·
محمد سومار بوبڪ
عجيب ۽ دلچسپ
ڄمڻ جي تاريخ هٿ
ڪرڻ
ڪي ڪي ماڻهو پنهنجي سچي عمر ٻڌائڻ کان لهرائيندا
آهن. هن دنيا ۾ هڪ اهڙو به فن آهي جنهن سان
اوهين ڪهڙي به ماڻهوءَ جي ڄمڻ جو مهينو ۽ عمر
معلوم ڪري سگهو ٿا. انهيءَ لاءِ اوهان اڳلي کان
ڪجهه به ڳالهائڻ کان سواءِ سندس ڄم ۽ عمر کان
واقف ٿي سگهو ٿا.
آزمائڻ لاءِ اوهان پنهنجي ڪنهن به دوست کي چئو ته
هو پنهنجي ڄمڻ جي مهيني جو نمبر سوچي. مثال طور:
جيڪڏهن هو جنوريءَ ۾ ڄائو آهي ته هڪ سوچي،
فيبروريءَ ۾ ڄائو آهي ته ٻه 2 ۽ مارچ ۾ ته 3. پوءِ
ان کي چئو ته هو دل ئي دل ۾ ان انگ کي 2 سان ضرب
ڪري، جيڪو جواب اچي ان ۾ 5 جوڙ ڪري. ان جوڙ کي 50
سان ضرب ڪري ان ۾ پنهنجي عمر جا سال جوڙ ڪري.
مڪمل جوڙ مان 365 ڪٽ ڪريو. جواب ۾ 511 جوڙ ڪريو.
جيڪو جواب ايندو ان جو پويون انگ مهيني کي ظاهر
ڪندو. ۽ پهريان انگ عمر ٻڌائيندا.
مثال طور : محمد بخش جي عمر 18 سال آهي ۽ هو اپريل
۾ ڄائو هو، ته هو 4 انگ سوچيندو ۽ پوءِ ان کي 2
سان ضرب ڪندو ته جواب ايندو 8، وري 8 ۾ جوڙ ڪبا
ته 13 ٿيندا. 13 کي 50 سان ضرب ڪبي ته 650 هو
پنهنجي عمر يعني 18 جوڙ ڪندو ته جواب ايندو 668.
هاڻي مان 365 ڪٽ ڪريو ته جواب ايندو 303 انهن ۾
115 جوڙ ڪبا ته جواب ايندو 418. يعني محمد بخش
چوٿين مهيني اپريل ۾ ڄائو جيڪو اخري جوڙ جو آخري
انگ آهي، باقي 18 سندس عمر جا سال آهن. اوهين
به آزمايو ته ائين ٿئي ٿو يا نه؟
جيرامداس ”اٻوجهه“ ميرپورخاص
بهترين ساٿي
1.ڪتاب منهنجا اهڙا پسنديده ساٿي آهن. جيڪي مون
سان ضرف اُهي ڳالهيون ڪن ٿا جيڪي مان ٻڌڻ پسند
ڪريان ٿي. (مس هيلن ڪيلر)
2.جيڪو شخص مطالعي ڪرڻ جي اهليت رکي ٿو سو سڀني
کان وڌيڪ عقلمند آهي. (ٿامس ڪورلي)
3.مون کي زنده رهڻ جي خواهش محض ڪتابن جي ڪري آهي
مان انهن سان محبت ڪريان ٿو ۽ اهي منهنجا بهترين
ساٿي آهن.
(حضرت عبدالله بن عمر)
4.انسان جو سٺي ۾ سٺو دوست ڪتاب آهي (هڪ عربي
شاعر)
5.ترقيءَ لاءِ ضروري آهي ته صرف صحتمند ادب جي همٿ
افزائي ڪئي وڃي. (مولوي عبدالحق)
6.علم جي لاءِ مطالعو ايترو ته ضروري آهي جيترو
ڪنول جي گل لاءِ پاڻِي جو هئڻ ضروري آهي. (تلسي
داس)
7.ڪتاب جواني ۾ رهنما، ٻڍاپي ۾ تفريح ۽ اڪيلائي ۾
ساٿي ۽ غم کي دفع ڪندا آهن. (سرجان ليڪ)
ميمڻ عبدالوحيد سنڌي
1.محبت ۽ خلوص هڪ ٻئي کي ويجهو رهي ٿو. (حضرت علي
رضه)
2.حڪمت اهڙو وڻ آهي جو دل مان ڦٽي ٿو ۽ زبان کان
ميوو ڏي ٿو.
