سنڌ جو مشهور
نيم
تاريخي عشقيه داستان، ”سڏونت
سارنگا“ به هن شهر سان وابسته آهي. پارڪر علائقي
جي لوڪ گيتن ۾ اهو داستان اڃا ڳائبو اچي. ”سارنگا“
پاري ننگر جي هئي. ۽ پنهنجي محبوب سڏونت
کي پنهنجي گهر جو ڏس هن طرح ٿي ڏئي:
پاري ننگر پڌارجو،
ڪرجو ڀڳوئا ويس،
جس گهر ناريل رونکڙو،
اُس گهر ڏيجو آڏيس.
يعني ”گيڙو لباس پائي، پاري ننگر ۾ اچج ۽ جنهن گهر
۾ ناريل جو وڻ بيٺل ڏسين، اتي پيغام ڇڏج.“ ناريل
جو وڻ اڪثر سمنڊ جي ڪناري جي ئي پيدائش آهي، جنهن
مان ثبوت ملي ٿو ته پاري ننگر ان وقت سمنڊ جي
ڪناري تي آباد، هڪ وسندڙ بندر هو.
·محمود
الحسن مغل ڄامشورو.
ماءُ جي آس
احمد هڪ تمام غريب ڇوڪر هوندو هو. سندس پيءُ هاري
هو. هاري هوندي به هن احمد کي تعليم ڏيارڻ ۾ ڪونه
ڪيٻايو. احمد ڪلاس جي هوشيار ڇوڪرن مان هڪ هو ۽
نمبر کڻڻ لاءِ تمام گهڻي محنت ڪندو هو. سندس مائٽ
کيس پڙهندو ڏسي سرها پيا ٿيندا هئا. هڪ ڏينهن احمد
جو پيءُ شام جو ڪم ڪار لاهي ٻنيءَ کان واپس موٽي
رهيو هو ته کيس هڪ نانگ ڏنگي وڌو، جيئن تيئن ڪري
گهر پهتو. جڏهن احمد ۽ هن جي ماءُ هن جا اهڙا حال
ڏٺا ته احمد ڊوڙي ڊاڪٽر کي سڏڻ ويو. ڊاڪٽر جو گهر
سندن گهر کان ٿورو پرڀرو هو. جيستائين ڊاڪٽر اچي
تيستائين احمد جو پيءُ وفات ڪري ويو. سندس پيءُ کي
سڌ هئي ۽ هو بار بار پنهنجي زال کي پيو چوندو هو
ته احمد کي ڊاڪٽري ضرور پڙاهجانءِ. ائين نه ٿئي
جو هن جي پڙهائي اڌ ۾ روڪجي وڃي. احمد جي پيءُ جي
وفات کانپوءِ به سندس ماءُ کيس پڙهائيندي رهي.
هوءَ پاڙي جي گهرن ۾ ڪم ڪندي هئي. احمد صبح جو
پڙهندو هو ۽ شام جو ڇولا وڪڻندو هو. هن جا ڪلاسي
مٿانئنس کلندا هئا، پر هو ثابت قدميءَ سان پنهنجي
ڪم ڪار ۾ مشغول رهندو هو. احمد جي ماءُ ٻين گهرن
جا ڪپڙا به سبندي هئي ۽ هوءَ چاهيندي هئي ته کيس
سندس پيءُ جي وصيت موجب ڊاڪٽر بنايان. هن ڪيترا
ڀيرا احمد کي چيو ته ڏس پٽ منهنجي آس آهي ته تون
وڏو ٿي ڊاڪٽر ٿيءُ ۽ احمد پنهنجي ماءُ جي آس پوري
ڪرڻ لاءِ گهڻي کان گهڻي محنت ڪندو هو. وقت گذرندو
ويو. احمد مئٽرڪ جو امتحان سٺي نمبر سان پاس ڪيو.
