انساني عروج جي انهيءَ بامقصد سفر تان واپس موٽڻ
تي، صبح ساڻ، حضور انور عليه الصلوات وسلام جن
سموري واقعي کي کولي کولي دنيا وارن آڏو بيان ڪرڻ
فرمايو. راتو واهه هيڏو سارو لنبو سفر انساني عقل
۽ سمجهه کان جيتوڻيڪ گهڻو مٿي هو، تنهن هوندي به
هن صادق امين جي واتان اهو معجزو ٻڌڻ شرط ايمان
وارا اکيون ٻوٽي آمنا و صدقنا چوڻ لڳا.
انساني عروج جي اها ئي پهرين ۽ آخري عظيم منزل
هئي، جا خدا جي هڪ اهڙي پياري ٻانهي جي حصي ۾ آئي،
جنهن خدا جو پيغام پهچائيندي پنهنجي سر تي سهسين
سور سٺا. عرب جي جاهل قوم، جا، پٿر جي خاموش مورتن
۽ بيوس بتن کي سجدا ڪندي هئي، تنهن سندن گس ۾ اهڙا
ڪنڊا اڇلايا، جن تي هلڻ محال هو. کيس گاريون
ڏنائون، ايستائين جو پنهنجي وطن جي وڻن کان
موڪلائڻ تي به مجبور ڪيائون. نه رڳو ايترو پر
پرديس ۾ به کيس ستائڻ لاءِ وڏا وس ڪيائون. وڏيون
وڏيون فوجون هن جي خلاف ڪٺيون ڪيون ويون. پر هي
اڪيلو انسان هڪ وار برابر به پوئتي ڪين هٽيو. هو
پوري عزم ۽استقلال سان دنيا وارن کي خدا جو اهو
پيارو ۽ حيرت انگيز ڪلام ٻڌائيندو رهيو. جنهن جي
پڙلاءُ پوڻ سان سارو عرب حيران ٿي ويو.
دنيا جي هن انسان جيڪي قانون دنيا جي آڏو پيش ڪيا،
انهن جي حڪمتن کي وقت جا وڏا وڏا عالم ۽تجربيڪار
فيلسوف به سمجهي ڪين سگهيا. پر جيئن جيئن دنيا جا
تجربا وڌندا وڃن، تيئن تيئن انهن قانونن جا ويڙها
به کُلندا وڃن. جاگرافي ۽ سائنس جا اصول، نظامي
شمسي، ڪشش ثقل وغيره وغيره سڀ قرآن جي روشني ۾
ثابت ٿي رهيا آهن. معاشي نظريا ۽ اقتصادي اصول
جيڪي هن سيکاريا انهن مان دنيا ۾ ڪيتريون تحريڪون
پيدا ٿيون ۽ اڃا تائين پيدا ٿي رهيون آهن. زندگيءَ
جو هڪ خاص تصور جيڪو هن اسان کي عطا ڪيو آهي. ان
جو مثال تاريخ ۾ ملڻ محال آهي. هن انسانن کي
انساني خدائيءَ ۽ اقتدار کان ڇوٽڪارو ڏياري.
سياسي، قانوني سماجي ۽ اخلاقي مساوات عملي طور
قائم ڪري ڏيکاري.
انساني عاجزيءَ جي انهيءَ اقرار مان معلوم ٿئي ٿو
ته معراج شريف جو واقعو جيتوڻيڪ حضور انور عليه
الصلوات والسلام جن جي زندگي مبارڪ جو هڪ نهايت ئي
مقدس معجزو ۽ ڪمال هو، پر انهيءَ واقعي جو سندن
اختيار ۽ مرضيءَ سان ڪو به تعلق نه آهي. هن عظيم
واقعي جي اصل فلسفي مان انسانن کي رڳو هڪ اصولي
سبق ملي ٿو ته الله شهنشاهه جي درگاهه ۾ اهوئي
ٻانهو قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. جيڪو حق ۽
صداقت تي ثابت قدم ٿو رهي ۽ الله جي راهه ۾ هر
مشڪل جي مرڪندڙ چهري سان آجيان ڪري پنهنجي وک کي
اڳتي وڌائيندو رهي ٿو.
اڄ جڏهن انسان ڌرتيءَ تي هيڏا ويل وهائيندي به امن
۽ انصاف جي تلاش ۾ حيران ۽ پريشان آهي. تڏهن اسان
جي ڪنن ۾ دنيا وارن جي انهن گيتن جي گونج ٻڌڻ ۾ ٿي
اچي، جن ۾ امن ۽ اطمينان جو پيغام آهي. اسان جو
ضمير اسان کي چهنڊڙيون هڻڻ شروع ٿو ڪري، ڇا ڪاڻ ته
انسانن جون عاجز اکڙيون ۽ ڪن گواهه آهن ته اڄ جيئن
جيئن امن ۽ انصاف جا راڳ آلاپيا وڃن ٿا تيئن تيئن
وڌيڪ پريشاني جڪڙبي پئي وڃي. هر طرف ظلم ۽ تشدد،
جهيڙا ۽ جهٽا، دنگا ۽ فساد وڌندا ٿا وڃن. ڀلا ان
جو ڪهڙو سبب آهي؟ ظاهر آهي ته انسان پنهنجي حقيقي
منزل کان ٿڙي، هڪ اهڙي اوڙاهه ۾ اڇلجي پيو، جتان
کيس سڌو گس نظر نٿو اچي. قدرت جنهن پروگرام تحت
انسانن کي هن دنيا ۾ موڪليو آهي. تنهن کي فراموش
ڪيو ويو آهي. خداتعاليٰ پنهنجي پياري ٻانهي کي
اکڇنڀ ۾ ستن آسمانن جو سير ڪرايو ۽ کيس نماز جي
اهڙي سهڻي سوکڙي عطا فرمائي جنهن کي” مومنن جو
معراج“ ڪري سڏيو ٿو وڃي. جيڪڏهن اڄ به دنيا وارا
نماز جي فلسفي کي سمجهي، قرآن جي قانون کي چمبڙي
پون ته اهو ڏينهن هرگز پري نه آهي جو هيءَ دنيا
امن ۽انصاف جو آستان بنجي وڃي ۽ انسان پنهنجو
حقيقي عروج حاصل ڪري وڃي.
·
الطاف حسين آگرو
سائنس
هٿراڌو گرهه
پراڻي زماني ۾ ڪنهن ماڻهوءَ کي اهو خيال خواب به
نه هو ته زمين جي چوڌاري هٿراڌو گرهه موڪلي سگهجن
ٿا.1955ع ۾ آمريڪا جڏهن اعلان ڪيو ته هو هڪ هٿراڌو
گرهه زمين جي چوڌاري آسمان ۾ اڏائڻ جون ڪوشش ڪري
رهيو آهي ته سائنس نه ڄاڻندڙن ۾ ڪيتريون ئي قياس
آرائيون ٿيڻ لڳيون.
