سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل جولاءِ 1976ع

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل

جولاءِ 1976ع

 ايڊيٽر: انور هالائي

گذارش

پيارا ٻارو،

جولاءِ جو” گل ڦل“ اوهان جي آڏو آهي. اسان ڪوشش ڪري هي پرچو، اڳين پرچن جي مقابلي ۾ گهڻو اڳي ڪڍي رهيا آهيون. جيئن اسان جي پيارن ٻارڙن کي اوسيڙو ۽ انتظار ڪڍڻو نه پوي.

ٻارن جي بهتري ۽ ڀلائيءَ لاءِ سڄيءَ دنيا جي ملڪن جي جماعت طرفان هڪ فند ڪٺو ڪيو ويندو آهي. جنهن کي يونيسيف (عالمي ٻارن جو فند) سڏيو ويندو آهي. معلوم ٿيو آهي ته يونيسيف هن سال پاڪستان کي ان فند مان سٺي امداد ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪو نهايت نيڪ قدم آهي. هن سلسلي ۾ اسان پاڪستان جي وزير اعظم جناب ذوالفقار علي ڀٽي ۽ سنڌ جي وزير اعليٰ جناب غلام مصطفيٰ جتوئيءَ کي گذارش ٿا ڪريون ته سنڌ جي ٻارن لاءِ ان فند مان چڱي موچاري رقم ڏني وڃي ڇا ڪاڻ ته سنڌ جا ٻار هن ڏس ۾ پنهنجي محروميءَ جي شڪايت ڪندا رهيا آهن جيڪا هن عوامي دور ۾ ختم ٿيڻ کپي.

سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي ٿورن وسيلن هوندي به ٻارن لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو آهي پر ڇا ڪاڻ ته هو اهو ڪجهه نه ڪري سگهيو آهي جيڪي ڪرڻ کپي، ان ڪري اسين اها به گذارش ٿا ڪريون ته ٻارن لاءِ سٺا سٺا اخلاقي، اصلاحي ڪتاب ۽ ٻاراڻو ادب ڇاپڻ لاءِ سنڌي ادبي بورڊ کي ان فند مان خاص گرانٽ ڏني وڃي جيئن هو گهڻي ۾ گهڻو ٻاراڻو ادب سنڌي ٻارن لاءِ پيش ڪري، سنڌي ٻارن جي پراڻي گهر پوري ڪري سگهي، جيڪا هن ڌرتيءَ جو حق آهي ۽ سنڌي ٻارن جي پراڻي آس آهي.

آسائتو انور هالائي.

· محمد رمضان ڪمبوه”زلفي“ حيدرآباد

پيارا پيارا ٻار

 

پيارا پيارا ٻار آهيو،

سڀني جا منٺار آهيو.

قوم توهان سان پيار ڪري ٿي،

آئيندهه لئه تيار ڪري ٿي،

نفرت کي مسمار ڪري ٿي،

اّلفت جو پرچار ڪري ٿي،

ڇو ته اوهين هوشيار آهيو،

پيارا پيارا ٻار آهيو.

قوم جي ٻيڙي تيز هلائيندؤ،

هن کي ڇولين کان بچائيندؤ،

اّميد اٿم ته پار لڳائيندؤ،

دشمن جي نظر کان لڪائيندؤ،

اوهين ڏاڍا جيدار آهيو،

پيارا پيارا ٻار آهيو.

پڙهي لکي وڏڙا ٿيندؤ،

دنيا ۾ عاقل ٿي رهندؤ،

قوم جو ڳاٽو مٿي ڪندؤ،

ملڪ جو ڪندا اوچو جهنڊو،

اوهين سڀ جا دلدار آهيو،

پيارا پيارا ٻار آهيو.