انهيءَ ڪري سرڪار احمد کي اسڪالر شپ ڏني ته جيئن
هو ڪاليج جي تعليم حاصل ڪري سگهي. جيئن ته ڳوٺ ۾
ڪو ڪاليج نه هو. انهيءَ ڪري احمد کي وڌيڪ تعليم
حاصل ڪرڻ لاءِ شهر وڃڻو پيو. احمد کي ماءُ کان جدا
ٿيندي ڏک به ٿيو پر هن پنهنجي اعليٰ مقصد کي آڏو
رکندي ماءُ کي پيرين پئي موڪلائيندي چيو ته امان
مان نيٺ ڊاڪٽريءَ جو امتحان پاس ڪري موٽي ايندس،
پوءِ تون پورهيو نه ڪندينءَ. سندس ماءُ کيس خوشيءَ
سان خدا حافظ چيو. شهر وڃڻ کانپوءِ احمد تمام شوق
سان پڙهندو هو. هن جا خط به سندس ماءُ وٽ ايندا
هئا. آخرڪار هن ڊاڪٽريءَ جو آخري سال جو امتحان
ڏنو ۽ امتحان ۾ هوشيار هجڻ ڪري نمبر به کنيائين.
جڏهن ماڻس ٻڌو ته منهنجي پٽ نمبر کنيو آهي ته هو
بي انتها خوش ٿي. انهيءَ ڏينهن جڏهن احمد ڳوٺ آيو
ته ماڻس پنهنجي حال سارو ڳوٺ جي ٻارن ۾ مٺائي
ورهائي. هوءَ ڏاڍي خوش هئي ايتريقدر جو هوءَ هر
ڪنهن کي ٻڌائي رهي هئي ته منهنجو احمد ڊاڪٽر ٿيو
آهي. منهنجو احمد ڊاڪٽر ٿيو آهي. ماڻهو کيس مرڪي
مبارڪون ڏيئي رهيا هئا ۽ احمد ائين محسوس ڪري
رهيو هو، ڄڻ ڌرتي ۽ آسمان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۽ هوائن مان
آواز اچي رهيو آهي. ”اڄ ماءُ جي آس پوري ٿي. ماءُ
جي آس پوري ٿي.“
·
محمد شعبان سميجو ڪشمور
آهه غريبان قهر خدائي
هڪ وڻ تي هڪڙي جهرڪي رهندي هئي. جتي رهندي رهندي
کيس گهڻو وقت گذري چڪو هو. انهيءَ وڻ تي هن گهڻن
ئي بهارن ۽ موسمن کي ڏٺو هو. انهيءَ کي اُميد هئي
ته منهنجي زندگي انهيءَ وڻ تي ئي گذرندي ويندي. ان
جو پاڙيسري هڪ ڪانءُ هو جو به ان وڻ تي رهندو هو.
جهرڪي ڪڏهن انهيءَ وٽ ويندي هئي ته ڪڏهن انهيءَ کي
دعوت به ڪندي هئي. جهرڪي کي ڪانءُ تي گهڻو ڀروسو
هو. هڪ ڏينهن صبح جو جيئن جهرڪي ننڊ مان اُٿي ته
ان جي آکيري جي ڀرسان ساين ٽارين تي هڪ سرڻ ويٺي
هئي. سندس مٿي مان رت پي وهيو، کنڀ اُڏرڻ جي قابل
نه هئا ۽ جسم تي گهڻيون ئي رهنڊون لڳل هيس. جهرڪي
سرڻ جو اهڙو حال ڏسي، وڃي ان جي ڀرسان ويٺي. سرڻ،
جهرڪيءَ کي ڏسي چيو، ”ڀيڻ! مان بي گهر آهيان، مون
کي منهنجي مائٽن ماري ڳوٺ مان ڪڍي ڇڏيو آهي، مان
پريشان آهيان، هاڻي منهنجو ڪو به همدرد نه آهي، تو
وٽ پناهه وٺڻ آئي آهيان.“ جهرڪيءَ چيو، ”امان،
هيءُ تنهنجو گهر آهي، هتي آرام سان رهه. جنهن به
شيءِ جي ضرورت هجي، پئي استعمال ڪر ۽ ڪابه مدد
گهرجي ته مون کي ٻڌاءِ.“
جهرڪي جي انهيءَ ڳالهه کان سرڻ کي تسلي ٿي ۽
چيائين، ”ڀيڻ! منهنجو ارادو آهي ته تنهنجي ڀرسان
آکيرو بنائي، تو وٽ ئي رهان.“ جهرڪي خوشيءَ سان
منظور ڪيو ۽ پوءِ ٻنهي گڏجي ڪاٺيون، پن ۽ گاهه
وغيره گڏ ڪري هڪ نئون گهر بنايائون. ٿورن ڏينهن
کانپوءِ سرڻ جا کنڀ اچي ويا ۽ اها اُڏرڻ جي قابل
ٿي ويئي.