آمريڪا ڪوششون ڪندو رهيو پر سڀ کان پهريائين 4
آڪٽوبر 1957ع ۾ روس پهريون هٿرادو گرهه ڇڏيو. جنهن
جو نالو اسپيوٽنڪ پهريون هو.اهو 23 انچ قطر جو
گولو هو، جنهن جو وزن سوا ٻن مڻن جي لڳ ڀڳ هو. اهو
زمين جي چوڌاري هڪ چڪر 96 منٽن ۾ پورو ڪري رهيو
هو.
اسان جي ملڪ ۾ تمام گهڻن ماڻهن هن کي هڪ تيز رفتار
تاري وانگي آسمان تي اڏامندو ڏٺو. هي گرهه هميشه
لاءِ هوا ۾ نٿي رهي سگهيو. ڇا ڪاڻ ته 142 ميلن کان
اڳتي هوا ۾ ڪافي رڪاوٽ ٿئي ٿي. ۽ اها آهستي آهستي
بند ٿيو وڃي ۽ آخرڪار اهو گرهه، جڏهين هوا جي نه
هجڻ واري خال ۾ پهتو ته سڙي ٻري ويو.
هن معاملي ۾ ڪو به ملڪ ٻئي ملڪ کي پنهنجي گرهه
موڪلڻ جو راز ٻڌائڻ لاءِ تيار نه هو ڇا ڪاڻ ته
جيڪو گرهه فضا ۾ پهچي وڃي ٿو ته اهو فوجي ڪمن لاءِ
فائدي وارو به ۽ زياده نقصانڪار به ٿي سگهي ٿو.
اها ڳالهه سائنس جي ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ هئي.
ان کان پوءِ ڪيترائي هٿراڌو گرهه فضا ۾ ڇڏيا ويا
آهن ۽ هن وقت هڪ هزار کان وڌيڪ گرهه فضا ۾ موجود
آهن.
ان کان پوءِ اها ڪوشش ڪئي وئي ته ڪو اهڙو جسم فضا
۾ موڪليو وڃي جو چنڊ جي چوڌاري چڪر لڳائي، ان جي
لڪل پاسي جي حالت معلوم ڪري سگهي. اهڙي جسم جو
نالو ليونڪ رکيو ويو. چنڊ، پنهنجي چوگرد اهڙيءَ
طرح ڦرندو آهي، جو هن جو هڪ پاسو زمين ڏانهن هوندو
آهي ۽ ٻيو هميشه لڪل رهندو آهي. 11 آڪٽوبر 1958ع
۾ آمريڪا پهريون ليونڪ موڪليو جنهن جو نالو پاينر
هو. پر 71000 ميل پري وڃي بيهي رهيو ۽ واپس
ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ڪري پيو. روس ٽي
ليونڪ هڪ ٻئي جي پويان موڪليا. پهريون 2 جنوري
1959ع ۾ ويو. هي چنڊ کان به اڳتي وڌي ويو، هن سان
5 جنوري تائين رابطو قائم رهيو. انهي وقت تائين
371000 ميل پري وڃي چڪو هو. هن وقت معلوم نه آهي
ته ڪاٿي آهي. ٻيو روسي ليونڪ 12 سيپٽمبر تي موڪليو
ويو. ٽيون روسي ليونڪ 14 آڪٽوبر 1959ع تي يعني
اسپيوٽنڪ کان ٻه سال پوءِ موڪليو ويو. هي 292000
ميل مٿي ويو ۽ ان کان پوءِ واپس ٿيڻ شروع
ڪيائين.28 آڪٽوبر تائين جو مفاصلو صرف 25000 ميل
هو. انهي ٽيلي ويزن جي ذريعي چنڊ جي لڪل پاسي جون
تصويرون موڪليون جيڪي 26 آڪٽوبر تي شايع ٿيون.
12 فيبروري 1961ع تي روس هڪ اسپيوٽنڪ موڪليو جو
زهره تائين پهچڻ لاءِ ٺاهيو ويو.
روس جي سڀ کان وڏي ڪاميابي هي هئي. 12 اپريل 1967ع
تي هڪ خلائي جهاز ۾ ميجريوري گاگرن سوار ٿي زمين
جي چوڌاري چڪر لڳائي صحيح سلامت واپس آيو.
1968ع ۾ آمريڪا هڪ فضائي جهاز ۾ ماڻهو موڪليا، جي
زمين جي چوڌاري يارهن چڪر ڏئي زمين تي لهي آيا.
اهڙيءَ طرح 1968ع کان 1976ع جي وچ ۾ نه رڳو آمريڪا
۽ روس جا هٿراڌو گرهه، فضا ۾ موڪليا ويا پر سندن
گڏيل ڪوششون به ڪامياب ويون آهن ۽ اها هٿراڌو گرهن
جي ڊوڙ اڄ ڪلهه ايتريقدر ترقي ڪري چڪي آهي جو ڪير
به ائين نٿو چئي سگهي ته سڀاڻي ڇا ٿيندو؟
علي اڪبر ابڙو هالا
ذوالفقار علي”نياز“ پنهور
آءٌ هر مهيني باقاعدگيءَ سان گل ڦل پڙهندو آهيان،
گل ڦل جنهن ريت سنڌڙي جي خدمت ڪئي آهي، سان ڪنهن
به محب وطن سنڌيءَ کان ڳجهي ڪونه آهي. تازو جڏهن
گل ڦل ۾ ننڍڙن اديبن کان انٽرويو جو ڪالم”روشن
تارا“ شروع ٿيو ته سوچيم ته آءٌ به ڪنهن ننڍڙي
ليکڪ کان انٽرويو وٺان. سو سوچيندي سوچيندي نياز
پنهور جو نالو ذهن تي تري آيو. سندس ڪيترائي ليک
مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ پڙهندو اچان. هيڏڙي ننڍڙي
عمر ۾ هو تمام سٺو لکي ٿو. هڪ ڏينهن سهي سنڀري
کانئس ملڻ لاءِ سندس گهر سنڌ يونيورسٽي ڪالوني
پهتس، ڏاڍي حب ۽ اڪير سان مليو جڏهن کيس ٻڌايم تي
کانس سنڌي ٻارن لاءِ انٽرويو وٺڻ آيو ِآهيان تنهن
تي مرڪندي جواب ڏنائين ته سنڌ جي ٻارن لاءِ سر پڻ
حاضر آهي، پر چوڻ لڳو ته ڀاءُ اڄ رات مون وٽ ترس
تمام ڪچهري به ڪيون ۽ آرام سان انٽرويو وٺجانءِ.