 

·  سنڌيڪار: سيد گل محمد شاهه رضوي

سرحد جي ڪهاڻي

طلسمي ٽڪريون

 

پراڻي زماني کان وٺي پـشاور پنهنجي عظمت ۽ جنگي روايتن کان مشهور آهي. هتي ڪيترا انقلاب آيا، ڪيترا خوني واقعا ٿيا، مگر پشاور جي دلفريبيءَ ۾ ڪو فرق نه آيو هتي جو ذرو ذرو تاريخي ڳالهين ۽ عجيب و غريب ڪهاڻين سان ڀريو پيو آهي. ۽ انهن ڪهاڻين ۾ ‎”طلسمي ٽڪرين“ جي هڪ ڪهاڻي به موجود آهي، جا نه رڳو پراسرار آهي بلڪ درد ناڪ ٻه آهي. هن ڳالهه جي شاهدي اڪبر پورا ڳوٺ جي هڪ ٻڍڙي ڏني ته اِها ڳالهه اکر به اکر سچي آهي. اڪبر پورا ضلع پشاور جو هڪ ننڍڙو ڳوٺڙو آهي. ان جي آس پاس واري زمين سنئين سڌي آهي. ان جي ويجهو بارا ندي وهندي آهي. درياءَ بارا  جي ڪچي ۾ ٽي ٽڪريون موجود هيون. اهي ٽڪريون عجيب نموني جون هيون. سال ۾ جيڪو به وڏو ڏينهن ايندو هو. ان ڏينهن اُهي ٽڪريون انسانن وانگيان پاڻ ۾ ڳالهيون ڪنديون هيون. ڪيترن ڳوٺاڻن پنهنجي ڪنن سان انهن جون ڳالهيون ٻڌيون هيون. عجب جي ڳالهه آهي ته اهي ٽڪريون نه رڳو ڳالهائي سگهنديون هيون. پر اهي انسانن جيان گهمي ڦري پڻ سگهنديون هيون. ڪيتري خوش نصيب ڳوٺاڻن انهن کي گهمندي ڦرندي ڏٺو هو. انهن ٽڪرين لاءِ مشهور هو ته انهن جي هيٺيان شهنشاهه اڪبر جو قيمتي خزانو دفن ٿيل آهي. ۽ هو ان خزاني جي حفاظت ڪندڙ آهن. انهن ٽڪرين هيٺان سون جا ڍير، چانديءَ اڻ کٽ، هيرا جواهر، سون ۽ چانديءَ جا انبار جا پلنگ، بادشاهي حقا ۽ شمعدان موجود هئا.  پر ڪنهن کي طاقت نه هئي جوانهن شين کي حاصل ڪري سگهي، اهي ٽڪريون انتقام وٺڻ ۾ به هوشيار هيون. اڪبر بادشاهه ڪنهن جادوگر کان اهو طلسم ٺهرايو هو.

اهي ٽڪريون اهڙيون ته خوفناڪ هيون جو ڪهڙو به پهلوان شخص اتان لنگهي نٿي سگهيو.

انهيءَ ڳوٺ جو هڪ ڳوٺاڻو شهباز نالي، شهر مان ڪم ڪار لاهي واپس وريو ته اوچتو آسمان ڪڪرن سان ڇانئجي ويو. وڄ چمڪڻ لڳي ڪڪر خوفناڪ آواز سان گجڻ لڳا ۽ وڏڦڙو مينهن پوڻ لڳو، هو حيران ٿي ويو ته ڪٿي پناهه وٺان. اوچتو وڄ جي تجلي ۾ اُهي خوفناڪ ٽڪريون ۽ وڻن جو جهڳٽو ڏسڻ ۾ آيس. هو پناهه وٺڻ لاءِ اوڏانهن وڌيو. ٽڪرين جو هن کي ڊپ به لڳو. پر لاچار کي ڪهڙو آچار. هو وڻن هيٺيان بيهي رهيو اوچتو کنوڻ چمڪي، هن ڏٺو ته ٽيئي غائب هيون. اهو نظارو ڏسي هو وائڙو ٿي ويو.   جڏهين حواس درست ٿيس ته هن کي هوش آيو ۽ هن ارادو ڪيو ته انهن ٽڪرين جو ڳجهه هٿ ڪريان. هوٽڪرين جي ويجهو آيو ته هن کي وڄ جي سوجهري ۾ ٽڪرين جي جاين تي ٽي غارون ڏسڻ ۾ آيون. اندر جهاتي پائي ڏٺائين ته  ڪي چمڪي رهيو هو. اوچتو هن ڏٺو ته اِهي ٽيئي ٽڪريون هوا ۾ اڏامنديون اچي رهيون آهن. هو ڊپ کان اٿي ڀڳو ۽ وڻ جي اوٽ ۾ وڃي ساهه پٽيائين ۽ ڏٺائين ته ٽيئي ٽڪريون پنهنجي ماڳ پهچي ويون آهن. ۽ پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري رهيون هيون. هڪڙي ٽڪريءَ ٻي ٽڪري کان پڇيو ته ادي پنهنجو وهنجڻ ڏاڍو سٺو ٿيو. ٻيءَ جواب ۾ چيو ته ڏاڍو سٺو ٿيو. وهنجڻ سان ساري مهيني جو ٿڪ لهي ويو. لڱ ٺري پيا. سڀني کان ننڍڙيءَ ٽڪريءَ پڇيو ادي هاڻ وهنجڻ لاءِ ڪڏهن هلنديونسين؟ وڏيءَ ٽڪريءَ جواب ڏنو ايندڙ مهيني ۾ اڄ کان هڪ ڏينهن دير سان. وچوليءَ ٽڪري پڇيو ته هڪ ڏينهن دير سان ڇو؟ تنهن تي وڏي ٽڪري جواب ڏنو ته گذريل مهيني هڪ ڏينهن اڳ هليونسين. جيڪڏهن پاڻ پوري وقت تي هلڻ شروع ڪريون ته لوڀي ماڻهو هڪ ڪک به نه ڇڏين سڀ خزانو ٻهاري کڻي وڃن. وچولي ٽڪريءَ پڇيو ته اسان کي هن سونپيل ڪم تي خزاني جي حفاظت ڪرڻ کان ڪڏهن ڇوٽڪارو ملندو، وڏيءَ جواب ڏنو ته هاڻي جلدي ئي پاڻ آزاد ٿي وينديون سين. هي خزانو لالچي ۽ لوڀين جي حوالي ڪرڻ بدران الله لوڪن جي حوالي ڪجي، ته سٺو پر الله وارا لالچي نه آهن انهن کي خزانن جي ضرورت نه آهي.