(بطليعوس)
3.ڪنهن سان نيڪي ڪرڻ وقت بدلي جي اميد نه رکو ڇو
ته نيڪي جو بدلو انسان نه پر الله ڏيندو آهي.
(حديث)
زاهد احمد ”نعماني“
1. جو شخص پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي ايتري ڀلائي نٿو
چاهي جيتري پنهنجي، اهو مومن ايماندار نه آهي.
2.جنهن جوگذارو حلال ڪمائيءَ تي آهي سو الله جو
محبوب آهي.
زاهده پروين شيخ لاڙڪاڻو
زندگيءَ ۾ ٻه فائدي واريون شيون آهن. جن کي اڪثر
ماڻهووڃائي ٿا ويهن. تندرستي ۽ٻيو وقت آهي.
ا_ح _ بچاڻي، ايل ايم سي
1. جيڪڏهن مون کي جهنم ۾ ڪتاب ڏنا وڃن، ته مان اهو
به پسند ڪريان. ڇو ته انهن ۾ اها طاقت آهي، جو
دوزخ به بهشت ٿي پوي.
(لوڪمانيه تلڪ)
2.قوم جا نوجوان، آئينده نسل جا امانتدار آهن
(ڊزرائلي)
3.ايترو کائو، جيترو هضم ڪري سگهو، ايترو پڙهو،
جيترو جذب ڪري سگهو. (بو علي سينا)
4.خاموش رهو، يا اهڙي ڳالهه چئو جا خاموشيءَ کان
بهتر هجي.
عبدالفتاح ميمڻ مورو
1.صوفي اهو آهي جو ذڪر سان نفس کي فنا ڪري.
2.الله جي رحمت جو نشان اهو آهي ته آدمي الله کي
ياد ڪري.
شمس الدين اعواڻ ڪنڌڪوٽ
1.پريم انسانيت جو ٻيو نالو آهي. (گوتم ٻڌ)
2. پينگهي کان قبر تائين علم جي ڳولا ڪندا رهو.
(حضرت محمد ﷺ)
شاهد ناز ميمڻ حيدرآباد
1.گهٽ ڳالهائڻ حڪمت، گهٽ کائڻ صحت، گهٽ سمهڻ عبادت
۽ عوام سان گهٽ ملڻ عافيت آهي. (حضرت علي رضه)
2. مظلوم جي بددعا کان ڊڄو ڇو ته ان ۽ خدا جي وچ ۾
ڪو به پردو نه آهي. (رسول مقبول)
3.سڀ کان عقلمند اهو شخص آهي جو پنهنجي ڳالهه کي
سٺي طرح ثابت ڪري سگهندو هجي. (حضرت عمر فاروق
رضه)
نور احمد نظاماڻي ٽنڊو قيصر
1.اوهان مان اهو ماڻهو مون وٽ وڌيڪ پيارو آهي.
جوزياده سٺين عادتن وارو آهي. (محمد ﷺ)
2.مسلمان لاءِ اهو به جائز ناهي جو ٽن ڏينهن کان
وڌيڪ وقت پنهنجي مسلمان ڀاءُ کان لاڳاپا ڇني.
(حديث)
نور احمد ميمڻ پريالوءِ
هي نه وسارجو ته :
سڀ کان وڏو هٿيار قلم آهي.
سڀ کان وڏو دشمن سستي آهي.
سڀ کان وڏو ڪوڙ خيانت آهي.
سڀ کان وڏو سچ امانتداري آهي.
سڀ کان وڏو ظلم ظالمن کي معاف ڪرڻ آهي.
سڀ کان وڏوگهر عبادت گاهه گهر آهي.
سڀ کان وڏي دولت علم آهي.