سندس ايتري حُب ڏسي سندس ڳالهه مڃيم ڪچهري ڪندي
خبر پئي ته پاڻ اسڪول جو تمام هوشيار شاگرد آهي. ۽
پنهنجي ڪلاس جو مانيٽر پڻ. ڳالهائيندي ڳالهائيندي
رات ٺرندي ويئي ۽ ان جو احساس دير سان ٿيو. ماني
ٽڪي کائڻ کان پوءِ کائنس انٽرويو وٺڻ شروع ڪيم.
کانئس پهريون سوال ڪيم:
س: اوهان پهرين پنهنجو تعارف ڪرايو؟
ج:ادل، منهنجو نالو ذوالفقار علي پنهور آهي، اصل
ٿرپارڪر ضلعي جي شادي پلي ڳوٺ جو رهندڙ آهيان.
بابا سائين جي هت نوڪريءَ جي ڪري سنڌ يونيورسٽي
ڪالونيءَ ۾ رهان ٿو. پهريان چار درجا ڳوٺ جي
پرائمري اسڪول ۾ پڙهيس ان کان پوءِ پنجين درجي کان
ماڊل اسڪول سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد ۾ داخل ٿيس جتي
اڄ اٺون ڪلاس پڙهي رهيو آهيان.
س: اوهان ٻهراڙيءَ جا رهاڪو آهيو ان حيثيت ۾ توهان
شهري ٻار ۽ ٻهراڙيءَ جي ٻار ۾ ڪهڙو فرق محسوس ڪريو
ٿا.
ج: ادل، ٻهراڙيءَ جو ماحول ۽ هتي جي رهڻي ڪرڻيءَ ۾
وڏو فرق آهي. ٻهراڙيءَ وارن جو گهڻو تڻو گذران
پوکيءَ تي آهي. اتي جا ماڻهو اڪثر ڪري هاري ۽
مزدور آهن. انهن تي زميندارن ۽ وڏيرن جو ظلم ۽ ستم
زور آهي. ان جو اثر اتي جي ننڍڙن ۽ ابهم ٻارڙن تي
پوي ٿو. هو ننڍڙي هوندي کان ئي وڏيرا شاهيءَ جي
دٻاءَ ۾ رهن ٿا، جنهن ڪري هو ڪنهن به قسم جي سوچ
نٿا رکي سگهن ۽ ان جي ابتڙ شهرن جا ٻار نئين ماحول
۾ رهن رهن ٿا. هتي جي اسڪول ۾ انهن کي اعليٰ
تعليم ملي ٿي. ان کان سواءِ آزادانه ماحول جي ڪري،
هنن ۾ نئين سوچ ۽ نيون ڳالهيون اڀرن ٿيون ۽ اهي
ٻهراڙيءَ جي ٻارن کان وڌيڪ سوچ رکندڙ آهن.
س: سنڌ ۾ جيڪي ٻارڙن جون تنظيمون آهن، انهن مان
ٻارڙن کي ڪهڙا فائدا ۽ نقصان آهن.
ج: ڀاءُ، جيتري قدر فائدن جي ڳالهه آهي، ان لاءِ
مان اهو چوندس ته ٻارڙن جي تنظيم ٻارن ۾ جيڪا
سجاڳي آندي آهي، اها اڳ ڪونه هئي. سنڌي ٻار هميشه
جي اگهور ننڊ ۾ هئا. تنظيمن انهن ۾ نئون جذبو،
نئون جوش ۽ نيون امنگون پيدا ڪيون آهن. انهن
تنظيمن ٻارن کي مونجهارن وارن پيچرن مان ڪڍي هڪ
سڌي واٽ تي آڻي بهاريو آهي، جتان هو منزل ماڻڻ
لاءِ پنهنجي واٽ ڳولي سگهن ٿا. باقي رهي نقصان
واري ڳالهه، سو منهنجي خيال ۾ ٻارن کي انهن تنظيمن
مان ڪو خاص نقصان ڪونهي.
س: ڇا اوهان استاد ۽ شاگرد جي لاڳاپن تي ڪجهه
روشني وجهي سگهندا؟
ج: استاد اها هستي آهي. جيڪا اسان کي فرش تان کڻي
عرش تي رسائي ٿي. اسان کي تعليم جهڙي زيور سان
آرائسته ڪري ٿي تنهنڪري اسان تي اهو لازم آهي ته
اسان سندس عزت ڪريون. کيس پنهنجو مائٽ ڪري سمجهون
۽ سندس هر نصيحت تي عمل ڪريون، جيئن پنهنجو مستقبل
ان روشن لاٽ وانگر رهي جيڪا تيز طوفانن هوندي به
پوري آب ۽ تاب سان ٻرندي رهي.
س: اوهان پنهنجي تنظيم ٻارڙن جي محفل جي سيڪريٽري
جنرل جي حيثيت سان پاڻ تي ڪهڙيون جوابداريون محسوس
ڪريو ٿا؟
ج: ادا، مون جنهن ڏينهن کان ٻارن جي محفل جي
سيڪريٽري جنرل جو عهدو سنڀاليو آهي، تنهن ڏينهن
کان سنڌي ٻارن جي خدمت جون وڌيڪ زميداريون محسوس
ڪيون اٿم. پنهنجي ضمير سان قول ڪيو اٿم ته مون تي
جا جوابداري وڌي وئي آهي، تنهن کي پنهنجي پوري
صلاحيتن سان پورو ڪندس. ۽ هر حال ۾ پنهنجي ڌرتيءَ
۽ ان جي ٻارن جي خدمت ڪندو رهندس.
س: توهان کي ڇا لکڻ جو وڌيڪ شوق آهي؟
ج: ادل، مون لکڻين جي شروعات ته ڪهاڻين سان ڪئي
هئي، پر مان ان سان نڀائي ڪونه سگهيس. پوءِ جئين
جئين منهنجو اڀياس گهرو ٿيندو ويو تئين تئين
منهنجو ذهن شاعريءَ ڏي مائل ٿيندو ويو. ۽ پوءِ رڳو
شعر لکڻ لڳس. مون کي شاعريءَ سان زياده لڳاءُ آهي.
تنهن هوندي به نثر لکڻ ڇڏي ڪونه ڏنو اٿم.
س: اوهان کي گل ڦل رسالي مان ڪهڙو ڪالم وڌيڪ پسند
آهي ۽ ڇو؟
ج: هونئن ته رسالو گل ڦل سڄوئي هڪ قسم جي سرهاڻ
سان ڀريل آهي، پوءِ به ڪنهن گل ۾ ته سرهاڻ وڌيڪ
هوندي. مون کي رسالي مان هنن سان ملو، ڪالم پسند
آهي. ڇا ڪاڻ ته هن ڪالم جي ڪري اسان سنڌي ٻارن کي
پاڻ ۾ دوستي رکڻ جو موقعو ملي ٿو ۽ان جي ڪري اسين
هڪ ٻئي جي وڌيڪ ويجها ٿيون ٿا. ۽ اسان ۾ ٻڌي ۽ايڪي
جي راهه کلي ٿي.