شهباز ٽڪرين جي ڳالهه ٻولهه چڱي طرح ٻڌي. هن فيصلو ڪيو ته هو خزاني تي قبضو ضرور ڪندو، جيترو خزانو اچي سگهندو هٿ ڪندو. هو سڄو مهينو آڱرين تي ڳڻندو رهيو. مس مس انتظار جون گهڙيون ختم ٿيون هو مقرر وقت تي ٽڪرين وٽ وڻن جي اوٽ ۾ لڪي ويهي رهيو. مقرر وقت تي اڏاڻيون، جڏهين اکين کان هو به اوجهل ٿيون  ته هو به الله جو نالو وٺي هڪ غار ۾ ڍري پيو اندر هڪ ماڻهو ڏٺائين جنهن جون اکيون ٽانڊي وانگر چمڪي رهيون هيون. پر پوءِ معلو ٿيس ته هيءُ سون جو ٺهيل آهي ۽ اکين جي جاءِ تي ياقوت لڳل اٿس. هن وقت وڄائڻ جي بجاءِ جيڪي قيمتي شيون کڻي سگهيو، سي کڻي روانو ٿي ويو.

ٿورن ڏينهن کان پوءِ ماڻهن کي پتو لڳو ته هن اِهو خزانو ٽڪرين هيٺيان هٿ ڪيو آهي. اهو ٻڌي ماڻهن جا وات پاڻي ٿيڻ لڳا. ڪيترائي ماڻهو انهن ٽڪرين جو طرف ڪرڻ لڳا ۽ ڪي جوان ديرو جمائي ويهي رهيا ٽڪريون به انڌيون ڪونه هيون. هو به ٽپ دانگي  ڇهه مهينا، ويهه مسافر ٻارنهن مهينا. وانگر ڇپ هڻي ويهي رهيون. ماڻهو به مايوس ٿيڻ لڳا. هيءَ چرن به ڪونه جو هڪ ڏينهن ٽڪرين پاڻ ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ته جي چوٿين مهيني به نه وهنجنديونسين ته اسان جو بدن ريتيءَ وانگر ٿي ويندو.

هڪ رات اونداهيءَ جو ٽيئي ٽڪريون وهجڻ لاءِ روانيون ٿيون. ٽڪريون اکين کان اوجهل ٿيون ته ماڻهن جو ريلو غار تي ٽٽي پيو. ڏاڪڻن تان لهڻ بدران ٽپڻ شروع ڪيو. ايترا ماڻهو غارن ۾ اچي گڏ ٿيا جو انهن جو نڪرڻ ئي محال ٿي پيو. خزاني تان ماڻهن ۾ اچي جهڳڙو ٿيو. ماڻهو نڪرن تنهن کان اڳ ٽڪريون وهنجي سهنجي اچي غارن جي منهن تي ويهي رهيون ۽ سڀيئي اندر دٻجي ويا.