هڪ ڏينهن صبح جو سوير سرڻ پنهنجي آکيري کان ٻاهر
آئي ۽ جهرڪي کي چوڻ لڳي، ”سٺو اهو ٿيندو جو تون
هتان چپ چپ هلي وڃ.“ ”ڪٿي؟“ جهرڪي حيرانيءَ سان
سرڻ جو منهن تڪي پڇيو. سرڻ جواب ڏنس، ”جتي تنهنجي
مرضي.“ جهرڪيءَ نماڻائيءَ سان پڇيس، ”آخر ڪا ڳالهه
به ٻڌاءِ؟“ ”مان چوان ٿي ته نڪري وڃ، رات تو
منهنجي ننڊ حرام ڪري ڇڏي آهي، ڀڄ مڪار.“ جڏهن سرڻ
اهي لفظ چيا ته جهرڪي زارو زار روئڻ لڳي ۽ آخر هن
درد جي آهه ڀري ۽ آکيري مان نڪري ويئي. ڪجهه دير
تائين اڏامندي رهي ۽ آخر هن جي کنڀن جواب ڏنو ۽
ٿڪجي پئي. سندس دل ڀڄي پئي هئي ۽ هن مرڻ چاهيو ٿي.
آخر هڪ هنڌ لٿي ۽ هڪ پٿر جي
اوٽ
۾ رئندي رئندي سمهي رهي. جڏهن جاڳي ته مينهن وسي
رهيو هو، پر هوءَ پٿر جي هيٺان هئي، ان ڪري مينهن
کان بچي ويئي. وري به سمهي رهي ۽ سندس ارادو هو ته
صبح جو ڪنهن ٻئي وڻ تي هلي ويندي ۽ اتي آکيرو
بنائيندي ۽ باقي زندگيءَ جا ڏينهن اتي گذاريندي.
اتي کيس پنهنجو پاڙيسري ڪانءُ ياد آيو. پر هن دنيا جو رنگ ڏٺو، جو جنهن سان چڱائي ڪيائين، ان ئي
برائي ڪئي ته پوءِ شايد ڪانءُ به ڌڪا ڏيئي ڪڍي.
جڏهن صبح جو مينهن بند ٿيو ته هن چاهيو ته پنهنجي
آکيري جو آخري ديدار ڪيان، سو اوڏانهن رواني ٿي.
ڇا ڏسي ته سندس وڻ پاڙ کان پٽجي زمين تي ڪِري چڪو
هو ۽ وڻ جي ڀرسان اهو آکيرو ڪِريو پيو هو ۽ سرڻ وڻ
جي ڏار هيٺان مُئي پيئي هئي. جهرڪي جي اکين جو
پاڻي بند ٿي ويو ۽ خود ان جي دل کان آواز نڪتو،
بيشڪ خدا وٽ انصاف آهي. سياڻن سچ چيو آهي:
”آهه غريبان قهر خدائي“
*اعجاز محمد اسماعيل عرساڻي (سلسليوار باتصوير
ڪهاڻي قسط 4)
جڏهن منهنجو مالڪ مارڪيٽ مان موٽي آيو تڏهن هو
ڏاڍو خوش ٿيو پر عجب لڳس جو آءٌ
موٽي آيو هئس ۽ چوڻ لڳو ته اڳتي آءٌ
تمام خبرداري ڪندس ته هيءُ گڏهه وري ڪڏهن به گم نه
ٿئي. ٻئي ڏينهن هو ٻنيءَ تي ويو ۽ جتان جتان ٻنيءَ
جو لوڙهو ڀڳل هو اتان ڪنڊا ۽ ڪاٺيون رکي چڱيءَ طرح
بند ڪري ڇڏيائين جيئن وري آءٌ
ٻاهر نڪري نه سگهان.