س: توهان ريڊيو ۽ ٽي وي پروگرامن ۾ ڇونٿا حصو وٺو؟
ج: ننڍڙي هوندي جڏهن ڳوٺ رهندو هوس، تڏهين ريڊيو
تان ٻارن جو پروگرام ايتري ته شوق سان ٻڌندو هوس
جو جڏهن پروگرام شروع ٿيندو هو ته مان ريڊيو وٽان
اٿندو به ڪونه هئس جيسين پروگرام ختم ٿئي پوءِ
مون کي شوق ٿيو ته مان ريڊيو پروگرام ۾ حصو وٺان.
پر ڳوٺ کان حيدرآباد وٺي ڪير اچي. نيٺ دل جي جذبات
دل جي اندر ئي دفن ڪري خاموش پروگرامن سان
وندرائيندو هئس. پوءِ جڏهن بابا نوڪريءَ سانگي
حيدرآباد آيو ته مان ٻارن جي پروگرام ۾ حصو ورتو ۽
شايد هڪ نظم ٻڌايم ان کان پوءِ وري حصو ڪونه ورتم.
س: اڄڪلهه هر هڪ ٻار ليکڪ بنجڻ جي خواهش رکي ٿو،
پوءِ هو چاهي لکي سگهي يا نه، سو ڇو؟
ج: ادل، اڄڪلهه ٻارن جي رسالن ۽ اخبارن پاران ٻارن
جي صفحن کي ڏسي هر هڪ ٻار چاهي ٿو ته هو به انهن
رسالن ۽ اخبارن ۾ لکي، جيئن هنن جو نالو ڇپجي.
س: توهان وڏا ٿي، ڪهڙيءَ ريت سنڌڙيءَ جي خدمت ڪرڻ
گهرو ٿا؟
ج: ادا، مان وڏو ٿي هڪ انجنيئر بنجي پنهنجي ڌرتيءَ
جي خدمت ڪرڻ جو عزم رکان ٿو.
س: توهان پنهنجي سنڌي ٻارن کي ڪو پيغام ڏيڻ گهرو
ٿا؟
ج: ادا، منهنجو سنڌ ڌرتيءَ جي آئيندي جي وارثن
لاءِ اهو پيغام آهي ته هو محنت سان پڙهن. سڀاڻي
ديس جون واڳون اسان جي نازڪ ڪنڌ تي پونديون
تنهنڪري اسان کي گهرجي ته اسين ننڍپڻ کان ئي ان
لاءِ پاڻ کي تيار رکون. اها تياري اسان کي اڄ کان
ڪرڻي آهي. ان لاءِ اسان سڀني کي پوري محنت سان
پڙهڻو پوندو. رات جا ٻارنهن وڃي چڪا هئا ۽ ادي
نياز هڪ وڏو ساهه کنيو. مون به انٽرويو ختم ڪيو.
صبح جو سويل نيرن ڪري نياز کان موڪلائي هالا روانو
ٿيس.
مولا سان محبت
ڌڻي ڏيندڙ آهي، وٺندڙ نه آهي. جيڪو شخص مالڪ جي
مخلوق سان، جنهن کي هو اکين سان ڏک ۾ مبتلا ڏسي
ٿو، قرب نٿوڪري، سو اڻ ڏٺل مولا سان محبت ڪري
سگهندو؟ (علامه آءِ آءِ قاضي)
چونڊيندڙ: امير احمد بخش کهاوڙ، سنڌ يونيورسٽي ڄام
شورو.
ماهه مئي 1976ع ۾ ڏنل امتحان جو جواب آهي”19
ڏاڪا.“ ڏاڪڻ جي ماپ برابر ويهه فوٽ ٿيندي پر ان جا
ڏاڪا 19 ٿيندا. اوهين ڀلي شڪل ڪڍي حساب ڪري ڏسو.
صحيح جواب موڪليندڙ جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:
ميرپور ماٿيلي کان : عبدالجبار مگسي بلوچ، سومرو
محمد موسيٰ، غلام مصطفيٰ ڪولاچي، سشيل ڪمار پنشي ۽
حبيب الرحمان لغاري. ڳوٺ کهڙن کان: محمد ابراهيم
خواجو ۽الطاف حسين ميمڻ. ڏيپلي کان: سريش ڪمار،
فضل قادر، منظور قادر، بلال الدين مٺواڻي،
عبدالقادر ميمڻ، علينواز، عبدالرحمان ڪلر، جئه
ڪمار، غلام الله مٺواڻي ۽ غلام رسول انصاري. شهداد
ڪوٽ کان: ذوالفقار علي شيخ، شيخ شاهنواز سنڌي، قمر
حسين خان ۽ شيخ محمد سنڌي. ڳوٺ دودي شنهسي کان:
آفتاب احمد صديقي، نئين ديري کان: وفا عبدالله
جوکيو. موري کان: فضل الرحمان قاضي، بهادر خان
ڍولو ۽مسرت اختر ايم، قاضي. ڪيڊٽ ڪاليج پيٽاري
کان: رياض احمد مٺواڻي. لاڙڪاڻي کان: زاهد حسين
شيخ، سليم مصطفيٰ ميمڻ، شوڪت علي ميمڻ ۽ گل محمد
دايو. ڳوٺ جروار کان : علي اسد الله ملاڻو، اشوڪ
ڪمار، چندر لعل لنڊ، چندر پريمي، ماستر چندر ۽
سوان لعل. قمبر کان:محمد ايوب شيخ، درمحمد ٻرڙو ۽
صحبت ٻرڙو، ٺل کان: احسان الله نوناري. سنڌي
يونيورسٽي ڄامشوري کان: فيض بانو مهر. شڪارپور
کان: مسرت ابڙو، افضل راجه ميڻ اداس، خوبچند ۽
جواد حسين شاهه بخاري، ڪنڌ ڪوٽ کان: سنتوش ڪمار،
الطاف احمد، جئپال ٽي ڇاٻڙيا، رميش ڪمار، اندر لعل
ايل، ٺٽي کان: منصور احمد کتري ۽ مقبول احمد
عباسي. ڳوٺ ڪنڊي: طفيل احمد قريِشيءَ. ڳوٺ داد
لغاريءَ کان: محمد خان لغاري، سلطان ڪوٽ کان: خدا
بخش سومرو. نئين وٽ کان: صلاح الدين فاروقي.