گهڻي وقت کان پوءِ درياءَ ۾ اٿل آئي ۽ جڏهن اها لٿي ته ماڻهن جو ڏ‎ٺو ته طلسمي ٽڪريون غائب هيون ۽ غارن ۾ ڪجهه نه هو. سواءِ هڏن ۽ پٿرن جي ٻيو ڪجهه ڪونه هو. خواهه مخواهه خزاني جي لالچ ۾ ڪيترن ئي ماڻهن پنهنجون جانيون وڃايون.

·   سنڌيڪار: جڳديش ڪمار آهوجا

 

انڊلٺ جي ڪهاڻي

 

ڪنهن زماني ۾ اها ڳالهه مشهور هوندي هئي ته انڊلٺ پڇاڙيءَ ۾ جنهن هنڌ ختم ٿيندي آهي، اتي هڪ سون جي ديڳ لڀندي آهي.”الان“ نالي نوجوان ان ڳالهه تي ڪڏهن به اعتبار نه ڪندو هو. هو چوندو هو هت ته بيوقوف شخص ئي ان ڳالهه تي اعتبار ڪري سگهي ٿو. ۽ سون هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. الان کي”ساهرا“ نالي هڪ ننڍي ڀيڻ هوندي هئي، جنهن جو ان ڳالهه تي اعتبار هوندو هو. ساهرا، هڪ ڀيري الان کي چيو ته” هاڻي، جڏهن انڊلٺ ظاهر ٿيندي، تڏهن مان ان جي پٺ وٺنديس ۽ سون هٿ ڪنديس.“

هڪ ڏينهن صبح اڃا ٿيو ئي مس، ته مينهن وسڻ شروع ٿيو. جڏهن مينهن بند ٿيو ته جلدئي خوبصورت انڊلٺ پنهنجن ستن رنگن سان، آسمان تي ظاهر ٿي. سو، الان انڊلٺ کي ڏسڻ لاءِ گهر جي ٻاهران باغ ۾ آيو. اتي پهچي، هن ساهرا کي سڏ ڪيو، پر کيس جواب نه مليو. الان، ساهرا کي گهر ۾ توڙي باغ ۾ جتي ڪٿي ڳوليو پر هن کي ساهرا ڪٿي به نظر نه آئي. اوچتو هن کي دل ۾ خيال پيدا ٿيو. ته ڪٿي ساهرا انڊلٺ جي پويان ته نه وئي آهي. الان سوچيو ته ”ساهرا ننڍي آهي، تنهنڪري گهڻو ڊڪي سگهي الائي نه؟ يا  متان رستو وڃائي وهي ۽ منهنجي مدد چاهيندي هجي. تنهنڪري مون کي سندس پويان ضرور وڃڻ گهرجي.“

اهو سوچي، الان ٻاهر نڪتو ۽ انڊلٺ جي پڇڙيءَ پويان تيزيءَ سان ڊڪڻ لڳو، گهڻي ڪوشش جي هوندي به هي ساهرا تائين نه پهچي سگهيو. نيٺ هي هڪ ٽڪريءَ جي چوٽي تي پهتو، جتان آسانيءَ سان پري پري تائين ڏسي ٿي سگهيو. الان چوٽيءَ تي بيهي چو طرف نظر ڦيرائڻ لڳو.الان جنهن رستي تان گهر کان چوٽي ڏانهن  آيو هو، ان ئي رستي تي الان کي هڪ ڳاڙهو ٽٻڪو به نظر آيو. جيڪو سندس ڀيڻ ساهرا جو هو. جنهن کي ڳاڙها ڪپڙا پاتل هئا. الان جلدي ٽڪريءَ تان لٿو ۽ تيزيءَ سان ساڳي رستي تي ڊڪڻ لڳو. نيٺ هي اتي اچي پهتو، جتي هن ساهرا کي ڊوڙندي ڏٺو هو. پر هن جي پهچڻ کان اڳ، ساهرا گهڻو پري وڃي چڪي هئي. هاڻي الان سهڪڻ لڳو، پر تڏهن به ساهرا کي ڳولڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳو. هن کي هڪ نديءَ جي ڪناري تي ساهرا جاپيرا مليا.  جنهن مان الان سمجهيو ته پڪ، ساهرا نديءَ جي ڪناري تي ڊڪي آهي. تنهنڪري وري الان ان نديءَ جو ڪنارو وٺڻ لڳو. ڊڪندي ڊڪندي، هن جو پير کسڪي ويو ۽ هيٺ گپ ۾ ڪري پيو. جنهنڪري سندس سڄو بدن گپ ۾ ڀرجي ويو. پر تڏهن به هي واپس گهر نه موٽيو ۽ نه وري وهنجڻ لاءِ نديءَ وٽ ترسيو  پر وري اٿي ڊڪڻ لڳو.