جيسين وري مارڪيٽ جو ڏينهن
موٽي اچي تيسين تائين سڀ ڪجهه ٺيڪ ٺاڪ رهيو. ان
ڏينهن وري به آءٌ ساڳيءَ کڏ ۾ وڃي لڪس. اڳي وانگر انهن مون کي جتي ڪٿي ڳوليو ۽
آخر خيال ڪيائون ته ضرور ڪو چالاڪ
چور مون کي چورائي
کيت
کان ٻاهر ڪاهي ويو آهي. منهنجي مالڪ ڏک مان چيو ته
هن دفعي هو پڪ وڃائجي ويندو، ڇو ته هن دفعي جيڪڏهن
هو چور کان ڀڄي به آيو ته اندر ٻنيءَ ۾ به اچي نه
سگهندو ڇو ته مون گيٽ تمام چڱيءَ طرح بند ڪري ڇڏيو
آهي، ائين چئي ٿڌو ساهه ڀري هو مارڪيٽ ڏانهن هليو
ويو.
جڏهن هو وري به هڪڙو گهوڙو گاڏيءَ ۾ ٻڌي ٻنيءَ جي
سموري پيدائش کڻي روانوٿيو تڏهن آءٌ پنهنجي لڪڻ واري جاءِ مان ٻاهر نڪري آيس ۽ پر جيئن پهرين دفعي
مون راڳ ڳائي پنهنجي اچڻ جو اظهار ڪيو هو تيئن هن
دفعي مون نه ڪيو. ڪجهه وقت کانپوءِ جڏهن ٻنيءَ جي
ماڻهن مون کي ٻنيءَ جي وچ ۾ بلڪل مزي سان چَرندو
ڏٺو، خاص طرح جڏهن منهنجو مالڪ مارڪيٽ ڏانهن هليو
ويو هو، تڏهن انهن کي پڪ ٿي ته مون هيءَ سڀ ڪجهه
اٽڪل ڪئي آهي. هن دفعي ڪنهن به منهنجي پٺي ڪانه
ٺپري ۽ مون کي ڏسڻ ۾ آيو ته هو سڀ مون کي
خبرداريءَ سان جانچي رهيا هئا. مون دل ۾ کليو ۽
چوڻ لڳس ته دوستو اوهان ڏاڍا سياڻا ليکبا، جيڪڏهن
اوهان منهنجي اٽڪل سمجهي ورتي.
اهڙيءَ طرح ٽين مارڪيٽ جي ڏينهن تي جڏهن آءٌ لڪي ويس تڏهن مون کي دل ۾ ڏاڍي خوشي هئي ته آءٌ
ڪهڙو نه حرفتي آهيان پر آءٌ
اڃا مس مس لڪو هئس ته مون ڪتي جي ڀونڪڻ جو آواز
ٻڌو ۽ منهنجي مالڪ جو آواز آيو ته برنو کڏ مان
ٻاهر ڪڍي اچينس! هن جي پوين ٽنگن ۾ چڪ وجهي گهلي
وٺي اچينس شاباس هوشيار ڪتا شاباس!
افسوس،
هڪڙي گهڙيءَ ۾ برني منهنجي لڪڻ جي جاءِ ڳولي ورتي.
۽ ڪتي هڪدم کڏ ۾ ٽپو
ڏنو ۽ مون کي ٽنگ ۾ اهڙو چڪ پاتائين جو آءٌ
ٽپ ڏيئي کڏ مان ٻاهر نڪتس ۽ لوڙهي جي پڇاڙيءَ
تائين ڊوڙندو ويس ته ڪيئن به ڪري ڪتي کان پاڻ کي آزاد ڪريان پر منهنجي بدبختيءَ سبب منهنجو مالڪ لڪو ويٺو
هو، جنهن رسو اڇلائي منهنجي ڳچيءَ ۾ کڻي وڌو، جنهن
مون کي روڪي ڇڏيو. هو پاڻ سان هڪ چهبوڪ به کڻي آيو
هو جو مون کي اهڙو ته زور سان هنيائين جو آئون
ڳالهه ڪري نٿو سگهان. برنو مون کي چڪ هڻندو آيو ۽
منهنجو مالڪ مون کي چهبوڪن سان سٽيندو هليو ۽ مون
کي پنهنجي شرارت تي ڏاڍو پڇتاءُ ٿيو.