گهوٽڪي کان: ثناءِ الله انصاري. خانپور کان:
علينواز جسڪاڻي. حيدرآباد کان: اقبال احمد بلوچ،
هريش ۽ محمد هاشم جوکيو. ڏهرڪيءِ کان غلام نبي
انصاري، شيام لعل لنڊ، اختيار علي ڀٽو، ۽ دوارڪا
داس ۽ دولترام کيمچند. باڊهه کان: عبدالجبار شيخ.
ديهه 333 جيمس آباد کان: کيم گر سوامي ٻائو. هالا
کان: محمد انور ميمڻ، معين الدين، فوزيه قمر، سيما
شاهين ۽ علي اڪبر ابڙو، ڪنريءَ کان: علي محمد
ميمڻ. ڊينگاڻ کان: شر لعل هريجن. باڊيهه پراڻي
کان: سنتوش ڪمار، کپري کان: رميش ريواچند، رضوان
سعيد قاضي ۽فرحان سعيد قاضي. هٿونگي کان: عبدالحق
ايم هنڱورو. قاضي احمد کان: غلام سرور لاکو. ڳوٺ
گهٽڙ کان: رئيس اقبال احمد ٻرڙو ۽ سعيد احمد
ٻرڙو. دادوءَ کان: شفيع الله قريشي. جهڏي کان:
محمد علي اصغر مٺواڻي، شريف الدين مٺواڻي، روميلا
فرحين مٺواڻي. خدا آباد کان: صلاح الدين قريشي.
ڳوٺ لهڻي لغاري کان: امتياز حسين لغاري. رتي ديري
کان: مير حسن راهي جلباڻي بلوچ، غمگين ولي محمد
منگي ۽ الهداد بروهي. ڳوٺ درويش نائج کان: اعجاز
احمد ميراڻي. ساماري کان: حاميد علي راهمون.
مڪليءَ کان: محمد هاشم شيخ. ڳوٺ محمد پور کان:
عبدالجبار ڌاريجو. ڳوٺ خدا ٻاد کان: شجاع الدين.
مٽياريءَ کان: ظهير الدين شيخ. بدين کان: مقبول
احمد ميمڻ ۽ محمد موسيٰ ميمڻ. نبي سرورروڊ کان:
عبدالجبار نظاماڻي. ٽنڊي قيصر کان: محمد حسن عاصم
پٺاڻ. ڳوٺ ڏتي جي مياڻيءَ کان: علي اصغر قريشي.
ڳڙهي ياسين کان: اسلم پرويز ڀٽي.
اوهان جو امتحان نمبر 15
مٿي ٽڪنڊي جي شڪل آهي، جنهن ۾ ڇهه گول ڇلا آهن
انهن ۾ اهڙيءِ طرح انگ ڀريو جوهر پاسي کان انهن جو
جوڙ 15 ٿئي. شرط آهي ته انگن ڀرڻ مهل اهو ڌيان
رکڻو آهي ته 9 کان مٿي ڪو به انگ ڪتب نه آڻبو. 2
انهن ۾ 4،1 ۽ 9 وارا انگ ڪتب نه آڻنو پر
2،3،5،6،7،8، ڪم آڻي سگهن ٿا. ٽڪنڊي جي شڪل، هن
رسالي ۾ جدا ڏنل ڪوپن اوهان جو امتحان مبر 15 آهي
جي پٺيان پڻ ڇاپي وئي آهي. اوهان ڪوپن واري ڇپيل
شڪل ۾ انگن ڀرڻ سان ئي جواب موڪلي سگهو ٿا. انگ مس
سان لکيل هجڻ کپن ۽پينسل ڪتب نه آڻڻ کپي. جواب
موڪلڻ لاءِ آخري تاريخ 18 آگسٽ 1976ع آهي.
پاڪ ادارو
اسڪول، هڪ اهڙو باغ آهي جنهن ۾ توهان هر قسم جا گل
ڏسندا. جيئن ٻين باغن ۾ توهان کي خوشبوءِ دار گل
وڻندو، تئين اسڪول جي باغ ۾ توهان هوشيار ٻارن کي
وڌيڪ پسند ڪندا، پوءِ ڀلي ته هو غريب هجن. اسڪول،
هڪ اهڙو پاڪ ادارو آهي، جنهن ۾ توهان هڪ ئي بئنچ
تي امير ۽ غريب کي گڏ ڏسندا. بنا ڪنهن نسلي فرق
جي. بنا ڪنهن ذات پات جي ڀيد جي.
موڪليندڙ : اشوڪ ڪمار آزاد ٽنڊو باگو
·
نظير ڏهر لاڙڪاڻو
چالاڪ ڪانءُ
ڪنهن جهنگل ۾ ڪڪڙ، ڳيرو ۽ ڪانءُ رهندا هئا. انهن
ٽنهي جي پاڻ ۾ گهاٽي ياراڻي هوندي هئي. جڏهن اها
خبر گدڙ کي پئي تڏهن دل ۾ سوچيائين ته ڇو نه مان
به وڃي هنن جي سنگت ۾ شامل ٿيان. سو هڪ ڏينهن سهي
سنڀري ڪڪڙ، ڳيري ۽ ڪانءَ جي ٽولي ڏانهن آيو ۽
چيائين ته مان اوهان سان سنگت رکڻ ٿو چاهيان. ڇا
توهان مون سان سنگت رکندو؟ گدڙ جا لفظ ٻڌي ڪڪڙ ها
ڪئي. ڪانءَ هو چالاڪ، سوسمجهي ويو ته هي اسان کي
ضرور کائيندو. سو ڪانءَ پنهنجي دوستن کي چيو ته هي
اسان جو اصل کان وٺي ويري آهي ۽ اسان کي ضرور
کائيندو. ڪڪڙ ۽ ڳيرو اهو ٻڌي اٽلو مٿس ٽوڪون ڪرڻ
لڳا ۽ چيائونس ته ميان!ڏسڻ جو ته شريف آهي. هي
اهڙو ڪم هرگز نه ڪندو.
هاڻي هي چار سنگتي ٿيا ۽ ڏاڍي چڱي نموني سان زندگي
جا ڏينهن گهارڻ لڳا. هڪ ڏينهن گدڙ پنهنجن دوستن کي
چيو ته کائجي ته کارائجي به. ٻيلي مان به مڙس چڱو
آهيان. سڀاڻي منهنجي اوهان کي دعوت آهي. ڪانءَ کي
ته هر مهل هن مان خطرو هوندو هو. سو هي سمجهي ويو
ته اسان کي کائي کپائي ڇڏيندو. پر ڪڪڙ چيس ته”ضرور
هلنداسين.“
ٻئي ڏينهن ٽيئي دوست گدڙ سان گڏجي ويا. گدڙ جي
رهڻ جو هنڌ جبل جي هڪ چُر ۾ هئو، جڏهن اتي پهتا ته
گدڙ دوستن کي چيو ته هن چُر ۾ منهنجو گهر آهي. اڳ
۾ اوهان اندر هلو. پوءِ آءُ هلندس. ڇو ته اسان جي
قوم ۾ اها رسم آهي ته مهمان کي اڳيان هلائجي.