الان ڏٺو ته اها ندي هڪ ٽڪريءَ وڻ جي، سڌو هڪ غار جي تري ۾ وڃي ٿي پيئي. اهو ڏسي الان وائڙو ٿي ويو ۽ ڏٺائين ته ساهرا جا پيرا به ان غار ۾ ٿي ويا پر پوءِ هن ڏٺو ته انڊلٺ زمين جي گهڻو ويجهو هئي ۽ ان جي پڇڙي ان جي غار ۾ ٿي ويئي.

انڪري الان پاڻ به ان غار ۾ اندر داخل ٿيو. ڇا ڏسي ته انڊلٺ جي پڇڙي غار ۾ جتي پوري ٿي آهي. اتي سونن سڪن سان ڀريل ديڳ پئي آهي ۽ سندس ڀيڻ ساهرا سون جي ديڳ کي جهلي روئي رهي آهي. اوچتوالان جي نظر هڪ ڪاري جنڙي تي وڃي پيئي، جنهن ساهرا کي پئي چيو ته”هي سون جي ديڳ منهنجي آهي،ڇو ته مان انڊلٺ جي پويان آيو آهيان. تنهنڪري اها تون نه ٿي کڻي سگهين.“ جنهن ڪري ساهرا ته گهڻو ڊنل هئي ۽ ڊپ کان روئي رهي هئي، پر تڏهن به هن سون جي ديڳ نٿي ڇڏي، ساهرا روئيندي جنڙي کي جواب ڏنو ته هتي پهرين مان پهتي آهيان ۽ ديڳ کي مان هٿ لاٿو آهي، تنهنڪري اها منهنجي آهي.“ تنهن تي جنڙي کيس ٽوڪيندي چيو ته”تون، تمام ننڍڙي آهين ۽ اها ديڳ ڏاڍي ڳري آهي، جنهنڪري تون اها نه کڻي سگهندينءَ پر مان توکان گهڻي وڏي  آهيان. تنهنڪري بهتر ٿيندو ته تون پاڻ اها ديڳ مون کي ڏي، نه ته مان تو کان اها زوريءَ کسيندس.“ اهو ڏسي الان تيزيءَ سان جنڙي جي مٿان ٽپو ڏنو ۽چيو ته” تون مڪار ۽ گيدي آهين ۽ مان تو کان وڏو آهيان.“ ان وقت الان آلي مٽيءَ لڳڻ ڪري ڏاڍو خوفناڪ پئي لڳو. الان جي اوچتي حملي سبب جنڙي کان رڙ نڪري وئي ۽ هو تيزيءَ سان مٿي هئا ۽ ٽپو ڏيئي، غار مان نڪري پڄي ويو.

جيئن ته ساهرا، الان کي نه سڃاتو هو، تنهنڪري هو اڃا به ڊڄي رهي هئي ۽ سندس اکين مان ڳورها پئي ڳڙيا. تڏهن الان کيس چيو ته” بيوقوف ڇوڪري تون پنهنجي ڀآءٌ کي نٿي سڃاڻين؟“ اهو ٻڌي ساهرا کان رڙ نڪري ويئي ۽ چيو” الان،“ پوءِ کيس کلي چيائين ته”ڏس، مان صحيح چيو هو ۽هاڻي مون سون هٿ ڪيو آهي.“ تڏهن الان کيس چيو ته ٺيڪ آهي. تون صحيح هئينءَ ۽ مان خط، پر تون اڪيلي سر انڊلٺ جي پٺ وٺي وڏي غلطي ڪئي آهي.“ ساهرا ساڻس واعدو ڪيو ته هوءَ وري ڪڏهن به انڊلٺ جي پويان نه ڀڄندي. پوءِ ٻئي گڏجي سون جي ديڳ کڻي گهر آيا ۽ پنهنجي حياتي سکي ستابي گذارڻ لڳا.