منهنجي مالڪ مون کي ڪافي مار ڏني تنهن کانپوءِ هن
منهنجي ڳچيءَ ۾ لغام وجهي وڃي مون کي گاڏيءَ ۾
ٻڌو. گاڏي سامان سان اڳي ئي ڀري پئي هئي ۽ اسين
مارڪيٽ روانا ٿي وياسين پر اهو ڏينهن منهنجي لاءِ
تمام ڏکيو ڏينهن هو ڇو ته منهنجي مالڪ کي منهنجي
شرارت هرگز نه وسري هئي. پوءِ مون کي خبر پئي ته
منهنجي مالڪ هڪڙو ننڍو ٻار گيٽ
وٽ ڇڏيو هو ته جڏهن آءٌ
موٽي اچان ته مون کي دروازو کولي پر جڏهن آءٌ کڏ مان نڪتس تڏهن انهيءَ ٻار مون کي ڏسي ورتو هو ۽ وڃي پنهنجن
مائٽن سان ڳالهه ڪيائين.
هن کان پوءِ مون سان سدائين سختيءَ جي هلت ڪئي
ويندي هئي مون کي ٻنيءَ ۾ ڇوڙي
ڇڏيندا ئي ڪين هئا پر طنبيلي ۾ بند رکندا هئا. مون
کي اها ڳالهه پسند نه آئي مون ڪوشش ڪئي ته طنبيلي
جي در جو بولٽ کولي سگهان. آخر ڪجهه ڏينهن جي ڪوشش
کانپوءِ آءٌ
پنهنجن ڏندن سان اهو کولي سگهيس ۽ پوءِ پنهنجي
مرضيءَ موجب جيڏي مهل وڻندو هئم تيڏي مهل پيو
ايندو ۽ ويندو هئس.
منهنجو مالڪ مون سان روز بروز سختي ڪرڻ لڳو آءٌ به لفنگو ٿيندو ويس. آءٌ
هاڻي ڏاڍو تنگ گذارڻ لڳس پر ان ۾ منهنجو پنهنجو
ڏوهه به هو.
هڪ ڏينهن آءٌ
باغ جي ڪوٺيءَ ۾ ويس ۽ سموريون گوبيون ۽ ٻيون
ڀاڄيون کائي ڇڏيم. ٻئي ڏينهن مون مِکر ڪري منهجي
مالڪ جي ننڍي پٽ ڏانهن اِٽون هنيون، ڇو ته هن ئي
منهنجو راز وڃي پنهنجي پيءُ کي ٻڌايو هو ۽ هو
ٿاٻڙجي وڃي ڪِريو ۽ کيس ڪي
زخم
به رسيا. هڪ ڀيري مون هڪ ڪريم جي باردي ڀريل پي
ڇڏي جا مکڻ ڪڍڻ لاءِ تيار رکي هئي. تنهن کانپوءِ
مون ڪڪڙ جي ٻچن کي ۽ ننڍڙن سوئر جي ٻچن کي وڃي
چپيو ۽ لتون هنيون ۽ سڀئي رڙيون ڪرڻ لڳا ته هن
گڏهه پنهنجون شرارتون شروع ڪيون آهن.
آخر سڀني گڏجي منهنجي مالڪ کي چيو ته هن گڏهه کي
ايندڙ ميلي تي، جو ٻن هفتن بعد لڳڻو هو، وڪڻي ڇڏ.
آءٌ
هنن جي بي خياليءَ ڪري ڏاڍو ڏٻرو ٿي ويو هوس، هنن
خيال ڪيو ته ٻئي ميلي تائين مون کي کارائي پياري
متارو ڪن ته جيئن منهنجي قيمت گهڻي ملين. مون کان
ڪوبه ڪم نه ورتو ويندو هو ۽ مون کي ڪافي کاڌو ڏنو
ويندو هو ته مان ٿلهو ٿيان ۽ منهنجي شڪل ڏسڻ جهڙي
ٿئي. اهي ٿورا ڏينهن ڪهڙا نه خوشيءَ جا هئا.
