالت ۾ اڃا به موجود آهن. کاميل صورت ۾
هڪ آدم قد بت لڌو آهي، جو هڪ ڦٽل جاءِ جي ٻاهران
کتل آهي.
ويرا واهه شهر جي هڪ مندر ۾ سنگمرمر جو هڪ نفيس بت
رکيو آهي، جنهن جي اکين ۾ چمڪندڙ پٿر لڳل آهن، جي
اونداهيءُ ۾ تجلو ڪن ٿا. اهو جين ڌرم وارن جي
ديوتا ”ريکو ديو“ جو بت آهي ۽ پاري ننگر جي ڦٽڻ
کانپوءِ ماڻهن آڻي ويرا واهه ۾ رکيو آهي.
پاري ننگر جي عروج واري زماني ۾ اُتي جين ڌرم جا
ماڻهو آباد هئا. ان طرح اوسواڙ قوم جي ماڻهن جي به
اڪثريت معلوم ٿئي ٿي. اُن وقت پاري ننگر جي
آدمشماري تقريبن اڌ لک هئي ۽ سرمائيدار آباديءَ
سبب خوشحاليءَ جو دور دورو هو. شهر ۾ علم ۽ فضل جو
چڱو چرچو هو ۽ وڏي تعداد ۾ پاٺشالائون ۽ ڌرمي وديا
جا مرڪز هئا.
عيسوي پهرين صديءَ ۾ پاري ننگر هن علائقي جو
بهترين ۽ مصروف بندرگاهه هو، ۽ ڏورانهين ڏينهن سان
واپار ۽ اچ- وڃ جو واحد وسيلو هو. ان وقت بندر کي
گويا هڪ بين الاقوامي بندرگاهه جي حيثيت حاصل هئي،
جو هتان جي جهاز راني هزارن ميلن تائين وسيع هئي.
سنڌ جا جهاز ۽ ٻيڙا ان زماني ۾ ڪڇ، ڀڄ، مانڊلي،
پوربندر ۽ کنڀات کان ٿيندا، لنڪا لتاڙي، ڏور ڏکڻ-
اوڀر جي تجارتي ٻيٽن ۽ مرڪزن، جاوا ۽ سوماترا
تائين پهچندا هئا. اُهي ٻيڙا هتان اناج، ڪپهه،
کونئر، نير، لاک، ماکي، اُن ۽ ٻيو مال نيندا هئا ۽
واپسيءَ تي دالچيني، الائجي، ڪارا مرچ ۽ ٻيا گرم
مصالحا سوديندا هئا. ڪڇ، ڀڄ مانڊلي ۽ پوربندر به
پاري ننگر جا همعصر بندر آهن ۽ اڄ به سمنڊ تي آباد
آهن. پاري ننگر ۾ اُن وقت جهازن ۽ ٻيڙن جي تعميرات
۽ مرمت جو مڪمل انتظام هوندو هو، وڏي تعداد ۾
گودين ۽ ڪارخانن سببان، هن خطي جي جهاز رانيءَ
لاءِ هر طرح فني سهولت ميسر هوندي هئي. ان وقت
سنڌو نديءَ جي هڪ شاخ پنجاب مان نڪري، عمرڪوٽ جي
اوڀر مان ٿيندي، پاري ننگر ڀرسان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي
هئي. جا ”هاڪڙي“ جي نالي سان مشهور آهي. هاڪڙي ۾
دنگيون ۽ جهاز هلندا هئا، جي پاري ننگرجي آمدرفت
لاءِ ويرا واهه وٽ بيهندا هئا، اُتي هڪ ننڍڙي ٽڪري
جو نالو آهي ”ڏوتڙ). ڏوتڙ جي معنيٰ آهي ”ٻه تڙ“.
عالباً
اتي ٻن جهازن جي بيهڻ جو تڙ هو، جنهن ڪري مٿس اِهو
نالو پيو. بعد ۾ زلزلي سبب نديءَ جي وهڪري ۾
تبديلي آئي ۽ سمنڊ جي سڪي هٽي وڃڻ جي ڪري سون ميلن
جي خشڪي هيٺ مٿي ٿي ويئي، ۽ آبادي نه هئڻ ڪري ڪلر
جو کاڄ ٿي ويئي، ان طرح ڪڇ جو رڻ نمودار ٿيو ۽
پاري ننگر اُجڙي ويو. انهيءَ زلزلي لاءِ ڪئپٽن
اريڪس يا ڪنهن ٻئي مورخ ڪو مستند زمانو نه ڄاڻايو آهي. موجوده ڪڇ جي رڻ
۽ ننگرپارڪر واري ڀاڱي ۾ اڃا تائين جابجا ڪوڏيون،
شنک، رائو ۽ کانکروٽا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جن مان به
ثابت ٿئي ٿو ته اهو اڳي سمنڊ هيٺ هو.