ڪانءُ بلڪل سمجهي ويو ته هاڻي ضرور کائيندو سو
دوستن کي به چيائين پر سندس سندس هن جي ڳالهه به
نه ٻڌي ٽيئي دوست اندر چُر ۾ داخل ٿيا ۽گدڙ چُر جي
منهن تي ويهي رهيو ۽ چيائين ته اڄ مان اوهان کي
چڱي دعوت کارائيندس ۽انصاف ڪندس. سڀ کان پهريائين
ڪڪڙ کي چيائين ته اي ڪڪڙ! تون صبح جو ساجهر ٻانگون
ڏيئي انسانن ۽ اسان بي زبان جانورن جون ننڊون حرام
ڪندو آهين. ويهه توکي سمجهان ٿو. وري ڳيري کي
چيائين ته اي ڳيرا، جڏهن هاري انُ گڏ ڪري ديرا
ٺاهي ۽ انهن جي مٿان نشان ڪري ويندا آهن ته تون
انُ کائين انهن جا نشان ڊاهي ويندو آهين. ويهه
توسان به انصاف ڪيو وڃي ٿو.
آخر ۾ ڪانءُ جو وارو آيو. ڪانءُ کي چيائين ته
ڪانءُ! تون وري ننڍڙن ٻارن جي هٿن مان لولا ۽ماني
کسي کائي ويندو آهين. ڪانءَ چيس ته گدڙ خان ترس،
منهنجو ڪيس عدالت ۾ پيو هجي. انهيءَ جي باري ۾ آءٌ
شاهد وٺي ايندس. اجازت ڏيو ته شاهد وٺي اچان. تنهن
تي گدڙ اجازت ڏنس. ۽ ڪانءُ ٻاهر نڪري اڏامي هڪ ڳوٺ
ڏانهن ويو. جتان ٻارن کي ماني جا ٽڪرا کسي اڏاڻو،
۽ ٽڪر ٽڪر هيٺ اڇلائيندو رهيو ۽ هيٺان ڪتا کائيندا
رهيا ۽ ڪانءُ وارو رستو وٺيو پئي آيا، نيٺ گدڙ جي
چر تائين ڪتن کي آندائين. ڪانءَ چُر ۾ اندر وڃي
گدڙ کي چيو ته شاهد پهچي ويا آهن. هاڻي عدالت ۾
ڪيس هلاءِ گدڙ جو منهن ڪڍي ڪتا ڏٺا، سو اچي ٿو
ڀڄي. پوءِ ته گدڙ الائي ڪاڏي ويو. ڪتا سندس پٺيان
ڀڳا ويا. پوءِ ڪڪڙ ۽ ڳيرو چُر کان ٻاهر نڪتا.
ڪانءُ چين ته ” مون ته اوهان کي اڳ ۾ چيو هو ته،
ڏسو منهنجي ڳالهه سچي هئي يا نه؟“ تنهن تي ڪڪڙ ۽
ڳيرو ڏاڍا شرمندا ٿيا ۽ وري ٽئي دوست گڏجي موٽي
جهنگل ڏانهن ويا.
·
لالا نثار احمد سومرو
عقلمند هاري
هڪ دفعي هڪ بادشاهه شڪار ڪرڻ ويو جڏهن گهڻي ڪوشش
جي باوجود ڪوئي شڪار نه مليو ته واپس موٽڻ جي
سوچيائين. واٽ تي کيس هڪ هاري هر هلائيندي مليو.
بادشاهه گهوڙي کي روڪيو ۽ هيڏانهن هوڏانهن جي
ڳالهين ڪرڻ کان پوءِ هاري کان پڇيو ته تون سڄي
ڏينهن ۾ گهڻو ڪمائيندو آهين؟ هاريءَ ادب وچان جواب
ڏنو” حضور، مان چار رپيا روزانو ڪمائندو آهيان.“
تون انهن چئن رپين کي ڪهڙيءَ طرح خرچ ڪندو آهين.“
بادشاهه وري ٻيو سوال پڇيو. هاريءَ جواب ڏنو” حضور
! پهريون رپيو مان خرچ ڪندو آهيان، ٻيو اڌارو
ڏيندو آهيان، ٽيون رپيو قرض لاهڻ ۾ لڳندو آهي.
چوٿون رپيو مان کوهه ۾ ڦٽو ڪندو آهيان.“
بادشاهه ان جون ڳالهيون ٻڌي حيران ٿي ويو ۽چيائين
مون تنهنجي انهن ڳالهين جومطلب نه سمجهيو. هاريءَ
چيو ته حضور! پهريون رپيو مون تي ۽ منهنجي زال تي
خرچ ٿيندو آهي. ٻيو رپيو مان پنهنجن ٻارن تي خرچ
ڪندو آهيان، جيئن مان پوڙهو ٿي وڃان ۽ ڪنهن ڪم جي
قابل نه رهان ته اهي کارائي پياري سگهن. تنهنڪري
اهو رپيو ڄڻ مان ٻارن کي قرض طور ڏيندو آهيان،
ٽئين رپيئي مان آءٌ پنهنجي والدين کي کارائيندو
آهيان. انهن ننڍي هوندي مون کي پاليو ۽مون تي خرچ
ڪيو. هاڻي مان انهن جو قرض لاهيندو آهيان ۽ چوٿون
رپيو مان خيرات ڏيندو آهيان ۽ دنيا ۾ ان جو ڪوئي
انعام ڪونهي.“ بادشاهه ان جواب مان ڏاڍو خوش ٿيو ۽
چيائين ته واعدو ڪر ته اهي ڳالهيون ڪنهن کي به نه
ٻڌائيندين جيستائين تون سؤ ڀيرا منهنجو منهن نه
ڏسندين. هاريءَ وعدو ڪيو، ٻئي ڏينهن بادشاهه وزيرن
کي چيو ته اسان جي شهر ۾ هڪ هاري رهندو آهي. جيڪو
هڪ رپيو خرچ ڪندو آهي، ٻيو رپيو اڌارو ڏيندو
آهي،ٽيون رپيو قرض ڏيندو آهي، چوٿون رپيو کوهه ۾
ڦٽو ڪندو آهي، ٻڌايو ته ان جو مطلب ڇا ٿيو؟
وزير بادشاهه کي ان ڳالهه جو جواب ڏيئي نه سگهيا.