*ڏاهپ جا نڪتا

علم جو سهڻو لباس، عمل ڪرڻ.

دولت جو سهڻو لباس، سخاوت ڪرڻ.

اولاد جو سهڻو لباس، سعادتمند هئڻ.

دوست جو سهڻو لباس، وقت سر ڪم اچڻ.

عورت جو سهڻو لباس، شرم هئڻ.

ايڊيٽر جو سهڻو لباس، سچائي ڪرڻ.

درويش جو سهڻو لباس، قناعت ڪرڻ.

نوڪر جو سهڻو لباس، وفاداري ڪرڻ.

اختر، سمون لاڙڪاڻو

·   سنڌيڪار: امتياز احمد ميمڻ خيرپور ميرس

 

ناروي جي ڪهاڻي

 

ناروي ۾ هڪ عورت رهندي هئي جنهن جو مڙس مري چڪو هو، رڳو هڪ پٽ ۽ ٻڪريءَ جو ٻچو پنهنجي پويان ڇڏي ويو هو. ويچاري مائي جيئن تيئن ڪري محنت مزدوري ڪري زندگيءَ جو گذارن ڪندي هئي. پٽ جو نالو ”ايسين“ هو ۽ ٻڪريءَ کي”لينيءَ“ جي نالي سان سڏيندي هئي. هونئن ته هن کي ڪا خاص تڪليف ڪانه هئي پر هڪ ڳالهه جا هن جي لاءِ ڏکي هئي سا هيءَ ته ايسين ۽ ليني پاڻ ۾ نه ٺهندا هئا. لينيءَ جي دل ۾ جيڪا ڳالهه ايندي هئي سا ڪري ڇڏيندي هئي ۽ايسين ويچارو جهليندو ئي رهجي ويندو هو هڪ شام جو ايسين ڏٺو هو ته ليني پنهنجي جاءِ تان گم آهي. هوءَ هجي ها ته هن کي گاهه وغيره کارائي ها ٿوريءَ دير تائين ايسين انتظار ڪندو رهيو. جڏهن ليني نه آئي ته هو هن جي ڳولا ۾ نڪتو. ٿوريءَ دير تائين ايسين انتظار ڪندو رهيو. جڏهن ليني نه آئي ته هو هن جي ڳولا ۾ نڪتو. ٿوريءَ دير تائين هو ڳوليندو رهيو. نيٺ هن کي ليني نظر اچي ويئي. جا ماٿريءَ ۾ گاهه پئي چري. خوشيءَ وچان سڏ ڪيائينس ”منهنجي پياري ليني، موٽي اچ، رات ٿي ويئي آهي ۽ مون کي به بک لڳي آهي. آءٌ تو بنا کاڌو ڪيئن کائي سگهندس؟“

لينيءَ چيو:”ڪونه اينديس. جيستائين هي سڀ گاهه نه ختم ٿئي ٿيسين هرگز نه اينديس.“

ايسين چيو:”ٿورو ويچار ته ڪر ليني، آءٌ ڪيئن گهر وڃان ۽ امان کي تنهنجو اهو جواب ٻڌايان؟“

ٻڪريءَ چيو”جيئن وڻيئي تيئن ڪر. پر مون کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏي.“

ايسين مجبور ٿي اڪيلو ئي واپس وريو. سڀ ڪجهه وڃي ماءُ کي ٻڌايائين.

ماڻس کي ڪاوڙ آئي ته ايسين کي چيائين.”چڱو تون هاڻي لومڙيءَ وٽ وڃ ته هو لينيءَ کي پاڻيهي کائي ويندي. ائين هن کي چيو نه مڃڻ جي سزا ملي ويندي.“ پر لومڙي چالاڪ ۽ مڪار هئي. ڏاڍيءَ هوشياريءَ سان زندگي گذاريندي هئي. هن صاف صاف چئي ڇڏيو. ”مون کي ڪهڙي پئي آهي جو مان لينيءَ جا سنڱ پاڻ کي هڻايان.“ ايسين ماءُ وٽ آيو ۽ لومڙيءَ جو جواب ٻڌائين. ماڻس بگهڙ وٽ وڃڻ لاءِ چيو پر هن به اهڙو ئي جواب ڏنس ته مون کي ته لومڙيءَ جو گوشت پسند ناهي مون کي ته معاف ڪر.