سڀ کان وڏي ڪاميابي عقل آهي.
سڀ کان وڏي جنگ نفس سان مقابلو آهي.
سڀ کان وڏي عبادت خدمت خلق آهي.
سڀ کان وڏي ذلت قرض آهي.
سڀ کان سٺي دوا پرهيز آهي.
سڀ کان سٺو جواب خاموشي آهي.
*يونس قمر شيخ، مٽياري
هڪ ماڻهوءَ ٻئي کي چيو ته تون رات جو پنهنجي اڳيان
آرسي رکي ڇو سمهندو آهين؟ ٻئي چيو ته ان لاءِ جو
ڏسان ته سمهڻ کان پوءِ منهنجي شڪل ڪهڙي ٿي ٿئي.
*راڻومل راهي، پيرون مل
هڪ ماڻهوءَ جي مينهن بيمار ٿي پئي. هو ٻئي وٽ ويو
۽ پڇيائين ته تنهنجي مينهن بيمار ٿي هئي ته تو ان
کي ڇا پياريو؟ ٻئي چيو ”گاسليٽ.“ هي ٻڌي هو ماڻهو
واپس آيو ۽ مينهن کي گاسليٽ پياريو، پر مينهن مري
ويئي. هو ان ماڻهوءَ وٽ واپس آيو، چيائين ”گاسليٽ
پيارڻ ڪري مينهن ته مري ويئي“ ته ٻئي ماڻهوءَ جواب
ڏنو ته ”مري ته منهنجي مينهن به ويئي هئي.“
منظور قادر ميمڻ، هالا
بازار مان ٻه دوست پئي ويا، واٽ تي هڪ ٿُلهو
ماڻهو ڏٺائون.هڪ دوست ٻئي کي چيو ته: يار، هي ٿلهو
ته ڏس؟ هن مان عبرت حاصل ڪجي. ٿلهي ٻڌي ورتو، ان
چيو ته اوهان مان هلال پاڪستان حاصل ڪجي ڇا؟
مقبول احمد عباسي، ٺٽو
هڪ ماڻهوءَ ٻئي کي چيو: ادا، جيڪو منهنجي مشڪلات
دور ڪندو. ان کي آءٌ ڏهه سير مٺائي ڏيندس.“
ٻيو ماڻهو: ”ادا مٺائي تون آڻيندي ڪٿان؟“
پهريون ماڻهو:”ادا، اهائي ته مشڪلات آهي.
عبدالقادر چانگ، ڳوٺ نبي بخش چانگ
ٻار: امان تون عينڪ ڇو ٿي پائين؟
ماءُ:ابا نظر گهٽ اٿم.عينڪ انهيءَ لاءِ ٿي پايان
ته هر شئي وڏي ڏسڻ ۾ اچي.
ٻار: پر امان مون کي حلوو ڏيڻ وقت عينڪ لاهي رکندي
ڪر.
زاهده پروين شيخ، لاڙڪاڻو
ڊاڪٽر: جناب توهان جي پٽ جو پير ڪٽڻو پوندو.
ڪنجوس پيءُ: افسوس! توهان مون کي پهريائين ڇو نه
ٻڌايو، ته آءٌ هن لاءِ نئون بوٽ ته نه وٺان ها
جان محمد ڳاهو، ڳوٺ حاجي عيسيٰ خان لغاري
منهنجي هڪ دوست جو نالو”طفيل“ آهي. جڏهن هن جي
سالاني امتحان جو نتيجو نڪتو ته مون پڇيو: ”ٻڌاءِ
طفيل ڇا نتيجو نڪتو؟“ طفيل چيو:”ڇا ٻڌايان، اڄ ته
منهنجي نالي جو ”ط“ اُڏامي ويو.
ياسمين شيخ، مٽياري
هڪ پوڙهي ماڻهوءَ صبح جو اُٿي اخبار ڏٺي ته حيران
رهجي ويو. ڇا ڪاڻ ته اخبار ۾ ان پوڙهي جي مرڻ جي
خبر هئي. ان تي هن پنهنجي دوست کي ٽيليفون ڪيو ته
توهان منهنجي مرڻ جي خبر پڙهي آهي؟
دوست: ها، پر پوءِ توهان ڪٿان پيا ڳالهايو! ڇا
توهان کي اڃا دفنايو نه اٿن؟
هن ادي نالو نه لکيو آهي.