آخر وقت اچڻ تي مون کي ميلي ۾ وٺي ويا ۽ پنجن
پائونڊن ۾ وڪڻي ڇڏيائون.
جڏهن مون هن سان آخر موڪلاڻي ڪئي ٿي، تڏهن خيال
ڪيم ته پڇاڙيءَ جو کيس هڪ چڪ هڻان، پر خيال آيم ته
ائين ڪرڻ ڪري منهنجي نئين مالڪ کي منهنجي لاءِ
خراب اثر ويهندو، مون رڳو هن ڏانهن حقارت سان ڏٺو.
مون کي هڪ شاهوڪار ماڻهو ۽ سندس زال وٽ
ڪيو ويو، جي هڪ شهر ۾ وڏي بنگلي ۾ رهندا هئا. هنن
کي هڪڙي ننڍڙي ڌيءَ هوندي هئي جا بيمار هوندي هئي
۽ منهنجو ڪم هوندو هو ان کي هڪڙي گاڏيءَ ۾ کڻي
ٻاهر گهمائڻ، جيئن هو تازي هوا کائي سگهي.
ننڍڙي ڇوڪري ٻارهن سالن جي هئي، هو ءَ ويچاري
لاچار هوندي هئي ۽ ڪي به سهيليون ڪونه هونديون
هئس، جي اچي هن سان راند ڪن، ڇو ته هوءَ ويچاري نڪي راند ڪري سگهندي هئي، نڪي پاڻ کي وندرائي سگهندي هئي، ان
ڪري جو هوءَ تمام ڪمزور ۽ بيمار هوندي هئي.
هن جو پيءُ تمام مشغول هوندو هو، هن تي ڌيان ئي
ڪونه ڏيندو هو ۽ هن جي ماءُ هن کي گهڻو ئي پيار
ڪندي هئي، پر هميشھ اهو خيال هوندو هئس ته هوءَ
کانئس سواءِ ٻئي ڪنهن کي پيار نه ڪري.
منهنجي ننڍڙي مالڪياڻي جو نالو ميورل هو. هن جون
وڏيون اکيون هميشھ غمگين ڏسڻ ۾ اينديون هيون پر
تمام سهڻيون نماڻيون ۽ سٺيون هونديون هيون. ڊاڪٽر
جي صلاح هئي ته هن کي هيمشه
وندرائجي، تنهنڪري سندس ماءُ سمجهيو ته هن کي گڏهه
گاڏي ۾ گهمائڻ، هن جي لاءِ سٺي وندر ٿيندي.
روز جڏهن هوا سٺي هوندي هئي، تڏهن هوءَ مون کي شهر
جي رستن ۽ گهٽين تي گاڏيءَ ۾ هلائيندي هئي ۽ ڪڏهن
ڪڏهن شاندار وڻن جي جهڳٽن ۾وٺي هلندي هئي.
پهريائين پهريائين هن سان گڏ هڪ نوڪرياڻي به
گاڏيءَ ۾ چڙهي هلندي هئي، پر پوءِ جڏهن هنن ڏٺو ته
آءٌ
نهايت غريب جانور هئس، تڏهن هنن اسان کي اڪيلو ڇڏي
ڏنو. هوءَ منهنجي پٺري ٺپريندي هئي ۽ منهنجي ڏاڍي
سنڀال ڪندي هئي. آءٌ
به سندس تمام چڱيءَ طرح خيال رکندو هئس ۽ رستن تان
اهڙي طرح هلندو هئس، جيئن منهنجي ننڍڙي مالڪياڻي
کي لوڏو نه اچي. اڪثر ڪري هوءَ مون کي رستي جي
پاسي تي بيهاري کائڻ لاءِ گاهه به ڏيندي هئي.
ڪڏهن ڪڏهن آءٌ
وڻن جي ڇانو وچان گاڏي هلائيندو هئس ۽ هوءَ انهن
وڻن مان گل پئي پٽيندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن سرءُ جي
موسم ۾ جڏهن سوپارين جا وڻ لوڙهن م ميوو جهلي بيٺا هوندا هئا، تڏهن آءٌ
گاڏي انهن جي ڀرسان وٺي ويندو هئس ۽ هوءَ جيتريون
به سوپاريون وڻنديون هئس، اوتريون پٽي وٺندي هئي.