پوءِ هو شڪاريءَ وٽ ويو ۽ چيائين:”شڪاري صاحب توهان جي مهرباني ٿيندي جو بگهڙ کي گوليءَ سان ماري ڇڏيو. شڪاري ڏاڍو چالاڪ هئو سو چيائين جيئن تون چوين ٿو تيئن ڪندس پر شرط اهو آهي جو مون کي پنهنجي ٻڪريءَ جو ٿورو کير آڻي ڏي. جيئن مان پنهنجي ٻارن کي پياري سمهاري سگهان. هن اهو وعدو ڪيو. پوءِ شڪاري بگهڙ وٽ آيو اڃا گولي هڻڻ تي هو ته بگهڙ خطرو محسوس ڪري ڊوڙڻ شروع ڪيو. لومڙيءَ هن کي ڊوڙندو ڏٺو ته هو به ڊوڙندي ويئي. ٻڪريءَ هنن کي ايندو ڏٺو ته هوءَ به ويچاري ڊڄِي ويئي ۽ اکيون بند ڪري گهر ڏانهن ڊوڙندي ويئي ۽ وڃي ڀت سان لڳي ۽ ڦهڪو ڪري هيٺ ڪري پيئي. اهڙيءَ حرڪت سان هن جي ٽنگ ڀڄي پيئي ۽ رڙيون ڪري چوڻ لڳي:”ايسين! ايسين منهنجي ٽنگ ڀڄي پئي آهي. ويچاري ٻڪريءَ جي اهڙي حالت ڏسي ايسين کي هن تي رحم اچي ويو ۽ هو  کيس وٺي ماءُ وٽ آيو جنهن هن جي ڄنگهه تي ملم لائي پٽي ٻڌي ڇڏي.  جيئن جيئن ڦٽ ٺيڪ ٿيندو ويو. تيئن تيئن هن جون عادتون به سڌرنديون ويون. هاڻي هوءَ هڪ وفادار ۽سٺي ليني ٿي وئي آهي. ڇا ڪاڻ جو کيس نافرمانيءَ جي سزا ملي چڪي هئي.

·   مضمون

 

 

معراج لفظ جي معنيٰ آهي: عروج. يعني مٿي چڙهڻ. شريعت جي اصطلاح موجب ان جي مراد آهي: اهو سفر، جيڪو حضورانور عليه الصلوات والسلام  جن جسماني طور هن خاڪي فرش (بيت الله ۽ بيت المقدس) کان وٺي اعليٰ عرش( آسمان، سدرت المنتهيٰ، بلندين جي انتهائي مقام) تائين هڪ ئي رات اندر پورو ڪيو. انهيءَ عجيب و غريب سفر هلندي، حضور جن کي ڪيترن ئي مرحلن مان گذرڻو پيو. چنڊ ۽ مريخ جا فاصلا اکڇنڀ ۾ طئي ڪندي، پاڻ اهڙي بلند مقام تي پهچي ويا، جنهن تي ڪنهن بني بشر جي رسائي نه ٿي آهي ۽ نه وري ٿيندي. هي اهو ماڳ آهي جتي ملائڪ پهچن ٿا. پر پاڻ انهن کان به گهڻو اڳي وڌي عرش عظيم تائين پهچي ويو ۽ خدا جي آستاني تي پنهنجي نياز جي پيشاني کي گسائيندي اهڙي هنڌ تي پهتو آهي. جتي فقط ڪمان جي ٻن ڇيڙن جو، پر ان کان به گهٽ مفاصلو وڃي بچيو. پوءِ سڄي جڳ جي اڪيلي مالڪ ۽ پالڻهار پنهنجي پياري ٻانهي کي اها حقيقت وحيءَ رستي بيان ڪئي، جا اوهان جي آڏو آهي( اي بي خبر انسانو! سالم ذهن ۽ سليم قلب، جو ڪجهه ڏٺو ۽ مشاهدو ماڻيو، ان ۾ محمد صلعم سان ڪجهه به دوکو نه ٿيو آهي. ڇا، پوءِ به اوهين ماڻهو قرآن پاڪ جي انهن متعلق جن جي حقيقت هن پنهنجي اکين سان ڏٺي آهي، ساڻس جهڳڙو ڪري رهيا آهيو؟ (قرآن پاڪ 530/21 )

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com