جمع (آچر کي) اڄ صبح جو اٺين بجي ٽيڪسيءَ ۾ چڙهيو
هوس ۽ ٻنپهرن جو ٻارهين بجي تائين ٽيڪسيءَ ۾
گهمندو رهيس.
آچر: ڪلهه آءٌ به صبح جو اٺين کان وٺي شام جو چئين
بجي تائين ٽيڪسيءَ ۾ ويٺو هوس.
جمع: ڪٿي ڪٿي گهمڻ ويو هئين؟
آچر: گهميو ڪونه هوس، هوءَ منهنجي گهر جي ڀر ۾
جيڪا خراب ٽيڪسي بيٺي آهي نه ، صبح جو اٺين بجي
اخبار کڻي ان ۾ وڃي ويٺو هوس ۽ شام جو چئين بجي
سڄي اخبار پڙهڻ کان پوءِ ٽيڪسيءَ مان ٻاهر نڪتس.
2.هڪ ڳوٺاڻو شام جي وقت گهوڙي تي چڙهيو پيو ويو.
گاهه جي ڀري سندس مٿي تي رکيل هئي، اهو حال ڏسي هڪ
راهگير پڇيس،”ميان هي گاهه جي ڀري تون مٿي تي رکڻ
جي بجاءِ گهوڙي تي ڇو نٿو کڻي رکين؟“
اهو ٻڌي ڳوٺاڻي هڪدم جواب ڏنو، ”ڏسين ڪونه ٿو ته
منهنجو گهوڙو ڪمزور آهي. وري هي گاهه جو بار به
مٿس رکان.“
777. نالو: دودو مل ولد پيسومل
پڙهندڙ: ڪلاس ٽيون. عمر:12 سال.
وندر : رسالا پڙهڻ قلمي دوستي رکڻ.
ائڊريس: پوسٽ آفيس نئون آباد ضلع سانگهڙ.
778. نالو: شنڪر لعل لالچند،
پڙهندڙ: چوٿون. عمر: يارنهن سال.
وندر: رسالا پڙهڻ.
ائڊريس: معرفت شڌاڻي ميڊيڪل اسٽور ميرپورماٿيلو.
779. نالو: اين ايم سومرو.
پڙهندڙ: ستون اي.
عمر:12 سال
وندر: سٺا رسالا پڙهڻ.
ائڊريس : گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪنڌڪوٽ.
780. نالو: فتح خان نظاماڻي.
پڙهندڙ: نائون
عمر: 14 سال .
وندر : قلمي دوستي رکڻ.
ائڊريس: پوسٽ آفيس ٽنڊوقيصر ضلع حيدرآباد سنڌ
781.نالو فياض الرحمان ڀٽو.
پڙهندڙ: درجو پنجون.
عمر: 10 سال
وندر:گل ڦل پڙهڻ،
ائڊريس: ڊاڪٽر غلام سرور ڀٽو، پوسٽ آفيس وارهه
782.نالو: نور احمد شيخ.
پڙهندڙ: ڪلاس پنجون.
عمر:12 سال
وندر: نماز سان چاهه.
ائڊريس: گورنمينٽ پرائمري اسڪول وارهه
783.نالو علي اصغر قريشي.
پڙهندڙ: ڪلاس ستون،
عمر: 13 سال.
وندر: شاگرد برادري جي ڀلائي ڪرڻ.
ائڊريس: گورنمينٽ مڊل اسڪول امين آباد ڦلجي
اسٽيشن.
784. نالو: ضاءالرب قريشي.
ڪلاس: پنجون
عمر: 10 سال.
وندر: رسالا پڙهڻ
ائڊريس: ڳوٺ ڪنڊي ڦلجي اسٽيشن دادو.
785. نالو: ڀڄڻ داس ولد ڀنڻو مل.
پڙهندڙ: ڇهون اي.