هڪ وزير کي ياد آيو ته بادشاهه فلاڻي ڏينهن، فلاڻي
هاري سان ڳالهيون ڪيون هيون. سو هڪدم ان هاريءَ وٽ
ويو ۽ پڇيو ته انهن ڳالهين جو مطلب ٻڌاءِ. هاري
جواب ڏنو ته مان بادشاهه سان وعدو ڪيو آهي ته
جيستائين بادشاهه جو سئو ڀيرا منهن نه ڏسندس
تيستائين انهن ڳالهين جو مطلب ڪنهن کي به نه
ٻڌائيندس. ان تي وزير جلدي سؤ اشرفيون هاريءَ جي
حوالي ڪيون ۽ هاريءَ کيس مطلب ٻڌائي ڇڏيو.
ٻئي ڏينهن وزير دربار ۾ بادشاهه کي سڄو مطلب
ٻڌايو. بادشاهه سمجهي ويو ته ضرور، وزير هاريءَ
کان مطلب پڇيو هوندو. بادشاهه، هاريءَ کي درٻار ۾
گهرايو ۽ چيائين ته تون واعدي جي خلاف مطلب ڇو
ٻڌايو. هاريءَ عرض ڪيو: حضور جواب ٻڌڻ کان اڳ مون
سئو ڀيرا اوهان جو منهن ڏٺو هو. ايئن چئي اهي سئو
اشرفيون جن تي بادشاهه جي مهر هئي، بادشاهه جي
اڳيان رکيائين. بادشاهه سندس عقلمنديءَ تي ڏاڍو
خوش ٿيو ۽ سئو اشرفيون ٻيون به انعام ڏنائينس.
·
رشيد احمد شيخ مٽياري
نئين تو رتڪ
”ها، ابا! هن ٻڪريءَ جو گهڻو وٺندين؟“
عيدالضحيٰ جي موقعي تي قربانيءَ لاءِ ٻڪريءَ جي
خريدار ٻڪرين جي مالڪ کان پڇيو.
”جي، اوهان کان فقط 310 رپيا وٺبا“ ٻڪرار جواب
ڏنو.
خريدار به ڪو خفتي هو. هڪدم پڇيائين:”ٻئي ڪنهن کان
هن ٻڪريءَ جو هوند گهڻو وٺندين.“؟
”چار سئو.“
”مهرباني، ڀلا ڇو، مون سان هي نوي رپين جي عنايت
(مروت) ڇو؟“
”اوهان شريف ٿا ڏسجو نه؟
ميان صاحب! اسين ماڻهوءَ کي پريان ئي سڃاڻي وٺندا
آهيون.“ ٻڪرار صفائي بيان ڪندي چيو.
”چڱو ڀلا پري کان ئي جانچي ٻڌاءِ ته هن ٻڪريءَ ۾
وزن ڪيترو ٿيندو؟“ خريدار چيو.
”پندرهن سيرن کان گهٽ نه ٿيندو!“ مالڪ وڏي فخر سان
چيو.
”مارڪيٽ ۾ وڍيل ڪٽيل صفا ٿيل گوشت ملي ٿو ٻارهين
رپئي جي حساب سان. باقي هن ٻڪري ۾ کل ۽ منڍي کان
وڌيڪ رکيو ڇا آهي؟ جنهن جا ايترا پئسا ٿو وٺين.
قيمت وٺڻ مهل ڪو حساب به ڪندا ڪريو.“ خريدار بحث
جي انداز ۾ چيو: سئو نه، ڏيڍ نه، ٻه سئو وٺ، آخر
310 رپيا ڪهڙي حساب سان ٿو وٺين؟“
”ميان، هيءَ ٻڪريءَ جي قيمت ڪانهي، قرباني ڪرڻ
وارا 310 ته ڇا پر سٺ به ڏيڻ ۾ دير نه ڪندا آهن،
گوشت کپنئي ته مارڪيٽ پئي اٿئي، باقي قربانيءَ ڪرڻ
وارو قيمت کي نه ڏسندا آهن. ائين چئي ٻڪرين وارو
ٻڪريون ڪاهي هلڻ لڳو.
خريدار سوچڻ لڳو: جيڪڏهن قيمت مقرر ڪرڻ جو هيءَ
نئون ماپو دوا فروش کڻي اختيار ڪري ته پوءِ صورت
هيٺين وڃي بيهندي.”پينسلن جي سئي آهي اوهان وٽ؟“
”جي ها، ڪنهن لاءِ گهرجي؟“
”زال بيمار آهي.“
”خدا شال جلد شفاياب ڪريس. گهڻو عرصو ٿيو اٿو
شاديءَ کي؟“
”سال کن ٿيو هوندو.“
”ته چئبوته اڃا نئين ڪنوار آهي. خدا شفا ڏيس،اچي
انجيڪشن حاضر آهي.“
”گهڻو ڏبو“؟
”اوهان کان فقط پنجاهه رپيا.“
”پن....جا..........هه...... رپيا......مون کان،
پر ان جي قيمت ته ٽي رپيا.....“
”حضور! دوا جي قيمت ڪير ٿو وٺي اوهان کان؟ هي ائين
سمجهو ڪنوار تان گهور آهي اوهان جي، جيڪڏهن ڪو
پنهجي ماءُ لاءِ دوا وٺڻ اچي ها ته ان کان سئو
رپيا وٺان ها آخر ماءُ جي پيرن جي هيٺان جنت جو
آهي!“
خريدار کي هي سوچڻ کان پوءِ سمجهه ۾ آيو ته عيد جي
موقعي تي هر شئي جي قيمتن ۾ واڌارو رڳو ان ”محبت“
جي جذبي جو ڪرشمو آهي ۽ دڪاندار”چوربازاري“ يا
”نفع خوري“ ڪونه ڪندا آهن، پر رڳو ان جذبي جو
امتحان وٺندا آهن.