جڏهن هوا تمام خراب هوندي هئي ۽ ٻاهرنڪرڻ جهڙي نه
هوندي هئي تڏهن هوءَ منهنجي طبيلي ۾ ايندي هئي ۽
مون کي تازو گاهه، ساوا پن ۽ گجرون کائڻ لاءِ آڻي ڏيندي هئي. هوءَ سمورو وقت اتي
ويٺي هوندي هئي ۽ اکين ۾ ڳوڙها آڻي، مون کي پنهنجي
بيماريءَ جي تڪليف بابت احوال ويهي ٻڌائيندي هئي.
هڪ ڏينهن هن چيو ته ”اي غريب جانور! تون هڪڙو گڏهه
آهين، جنهن ڪري نه مون سان ڳالهائي سگهين ٿو ۽ نه
منهنجي ڏکن جي ڪهاڻي ٻڌي سگهين ٿو پر آءٌ ڇا ڪريان جو تون ئي منهنجو فقط اڪيلو رفيق
آهين، جنهن کي آءٌ
ٻڌائي سگهان ٿي. مون سان ڪوبه راند ڪرڻ وارو ڪونهي
۽ آءُ پنهنجي عمر جي ڪنهن به ٻار کي ڪونه سڃاڻان آءٌ
ڏاڍي اڪيلي ۽ پريشان گذاريان ٿي. مون کي پنهنجي
ماءُ گهڻو ئي پيار ڪري ٿي پر سندس مرضي ناهي ته آءٌ
هن کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي به ڪو پيار ڪريان. هن جي
اها به مرضي ناهي ته آءٌ
ڪو تو غريب گڏهه کي به ڪو پيار ڪريان.“
ميرول اهي لفظ چئي ڏاڍو رنو ۽ منهنجي پٺيءَ تي ٺپ
ٺپ ڪيائين. مون هن تي ڏاڍو رحم آندو ۽ پنهنجي
جاءِ تان اصل نه چريس متان هن کي پنهنجي پيرن سان
ڪو ايذاءُ نه رسايان.
هڪ ڏينهن ميورل خوشيءَ مان منهنجي طبيلي ۾ آئي ۽
مون کي هڪڙو لاڪيٽ آڻي ڏيکاريائين جو سندس ماءُ
کيس ڏنو هو. هن وڏي آواز سان چيو ته ”ڏس! منهنجي
ماءُ مون کي هيءُ لاڪيٽ ڏنو آهي، جنهن ۾ سندس وار
پيل آهي ۽ منهنجي مرضي آهي ته
آءٌ
تنهنجا وار به هن ۾ وجهان ڇو ته تون منهنجو رفيق آهين ۽ آءٌ
توکي به پيار ڪريان ٿي.“
هن منهنجي مشڪن جا ڪجهه وار پٽيا ۽ پنهنجو لاڪيٽ
کوليو ۽ پنهنجي ماءُ جي وارن سان منهنجا وار به ان
۾ وڌائين. اهو ڏسي مون کي ڏاڍو فخر ٿيو ته ميورل
مون کي ڪيترو نه پيار ڪري ٿي ۽ مون کي اهو پڻ فخر
ٿيو جو منهنجا وار لاڪيٽ ۾ وڌا ويا پر آءٌ
مڃان ٿو ته منهنجا وار سندس ماءُ جي وارن سان گڏ
هرگز سٺا نٿي لڳا.