عمر: 13 سال
وندر: گل ڦل ۽ ٻيا سنڌي رسالا پڙهڻ.
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول اوٻاوڙو.
786.نالو: علي نوازکهاوڙ
پڙهندڙ:درجو پنجون
عمر: 13 سال
وندر:گل ڦل ۽ قرآن پڙهڻ،
ائڊريس: مهراڻ هاءِ اسڪول شهداد ڪوٽ
787.نالو:رميش ڪمار
پڙهندڙ: پنجون
عمر:11 سال
وندر:رسالو پڙهڻ
ائڊريس:پنا لعل ائنڊ ڪمپني کپرو.
788. نالو: نظير احمد سومرو.
پڙهندڙ:پنجون درجو.
عمر:12 سال.
وندر:راند کيڏڻ ۽ رسالا پڙهڻ.
ائڊريس:معصوم شاهه مينار روڊ سکر.
789. نالو:نثار احمد سومرو.
پڙهندڙ:ستون
عمر: 13 سال.
وندر: اخبارون پڙهڻ.
ائڊريس: معصوم شاهه مينار روڊ سکر.
790. نالو: محمد رمضان ولد محراب سمون
پڙهندڙ: ٻيون
عمر: 5 سال.
وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽ قلمي دوستي رکڻ.
ائڊريس: پوسٽ ڀٽ ڀائٽي وايا ڀٽو پٿورو.
791. نالو:مشتاق احمد ولد محمود احمد سومرو.
پڙهندڙ: درجو نائون.
عمر: 14 سال.
وندر: اخبارون ۽ رسالا پڙهڻ.
ائڊريس:معصوم شاهه مينارروڊ سکر.
792. نالو: شمس الدين عباسي.
پڙهندڙ: ڪلاس اٺون
عمر: 14 سال.
وندر:ڪتاب پڙهڻ
ائڊريس:محمد موسيٰ عباسي هاءِ اسڪول ٺٽو.
793. نالو: ڪشور ڪمار”ناز“ ڌيرومل.
پڙهندڙ: نائون اي
عمر: 14 سال.
وندر: راند ڪرڻ ۽ ڪورس جا ڪتاب پڙهڻ.
ائڊريس: گورنمينٽ مراد هاءِ اسڪول گمبٽ.
794. نالو: نصير محمد بوزدار.
پڙهندڙ: ستون ڪلاس
عمر: 12 سال.
وندر: رسالا پڙهڻ ۽ بيڊمنٽن کيڏڻ.
ائڊريس: ناز هاءِ اسڪول خيرپور ميرس.
795. نالو: جهامنداس مالهي.
پڙهندڙ:پنجون ڪلاس.
عمر: 11 سال
وندر: گل ڦل ۽ رسالا پڙهڻ.
ائڊريس: گورنمينٽ پرائمري اسڪول سامارو.
796. نالو:جميل احمد ولد منطور الاهي خواجه.
پڙهندڙ: اٺون
عمر: 13 سال.
وندر: گل ڦل شوق سان پڙهڻ ۽ تنظيم جو ورڪ ڪرڻ.
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول کهڙا ضلع خيرپور.
797. نالو: محمد نواز سومرو.
پڙهندڙ: ڪلاس ڏهون.
عمر: 15 سال.
وندر: گلن جهڙا ٻارڙا سنگت کي زور وٺائڻ ۽ چتر
ٺاهڻ.
ائڊريس: گلن جهڙا ٻارڙا سنگت آفيس مهراڻ اسڪول،
شهداد ڪوٽ.
ٽنڊي محمد خان کان ظهير احمد ميمڻ لکي ٿو:
ادا، مئي مهيني جو گل ڦل پڙهيو. پڙهي ڏاڍي خوشي
ٿي. ڪهاڻيون سڀ سٺيون هيون. روح رهاڻ ۽ اوهان جو
امتحان سٺا ڪالم آهن. انهن کي بند نه ڪندا. ادا،
اسان کي هتي رسالو ڪونه ٿو ملي. جنهنڪري اسان کي
حيدرآباد مان رسالو خريد ڪرڻو ٿو پوي. ادا، مون کي
مارچ ۽اپريل جو رسالو ڪونه مليو. مون حيدرآباد جي
هر بوڪ اسٽال تي گل ڦل جي پڇا ڪئي. مگر نه مليو.