·
ٺاڪرداس ”پريمي“ ٽنڊو محمد خان
علم جي عظمت
ڳالهه ڪندا آهن ته ڪنهن شهر ۾ چار دوست رهندا هئا،
جن مان هڪ پيشگير ٻيو مزدور ٽيون واڍو ۽ چوٿون
شاگرد هو، هڪ ڏينهن هنن پاڻ ۾ گڏجي چيو ته اچو ته
پنهنجي هڪ هڪ ڏينهن جو ڀاڳ آزمايون.جنهن ۾ پهرين
پيشگير جو وارو آيو. هو سڌو هوٽل ڏي ويو. جنهن ۾
هن صبح کان وٺي شام تائين نوڪري ڪئي. تنهن تي سيٺ
کيس چار رپيا ڏنا. جنهن تي سندن دوستن چيو ته ”
پيشگير جي هڪ ڏينهن ڪمائي چار رپيا آهي.“
ٻئي ڏينهن وري مزدور جو وارو آيو، هو به ويچارو
سڄي شهر ۾ هليو، تان جواتي گهڻا مزدور ڏسڻ ۾ آيس،
جيڪي هڪ عاليشان عمارت ٺاهي رهيا هئا اتي هي به ڪم
تي لڳي ويو. شام جو مزدوري پنج رپيا مليس. تنهن تي
سندس دوستن چيو ته مزدور جي هڪ ڏينهن جي ڪمائي پنج
رپيا آهي. ٽئين ڏينهن وري واڍي جو وارو آيو. واڍو
ويچارو پنهنجي نصيب آزمائڻ لاءِ هليندو ويو آخر هن
کي هڪ کٽ ٺاهڻ لاءِ ملي. شام جو هن کي ڇهه رپيا
مليا، تنهن تي سندس دوستن چيوته واڍي جي هڪ ڏينهن
جي ڪمائي ڇهه رپيا آهي. چوٿين ڏينهن شاگرد جو وارو
آيو.جنهن شهر ۾ هڪ خاص اطلاع ٻڌايو ته جيڪو به
بادشاهه جي سوال جو جواب ڏيندو ان کي بادشاهه
جووزير بنايو ويندو. اهو اطلاع ٻڌو شاگرد سڌو
بادشاهه جي درٻار ڏانهن روانو ٿيو. جتي بادشاهه
کائنس سوال ڪيوته عزت ڇا مان حاصل ٿئي ٿي؟ ڪن چيو
ته دولت سان ته ڪن چيو ته عقل سان، ڪن چيو ته
نوڪريءَ سان. جڏهن شاگرد جو وارو آيو تڏهن هن چيو
ته”علم“ سان عزت حاصل ٿئي ٿي. بادشاهه کي جواب
وڻيو ۽ کيس وزير مقرر ڪيائين.تنهن تي سندس دوستن
چيوته شاگرد جي هڪ ڏينهن جي ڪمائي وزيري آهي.
تنهنڪري پيارا ٻارو، اسان کي به گهرجي ته دل لائي
علم حاصل ڪريون. علم سان ئي عزت، دولت ۽ مان حاصل
ٿئي ٿو.
·
جئپال داس ٽي ڇاٻڙيا، ڪنڌڪوٽ
سنگ تاري ڪسنگ ٻوڙي
(هي مضمون، انعامي مقابلي لاءِ لکيو ويو هو، جو
ڪهاڻي نه هجڻ ڪري مقابلي ۾ ته شريڪ نه ٿي سگهيو پر
مضمون سٺو هجڻ ڪري واعدي مطابق شايع ڪري رهيا
آهيون. _ايڊيٽر)
جڏهن انسان هن فاني دنيا جي تختي تي، ٻار جي صورت
۾ ماءُ جي پيٽان ٻاهر نڪري ٿو ته هو زندگيءَ جي
ڪيترين ئي حالتن مان گذري ٿو. سڀ کان پهرين مٿس
ماحول جو اثر پوي ٿو، جيڪڏهن ٻار جو ماحول سٺو آهي
ته وڏي هوندي هو هڪ اعليٰ انسان جي حيثيت سان دنيا
۾ ليکجڻ ۾ اچي ٿو. پر جي ماحول خراب آهي ته پوءِ
اهڙوئي گندو ۽ وحشي بنجو وڃي. جيڪڏهن ٻار کي
شروعات ۾ سٺيون ۽نيڪ عادتون سيکاريون وينديون ته
وڏي هوندي هو چڱو بڻجي سگهي ٿو. جيڪڏهن ٻار کي
بهادرن ۽نيڪ ماڻهن جون آکاڻيون ٻڌايون وينديون ته
هو جوان ٿيڻ تي اهڙو ٿيڻ جي چاهنا ڪندو.
ٻار جيڪڏهن ڪابه ڳالهه پڇي ته اُن کي دڙڪو نه ڏيڻ
کپي، پر هن کي نهايت پيار ۽ محبت سان اها ڳالهه
سمجهائڻ گهرجي. ٻار کي شروعات ۾ ئي اُٿڻ ويهڻ ۽
هلڻ چُلڻ وغيره ۾ سٺا ۽ سُهڻا اخلاق سيکارڻ گهرجن.
جيڪڏهن هو ڪنهن به شيءِ جي گهر ڪري ته اُها شيءِ
اُن کي موجود ڪري ڏني وڃي. اهڙي طرح جيڪڏهن ڪو به
ٻار اهڙي شٺي ماحول ۾ هوندو ته هو به سٺن ماڻهن
وانگر ٻين جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندو رهندو. هرڪو
ماڻهو اُن کي عزت، چاهه ۽ مروت جي نگاهه سان ڏسندو
هو. جتي به ويندو اُتي هن جو شاهاڻي نموني آڌرڀاءُ
ڪيو ويندو ۽ هو ماڻهن جي اڳيان سرهو ٿيندو ۽سدائين
خوش ئي خوش نظر ايندو ۽ ڪڏهن به کيس ڳڻتي نه
وڪوڙيندي. ڪو ٻار ڪنهن خراب ماحول ۾ رهي ٿو ته
هوبه خراب ماڻهن وانگر آخر خراب ۽ خوار ٿئي ٿو.
جيڪڏهن هن کي سٺن اخلاقن جي بدران گندا لفظ
ڳالهائڻ، ڪوڙ ڪرڻ ۽ خراب ڪمن ڪرڻ ۾ مدد ڪئي ويندي
ته هو خراب ليکجڻ ۾ ايندو. جيڪڏهن هن کي ڪنهن
ڳالهه پڇڻ تي دڙڪو ڏنو ويندو ته هن جي دل کي صدمو
رسندو ۽ جنهن ڪري ڪنهن بيماري پيدا ٿيڻ جو امڪان
پيدا ٿي پوندو. ٻار ۾ چوري، ڪوڙ، چغلي ۽ اهڙي ٻيا
ڪم به خراب ماحول ۾ رهڻ ڪري پيدا ٿين ٿا. انهيءَ
مان صاف ظاهر ٿو ٿئي ته ٻار جهڙي به ماحول ۾
رهندو، اهڙوئي مٿس اثر پوندو، انهيءَ ڪري چوندا
آهن ته ”سنگ تاري، ڪُسنگ ٻوڙي.“ معنيٰ ٻار کي
جيڪڏهن سٺي صحبت جو اثر هوندو ته هو هڪ اعليٰ
انسان بڻبو ۽ هو جيڪڏهن خراب ماحول ۾ رهندو ته هن
تي اثر پوندو. اهو به مشهور آهي ته ” جهڙي صحبت
تهڙو اثر.“ تنهنڪري مان سڀني کي عرض ڪندس ته ٻار
کي سٺي ماحول ۾ رهڻ ڏين، جيئن هو وڏو ٿي بهترين
انسان ثابت ٿئي ۽ قوم ۽ ملڪ جونالو روشن ڪري. |