ميورل لاڪيٽ کي پيار سان ڏسڻ لڳي ته اوچتو سندس
ماءُ ان کي طبيلي ۾ ڳولڻ آئي ۽ ميورل
کان پڇيائين ته ”ميورل تون ڇاکي ڏسي رهي آهين؟“
ننڍڙي ڇوڪري لاڪيٽ ٿورو لڪائي جواب ڏنو ته ”امان آءٌ
لاڪيٽ ڏسي رهي آهيان ۽ گڏهه کي ڏيکاريان پئي.“
ماڻس جواب ڏنو ته ”ميورل ڪهڙي نه بيوقوفي جي ڳالهه
ڪئي اٿئي! ميورل ڪهڙي نه عجب جي ڳالهه ڪئي اٿئي ڄڻ
ته گڏهه کي خبر آهي ته لاڪيٽ ڇا ٿيندو آهي!“ پر
امان هن کي چڱي طرح خبر آهي: ميورل هٻڪي هٻڪي چيو
ته ”امان هن منهنجو هٿ به چٽيون هو“ ائين چئي هوءَ
سڄي پيلي ٿي ويئي. ماڻس چيو ”خير وڌيڪ ڇو نه ٿي
ٻڌائين، گڏهه تنهنجو هٿ ڇو چٽيو؟“ ميورل چيو ته
”امان، جيڪر مان توکي نه ٻڌايان ته چڱو. مون کي ڊپ
ٿو ٿئي ته متان توهان کي منهنجي ڳالهه نه وٺي.“
ويچاري ميورل جواب ڏنو. ماءُ چيس ته ”جلدي ٻڌاءِ
ته هينئر تون ڪهڙي حرڪت ڪري رهي هئينءَ“؟
”امان، مون ڪابه حرڪت ڪانه پئي ڪئي“ ميورل جواب
ڏنو. ماءُ چيس ته ”پوءِ ڊڄين ڇو پئي، گڏهه کي کائڻ
لاءِ گهڻا جَوَ ڏئي تو يار ڪيو آهي ڇا؟“ ”امان، سچ
پچ ته مون هن کي ڪجهه به ڪونه ڏنو آهي؟ ميورل جواب
ڏنو.“ ته پوءِ تون مون کي ٻڌاءِ ته مون وٽان وڃڻ
بعد سڄو اڌ ڪلاڪ تو هتي ڇا پئي ڪيو؟“ ماءُ چيو.
ميورل هٻڪي وئي ۽ آخر چوڻ لڳي ته ”مون گڏهه جا وار
پئي ڪتريا ته.......“
”ٻڌاءِ تو وار ڇو ٿي ڪتريا، ڇا جي لاءِ؟“ ماڻس
چيو. ميورل جواب ڏنو ته ”مون اهي وار پنهنجي لاڪيٽ
۾ وجهڻ پئي گهريا.“ ماڻس پڇيس ته ”ڪهڙو لاڪيٽ“
ميورل جواب ڏنو ته ”جيڪو لاڪيٽ توهان مون کي ڏنو
هو.“ ماڻس چيو ”ڇا اهو لاڪيٽ جنهن ۾ مون توکي
پنهنجا وار وجهي ڏنا هئا؟“ ميورل چيو ”ها امان
ڏس“ ائين چئي لاڪيٽ ماءُ کي ڏيکاريائين چيائين ته
”اما، اجهو هي آهي.“ ميورل جي ماءُ غصي مان رڙ ڪري
چيو ته ”ڇا منهنجا وار گڏهه جي وارن سان گڏ!! تو
منهنجا وار گڏهه جي وارن سان گڏيا آهن، اها تمام
خراب ڳالهه آهي. تون اهڙي سٺي تحفي جي لائق ڪونه
آهين. تون انهي گڏهه کي مون جيترو چاهين ٿي ۽ اهو
پنهنجي ماءُ سان تمام بي ادبي وارو ورتاءُ آهي.“
هن ميورل جي هٿن مان لاڪيٽ ڦري زمين تي ڦٽو
ڪيو ۽ زور سان لت هڻي ان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيا.
پوءِ زور سان در بند ڪندي ڪمري مان نڪري ويئي.
ميورل عجب وچان ڪجهه ساعتون پنهنجي جڳهه تان چري
نه سگهي جو جڏهن هن مون کي پاڻ ڏانهن نهاريندي
ڏٺو ته بي اختيار هن جي اکين مان ڳوڙها نڪري آيا ۽
سڏڪا ڀري روئڻ لڳي.
”نيپ! نيپ!“ هن روئندي چيو ”امان کي اها ڳالهه
پسند نه آهي ته آءٌ
توکي چاهيان پر آءٌ
توکي چاهڻ کانسواءِ رهي نٿي سگهان. ڇاڪاڻ ته تون
مون تي ڏاڍو مهربان آهين. ڪاش تون مون سان ڳالهائي
سگهين، نيپ!“ |