محققن ۽ قديم آثارن جي ماهرن جي تحقيق موجب، سنڌ
جو هي عظيم الشان بندر اڄ کان ٻه هزار سال اڳ،
پنهنجي پوري شان شوڪت ۽ اوج عروج تي پهتل هو. اُن
جي تباهيءَ ۽ بربادي کانپوءِ جين ڌرم وارا ۽
اوسواڙ باشندا گجرات، ڪاٺيا واڙ ۽ ٻين علائقن طرف
پکڙجي ويا
۽ بندر کنڊرن جي صورت ۾ تبديل ٿي ويو.
هن وقت پاري ننگر جي قديم آثارن وٽ سون بلڪه
هزارن مڻن جي صورت ۾ لوهه جا زنجير. عمارتن مان
لٿل لوهه جا ٽڪرا، جهازن جا فولادي حصا، زمين اندر
دٻيا بيٺا آهن. انهن کي ”ڪٽوهر“ چئجي ٿو. اهو ڳريل
لوهه ڪشته فولاد جو ڪم ڏئي ٿو. ان طرح پٿرن جا
ٽڪرا ۽ بتن جا حصا به جابجا پکڙيا پيا آهن، جي جين
ڌرم وارن جي مندرن جا معلوم ٿين ٿا.
سنڌ جو اهو هاڪارو بندرگاهه ڪهڙي سمي ۾ ۽ ڪهڙي سبب
کان ويران ٿي ويو، تنهن جي مستند احوال لاءِ
تاريخن ۾ تفصيل نٿو ملي. هونئن ته ڪيترائي ڏند
ڪٿائون ۽ من گهڙت قصا هن بندر جي تباهيءَ سان
منسوب آهن، مگر ڪئپٽن ريڪس جي راءِ معتبر نظر اچي
ٿي، جنهن موجب زلزلن ئي سمنڊ کي هٽائي، هاڪڙي کي
هميشھ لاءِ ڀڙڀانگ ڪري ڇڏيو.
”الائي ريڪس“ نالي هڪ سياح لکيو آهي ته ”ڪڇ جي رڻ
جو موجوده هنڌ عيسوي چوٿين صديءَ تائين اٿاهه سمنڊ
هو، جو پوءِ زلزلن سبب ظاهر ٿيو. ننگر پارڪر جي
اُٿر اوڀر جيڪو ويران علائقو نظر اچي ٿو، سو
سامونڊي بندر ۽ واپاري مرڪز هو.“
طبقات الارض جي ماهرن جي تحقيق موجب قديم زماني
کان وٺي انڊونيشيا کان وٺي افغانستان تائين وارو
علائقو ”زلزلن جو پٽو“ رهندو اچي ٿو. انهيءَ پٽي ۾
صدها زلزلا ايندا رهيا آهن، جن جي ڪري سنڌ جا
ڪيترائي بندر ۽ شهر، وهڪرا ۽ ڍورا، پراڻ ۽ درياهه
ايامن کان وٺي پئي برباد ٿيندا رهيا آهن. مختلف
زمانن ۾ خود سنڌو ندي جي وهڪرن ڦيرائڻ جا اڪثر
ڪارڻ زلزلائي رهيا آهن. ان طرح لاهري بندر، ديبل
بندر، پاتال بندر ۽ ڪيترائي وڏا شهر ۽ تختگاهه به
زلزلن جي ڪري تباهه ٿيندا ويا. اُن قديم فطري روش
يقينن پاري ننگر کي به معاف نه ڪيو هوندو ۽ محققن
جو اندازو يقين جي صورت اختيار ڪري ٿو ته زلزلن ئي
هن بندر کي ويراني ۾ تبديل ڪيو آهي.
گمان آهي ته پاري
ننگر، جو آباد ٿيل هو ۽ عيسوي چوٿين صديءَ ڌاري
تباهه ٿي ويو. |