آخر ۾ آءٌ وري به عرض ڪندس ته اسان کي پنهنجي شهر
۾ هر مهيني رسالو ملي، نه ته آءٌ پنهنجي بدنصيبي
سمجهندس. آءٌ لطيفو موڪلي رهيو آهيان. پسند اچي ته
شايع ڪجو نه ته اوهان جي مرضي. ادا، مون کي سنڌي
ادبي بورڊ جا ڪتاب گهرائڻا آهن ڇا ڪريان؟
(ادا، اوهين ٽنڊي محمد خان ۾ گل ڦل لاءِ ايجنسي
گولايو ته نه رڳو اوهان پر ٻين لاءِ به سهوليت ٿي
پوندي. ايجنسي خواهه سنڌي ادبي بورڊ جي ڪتابن لاءِ
مئنيجر سنڌي ادبي بورڊ جو بڪ اسٽال سنڌ يونيورسٽي
نيو ڪئمپس اسٽيشن روڊ ڄامشورو سان لکپڙهه ڪريو.)
*لاڙڪاڻي کان شميم اختر کوهارو لکي ٿي:
محترم ڀائو صاحب، زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو گل ڦل
رسالو پڙهيم، پڙهي خوشي ٿيم ته سنڌيءَ ۾ به بهترين
معياري رسالو موجود آهي. جيڪي ڪجهه ٻارڙن لاءِ
مواد هئڻ گهرجي سڀ هن رسالي ۾ موجود آهي. منهنجي
دل ٿي گهري ته آءٌ به هن ۾ شريڪ ٿيان، تنهن لاءِ
هڪ ننڍڙي ڀيڻ جي حيثيت ۾ هي خط لکي رهي آهيان. ڇا
آءٌ تصويري ڪهاڻي موڪليان ته شايع ڪندا؟ اهي
تصويرون به منهنجون ٺهيل هونديون.
(ادي، گل ڦل جو معيار اوهان ڀينرن ۽ ڀائرن جي ساٿ
سان قائم آهي. تصويري ڪهاڻي موڪليو سٺي هوندي ته
ضرور ڇاپينداسون.)
*کاهيءَ کان پرشوتم کتري لکي ٿو:
گل ڦل مئي مهيني واري پرچي جو پڙهڻ جو شوق آهي پر
اهو نٿو ملي، مون کي اهو رسالو وي پي ڪري موڪليندا
ته مهرباني.
(ادا: هڪ رپئي جون ٽڪليون ڏياري موڪليو ته رسالو
موڪلي ڏيون. صلاح آهي ته سالانه خريدار ٿيو.)
*لطيف آباد کان منور عالم انصاري لکي ٿو:
ادا سائين، مون اوهان ڏي فوٽو موڪليو هو پر اهو
اوهان شايد گند جي ٽوڪريءَ ۾ هڪ ردي ڪاغذ وانگر
ڦٽي ڪري ڇڏيو مهرباني ڪري فوٽو شايع ڪريو يا ته
فوٽو واپس موڪلي ڏيندا ته مهرباني ٿيندي.
آءٌ ۽ منهنجي ٻين دوستن جو اهو خيال آهي ته لطيف
آباد ۾ ڪا گل ڦل جي آفيس کولجي سو مهرباني ڪري اهو
ٻڌائيندا ته اسين ڇا ڪريون؟ مون هڪ بيت لکيو آهي
ڇا آءٌ اوهان کي موڪليان يا اهو به ردي جي ٽوڪري ۾
ڦٽي ڪندا.
(ادا، فوٽو موجود آهي، رڳو واري جو انتظار ڪيو.
صبر جوڦل مٺو آهي. گل ڦل جا گهڻي ۾ گهڻا سالا نه
گراهڪ وڌايو. اهائي گل ڦل جي وڏي خدمت آهي. بيت
موڪليو سٺو هوندو ضرور شايع ڪنداسين.
|